Showing posts with label Travel`. Show all posts
Showing posts with label Travel`. Show all posts

Monday, September 28, 2015

شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل - الطاف شيخ

شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل
الطاف شيخ
پٺتي ٿو نظر وجھان ته مونکي هر تعليمي اداري ۾ تمام سٺا ٽيچر مليا. ايماندار، محنتي، پنهنجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ رکڻ وارا ۽ هنن لاءِ خوشي جي فقط اها ڳالهه هوندي هئي ته سندن شاگرد سٺين مارڪن سان پاس ٿين. سندن پڙهائڻ، سمجھائڻ ۽ ٽيسٽ وٺڻ جي طريقن مان آئون ڏاڍو متاثر رهيس ٿي. شايد اهو سبب هجي جو مون به ماستر ٿي انهن استادن جي نقش قدم تي هلڻ چاهيو ٿي. عادت موجب ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ جي چڪر ۾ پڙهندو مئرين انجنيئرنگ (جهاز ٺاهڻ، هلائڻ ۽ خرابيون دور ڪرڻ جي انجنيئري) رهيس پر ذهن تي هر وقت ماستر ٿيڻ جو ڀوت سوار رهيو ٿي. موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو هئس ته اتي جي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هوس. ستر وارري ڏهي ۾ سگا جي سهڪار سان NJV اسڪول ڪراچي ۾، شام جو سول سروس (CSP) جي امتحانن لاءِ شاگردن کي مفت پـڙهائڻ شروع ڪيو ويو ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون به رضاڪاراڻا طور پڙهائڻ قبول ڪيو. صبح جو جهاز تي ڊيوٽي ڪري شام جو شاگردن کي سائنس پڙهائيندو هوس. شاگرد يا سگار وارا چوندا هئا توهان کي شاباس هجي پر مونکان وڌيڪ شاباس جا مستحق سائين سراج ميمڻ ۽ مظهر صديقي (اڳوڻو V.C)هئا، جن مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. مونکي حيرت ٿيندي هئي ته هو صاحب وڏا آفيسر هجڻ جي باوجود شاگردن سان بيحد شفقت سان پيش ايندا هئا. ادا مظهر انهن ڏينهن ۾ سنڌ گورنمينٽ ۾ سيڪريٽري هو. وقت تي آفيس ويندو هو جتان چئين بجي NJV اسڪول پهچي ويندو هو.