Thursday, December 03, 2015

اِيسٽ ويسٽ سينٽ ۾ مذاڪرو ۽ سِي اين اين اسٽُوڊيو - ياسر قاضي

اِيسٽ ويسٽ سينٽ ۾ مذاڪرو ۽ سِي اين اين اسٽُوڊيو
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - ۴۲
ياسر قاضي
هن سفرنامي جي پوئينءَ قسط ۾ اوهان ۽ اسان، سُومر ۷ اپريل ۲۰۱۴ع جي برساتي ٽيپهري، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ پاڪستاني سفير جليل عبّاس جيلانيءَ سان چانهه پڪوڙا کائيندي گُذارِي، جنهن وقت ٻاهر وقفي وقفي سان برسات جارِي هُئي. مُون اوهان کي ٻُڌايو هو ته اسان جي گروُپ جا سمُورا ساٿي اُتان ٻن ٽيڪسين ۾ اِيسٽ ويسٽ سينٽر روانا ٿي چُڪا هئا، جتي اسان جو هڪ مُذاڪرو رکيل هو. سفارتخاني جي سھڻين پاڪستاني پينٽنگس سان سينگاريل هڪ گيسٽ ويٽنگ رُوم مُون ۽ منهنجي گروُپ جي ٻن دوستن، اشفاق آذر ۽ ضياءالرحمٰن، سفارتخاني جي پريس اتاشي، نديم هوتيانا سان گڏ ڪچهري پئي ڪئي، جيستائين اسان ٽنهي کي وٺڻ لاءِ ٽيڪسي آئي. سفارتخاني جي ماڻهُوءَ ٻُڌايو ته ٽيڪسي اچي چُڪي آهي. اسان ٽئي هوتيانا صاحب کان موڪلائي نڪتاسِين. ان وقت زور جي بارش جاري هُئي، ان حد تائين جو سفارتخاني جي عمارت کان سفارتخاني جي صدر دروازي تائين پهچندي، به اسان پنهنجيُون ڇٽيوُن کوليُون، جنهن جي باوجُود به رين ڪوٽ ڀڄائيندا اچي ٽيڪسيءَ ۾ ويٺاسِين. ٽيڪسيءَ پنهنجو سفر ”ايل اسٽرِيٽ“ اين ڊبليُو تي قائم عمارت نمبر ۱۸۱۹ع ۾ واقع اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي آفيس طرف شروُع ڪيو. اسان ٽنهي پاڻ ۾ نارمل گفتگُو پئي ڪئي ۽ ظاهر آهي ته سنڌيءَ ۽ اردُوءَ ۾ پئي ڳالهايوسي. اسان کي ڪا دير اها خبر ئي ڪانه پئي ته ٽيڪسي ڊرائيور پاڪستاني آهي. هُو به گھڻي دير ته چپ رهيو ۽ شايد پاڻ بابت ٻُڌائڻ مناسب نه سمجھيائين، پر پوءِ نيٺ الائي ڪهڙيءَ ڳالهه تي اسان ٽنهي جي ڳالهه ٻولهه جي وچ واريءَ ڪنهن وٿِيءَ ۾ هُن اسان سان انگريزيءَ ۾ ئي ڳالهائڻ شرُوع ڪيو ۽ هن قسم جا سوال ڪرڻ شرُوع ڪيا ته ”اوهان پاڪستان مان آيا آهيو...؟ ڇو آيا آهيو...؟ ڇا ڪندا آهيو...؟ ڪٿي رهيل آهيو...؟ اوهان کي امريڪا ڪيئن لڳو...؟ اڄڪلهه پاڪستاني حڪُومت ڪيئن آهي...؟ اڄڪلهه اتي ڪرپشن جو ڇا حال آهي...؟