کيوڙه لوڻ کاڻ!
۲۲ هزار فوٽ اوچي
جبل هيٺ گهمڻ جي خوبصورت جڳهه
مٺل جسڪاڻي
اوهان جڏهن به موٽر وي سان لاهور
کان راولپنڊي اسلام آباد وڃو ۽ اوهان جي پنهنجي سواري هجي، وقت هجي، ته لاهور کان
248 ڪلوميٽر فاصلي تي کيوڙه لوڻ کاڻ آهي، اها ضرور گهمو. ڇو ته هن حيرت انگيز جڳھ کي
ڏسڻ لاءِ، ٻين به ڪيترن ئي ملڪي توڙي غير ملڪي ماڻهن جي روزانو رش هوندي آهي. جنهن
ڏينهن اسان وياسين، ان ڏينهن به کاڻ ۾ اندر ويندي، گهمندي ڦرندي، واپس ورندي، اسان
به ڪيترا ئي ٽولا ڏٺا! منهنجي خيال ۾ لوڻ کاڻ جي انتظاميا، گهمڻ ڦرڻ وارن کان ٽڪيٽ
جا پيسا اوڳاڙڻ وسيلي به روزانو هزارين رپيا ڪمائيندي هوندي.
لوڻ کاڻ گهمڻ جي صلاح مون کي منهنجي
وڏي پٽ اظهار ڏني هئي، جيڪو کاڻين واري سائنس ۾ ايم اي (ME) جو شاگرد آهي. هن چيو هو ته جيئري جنت جهڙا منظر ڏسڻ چاهيو، ته لوڻ
کاڻ ضرور وڃو. لوڻ کاڻ ۾ اندر خوبصورت نظارا به آهن، ته اونهاري ۾ ٿڌ، سياري ۾ مناسب،
سهپ جهڙي گرمي محسوس ٿيندي آهي. آئون به، پنهنجي ٻاريءَ سميت گهمڻ ئي ته نڪتل هئس،
ان ڪري فطري حسن ڏسڻ پسڻ به اوليت ۾ شامل هو. اتي پهتاسين ته اظهار جون ڪيل ڳالهيون
ياد پئي آيون. گهمندي گهمندي اسان لوڻ مان ٺاهيل خوبصورت منظرن مان لطف وٺندا اڳتي
وڌندا وياسين. اوهان به هن کاڻ تي وڃڻ چاهيو، ته موٽر وي کان ضلعي جهلم جي تعلقي پنڊ
دادن خان وڃي، اتان پوءِ اتر طرف نڪرندا، ته ٿوري پنڌ تي، اڳيان کيوڙه لوڻ کاڻ اچي
ويندي.
کاڻ جو سير ڪرائڻ لاءِ گائيڊ پڻ
موجود آهن، جيڪي تمام دلچسپ ڳالھيون ٻڌائي، گهمڻ لاءِ آيل ماڻهن کي خوب وندرائين ٿا
۽ موڪلائڻ مهل انعام، خرچي حاصل ڪري، اهي به گهڻو ڪمائي وٺن ٿا. اسان جي رهنمائي ڪندڙ
گائيڊ گهمندي ڦرندي اسان کي ٻڌايو، ته پاڻ ماڻهو روز لوڻ پيٽ ۾ وجهندا آهيون، پر اڄ
اوهان لوڻ جي پيٽ ۾ آهيو!
کاڻ ۾ اندر هونئن ته اوندهه هوندي
آهي، پر گهمڻ لاءِ آيلن جي سهوليت لاءِ بجلي جو انتظام به آهي، پر مون کي ڪٿي ڪٿي سنڀالي
هلڻو پيو، شايد احتياط نه ڪريان ها، ته ڪٿي نه ڪٿي ٿاٻڙجي ڪري پوان ها! جڏهن ته پوڙهن
۽ ڪمزور ماڻهن جي سير لاءِ، کاڻ ۾ اندر ريل جو به انتظام ڪيل آهي، پر ان جو الڳ ٽڪيٽ
وٺڻو پوي ٿو.
اسان کي ٻڌايو ويو ته کاڻ ۾ عام
ماڻهو جي گهمڻ لاءِ هڪ مخصوص علائقو آهي، جيڪو به ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي، هونئن نه
ته هي کاڻ ٽوٽل 17 منزلن تي مشتمل آهي، جنهن مان صرف ڇهين منزل تي گهمڻ ڦرڻ جي اجازت
آهي ۽ انهي منزل تي ئي سموريون سياحي جايون جڳهيون موجود آهن.
