Monday, January 11, 2016

نيُويارڪ ۾ پهرين رات - قاضي ياسر

نيُويارڪ ۾ پهرين رات
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: 46
قاضي ياسر
پوئين آچر تي ڇپيل هن سفرنامي جي 46هين ڀاڱي ۾ اسين امريڪا جي سفر ۾ واشنگٽن ڊِي سِيءَ کان ”ايم ٽريڪ“ (اميريڪن ٽريڪ) ريل رستي آسمان سان ڳالهائيندڙ عمارتن جي شهر ۽ دنيا جي اقتصادي گادي چورائيندڙ شهر، نيُويارڪ پهچي، ”پين اسٽيشن“ (پينسلوينيا ريلوي اسٽيشن) تي لهي، ”مينهٽن“ واري علائقي ۾ واقع ”هوٽل روزويلٽ“ پهتا هئاسِين ۽ اڱاري 8 اپريل 2014ع جو انتهائي مصرُوف ۽ ٿڪائيندڙ ڏينهن گذارڻ ۽ ريل جي سفر کان پوءِ ”روزويلٽ“ جهڙي کٽارا هوٽل ۾ پهچڻ کان پوءِ همّت جواب ڏئي بيٺي هئي، جو ننڊ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم ڪجي، پر پاڻ واري يار اشفاق پاران ڪمري جي انٽرڪام وڳِي. پنهنجي مخصُوص انداز ۾ چيائين: ”ابا! ڪو ٻاهر نڪرئُون...  جهان ڏسئُون ته هوٽل جي آسپاس ڇا هي... ! ڪهڙي شئي ڪٿي ٿي ملي ۽ ڪهڙي ڪٿي نه ٿي ملي، ڇوته ٻه چار ڏينهن هتي جالڻا آهن.“ آءٌ سندس ان ڪال کان اڳ ۾ انهن ئي لٽن ۾، جن ۾ واشنگٽن ۾ سڄو ڏينهن گذاريو هوم ۽ جن ۾ واشنگٽن کان هيستائين جو سفر ڪيوهوم، ليٽي پيو هئم، جو ڪپڙن مٽائڻ جي همت ئي ڪانه هئي. اِشُوءَ جي ڪال کان پوءِ کانئس 5 منٽن جي مُهلت گھريم ته جيئن چينج ڪري سگھان. مُنهن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي، ڪپڙا مٽائي، ڪييُوئل جينز ۽ ٽِي شرٽ پائي، هيٺ مين لابيءَ ۾ آيم ته اشفاق اڳ ۾ ئي موجُود هو. اڄوڪي شام هر ڪو پنهنجي پنهنجي مُنهن سان هو ۽ رات جي ماني کائڻ لاءِ به هرڪو آزاد هو ته جنهن کي جتي وڻي کائي. تنهن ڪري اسين ٻئي روزويلٽ (هوٽل) مان نڪري ٻاهر جي جهان جو واءُ سواءُ وٺڻ لڳاسِين. هِيءَ هوٽل (روزويلٽ) اڳوڻي امريڪي صدر، ”فرينڪلن ڊِي روزويلٽ“ (ڄم: 30 جنوري 1882ع ـ لاڏاڻو: 12 اپريل 1945ع) جي نالي پٺيان قائم آهي، جيڪو 1933ع کان وٺي 1945ع تائين امريڪا جو صدر رهيو. کيس عرفِ عام ۾ ”ايف ڊِي آر“ (FDR) جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. ”مينهٽن“ نيُويارڪ جو ڀريو تريو علائقو آهي. هُونئن ته سڄو نيُويارڪ ئي اقتصادي رونق سان ڀريل آهي، تنهن جي باوجُود به ان جا ڪجهه علائقا وڌيڪ جاڳندڙ آهن. نيوُيارڪ لاءِ به ڪراچيءَ وانگر اهو مشهُور آهي ته هن شهر جُون راتيُون جاڳن ٿيُون. هن کي هتان جا ماڻهُو، ”دِي سٽي، ديٽ نيور سلِيپس“ (ڪڏهن به نه سُمهندڙ شهر) ڪوٺين ٿا. هُونئن به هن شهر ۽ ڪراچيءَ ۾ گھڻيُون هڪجهڙايُون آهن. جي ڪراچي شهر جي وچ مان نيُويارڪ جي ”هُڊسن“ نديءَ وانگر وهندڙ ڪو درياءُ هُجي ها، ته پڪ سان ڪراچي هُوبهُو نيُويارڪ جهڙو ئي هجي ها، ڇو ته نيُويارڪ جيان ان درياءَ تي ٻه ٽي سهڻيُون پُليُون ته ڪراچيءَ ۾ به هُجن ها.