“ وغيره وغيره... انهن سوالن مان جن جن سوالن جا جواب جنهن جنهن انداز ۾ هڪ اڻ ڏٺل ماڻهُوءَ کي ڏيڻ گھُرجن، اسان ڏناسي. تنهن کان پوءِ هُن کُلي ڳالهائڻ شرُوع ڪيو. هُن ٻڌايو ته آءٌ پاڪستاني آهيان. هتي ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ آيو هئس. محنت مزدُوري ڪري ڪمائڻ شرُوع ڪيم. پهريان هتان ڪمائي پنهنجي ڪُٽنب ڏانهن پاڪستان موڪليندو هئس، پوءِ آڪهه به هتي گھُرائي ورتم. خاندان جي ٻين فردن کي به سيٽ ڪيم. ڪُجهه عرصو اڳ جڏهن سمجھيم ته اڪائُونٽ ۾ ڪجهه ڏوڪڙ آهن ته، هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي ديس جي تانگھه ۾ پاڪستان واپس وڃي مستقل اُتي شفٽ ٿيڻ جو سوچيم ۽ سوچيم ته اُتي وڃي هڪ کنڊ جو ڪارخانو (شگر مِل) لڳايان. هتان سڀ ڪجهه سهيڙي پاڪستان پهتس. شُگر مل لڳائڻ لاءِ ڪاڳري ڪارروائي شرُوع ڪيم... پر جنهن به آفيس ۾ ٿي ويم ته آفيسر ۽ عملدار ان فائيل کي پراسيس ڪرڻ لاءِ ججھا ڏوڪڙ وٺڻ لاءِ پنهنجا وات ڦاڙيو ويٺا هئا... جنهن ڏي وڃ اهو حشر هو...“ (اهي لفظ چوندي ٽيڪسي ڊرائيور جو لهجو ڪاوڙ ۾ تيز ٿيندو ويو) چي: ”مُون هنن کان ٿي پڇيو... بابا! ڇا جا ڏوڪڙ ڏيان... ته حيرت مان ٿي پُڇيائُون ته تُون هتي نئون آيو آن ڇا!؟ هن ڪم لاءِ هيترا ڏوڪڙ ڏيڻا پوندا آهن... فلاڻي ڪم جا هيترا پئسا ته مُقرر آهن... سڀ ڏيندا آهن... پر مُون پئي پُڇيو ته ڪهڙي قانُون تحت ڏيان اهي پئسا...؟ جيڪي فيس جا پئسا آهن، اهي ته ڀريندو پيو اچان... پر هنن نڀاڳن (هُن اڃا ڏکيا ۽ سخت لفظ پئي استعمال ڪيا) پنهنجا وات بند نه ڪيا... مون چيو منهنجو ڇا وڃي اهڙي مُلڪ سان... جنهن کي ڪرپشن جي اڏوهي ان حد تائين کائي چُڪي آهي، جو آءٌ هڪ جائز ڪم لاءِ ڌڪا پيو کاوان. اڃا ته ڪارخانو هنيو ڪونه اٿم. هڻي بيهندس ته پوءِ ته الائي گھڻا جٿا ۽ ٽولا ڀتا وٺڻ لاءِ هر مهيني در تي بيٺا هُوندا! مُون چيو باهه ڏيان اهڙي ڪاروبار کي، جيڪو مُون کان منهنجو آرام کسي! مون چيو اهو مُنهنجو مُلڪ ئي ناهي، جنهن جو منهنجي وڏڙن خواب ڏٺو هو... هي ته ڪو ٻيو پاڪستان آهي، جنهن کي راشي ڪامورن ۽ حرص ۾ ورتل حڪمرانن تخليق ڪيو آهي...“ اهي لفظ چئي بسم الله ڪري جو همراهه اڳوڻي صدر سميت پاڪستاني حڪمرانن ۽ ڪامورن کي گاريُون ڏيڻ شرُوع ڪيون، ته همراهه بس ڪري ڇا! الله اڪبر!!! انگريزيءَ ۾ ايتريُون گرما گرم، قراريُون ۽ سچي گيهه ۾ پڪل ڪچيُون گاريُون مُون هڪ ئي وقت ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٻُڌيُون هيُون. ان کان اڳ ۾ مُون کي اهو زعم ۽ لئي هُئي ته گاريُن ڏيڻ ۾ اسان پاڪستانين خاص ڪري سنڌين جو ڪو مَٽ ۽ ثاني ناهي ۽ اسان کي ان ڏس ۾ نوبل پرائيز لاءِ نامزد ٿيڻ گھُرجي، پر ان ٽيڪسي ڊرائيور جي پاڪستاني حڪمرانن ۽ بيوروڪريٽس لاءِ ڏنل گارين کي ٻُڌڻ کان پوءِ مُون