Monday, January 11, 2016

ايم ٽريڪ رستي واشنگٽن کان نيُويارڪ جو سفر - ياسر قاضي

ايم ٽريڪ رستي واشنگٽن کان نيُويارڪ جو سفر
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - قسط: 45
ياسر قاضي
پوئين آچر واري هن ”سفر ـ ڪٿا“ جي 45هين حصّي جي آخر تائين اسين امريڪا جي سفر ۾ امريڪي راڄڌانيءَ، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ آخري شام گذاري، يُونين ريلوي اسٽيشن تان نيُويارڪ روانا ٿي رهيا هُئاسِين. اسان کي شام 6 لڳي نيُويارڪ لاءِ ”ايم ٽريڪ“ (اميريڪن ٽريڪ) جي ريل ۾ سفر شرُوع ڪرڻو هو. ”اسِيلا ايڪسپريس 2124“ نالي ”ايم ٽريڪ“ جِي ريل جي روانگيءَ کان لڳ ڀڳ 20 منٽ کن اڳ ريل ۾ سوار ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جنهن ويٽنگ لائُونج ۾ اسان ويهي انتظار پئي ڪيو ۽ پيٽ پُوڄا سان گڏ شام جي چانهه پئي پيتي، ان جي سامهُون ئي اهو پليٽ فارم هو، جتان هن ريل کي روانو ٿيڻو هو. سَڏ ٿيڻ سان اسان کي بمشڪل 100 قدم ٽرين جي بزنس ڪلاس جي اُن دٻي تائي پهچڻ جو ڪشٽ ڪرڻو پيو، جنهن ۾ اسان جُون سِيٽُون بُڪ ٿيل هيُون.


”ايم ٽريڪ“ جي نالي سان سفري سهُولتُون فراهم ڪندڙ اداري جو پُورو نالو ”نيشنل ريل روڊ پيسنجر ڪارپوريشن“ آهي، جيڪا امريڪا جي جُزوي سرڪاري ريل ڪمپني آهي (جنهن جي ڪُجهه فنڊنگ امريڪي سرڪار ڪندي آهي). ”ايم ٽريڪ“ جو وجُود 1971ع ۾ برپا ٿيو. ايم ٽريڪ جو هيڊ ڪوارٽر، يُونين اسٽيشن اندر ئي واقع آهي. هن جي ريل جي ٽريڪ جي معياري ماپ 4 فُوٽ ساڍا 8 انچ (يعني 1435 ملِي ميٽر) آهي. ”ايم ٽريڪ“ جُون مختلف ٽرينُون، پُوريءَ امريڪا ۾ 44 مختلف ٽريڪس تي سفر ڪن ٿيُون. ”ايم ٽريڪ“ جي ڪُل وڇايل ٽريڪ جي ڊيگھه 21 هزار 300 ميل (لڳ ڀڳ 34 هزار ڪلوميٽر) آهي. هن ڪمپنيءَ جي ڏکڻ اوڀر ڪاريڊور (جيڪو واشنگٽن ڊِي سيءَ کان نيُو هَيوِن تائين وڇايل آهي) جي 15 ڪي وِي، 25 هرٽز پاور جي اليڪٽريفڪيشن ٿيل آهي. ”ايم ٽريڪ“ جُون روزانو 300 جي لڳ ڀڳ ريلُون امريڪا جي 50 منجهان 46 رياستن سميت ڪئنيڊا جي 3 صوبن ۾ وچولي ۽ ڊگھي مفاصلي وارو سفر طئي ڪري هزارين مُسافرن کي سهُولت پهچائن ٿيُون، جيڪي 500 مختلف اسٽيشنس تي مسافرن کي کڻن ۽ ڇڏين ٿيُون. سال 2014ع جي انگن اکرن مطابق ”ايم ٽريڪ“، لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ مُسافرن کي سفري سهُولت فراهم ڪندي، 2.189 ارب امريڪي ڊالرس ڪمايا. ”ايم ٽريڪ“ ۾ لڳ ڀڳ 20 هزار ملازم ڪم ڪن ٿا.