اسين هوٽل کان ٻاهر نڪتاسِين. هوٽل جي بلڪل ڀر وارا روڊ (اسٽرِيٽس) ڪراچيءَ واري زيب النساءِ اسٽريٽ جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. اسان بنا ڪنهن روڊ ميپ جي علائقي جو جائزو وٺڻ لڳاسِين ۽ پيٽ پُوڄا لاءِ ڪو آئُوٽ ليٽ ڳولهڻ لڳاسِين.
”مينهٽن“، نيُويارڪ شهر جي 5 ”بارو“ (Borogh) منجھان هڪ بارو (علائقو) ۽ ڪائُونٽي آهي. نيُويارڪ جي باقي 4 ”بارو“ ۾ ”ڪُوئينز“، ”برُوڪلن“، ”بروُنڪس“ ۽ ”اسٽيٽن آئيلينڊ“ شامل آهن. ”مينهٽن“ جو بارو (علائقو)، 33 چورس ميلن (87 چورس ڪلوميٽرن) تي پکڙيل آهي، جنهن منجھان زميني ايراضي لڳ ڀڳ 23 چورس ميل (59 چورس ڪلوميٽر)، جڏهن ته آبي (پاڻيءَ واري) ايراضي 10.8 چورس ميل (28 چورس ڪلوميٽر) آهي، جيڪا گھڻي تڻي ”هُڊسن“ ۽ ”هارلن“ دريائن جي پيٽ ۾ آهي، بلڪه هيءَ ڳالهه سمجھندا هلو ته ”مينهٽن“ گھڻو تڻو انهن ٻن دريائن ۾ وڪوڙيل ”مينهٽن ٻيٽ“ ۽ ٻين ننڍن ننڍن ٻيٽن تي مُشتمل علائقو آهي. هيءَ آبي ايراضي، ”مينهٽن“ جي ڪُل پکيڙ جو 32 سيڪڙو آهي. 2014ع ۾ ڪرايل ماڻهن جي ڳڻپ جي انگن اکرن مُوجب، ”مينهٽن“ جي ڪُل ماڻهُو شماري 16 لک 36 هزار، 2 سئو 68 آهي. ان ڳڻپ مُوجب نيُويارڪ (شهر) جي ڪُل آبادي 84 لک 91 هزار 79 جڏهن ته پُوري نيُويارڪ رياست جي آبادي هڪ ڪروڙ 97 لک 46 هزار 2 سئو 27 آهي. پهرين نومبر 1683ع کان ”مينهٽن“ کي نيُويارڪ شهر جي ڪائُونٽِيءَ جي حيثيت حاصل آهي. ”مينهٽن“ کي امريڪا جو اقتصادي ۽ ثقافتي محور ۽ مرڪز سمجھيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪُل مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جي لحاظ کان دنيا جُون ٻه وڏي ۾ وڏيُون اسٽاڪ ايڪسچينجز، ”نيُويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج“ ۽ ”اين اي ايس ڊِي اَي ڪيُو“ (NASDAQ) يعني ”نيشنل ايسوسي ايشن آف سيڪيُورٽي ڊِيلرس آٽوميٽيڊ ڪوٽيشنس“ توڙي ”وال اسٽريٽ“ (فائينينشل ڊسٽرڪٽ) جهڙا اهم امريڪي سُڃاڻپ وارا ادارا توڙي ڀاڱا، ”مينهٽن“ جي هيٺاهين حصّي (لوئر مينهٽن) ۾ واقع آهن. سو اسين ان اهم علائقي جي هڪ انتهائي ٿڪل هوٽل ۾ هي ڪجهه ڏينهن قيامي رهڻ وارا آهيُون. تنهن ڪري ”مينهٽن“ کي اڃا وڌيڪ ڦولهڻ جو موقعو ملندو.