مان ان خوشفهميءَ جي هوا بنهه نڪري وئي ۽ آءٌ ان نتيجي تي پهتس ته جيڪڏهن ڪو پاڪستاني، انگريزيءَ ۾ گاريُون سکي وٺي، ته ان جهڙي اُپٽار ٻيو ڪو ڪري ئي نه ٿو سگھي، ڇاڪاڻ ته اهي گاريوُن جن جي ٻوليءَ جُون آهن، انهن جو اتفاق سان گاريال مزاج ناهي. انهن مان گھڻائي شائسته ماڻهن جي آهي ۽ گار کي Deliever ڪرڻ لاءِ اوهان جو گاريال مزاج هئڻ بي حد ضرُوري آهي. مزي جي ڳالهه اها ته ان همراهه کي پاڪستان سان ان حد تائين نفرت ٿي چُڪي هئي، جو هُن اسان ٽنهي پاڪستانين سان اردُوءَ ۾ ڳالهائڻ به پسند نه پئي ڪيو ۽ هيستائين هُن سڄي ڳالهه ٻولهه انگلش ۾ پئي ڪئي. جيتوڻيڪ اسان کانئس سوال جواب اردُوءَ ۾ پئي ڪيا، پر هُن اسان کي انهن جا جواب انگلش ۾ پئي ڏنا. سندس لهجي مان پاڪستان ۽ ان جي ٻوليءَ سان نفرت پڌري پٽ ظاهر هُئي. شايد اسان جي هن سفر جي شرُوع وارن منٽن ۾ سندس خاموشيءَ جو سبب به اهو هو، جو هُو دل ۾ سوچيندو هُوندو ته: ”آيا هن نڀاڳا، ڪرپٽ مُلڪ مان... هُنهن...!!!“ پر پوءِ الائي ڪهڙيءَ ڳالهه سندس دل مان اُٻڙاڪ ڏئي انهن جذبن کي نڪرڻ تي مجبُور ڪيو!! نيٺ اسان جو سندس ۸۰ سيڪڙو کان وڌيڪ سندس ڳالهين تي سهمتِي ڏيکارِي، ته همراهه اسان کي پنهنجو همدرد سمجھندي، لهجي ۾ به ٿڌاڻ آندِي ۽ اسان سان نيٺ اردُوءَ ۾ ڳالهائڻ شرُوع ڪيائين. ساڻس همدردي ڪندي، اسان ڪو ساڻس گڏ گاريُون ڪونه ٿي ڏنيُون، پر جنهن سسٽم کي هُن غلط چيو پئي، اسان ان تي کيس آٿت ڏيندي مڃيوسي پئي ته ”ڀائُو! تُون صحيح ٿو چوين!“ پر جيسين همراهه اردُو ڳالهائڻ شرُوع ڪئي، تيسين اسان جي منزل به ويجھي اچي پهتي ۽ اسين اڌ ڪلاڪ، ۳۵ منٽن جو اهو سفر طئي ڪري، اِيسٽ ويسٽ سينٽر پهتاسِين. مُون کيس ڪرايو ڏيندي، سندس نالو پُڇيو ته ٻڌايائين ”اقبال!“ جيڪڏهن سفر جي آغاز ۾ يا سندس ڪاوڙ وارن جُملن جي وچ ۾ سندس نالو پُڇان ها ته ڏي ها مُون کي به گاريُون! بهرحال اسان لهندي خوشگوار انداز ۾ هڪٻئي سان موڪلايوسي. هتي مِينهن ڪُجهه جھڪو ٿي چُڪو هو، پر جھُڙ سبب ٽيپهري ڪُجهه اُونداهي هُئي. اِيسٽ ويسٽ سينٽر واريءَ عمارت (نمبر ۱۸۱۹) جي سُوئيٽ نمبر ۶۰۰ ۾ پهتاسِين (جتي اڄ صبح ۽ ڪالهه به اسان جا سيشنز هئا) ته اُتي مذاڪرو جاري هو. لفٽ مان لهندي ئي اُن مرڪزي هال ۾، جتي اسان مختلف سيشنز اٽينڊ ڪيا هُئا، مرڪزي ميز ٻاهر نڪتل هُئي (ڪانه هئي). سامهُون هڪ ٽيبل تي ۳ پينلسٽن سميت ۵ ڄڻا ويٺا هُئا ۽ سامهُون ٽيهارو کن ڪُرسين تي ٻُڌڻ وارا ويٺل هُئا، جن کي هي مُذاڪرو ٻڌڻ لاءِ اِيسٽ ويسٽ سينٽ وارن مدعُو ڪيو هو. اسان ٽئي به پهچندي شرط پهرينءَ قطار ۾ اچي ٻُڌڻ وارن ۾ ويهي رهياسِين. هن مُذاڪري (پينل ڊسڪشن) جو عنوان هو: ”امريڪي افغان ڦڏي کان پوءِ پاڪستان جي صُورتحال، مستقبل ۽ ترجيحُون، پاڪستاني صحافين جي نظر ۾“ جنهن ۾ پاڪستاني صحافين جو نقطهء نظر سمجھائڻ لاءِ پشاور وارو پٺاڻ، خالد خان خيشگي، اسلام آباد جو (اصل ۾ قبائلي علائقن جو) پٺاڻ، رياض برڪي ۽ ڪوئيٽه جو بلوچ، جيئند ڪاشف ساجدِي شامل هُئا. (اهڙي قسم جي موضُوعن ۾، جتي افغانستان کي ڊسڪس ڪيو ويندو هو، اسان جي خيبرپختُونخواهه سان تعلق رکندڙ دوستن کي ڳالهه ٻولهه ۾ وڌيڪ شامل رکيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته هُو اتان جي صُورتحال تي وڌيڪ گهرِي نظر رکن ٿا.) هنن ٽنهي سان هن بحث ۾ مڊل اِيسٽ انسٽيٽيُوٽ جي ”سينٽر فار پاڪستان اسٽيڊيز“ جو ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر، ”ڊاڪٽر ماروِن وينبام“ سرگرم بهرو وٺڻ لاءِ شامل هو، جڏهن ته هن پينل ڊسڪشن کي هلائيندڙ (ماڊريٽر) توڙي ان جي صدارت ڪندڙ (چيئر) اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي واشنگٽن ڊِي سِي سينٽر جو ڊائريڪٽر، ”مسٽر سيٽُو لمايي“ هو. هي مذاڪرو شام ۵ لڳي شرُوع ٿيو هو، جڏهن ته اسان ٽنهي کي پهچندي ساڍن ۵ کان پوڻي ۶ تائين جو ٽائيم ٿي ويو هو. جيئند کي اڄوڪي ڊسڪشن تائين هر ڊسڪشن ۾ رڳو بلوچستان بلوچستان ڪرڻ جي عادت هُئي. سندس اها وطن پرستي قابلِ تعريف هُئي، پر گھٽ ۾ گھٽ اهو ته خيال ۾ رکڻ گھُرجيس ها، ته جتي بلوچستان جي ڳالهه ڪرڻ جو موضُوع هُجي، يا ڪا تُڪ بڻجي، اُتي اهو ذڪر ڪجي. ايئن ته ناهي، ته ڊسڪشن هجي گجر جي فائدن تي يا اُٺ جي افاديت تي، ته اُن ۾ به زوريءَ ڪٿان نه ڪٿان گُنجائش ڪڍي بلوچستان جي مظلُوم هجڻ جو ذڪر ڪري. اهو مان ۽ اشفاق کيس پهريان به سمجھائي چُڪا هُئاسِين، پر پوءِ به اڄوڪي ڊسڪشن ۾ سندس زبان مان بلوچستان کان سواءِ ٻيو ڪو لفظ ئي نه پئي اُڪليو. ڳالهه هلِي پئي امريڪا جي افغانستان جي ويڙهه ۽ ان جي پاڪستان تي اثرن جي، تڏهن به هرُوڀرُو بلوچستان جو ذڪر ٿي ڇيڙيائين. هي مذاڪرو بس ٺيڪ رهيو. اسان جا دوست موضُوع تي ڳالهائڻ جي حوالي سان ڪي هرُوڀرُو فصيح ۽ بليغ ڪونه هُئا، نه ئي وري ايئن کڻي چئجي ته ڪو ان موضُوع تي سندن راءِ ڪنهن پيشاوراڻي صحافيءَ وارِي راءِ هئي. بس انهن جي معلومات توڙي نُقطهء نظر لڳ ڀڳ اهڙو / اهو ئي هو، جيڪو خيبرپختُونخواهه يا قبائلي علائقن ۾ رهندڙ هر واسيءَ جو هُوندو.