اسان جُون سِيٽُون جنهن دٻي ۾ هيُون، اهو هن ريل جو سڀ کان اُوچو دٻو (بزنس ڪلاس) هو، جنهن ۾ واءِ فاءِ، موبائيل توڙي ليپ ٽاپ چارجنگ جي سهُولتن سميت ريسٽورنٽ وغيره جهڙيُون سهُولتُون به موجُود هيُون. دنيا جي سمورن سُڌريل مُلڪن جي ريلن وانگر ”ايم ٽريڪ“ جُو سِيٽُون به آرامدي ۽ ويڪريُون هيُون، جيڪي جهاز جي نشستن جيان هڪ ٻئي جي پويان هيُون، پر هنن نشستن ۾ اڳئينءَ سيِٽ کان هر نشست جو مُفاصلو چڱو چوکو هيو. ڪجهه قطارن کان پوءِ ڪي سِيٽُون ٻه ٻه ڪري هڪ ٻئي جي آمهُون سامهُون به هيُون، جن جي وچ ۾ ڊائننگ (کاڌ پيت) لاءِ ٽيبل به لڳل هئي. اسان سوار ٿيڻ کان پوءِ محسُوس ڪيوسي ته اسان واري دٻي ۾ ڪا خاص رش ڪانه هئي، تنهن ڪري اسان ٽڙِي پکڙي ويٺاسِين، بلڪه اسان جا سڀ ساٿي ۽ اسان جي سُونهِي (گائيڊ) ”مائِي اينان“ (مسز اين هارٽمين) پنهنجي الاٽ ٿيل سِيٽنگ کان بي نياز ٿي هڪ جاءِ تي گڏ ويٺا ۽ مان ۽ اشفاق آذر ٿورو پَرڀرو پنهنجي اصلي الاٽ ٿيل سِيٽن تي ويٺاسِين. هُونءَ به هن سڄي سفر ۾ اسان ٻنهي هر معاملي ۾ پنهنجي ڌار پئي گھوٽِي ۽ اُن جو نشو به الڳ ٿلڳ ٿي لڳو. سو اسان ”ايم ٽريڪ“ جي هن سفر مان پنهنجي مُنهن سان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ”گوشهء آفيت“ ۾ اچي براجمان ٿياسِين. ريل ٺيڪ 6 لڳي پنهنجو سفر شرُوع ڪيو. امريڪا ۾ وقت جي ايڏي پابندي ڏسي خيال ايندو هو ته هتي ته ڪنهن جو ساهه ڪڍڻ لاءِ عزرائيل به هڪ سيڪنڊ دير ڪرڻ کان سواءِ اچي پهچندو هُوندو. ”ايم ٽريڪ“ ۾ چڙهڻ کان وٺي، ان ۾ سفر ڪرڻ کان وٺي، نيُويارڪ پهچڻ تائين اسان مان هر ڪنهن جو ان کي پنهنجي مُلڪ جِي ريل ۽ هتان جي ريلوي نظام سان ڀيٽڻ فطري هو. ريل جي چُرڻ کان وٺي ان جي سُبڪ رفتاريءَ سان واشنگٽن شهر جا مختلف حصّا لتاڙڻ تائين اسان کي ريل جو ڪوبه آواز ۽ لوڏو يا ڌڏڪو وغيره محسُوس ڪونه ٿيو. هيڏن ڏينهن کان واشنگٽن ۾ يا ته روڊ رستي سفر ڪندي ڪوسٽر يا ٽيڪسين تي پئي گھمياسِين، يا وري زيرِ زمين ميٽروريل رستي اُونداهين ۾ پئي سفر ڪيوسِي. ريل رستي واشنگٽن جا روڊ، رستا، چؤڪ، چؤبان، يادگار، فائُونٽين، مُجسما ۽ عمارتُون ڏسندي، هي پهريون سفر ٿي رهيو هو، تنهن ڪري واشنگٽن جي خُوبصُورتين، ريل جي دريءَ مان بجاء طور تي اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ٿي. اسان هڪ نظاري کي ڌيان سان اڃا پنهنجيءَ نظر ۾ سمايوسي ئي ڪونه پئي، ته تيسين ٻيو نظارو اسان جو توّجهه اسان جي موڪل کان سواءِ کسي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ٿي لڳو ۽ اسين ان طرح ”سرِ شام“ (شام لهڻ کان اڳ) وارن پاڇن ۾ واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي نظارن طرف (ٻيهر اچڻ تائين) آخري ۽ الوداعي نهار وجھندي، هورڙيان هورڙيان ڊِي سِيءَ جي نظارن کان پري ٿي وياسِين ۽ خبر ئي نه پئي ته ”ايم ٽريڪ“ جي هيءَ برق رفتار ريل ڪڏهن واشنگٽن ڊِي سِي شهر ڇڏي، ان جي پسگردائيءَ جي ٻهراڙيءَ جي علائقن مان لنگھڻ لڳِي. ان وقت مُون کي ڪشور جي گيت جي هيءَ سِٽ شدّت سان ياد اچڻ لڳي ته: ”آدمي ٺيڪ سي ديک پاتا نهين، اور پردي سي منظر بدل جاتا هي... “
اسين ”ايم ٽريڪ“ جي جنهن زون ۾ سفر ڪري رهيا هُئاسِين، اهو ”نارٿ اِيسٽ زون“ (ڏکڻ اوڀر ڀاڱي) جي طور تي سُڃاتو وڃي ٿو. اسان جو هي ڊِي سِيءَ کان نيُويارڪ تائين جو 238 ميلن جو سفر پوڻن 3 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيو ۽ اسين شام 6 لڳي واشنگٽن کان روانا ٿي رات پوڻي 9 لڳي نيُويارڪ پهتاسِين. ان وچ ۾ اسان جي ريل جن اسٽيشنس تي بيٺي، اهي به سمُورا تاريخي شهر هئا، جن ۾ بالٽيمور، نيُوجرسي ۽ فلاڊيلفيا شامل هُئا. نيُويارڪ ۾ اسان جي لهي وڃڻ کان پوءِ هن ريل جي اڳتي جي سفر ۾ ”نيُو هَيوِن“ کان بوسٽن تائين جو سفر شامل هو. مُنهنجي سِيٽ درِيءَ کان هئي ۽ اشفاق، منهنجي ڀر وارِيءَ سِيٽ تي ويٺو هو. اسان ريل جي سفر جي انداز، ان جي چال ۽ ”ايم ٽريڪ“ جي اندر جي ماحول مان ته لطف اندوز ٿي ئي رهيا هُئاسِين، پر ان سان گڏ دريءَ جي ٻاهران جيڪي امريڪي ٻهراڙيءَ، جھنگن ۽ جبلن جا نظارا، دريائن جا وهڪرا، انهن مٿان ٺهيل پُلين تان اسان جو لنگھڻ من موهي رهيو هو، ان جو بيان لفظن ۾ نه ٿو ڪري سگھجي. امريڪا جي ٻهراڙيءَ کي دنيا جي مثالي ٻهراڙيُن ۾ ڳڻجي ته ذري برابر به وڌاءُ ڪونه ٿيندو. هتان جا ساوا پٽ ڏسو، يا جھنگ، اُنهن ۾ به هڪ نرالي ترتيب، صفائي ۽  سُونهن نظر ايندي. واشنگٽن کان پوءِ اسان جي ٽرين ”نيُوجرسي“ اسٽيشن تي بِيٺِي، جنهن جو پر سڪُون پليٽ فارم مُون کي ڪنهن آرٽ مُووِيءَ جي ڪنهن ماٺيڻي منظر جيان لڳو، جنهن تي شام جا پاڇا لڙندي، هڪ عجيب، هلڪو مغمُوم تاثر جوڙي رهيا هُئا ۽ اهو منظر اهڙو هو جو ڪنهن غير شاعر کي به شاعر بڻايو ڇڏي. اڱاري 8 اپريل 2014ع جو سِجُ پنهنجا ڪرڻا سهيڙي انهن منظرن جي پس منظر ۾ اکيُون ٻُوٽي سُمهي رهيو ۽ اسان جن نظارن مان لُطف اندوز ٿي رهيا هُئاسُون، اهي آهستي آهستي اُونداهِيءَ ۾ ويڙهجي ويا ۽ منهنجي درِيءَ جي هُن پاسي مُڪمّل اُونداهي ڇانئجي وئي. سفر جي شرُوعات ۾ ئي مُون ليپ ٽاپ چارجنگ سان لڳائي، ان کي ريل جي واءِ فاءِ سان ڪنيڪٽ ڪري ڇڏيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ اشفاق واءِ فاءِ ڪنيڪٽ ڪرڻ ٿي گھُري ته ان جو ڪنيڪشن ڪونه پئي ٿيو، جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته دٻي ۾ ماڻهن جِي رش وڌڻ ۽ گھڻا ڪنيڪشن ڪنيڪٽ ٿيڻ سبب واءِ فاءِ وڌيڪ استعمال ڪندڙن (يُوزرس) کي ڪنيڪٽ نه ٿي ڪري سگھيو.