مُون کي ۽ اشفاق کي پيٽ پُوڄا واري جاءِ ڳولهڻ ۾ ڪو گھڻو وقت ڪونه لڳو. ڪُجهه گھٽيُون اڳتي هلڻ سان ئي مختلف اسٽرِيٽس ۾ مختلف ريسٽورنٽ نظر اچڻ لڳا، پر جڏهن اوچتو اسان جي نظر ”مڪڊونلڊز“ جي ٻرندڙ سائين بورڊ تي پئي ته پوءِ بنا دير جي ان جي ويجھو وڃي پهتاسين ۽ ٻنهي جي گڏيل صلاح ”مڪڊولڊز“ تان ئي ڪجهه کائڻ جي بيٺي. اندر داخل ٿيڻ سان وڏو وسيع ڊائننگ هال اسان جو استقبال ڪري رهيو هو. اها ڳالهه هن سفر ۾ ”هوائي“ (رياست) ۾ به مُشاهدي هيٺ آئي ۽ ٻين مُلڪن ۾ به ايئن ئي ڏٺو اٿئُون ته انٽرنيشنل فُوڊ چينز وارا جيترا به ريسٽورنٽ آهن (مثلاً: ”ڪي ايف سِي“، ”مڪڊونلڊز“ يا ”پِيزا هَٽ“ وغيره) انهن جو سڄيءَ دنيا ۾ جوڙجڪ کان وٺي سروس، مينيُو توڙي ظاهري ڏيک ويک ۽ کاڌي پيش ڪرڻ جو انداز ساڳيو ئي آهي. ان جا مينيُو مختلف مُلڪن ۽ علائقن جي لحاظ سان تبديل ضرُور ٿيندا رهن ٿا، پر سندن ٻيو سڄو انداز يُونيفارم (هڪجهڙو) ٿئي ٿو. هن مڪڊونلڊز جي به ٻاهرين سائن بورڊ کان وٺي اندر فرنٽ ڊيسڪ (ڪائُونٽر) جو انداز، اسٽاف جو يُونيفارم توڙي مينيُو جي ڇپائيءَ ۽ ان جي ڪائُونٽرس جي آسپاس تشهير جو انداز ساڳيو ئي هو. اشفاق پنهنجي لاءِ ڪُڪڙ واري مِيل پسند ڪئي ۽ مُون مڇيءَ وارِي! بلڪه مڇيءَ وارِي مِيل (فائيلٽ ـ او ـ فِش) مُون کي اهڙي وڻي، جو جيترا ڏينهن نيُويارڪ ۾ هئاسِين ۽ ماني پنهنجي مُنهن کائڻي هُوندي هئي، ته آءٌ مڪڊونلڊز جي اها ئي مِيل آرڊر ڪندو هئس. اشفاق واري توڙي مُنهنجي مِيل ۾ پٽاٽن جُون فرائيز (چپس) ۽ ڪولڊ ڊرنڪ هڪجهڙيُون شيُون هُونديُون هيُون. باقي هُو ڪُڪڙ ۾ خوش ۽ مان مڇيءَ ۾! ان حوالي سان اهو چئي سگھان ٿو ته ”آءٌ الحمدلله! نيُويارڪ ۾ به پنهنجي مڇي مانيءَ وارو هئس!“
اسان کي مڪڊولڊز جي ڊائننگ هال ۾ گھڙڻ سان شرُوع واريُن ٽيبلن مان هڪ ٽيبل تي ويٺل (سُتل)، چٽي اڇي رنگ ۽ ڀُورن وارن وارِي هڪ پوڙهي مائي پنهنجي ڳري سامان (سُوٽ ڪيس) سان نظر آئي، جيڪا اُن پهرين ڏينهن ته اسان لاءِ ايتري گھڻيءَ توجهه جو مرڪز نه رهي ۽ اسان ان کي ايئن ئي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو، پر جيئن جيئن اسان جا نيُويارڪ ۾ ڏينهن گُذرندا رهيا ته اها مائِي اسان لاءِ مُعمو بڻجندي وئي. اها پوڙهي ڪُرسيءَ کي ٽيڪ لڳائي اکيُون ٻُوٽي سُتل هئي ۽ سندس ٽيبل جي ڀرسان هڪ وڏو سُوٽ ڪيس رکيل هو. ايئن ٿي لڳو ته هُوءَ ڪنهن ڊگھي سفر تان موٽي آهي ۽ ٿڪي پئي آهي ۽ هتي ويهي پنهنجو ٿڪ پَٽي رهِي آهي. اها مائي اڳتي هلي اسان جي تجسُس ۽ حيرت جو باعث ڇو بڻي، اهو اوهان کي ايندڙ قسطين ۾ ٻُڌائبو.