کاڻ ۾ اندر لوڻ جي سرن سان مختلف
مزيدار ۽ حيرت انگيز نمونا ٺهيل آهن. اسان سڀ کان پهرين چاندني چوڪ پهتاسين، جتي گائيڊ
اسان جي انتظار ۾ بيٺل هو. اهو اسان کي وڃڻ واري نسبت سان چاندني چوڪ جي ساڄي پاسي
واري رستي سان اندر وٺي ويو ۽ سڀ کان پهرين دم (اسٿما) جي مريضن لاءِ ٺهيل اسپتال جي
دروازي وٽ، اسپتال کان ٻاهر ئي اسان کي ٻڌايائين، ته هتي دم جي مريضن کي علاج لاءِ
ترسايو ويندو هو، پر هاڻ اها اسپتال ٻئي پاسي منتقل ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ موجب هر
مريض کي ڏهن ڏينهن روزانو 8 کان 11 ڪلاڪ تائين اسپتال ۾ ترسائبو آهي، ته هو ٺيڪ، صحتمند
ٿي ويندو آهي، پر مريض جي عمر 50 سال کان گهٽ هجي ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو مريض نه هجي.
اسپتال کان ٿورو اڳتي ڳاڙهين، اڇين
۽ گلابي رنگ وارين لوڻ جي سرن سان هڪ خوبصورت ننڍي مسجد آهي. رنگ به رنگي لوڻ جي سرن
۾ بلب ٻاريل هجڻ سبب مسجد انتهائي چمڪدار ۽ خوبصورت نظر آئي. هي مسجد در اصل بادشاهي
مسجد جو ننڍڙو ماڊل آهي.
مسجد کان ٿورو اڳتي چاغي جي جبلن
جو ماڊل رکيل آهي. اڳتي هلندي انگوري باغ جو نظارو ڪرايو ويو، جيڪو دراصل کاڻ جي ڇت
کان برسات وارو پاڻي ڦڙو ڦڙو ٿي هيٺ اچڻ سان، لوڻ ائين نظر ايندو آهي، ڄڻ ته لوڻ نه
پر قدرتي طور انگورن جا ڇُڳا لڙڪيل آهن. اتان کان پوءِ مسجد وانگر مينارِ پاڪستان جو
ماڊل پڻ ٺهيل آهي، جنهن کي چوڌاري روشن ڪيو ويو آهي.
مينار پاڪستان جي ساڄي پاسي کان
ڪرسٽل ويلي به آهي، جيڪو قدرتي طور تي ڪرسٽل نما لوڻ آهي. چون ٿا ته اهو صرف کيوڙه
۾ ئي آهي. ان ويلي کي وڌيڪ پُر ڪشش بنائڻ لاءِ ان ۾ رنگين بلب لڳل آهن، جيڪي روشن ٿيندي
ئي سڄي ويلي کي چمڪايو ڇڏين. مينار جي کاٻي پاسي ڳاڙهي لوڻ جو ٺهيل شيش محل آهي ۽ انهي
جي اڳيان هڪ پل ٺاهيل آهي، جنهن جو نالو پُلِ صراط ٻڌايو ويو! اها پُل پار ڪرڻ کانپوءِ
ديوارِچين آهي. اتان کان پوءِ هڪ تلاءُ آهي، جنهن تي سيف الملوڪ ڍنڍ جو نالو رکيو ويو
آهي. هونئن به رستي ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي لوڻ جا تلاءُ نما جهول آهن، جن ۾ لوڻ ايترو
ته گهاٽو آهي، جو ان ۾ ڪا به شيءَ ٻڏي نٿي سگهي.
هڪ هنڌ گائيڊ اسان کي کاڻ ۾ هڪ سرنگهه
ڏانهن اشارو ڪري چيو ته، هيٺ پيل پٿر کڻي، اوهان جيڪا به دل ۾ اميد رکي پٿر اڇلائيندا،
اهو پٿر گُسڻ بنا ان سرنگهه ڏانهن ويندو، ته اوهان جي من جي مراد پوري ٿيندي! اسان
ٻڌندڙن جي اڪثريت اها ڳالهه کلي ٽاري، ته مون اتان پٿر کڻي اڇليو، جيڪو بنا آواز، يعني
گُسڻ بنا غائب ٿي ويو. پوءِ ته کن پل ۾ ئي اتي پيل اڪثر پٿر اڇلجي ويا. تنهن کان پوءِ
گائيڊ چيو ته دل جي ڪا اميد پوري ٿئي نه ٿئي، پر رستي تان پٿر هٽائڻ واري منهنجي خواهش
پوري ٿي وئي آهي. ان تي وڏا وڏا ٽهڪ ڇڏائجي ويا! مون کان ڪنهن پڇيو ته اوهان ڪهڙي اميد
ساري پٿر اڇليو هو، ته مون وراڻيو ”ٻيءَ شاديءَ جي“، ۽ پوءِ اها وراڻي جنهن جنهن ٻڌي،
اهو ڏاڍو کليو، منهنجي خيال ۾ پڙهندڙ به کل روڪي نه سگهندا، جيڪو نه کلندو، ان جي اميد
پوري ٿيڻ لاءِ آئون دعاڳو آهيان.