ڊسڪشن ساڍي ۶ لڳي ڌاري پُورو ٿيو ته اسان سڀ پاڻ ۾ رلي ملِي وياسين. ٻُڌڻ وارن ۾ اڪثريت يا ته واشنگٽن ۾ مُوجود پاڪستاني برادريءَ جي هُئي، يا وري انهن امريڪين جي هُئي، جن جو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح پسند يا مُطالعي جو موضُوع يا ڪم جو واسطيدار سبجيڪٽ، افغانستان، پاڪستان يا ڏکڻ ايشيا هو. مذاڪري کان پوءِ ڏکڻ ايشيائي سنيڪس (کاڌ-پيت جي شين) سان گڏ چانهه جو انتظام هو. اسان سڀ ان سوڙهي هال ۾ (جيڪو ٽيهارو چاليهارو کن ماڻهن جي موجُودگيءَ ۾ سوڙهو ٿي لڳو) هڪ ٻئي سان ڪچهري شرُوع ڪئي. مُون پهرينءَ فُرصت ۾ جيئند کي ڏوري کان پڪڙيو ۽ پاسي تي وٺي وڃي کيس ڪن ۾ چيم: ”پاڪستان مان تو لاءِ هڪ انتهائي اهم نياپو آيو آ ته جيئند کان پڇو ته هُو امريڪا ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ آيو آ؟ يا بلوچستان جِي...!“ ايئن چئي مُون جھٽڪو ڏئي سندس ڏوري کي ڇڏيو. ان وقت جيڪا جيئند جي حالت هئي، اها ڏسڻ ۽ ريڪارڊ ڪرڻ جهڙي هئي. همراهه لحذي ۾ اهڙو ڊڄي ويو ۽ خوف سندس اکين ۾ پاڻيءَ جي صُورت ۾ ڀرجي آيو، جو وٽس مُون کان لاڳيتا ٻه چار سوال ڪرڻ ۽ پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه بچيو. هُن هڪ ساهيءَ ۾ مُون کان پُڇيو: ”ڪنهن جو پيغام آ اهو؟ ڪنهن کي ڳالهه ناهي وڻي اها؟... نه يار! مان ته پاڪستان کي پيو ريپريزنٽ ڪريان. مُون بلوچستان جي ڳالهه ڪٿي ڪئي!؟ مُون ته بس هڪ ذڪر برائي ذڪر ڪيو هو.. ٻڌاءِ نه توکي ڪنهن ٻُڌايو..“ ابا! همراهه جا هڪڙا پگھر لٿا ٿي، ته ٻيا چڙهيا ٿي. اُن وقت ته کيس سمجھه ۾ ڪونه آيو هُوندو، پر بعد ۾ هُن پڪ مُون کي (سائين امرجليل جي اصطلاح ۾) ”مامو“ سمجھيو هُوندو (۽ شايد اڃا تائين سمجھندو هُجي..) ان ڳالهه جي خاطري ان ڪري به آهي جو کيس اهو ”بَئُو“ ڏيکاري مُون اُتي جو اُتي اِشُوءَ (اشفاق آذر) کي ٻُڌايو. جنهن کلِي مُون کي چيو: ”يار! وڏو ڪو لاهُه آهِين! غريب جو ساهه ڪڍي ڇڏيو هُوندءِ!“ ٻه ٽي ڏينهن پُڄاڻان، جڏهن جيئند کي مُنهنجي مامي هُجڻ واري گُمان ورايو ته اِشُوءَ کان پڪ ڪيائين. اِشُوءَ اهڙي پڪ ڏنس جو همراهه مُون کان مُستقل خوف ۾ مُبتلا ٿي ويو. مُون ته ازراهِه مذاق ساڻس اها ڳالهه ڪئي هئي، پر همراهه جي قومپرستيءَ جِي هوا مُنهنجِي اُن هڪڙي تڙِيءَ سان ئي نڪري وئي ۽ اها ڳالهه ريڪارڊ تي آهي، ته هُن ان ڏينهن کان پوءِ امريڪا اندر ڪنهن به ڊسڪشن ۾ بلوچستان جو نالو به پنهنجيءَ زبان تي ڪونه آندو. ابا! اهڙو پڪو ڪامريڊ آن ته پوءِ قائم رهه نه پنهنجي ڳالهه تي.. باقي موسمي قومپرست ته اسان وٽ کوڙ آهن.. سنڌ هجي يا بلوچستان.. قومپرستي به هاڻي فيشن بڻجي چُڪي آهي.