آءٌ ۽ اشفاق پنهنجي ماني اُتي کائي، رات 11 لڳي ڌاري واپس پنهنجي هوٽل (روزويلٽ) پهتاسِين. ٿڪ ۾ اڳ ۾ ئي مُنهنجو بُرو حال هو، سو ڪمري تي پهچڻ کان پوءِ مُون کي هوش ناهي ته ڪهڙي وقت سُتس. مُون چڱيءَ ريت ڪمري جُون بتيُون ئي بند ڪونه ڪيُون ته ليٽڻ شرط ئي ننڊ ولايت پهچي ويس. اک کُلي ته زمانو اربع، 9 اپريل 2014ع ۾ داخل ٿي چُڪو هو، اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي ديس ۾ 9 ڪلاڪن جي فرق سان ڪئين ڪلاڪ اڳ 9 اپريل ٿي چُڪي هُئي، پر مان پنهنجي زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان اُلهندو هئس (”اولهه“ ۾ هُئس) تنهن ڪري مُون کي پنهنجي ”اولاهِين اوقات“ ۾ رهڻو هو. اکيُون مهٽي ٽائيم ڏٺم ته 8 ٿيا هُئا. ”روزويلٽ“ (جنهن کي ڪي ماڻهُو ”روزي ويلٽ“ به چون) واري هن ڪمري ۾ ٻين کوڙ ساريُن خامين سان گڏ اها خامي به هُئي ته انٽرڪام فون، بيڊ سان لڳو لڳ رکيل سائيڊ ٽيبل تي نه پر، پري رکيل اسٽڊي ٽيبل تي لڳل هئي، جنهن ڪري اک کُلڻ شرط اشفاق آذر جي فون اٽينڊ ڪرڻ يا کيس فون ڪرڻ واري پيل عادت نيُويارڪ ۾ قيام وارن ڏينهن ۾ جهڙوڪر نڪري ئي وئي. هتي اشفاق يا پنهنجي ڪووآرڊينيٽر ”مائِي اينان“ (مسز اين هارٽمين) کي انٽرڪام ڪرڻ لاءِ پهريان مُڪمل طور تي اکيُون کولي جاڳڻو پوندو هو. پنهنجي بستري تان اُٿي، ڪُنڊ ۾ رکيل مُطالعي وارِيءَ ميز تائين وڃڻو پوندو هو ۽ پوءِ اُتان فون ملائڻي پوندي هُئي. پهرين ڏينهن اُٿي اشفاق کي فون گھمايم. پُڇيو مانس: ”نيرن جو ڇا پروگرام آ!؟“ چيائين: ”هيٺ لهه 10 منٽن ۾... “ هن هوٽل ۾ به اشفاق ۽ منهنجا ڪمرا هوٽل جي الڳ الڳ منزلن (فلورس) تي هُئا، تنهن ڪري هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ ملڻ جو هنڌ، هوٽل جِي مين لابي ئي طئي ڪبو هو. آءٌ هٿ مُنهن ڌوئي ڏندڻ پاڻي ڪري هيٺ لٿم. لابيءَ ۾ نهاريم ته همراهه نظر ڪونه آيو. پوئينءَ قسط ۾ ٻڌائي چُڪو آهيان ته روزويلٽ جي لابي ايڏي وسيع