Friday, November 20, 2015

دبئي جي ترقي کان اڳ پهتل هڪ سنڌي - الطاف شيخ

دبئي جي ترقي کان اڳ پهتل هڪ سنڌي
الطاف شيخ
اڄ ڪلهه حج لاءِ هر ڪو باءِ ايئر روانو ٿئي ٿو. ڪراچيءَ مان هوائي جهاز ۾ چڙهي ٿو ته ٽن ڪلاڪن بعدجدي ايئرپورٽ تي لهي ٿو جتان پوءِ باءِ روڊ مڪي پهچيو وڃي. ۱۹۸۰ع تائين پاڻي وارا جهاز سفينه حجاج، سفينه عرب، سفينه عابد ۽ شمس به حاجين کي ڪراچيءَ کان حج لاءِ وٺي ويا ٿي. ان کان علاوه ۱۹۷۰ع تائين اسان جي ملڪ جا  ڪيترائي حاجي باءِ روڊ به مڪي کان وڃي نڪتا ٿي. ڪراچيءَ کان ”مڪران ڪوسٽ“ وارو ڪنارو ڏئي يا بسن ۾ ڪوئيٽا کان ٿيندي زاهدان پهتا ٿي. انهن ڏينهن ۾ ايران توڙي ترڪي جهڙن ملڪن ۾ ته اسان جا ماڻهو پاسپورٽ بنا به وڃي سگهيا ٿي جو ٽنهي ملڪن جي RCD جي بنياد تي دوستي هئي ۽ ٽئي ملڪ هڪ جهڙا خوشحال هئا. پنهنجو ملڪ ڇڏي ٻئي جي ملڪ ۾ ڪنهن به رهڻ نٿي چاهيو.


