Showing posts with label ڪپاڊوڪيا، ڊاڪٽر صلاح الدين پنھور،. Show all posts
Showing posts with label ڪپاڊوڪيا، ڊاڪٽر صلاح الدين پنھور،. Show all posts

Thursday, October 01, 2020

ڪپاڊوڪيا جو تاريخي پسمنظر

ڪپاڊوڪيا جو تاريخي پسمنظر

ڊاڪٽر صلاح الدين پنھور



ويھ سيپٽمبر ۲۰۱۹ تي صبح سوير ارشد ملڪ، سنگھار سنڌي، عامر ميمڻ، حنسي بوجواني ۽ مان انقره کان ڪپاڊوڪيا گھمڻ نڪتاسين، گاڏيءِ جي ڊرائيونگ عامر ڪئي، ڇو جو هو ڊرائيونگ لائسنس ھجڻ سان گڏ گاڏي ھلائڻ ۾ ڪافي مھارت رکي ٿو. ڪپاڊوڪيا ترڪي جي اوڀر طرف کان واقع ھڪ قديم شھر آهي، ھي شھر لکين سال اڳ زمين مان نڪرندر لاوا جي ڪري وجود ۾ آيو ۽ يونسيف انھي شھر کي سٺ ھزار سال قديم ڄاڻايو آهي، جڏھن ۱۹۶۵ع ۾ ترڪي جي جوڌي جبل تان حضرت نوح عليه سلام جي ٻيڙي جا نشان مليا، پوءِ دنيا جي سائنسدانن انھي جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته جڏھن دنيا ماھا ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ھئي ته انھي کانپوءِ انسانن جي ٻيھر پيدائش ڪپاڊوڪيا ۽ قونيا کان ٿي ھئي. انھيءِ شھر ۾ انسانن جبلن کي تراشي گهر ٺاھيا، جيڪي اڃان تائين انھي حالت ۾ توهان کي ڏسڻ لاءِ ملندا ۽ اڄ به جديد دور ۾ ماڻھن جا گهر ۽ ھوٽلون انھن تراشيل جبلن ۾ آهن.