آهي، جو حالي ته ڪنهن کي به ڳولهيندو ئي رهه! اشفاق نظر نه آيو ته وتايي فقير وانگر (جيئن وتايو فقير ڪنهن جي انتظار ۾ قبرستان وڃي ويهي رهيو ته اڳي پوءِ هتي ئي اچڻو اٿس) آءٌ به ناشتي واري ريسٽورنٽ ڏانهن وڃڻ لڳس ته اڳي پوءِ هتي ئي ايندو. هن سفر دؤران امريڪي سِم نه هئڻ ڪري گھڻو مسئلو رهيو ته هڪٻئي سان رابطي ڪرڻ جا ذريعا محدُود هُئا. تنهن ڪري اهڙن موقعن تي اندازن ۽ ڌُڪن مان ڪم هلائڻو پوندو هو. هُونئن ته هوٽل روزويلٽ جا حال پُورا هُئا، پر هن جا ڪجهه ريسٽورنٽ ڏاڍا ڀلا آهن. خاص طور اهو ريسٽورنٽ، جنهن ۾ اسان جي نيرن جو انتظام هُوندو هو، جنهن جو نالو ”روزويلٽ گرل“ هو، به موچارو ريسٽورنٽ هو، جنهن جو کاڌو نهايت لذيذ آهي. مڃڻ مُراد آهي، تنهن ڪري جنهن جي جيڪا شئي چڱي هُجي، ان جي واکاڻ ضرُور ڪجي!
آءٌ جيئن ئي ”روزويلٽ گرل“ ۾ داخل ٿيس ته ان جي وسيع ۽ عريض ڊائننگ هال جي وچ وارين ٽيبلن منجھان هڪ ميز تي اشفاق پنهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺل ڏٺم، جنهن نيرن جي بُوفي منجھان اڃا فقط صُوف جو جُوس ئي کنيو هو، جنهن منجھان هُو ڍُڪ ڍُڪ ڪري پي رهيو هو. ملياسِين. مُون داخل ٿيندي ئي ساڻس ”روزويلٽ گرل“ جي سهڻي ۽ ويڪري ڊائننگ هال جي تعريف ڪئي. ”روزويلٽ گرل“، روزويلٽ هوٽل جي انتهائي وسيع مين لابيءَ جي بلڪل پڇاڙڪي حصي کان شرُوع ٿي ، ان جي کاٻي پاسي واري لابيءَ تائين ڦهليل آهي. هي هڪ بُوفي ريسٽورنٽ آهي (جنهن ۾ مختلف قسمن جا کاڌا سينگاريا پيا هُوندا آهن ۽ پوءِ اها کائڻ واري جي مرضي هُوندي آهي ته هُو ڪهڙي طعام منجھان ڪيترو مقدار کڻي ٿو ۽ ڪيترا ڀيرا کڻي ٿو) هوٽل جي مجمُوعي اسُونهن جي اُبتڙ ”روزويلٽ گِرل“ جو ڊائننگ هال ۽ ان ۾ رکيل فرنيچر نهايت سهڻو ۽ فضيلت ڀريو هو. اشفاق ۽ مان جڏهن نيرن لاءِ پيٽ پُوڄا جو سامان کڻڻ شروُع ڪيو ته کاڌي جي به هڪ تمام وڏي ورائٽي هُئي (جيتوڻيڪ ناشتي ۾ کائڻ جا اسم ڪي خاص گھڻا ناهن هُوندا)، پر