پيرين پنڌ حج تي وڃڻ وارا پاڪستان کان ايران ۽ پوءِ عراق پهتا ٿي. عراق مان ڪويت اچي سعودي عرب ۾ اتر کان داخل ٿيا ٿي ۽ دهران ۽ رياض شهرن کان ٿيندي مديني ۽ مڪي پهتا ٿي. ڪي وري ايران جي بندرگاهه ”بندر عباس“ ۾ پهتا ٿي جتان ٻيڙيءَ رستي ايراني نار وارو سمنڊ ٽپي شارجا ۽ ابو ڌابي آيا ٿي ۽ پوءِ عمان ۾ گهڙيا ٿي جتان سلالا شهر وٽان يمن ۾ داخل ٿيا ٿي  جتان پوءِ سعودي عرب ۾ گهڙيا ٿي. ڪيترائي غريب ماڻهو ۽ عقيدت وارا ان رستي ذريعي سالن کان پيرين پنڌ حج لاءِ مڪي تائين پهتا ٿي. انگريزن جي راڄ ۾ ته يمن جو بندرگاهه عدن هو ئي انگريزن جي قبضي ۾. بمبئي يا سورت کان ٻيڙين ۾ يا پنڌ نڪرڻ وارن لاءِ جهڙا سنڌ جا شهر ڪراچي ڪوٽڙي سکر وغيره هئا تهڙو يمن جو شهر عدن .... جو عدن توڙي سنڌ ٻئي بمبئي پريزيڊنسي ۾ آيا ٿي جن جو انتظام انگريزن بمبئي ۾ ويهي هلايو ٿي. ۽ جڏهن ڪو عدن پهچي ويو ٿي ته هن کي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪا تڪليف نٿي ٿي جو يمن ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ عرب هڪ ٻئي سان مٽي مائٽي ۽ دوستي ڪري هڪ سمجھيا ويا ٿي. هي اوساما لادن جهڙيون فئمليون جيڪي هاڻ سعودي عرب ۾ رهيا پيا آهن سي سڀ يمني آهن.
۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن کان پاسپورٽ، ويزائن ۽ شناختي ڪارڊن جا چڪر شروع ٿيا ۽ بارڊرن تي وٺ پڪڙ ٿيڻ لڳي پر تنهن هوندي به گهڻي ڀاڱي هڪ ملڪ جا ماڻهو ٻئي ملڪ ۾ آيا ويا پئي. نوجوان الهه بچائي (حاجي ڪوريءَ) جي بد نصيبي چئبي جو هن وٽ سفر جا ڪاغذ پٽ يا بارڊر تي بيٺل پوليس کي رشوت ڏيڻ لاءِ پئسا ڏوڪڙ نه هجڻ ڪري کيس سندس ساٿين سميت جيل به ڪاٽڻو پيو.
حاجي ڪوريءَ جڏهن پيرين پنڌ حج تي روانو ٿيڻ جو ارادو ڏيکاريو ته هن سان گڏ هن جي ڳوٺ ”گولو ڏاهري“ ۽ ڀر وارن ڳوٺن جا ڪجهه ٻيا ڇوڪرا به هلڻ لاءِ تيار ٿيا هئا.
 ”اسان وٽ ڪو پئسو ڏوڪڙ نه هو“، حاجي ڪوريءَ ٻڌايو، ”ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو به غريب هئا پر مڙئي ڪنهن پنج رپيا ته  ڪنهن ڏهه رپيا ڏنا. اسانجي گهڻي مدد ۽ همت افزائي سعيد آباد جي جھنڊي وارن پيرن پير وهب الله شاهه راشدي (اڄ جي گادي نشين پروفيسر پير عباد الله شاهه راشدي جي والد صاحب) جن ڪئي ۽ مون وٽ رپيا ۴۰۰ کن جمع ٿي ويا. پوءِ نڪتاسين پيرين پنڌ حج لاءِ“.
حاجي ڪوريءَ ٻڌايو ته ڳوٺان مليل پئسا ته  ڪڏهن ڪو ختم ٿي ويا پوءِ هو رستي تي پورهيا ڪندا هليا جن مان هنن چار پئسا گڏ ڪري پيٽ گذر به ڪيو ٿي ته ڪٿي ڀاڙو ڏئي سواريءَ ۾ به چڙهيا ٿي. بهرحال حج بعد واپسي تي حاجي ڪوريءَ کي يمن ۾ جيل به ڪاٽڻو پيو. اتان پوءِ موٽڻ تي جڏهن هنن جو شارجا، ابو ڌاٻي جهڙن هنڌن تان گذر ٿيو ته هنن ڏٺو ته اتي پئسو اچڻ ڪري عمارتون ۽ رستا ٺهي رهيا آهن جن لاءِ هنن کي مزدورن ۽ ڪمين ڪاسبين جي سخت ضرورت  آهي.