چانهه تي مُنهنجي هُونءَ ته ٻين به امريڪين ۽ پاڪستانين سان ڪچهري ٿي، پر گھڻو وقت اسان ”ڪِرن“ نالي هڪ پاڪستاني نياڻيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪا ڪراچيءَ جي هئي، جنهن سان غزاله فصيح مُون کي ۽ اِشُوءَ کي اهو چئي ملرايو ته: ”هِي ٻئي به ڪراچيءَ جا آهن...“ ظاهر آهي پنهنجي شهر جي اُڪير هر ڪنهن کي هُوندي آهي، جنهن ڪري ڪِرن پاٻوهه سان ڪجهه دير بيٺي بيٺي ئي اسان ٻنهي سان ڪچهري ڪئي. سانوري رنگ جي مُناسب شڪل رکندڙ ننڍي قد واري. ۳۵هارو کن سالن جي، ڪِرن وڏو عرصو نيُويارڪ ۾ گذارڻ کان پوءِ هاڻي واشنگٽن ۾ قيامي آهي. سندس والدين پاڪستان مان لڏي اچي امريڪا وسائي. جيئن ته اسان کي سُڀاڻي نيُويارڪ وڃڻو هو، سو اسان ڪِرن جي موجُودگيءَ جو فائدو وٺندي کانئس نيُويارڪ جا اُهي ماڳ ۽ دلچسپيُون پئي پُڇيوُن، جيڪي اسان کي ضرُور ڏسڻ گھرجن. ٻين اڪيچار ماڻهن وانگر ڪِرن به اهو ٻڌايو ته نيُويارڪ گھڻو تڻو ڪراچيءَ جهڙو مزاج رکندڙ شهر آهي، جتي راتيُون جاڳن ٿيُون ۽ اوهان کي رات جو ڪهڙِيءَ مهل به بُک لڳي ته اوهان کي اُتي ريٽورانٽس توڙي ڍاٻا پُوريءَ رات کُليل ملندا. ايئن واشنگٽن ۾ ناهي. ڪِرن اسان کي نيُويارڪ جي هڪ ڍاٻي (ڇپري هوٽل) جو ڏسُ به ڏنو ته اوهان ان تي ضرُور وڃجو ۽ اُتان جُون اسپيشل لوڪل نيُويارڪي ڊشز ٽراءِ ڪجو. ڪِرن سان ڪچهري سُٺي رهي. اسان کي اسان جي ڪووآڊينيٽر، مائي اينان (مسز اين هارٽمين) آهستي آهستي رڙهڻ جو اشارو ڏنو، ڇاڪاڻ ته اسان جو ڏينهن اڃا پُورو ڪونه ٿيو هو ۽ اسان کي اڃا سِي اين اين ٽيليويزن جي واشنگٽن ڊِي سِي اسٽُوڊيو وڃڻو هو، جتي سِي اين اين جي مقبُول پرائيم ٽائيم ڪرنٽ افيئرز پروگرام ”دِي سچُوئيشن رُوم ود وُولف بلٽزر“ جي ٽيم سان ملڻو هو. اسان واري واري سان لفٽ رستي هيٺ لٿاسِين. عمارت کان ٻاهر آياسِين ته جھُڙاٽيل ٽيپهري، سانجھيءَ ۾ تبديل ٿي رهي هُئي. اُن وقت ان عمارت آڏو لاڳيتيُون ٻه ٽي فائربرگيڊ جُون گاڏيُون گوڙ مچائينديُون گذريُون. هتي ۽ ههڙن شهرن ۾ عام طور تي ايئن ٿيندو ناهي. پڪ سان ڪا فائر ايمرجنسي هُوندي، تڏهن ئي اهي گاڏيُون لُڙ ڪندي لنگھيُون، نه ته اڪثر هتان جا روڊ پُرسڪون ٽرئفڪ جي روانيءَ ۾ رُڌل هُوندا آهن. اوهان کي هتي ورلي ڪا گاڏي هارن وڄائيندي ٻُڌڻ ۾ ايندي، ڇو جو کين هارن وڄائڻ جي ضرُورت ئي پيش ناهي ايندي، جو هر ڪنهن کي ڀليءَ ڀت خبر آهي ته مُون کي ڊرائيو ڪيئن ڪرڻو آهي.