ان جي باوجُود به انگلش ۽ ڪانٽينينٽل نيرن کان وٺي ايشيائي کاڌن تائين وڏو جهان هو، جنهن کي ڏسڻ سان ئي پيٽ ڀرجي ويو. جيڏو واشنگٽن ۾ اسان جو رهڻ وارو ڪمرو (سُوئيٽ) سُٺو هو، هتي اوڏو ئي گھٽ سُٺو هو، ته ان جي برعڪس، جيڏو واشنگٽن واري اسان جي هوٽل ”ميرييٽ ريزيڊنسيءَ“ جو نيرن وارو ريسٽورنٽ سوڙهو ۽ کاڌي جي محدُود انتخاب وارو هو، روزويلٽ جو هي ريسٽورنٽ اوترو ئي شانائتو هو. بهرحال انسان کي هر حال ۾ الله جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي. ”روزويلٽ گِرل“ جي پُرسڪُون ماحول ۾ نيرن پاڻي ڪري، کٽارا لفٽ ۾ مان ۽ اشفاق پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ آياسين. ٽائيم لڳ ڀڳ پوڻا 9 ٿي چُڪو هو. اسان کي ساڍي 9 تائين تيار ٿي لابيءَ ۾ گڏ ٿيڻو هو ۽ ”نائين ـ اليون“ جي ڏک ڏيندڙ سانحي جي يادگار کي ڏسڻ لاءِ ”گرائُونڊ زِيرو“ وڃڻو هو. اڄ ”سيمي فارمل“ (اڌ رسمي) لباس پائڻ لاءِ چيو ويو هو. مُني ڪلاڪ ۾ تيار ٿي، ساڍي 9 لڳي لابيءَ ۾ لٿاسِين. مُون کي ٿورو تڪڙ تڪڙ ۾ تيار ٿيڻو پيو، ڇوته رات ٿڪ سبب جلدي سُمهي رهيو هئس ۽ اڄ جا ڪپڙا استري ڪونه ڪري سگھيو هوس، جيڪي به ان ئي مُني ڪلاڪ اندر استري ڪيم. نئون ڪمرو هو، جنهن جي بجليءَ جا بٽڻ ڳولهڻ ۾ ئي چڱو وقت لڳي ويندو آهي ته فلاڻي بتيءَ جو بٽڻ ڪٿي آهي ۽ ٻيُون شيُون ڪٿي رکيل آهن. مُون به استري ۽ آئرن اسٽينڊ صُبح ئي تلاش ڪئي، تنهن ڪري سنبت ۾ وقت مڙئي ڪُجهه واڌارو لڳي ويو. سو لابيءَ ۾ لهڻ ۽ پنهنجي گرُوپ جي باقي ساٿين سان ملڻ وارن آخري ساٿين ۾ آءٌ ۽ اشفاق به هُئاسِين. ٻيلهه ۾ فائدو ۽ نقصان ٻئي شيئر ڪرڻا پون ٿا ۽ انسان نفعي توڙي نقصان ۾ ونڊُ ضرُور ڪري ٿو. شايد ساٿ جو اهو ئي اصُول آهي. هن سفر ۾ به کوڙ دفعا اشفاق ۽ مُون مان ڪوبه اڳ ۾ تيار ٿي ويندو هو، ته ٻئي جو انتظار ضرُور ڪندو هو. پوءِ ڀلي ڪيڏي ئي دير ڇونه ٿي وڃي. خير! اسان کي حد کان وڌيڪ دير ته ڪڏهن به ڪانه ٿي.