”مون سوچيو ته ڳوٺ به هلي هارپو ڪرڻو آهي ۽ جهڙي گرمي ڳوٺ ۾ آهي تهڙي هتي. ۽ جڏهن هتي چار پئسا سٺا مليو ٿا وڃن ته ڇو نه هتي ئي ڪمائجي.“ حاجي ڪوريءَ چيو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي عرب جيڪي هاڻ هيڪاندا ڪنجوس ٿي پيا آهن، شروع وارن سالن ۾ پئسو اچڻ تي هنن خوب عياشيءَ تي به خرچيو ته پورهيتن کي به ڏنو ٿي. اهو ئي سبب آهي جو حاجي ڪوريءَ دبئي ۾ روزگار ڪمائڻ جو سوچيو. حاجي ڪوريءَ ٻڌايو ته هن کي ڪو خاص ڪم جهڙوڪ لائيٽ، واڍڪو، پلمبر جو يا ڪو ٻيو ته ڪونه ٿي آيو نه ته انهن ڏينهن ۾ عرب ايڏا سادا هئا جو انڊيا ۽ پاڪستان کان آيل مڪينڪ پاڻ کي انجنيئر سڏائي وڏن پگهارن تي نوڪري پئي ڪئي ۽ اهڙي طرح ڪمپائونڊر ڊاڪٽر ٿي پئي هليا. حاجي ڪوريءَ کي جتي به ڏهاڙي ملي ٿي اتي مزدوري ڪئي ٿي ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ مٽيءَ جا رانديڪا يا ڪاغذن مان ڦرموٽيون ٺاهي ٽاچنيءَ سان تيلن ۾ هڻي هُو گهٽي گهٽي ۾ وڪڻڻ لڳو. ٿوري ٿوري بچت ڪري هن هڪ هٽڙو مسواڙ تي ورتو ان بعد وڏو دڪان .... بهرحال اهي سڀ ڪم اک ٻوٽ ۾ نه ٿيا پر ان پٺيان هن کي سالن جو سفر ڪرڻو پيو جنهن ۾ هن دل لڳائي محنت ڪئي، پورهيا ڪيا، پئسو وڃائڻ بدران بچت ڪئي. سٺي طبيعت ۽ سٺي عربي سکي وڃڻ ڪري هن کي ڌارين توڙي دبئي جي مقامي ماڻهن تمام گهڻو پسند ڪيو ٿي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هن جي سڄي زندگي پورهين ۾ گذري. چاليهه کن سالن جي گئپ بعد جڏهن آئون هن کان به وڌيڪ پوڙهو ٿي چڪو هوس ته هو به شڪل ۾ سو ڪراڙو ضرور نظر آيو، پر سندن ڳالهيون ۽ چرچا ڀوڳ اهي ئي جوانن وارا هئا. سندس وفات کان فقط ڪجهه مهينا اڳ جيڪا منهنجي ساڻس آخري ملاقات ٿي اها حيدرآباد ۾ ٿي. اتي به اهي ئي ڪچهريون ۽ کل ڀوڳ. آئون ملائيشيا وڃي رهيو هوس. چيومانس ته ”حاجي صاحب موٽندي توهان سان ڏينهن ٻه رهي تفصيلي خبرون وٺندس. فقط توهان جي خبرن سان ئي منهنجو ڪتاب مڪمل ٿي ويندو.“
”پر آئون ته ايندڙ هفتي دبئي وڃي رهيو آهيان“ حاجيءَ مونکي اهو ڏينهن پاڻ وٽ رهڻ لاءِ چيو پر آئون هميشه وانگر جلدي ۾ هوس. چيومانس ته هينئر کلي موڪلايون، ملائيشيا مان موٽڻ  مهل توسان هتي قاسم آباد يا دبئي جتي هوندين اچي ملندس.
مهيني ٻن بعد ٻاهران ٿي  ڪراچيءَ پهتس ته سندس ڀاءُ مبين کي دبئي فون ڪيم:
”حاجي ڪوريءَ جي خبر ڪيو .... توهان وٽ دبئي ۾ آهي يا حيدر آباد يا ڳوٺ سڪرنڊ؟ “
ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪي جواب مختصر ئي سهي ڪيڏا Shocking ٿين ٿا! مبين ڏکياري لهجي ۾ چيو: ”الطاف! حاجي صاحب مهينو کن اڳ گذاري ويو.“
اڄ به رکي رکي افسوس ٿيندو اٿم ته سالن کان پوءِ ههڙو دلبر ماڻهو مليو جنهن وٽ خبر ناهي ته ڪهڙا ڪهڙا قصا هئا .... هن دبئي کي پنهنجي اکين سان اڌ صدي لڳاتار ڏٺو ..... هو غريبن توڙي اميرن جي زندگيءَ کان واقف هو .... هن کي عربن ۽ سنڌين جي سياست جي ڄاڻ هئي .... هن جي دلچسپ ڳالهين تي ڊاڪٽر قادر سرڪي، منور لغاري، امداد بلوچ، شوڪت نظاماڻي، ظهور شجراع، منطور ٻانڀڻ ۽ مون جهڙا ڪيترائي عاشق هئا. پر اڄ اهو اڌ صدي جي ڪهاڻين جو چئپٽر ڪلوز ٿي ويو. هاڻ حاجي الهه بچائي ڪوريءَ جو پورائو نه سندس ڀاءُ مبين ڪوري ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري سندس پُٽَ: پيار علي ۽ احمد علي .....


No comments:

Post a Comment