مان ۽ اِشُو عمارت کان ٻاهر نڪري فوٽ پاٿ تي باقي ساٿين جو انتظار ڪرڻ لڳاسِين، ڇاڪاڻ ته سڀني جي گڏ ٿيڻ کان پوءِ ئي اسان کي سِي اين اين لاءِ نڪرڻو هو. اسان ته ڄاڻي واڻي جلدي اُن سوڙهه مان ٻاهر نڪري آياسِين، پر اسان جا ڪافي دوست اڃا مٿي اُن چانهه واري ڪچهريءَ ۾ مصرُوف هئا. اسان ٻئي، پنهنجي باقي ساٿين جي اچڻ تائين ڪي ويهارو کن منٽ هيٺ ڊاڙو ٺڪاءُ ڪندا رهياسِين. اشفاق سُر ڇيڙيو ته فُٽ پاٿ تي بيٺي بيٺي موسيقيءَ جي ڏي وٺ شرُوع ٿي وئي. مُون استاد مُحمّد جُمن جو ”رات به مينهڙا وُٺا...“ کان وٺي ”ڪارُون وسَ ڪيام...“ تائين جھُونگاريو ته اِشُوءَ به ٻه ٽي ڪلاسڪ گيت جھُونگاري هن جھُڙالِي شام ۾ رنگ ڀريا. ضياء لٿو ته تصوير ڪشيءَ جي مُختصر دؤر ۾ هُنن ٻنهي عجيب طريقي سان ”يو يو“ پوز ڪڍرايا. انهن ڪجهه لمحن کي به ڏاڍو انجواءِ ڪيوسي. مائِي اينان لٿِي ته اسان مُختلف ٽيڪسين ۾ سوار ٿي ”سِي اين اين“ اسٽُوڊيو لاءِ ورانا ٿياسِين. ٽيڪسين ۾ ويٺاسِين ته شام جا سوا 7 ٿي چُڪا هُئا ۽ سجّ مُڪمل طور تي لهِي چُڪو هو. اسان جُون 3 ڌار ڌار ٽيڪسيُون سِي اين اين طرف روانيُون ٿيُون ۽ اسِين ويهارو کن منٽن ۾ ۸۲۰، فرسٽ اسٽرِيٽ، اين اِي، واشگٽن ڊِي سِيءَ پهتاسِين، جتي ”سِي اين اين“ جي آفيس ۽ اسٽُوڊيو واقع آهي. هيءَ هڪ پُرسڪُون ويڪرِي گھٽي آهي، جيڪا هڪ فلائي اوور جي اوٽ ۾ آهي. اها فلاءِ اوور (پُل) ”ايم ٽريڪ“ (ريل) جي لنگھڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي، جنهن جي مٿان ”ايم ٽريڪ“ جو ٽريڪ وڇايل آهي. شام، رات ۾ تبديل ٿي رهي هُئي. سانجھي، اُونداهيءَ ۾ تبديل ٿي چُڪي هُئي. گاٺ واري کهري روڊ جي برسات سبب آلي هجڻ کان پوءِ ان تي پوندڙ پِيلين اسٽريٽ لائيٽس جو عڪس انتهائي رُومانوي نظارو پيش ڪري رهيو هو. سِي اين اين جي عاليشان عمارت آڏو سِي اين اين جي لوگو وارو سائن بورڊ ۽ هڪ وڏو رنگ برنگو يادگار اسان جو استقبال ڪري رهيا هُئا. سِي اين اين ۾ ”دِي سچُوئيشن رُوم“ جي پروڊيُوسر ”مس لِنڊا روٿ“ اسان جي ميزبانيءَ جي مُنتظر هُئي. هتي گهاريل يادگار پلن ۽ سِي اين اين اسٽوڊيوز ۾ اسان جي سرگرميءَ جو احوال اوهان سان ايندڙ هفتي ڪبو. گڏ هججو!

No comments:

Post a Comment