کاڻ ۾ اندر مصنوعي شيش محل ۽ انارڪلي
بازار به موجود آهي. جنهن جي ڀر ۾ هڪ ننڍي ريسٽورينٽ به آهي، جتي بازار جي ڀيٽ ۾ کائڻ
پيئڻ جون شيون ڪجھ مهانگيون آهن.
کيوڙه کاڻ ۾ اندر توڙي ٻاهر، اتي
جا مقامي هنرمند، لوڻ سان ٺهيل خوبصورت ماڊلز ۽ شو پيس (تاج محل، ٽيبل ليمپ، مينار
۽ ٻيون شيون) وڪري لاءِ رکي ويٺل آهن. ڪاش! ڪجهه آئون به وٺان ها، يا انهن جون تصويرون
ئي محفوظ ڪري ڇڏيان ها، ته اوهان پڙهندڙن کي به ڏيکاريان ها!
ياد رهي ته کيوڙه لوڻ کاڻ ايراضي
جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ پيداوار جي لحاظ کان دنيا جي ٻيو نمبر، پر ايشيا
جي وڏي ۾ وڏي لوڻ جي کاڻ آهي. جيڪا ايتري ته خوبصورت آهي، ڄڻ ڪو دنيا جو عجوبو هجي.
اتي موجود کاڻ جي عملي مان هڪ جهوني سونهي به اهي ڳالهيون ٻڌايون، جيڪي مون اظهار جي
هڪ تحرير ۾ پڙهيون هيون. اظهار موجب لوڻ کاڻ ۾ سالٽ رينج جي ڊيگھ (لمبائي) 300 ڪلوميٽر،
ويڪر (چوڙائي) 10 کان 30 ڪلوميٽر، جڏهن ته جن جبلن ۾ اندر هي کاڻ آهي، انهن پهاڙن جي
اوچائي 2،200 فُوٽ آهي. هي پهاڙي سلسلو ضلعي جهلم، باغان والي کان وٺي ضلعي ميان والي
کان ٿيندو، سرحد جي علائقي ڪڙڪ تائين پڄي ٿو. هن ٻڌايو ته هن علائقي ۾ لوڻ جي دريافت
تمام دلچسپ طريقي سان ٿي. جڏهن سڪندرِاعظم (Alexander
The Great) دنيا فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو، ته هِن
علائقي جي بادشاھ راجه پورس سان هن جي جنگ ٿي. سڪندرِاعظم جي فوج جهلم جي ڪناري، جلال
پور شريف جي ويجهو ترسي ۽ جن گهوڙن تي هو سوار هئا، انهن کي به اُتي ٻڌي ڇڏيائون. ٿوري
ئي دير کانپوءِ گهوڙن پٿر چٽڻ شروع ڪيا، سپاهي اهو سڀ ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽
سڪندراعظم جي خدمت ۾ سڄو قصو بيان ڪيو، خبر پئي ته پٿر لوڻ جو هو، جنهن کي چٽڻ کانپوءِ
گهوڙا تازا توانا ٿي پيا. اهڙي طرح کيوڙه ۾لوڻ جي دريافت ٿي.
اظهار جي لکڻي ۾ مون اهو به پڙهيو
هو ته هڪ روايت موجب، جڏهن سڪندراعظم کي لوڻ جو پٿر ڏيکاريو ويو، ته هن وڌيڪ معلومات
حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نتيجي طور سڪندراعظم جي فوج ۾ شامل کيوڙه نالي هڪ يوناني سپاهي،
پهريون دفعو هن علائقي ۾ کاڻ سازي (مائيننگ) جو ڪم ڪيو ۽ ان جي ئي نالي سان هن علائقي
۽ کاڻ جو نالو مشهور آهي.
هن کاڻ متعلق گهڻو مواد ته اظهار
جي تحرير سميت ٻين معلوماتي مضمونن ۾ ئي هوندو، پر اتي موجود نمائندي ٻڌايو، ته کاڻ
مان لوڻ ٽريڪٽر ٽرالي وسيلي ٻاهر ڪڍي، پوءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت، دنيا جي مختلف ملڪن
ڏانهن به اماڻيو ويندو آهي.
No comments:
Post a Comment