سڄو گرُوپ گڏيو ته اسان جي ڪووآرڊينريٽر ۽ هن سفر جِي سُونهيءَ، مائي انيان (مسز اين هارٽمين) اسان کي ٻڪرين وانگر هڪليندي، ڀاڙي ڪيل وئگن ۾ ويهاريو ۽ اسان لڳ ڀڳ 9:40 لڳي روزويلٽ هوٽل ڇڏي، اڳُوڻي ورلڊ ٽريڊ ٽاور طرف وڌڻ شرُوع ڪيو. هي 6 ميلن جو مفاصلو هو، جيڪو لڳ ڀڳ 20 منٽن ۾ طئي ٿيو. نيُويارڪ ۾ پهريون پهريون صبح هو ۽ اسان لاءِ هر شئي نئين هئي. نيُويارڪ شهر جي مزاج کان وٺي ان جي هر شئي واشنگٽن کان مختلف هئي. واشنگٽن هڪ صاف سُٿرو ۽ گاديءَ واري هنڌ وارو سرڪاري شڪوهه رکندڙ شهر آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ نيُويارڪ هڪ عوامي ۽ زندگيءَ سان ڀرپُور شهر آهي. اسان جي وئگن جنهن جنهن سڙڪ ۽ اسٽريٽ مان گذري پئي، اها اها راهه ڊگھين عمارتن جي ڇانو سان ڍڪيل هُئي. جيتوڻيڪ ساڍي 9، پوڻي 10 لڳي تائين سجّ گھڻو مٿي چڙهي چُڪو هو، پر هتي آسمان سان ڳالهيُون ڪندڙ عمارتن جي اوٽ ۾ گھٽيُون لڳ ڀڳ سڄو ڏينهن اُس کان آجيُون ۽ ڇانوَ سان ڍڪيل رهن ٿيُون. اسان جي سوارِي، روزويلٽ هوٽل کان نڪرڻ کان پوءِ کان پوءِ ڳچ منٽن تائين طويل عمارتن جي وچان گُذرندڙ رستن تان لنگهندي، ٿوريءَ دير ۾ هُڊسن نديءَ جي ڀرسان گذرندڙ روڊ (هُڊسن جي ڪَڙ) تي راهي ٿي ۽ منهنجيُون نظرُون، هُڊسن ندِيءَ جي نيري پاڻيءَ ۽ ان جي ڪنارن تي بيٺل ٻيڙين ۽ بتيلن جي حُسن ۽ ان جي مختلف پُلين جي سُونهن کي پنهنجي اُونهائين ۾ محفُوظ ڪرڻ لڳِيون. مُون ان حسن کي وئگن هلندي پنهنجيءَ ڪئميرا جي اک ۾ به جھٽڻ جي ڪوشش شرُوع ڪئي. مائي اينان مُنهنجي بي صبريءَ کي ڏسندي چيو ته: ”ٿڌو ٿِيءُ! اڃا ته پهريون ڏينهن آ! نه فقط هُڊسن جا ڪنارا تفصيل سان گھمنداسُون، بلڪه ٻيڙيءَ ۾ چڙهِي هُڊسن جو سير به ڪنداسُون. ايئن پري پري کان تصويرُون نه ڪڍ! ڍؤ ڪري تفصيل سان فوٽوگرافي ڪجانءِ!“

نيُويارڪ جي پهرين صبح جا ڪرڻا چئني پاسي ڦهلجي چُڪا هُئا. سُورج پنهنجيُون شاخُون ڪڍِي چُڪو هو ۽ اسين 2001ع جي سيپٽمبر مهيني جي 11 تاريخ پيش آيل نه رڳو امريڪي تاريخ، بلڪه دُنيا جي تاريخ جي انتهائي دل دهلائيندڙ واقعي جي اذيت ناڪ ياد تازي ڪرائڻ واري يادگار کي ڏسڻ لاءِ اُن جاءِ طرف وڌِي رهيا هُئاسِين. اسين ڪجهه ئي دير ۾ ان ماڳ تي پهتاسِين، جتي ورلڊ ٽريڊ ٽاور ڪي سال اڳ ڪرُ کنيُو بيٺو هو ۽ لمحن ۾ جهازي حملن سان هزارين جانين کي کاڄ  بڻائي، هميشه لاءِ دلين ۾ درد ڇڏي ويو. ان ماڳ تي اسان ڇا ڏٺوسي وائٺوسي، ڪنهن ڪنهن سان ملياسي، ان جو احوال اوهان سان ايندڙ هفتي ڪبو. ساڻ رهجو!

No comments:

Post a Comment