سجُّ ٻُڏِي ويو ته اشفاق ۽ مُنهنجي گڏيل صلاح اها بِيٺي ته ٽرين کي ڪجهه ڳولهجي ڦولهجي ته منجھس ڇا ڇا آهي!! اسان جي سامهُون وارِيءَ سيٽ جي پاڪيٽ ۾ ”ايم ٽريڪ“ جا جيڪي بروشرس (تشهيري پمفليٽ) پيل هُئا، ان ۾ اسان جي دٻي ۾ موجُود سهُولتن بابت تصويري ڄاڻ ڏنل هُئي، جنهن ۾ اهو به لکيل هو ته اسان جي دٻي اندر هڪ بار ۽ هڪ ٽڪ شاپ به آهي، پر بروشر تي اهو واضح طور لکيل هو ته اتان ڪابه شئي خريد ڪرڻ جي صُورت ۾ ادائگي ”پلاسٽڪ منِيءَ“(ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊ) رستي ڪرڻي پوندي. اشفاق جو ارادو به اهو ئي هو ته ٽڪ شاپ تي هلي ڪجهه وات چهرو ڪجي. اسين پنهنجيءَ سِيٽ تان اُٿي، سڄي دٻي ۾ گھُمندا رهياسِين. ماڻهن جي رش گھٽ هُئڻ سبب اسان کي گھمڻ ڦرڻ يا هڪ پئسيج مان ٻئي ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ٿي. اسان جا ٻيا ساٿي (سواءِ هڪ ٻن جي) پُوري سفر ۾ پنهنجين جايُن تي ئي ويٺا رهيا. مائي اينان شايد گھڻي اوجاڳيل هُئي، جنهن هي پوڻن 3 ڪلاڪن جو سمُورو سفر ويٺي ويٺي ننڊ ڪندي گُذاريو. مان ۽ اشفاق پنهنجي دٻي ۾ اڳيان هلندا رهياسِين. مختلف نشستن جي قطارن جي وچ ۾ چڱو چوکو مُفاصلو...  ويڪريُون گِھٽيُون...  ۽ گھمڻ ڦرڻ جي خُلاصي جاءِ ايم ٽريڪ جُون اضافي خُوبيُون هيُون. ايتري قدر جو هن ريل جي واش رُوم جي پکيڙ ايڏي وڏي هُئي، جيتري ڪنهن آرامدي بيڊ رُوم سان اٽيچ ڪنهن لگزري واش رُوم جِي هُوندي آهي. اسان جي دٻي ۾ ئي اڳيان اهو ٽڪ شاپ هو، جنهن بابت اسان بروشرس ۾ به پڙهيو هيوسي. هتي اچي خبر پئي ته پلاسٽڪ منيءَ سان گڏ عام نوٽ به قابلِ قبُول آهن، تنهن ڪري اسان ڪجهه به خريد ڪري پئي سگھياسِين. ٿوري دير اڳ ئي اسان يُونين اسٽيشن تي پيٽ پُوڄا ڪري آيا هُئاسِين، تنهن ڪري ڪا خاص بُک ته ڪانه هُئي، بس رڳو هڪ هڪ سافٽ ڊرنڪ (ٽن پيڪ) ورتي سِي ۽ ٻيو ڪجهه نمڪين ذائقو چکڻ لاءِ ٿورا نگيٽس (Nuggets) ورتاسِين ۽ ان ٽڪ شاپ جي ڪائُونٽر جي سامهُون لڳل ٽيبلن ۽ ان سان سلهاڙيل ”اسٽينڊنگ اسٽُولس“ تي ويهي ڪولڊ ڊرنڪ پيتي سِين. ريل جي هرڪُنڊ، هر پاسو، تصوير ڪڍڻ لاءِ پاڻ طرف مُتوجهه ڪري رهيو هو. ريل جي هر حصّي ۾ خوش لباس سيڪيورٽي اهلڪار نظر آيا. هي پوڻن 3 ڪلاڪن جو سفر انتهائي دلچسپ ۽ مزيدار گذريو. ايئن کڻي چئو ته اسان جي بور ٿيڻ ۽ ٿڪڻ کان اڳ ئي اسان اچي نيُويارڪ پهتاسِين. رات جي پوڻي 9 پهچڻ جو ٽائيم هو، ته ٺيڪ پوڻي 9 لڳي اسان جي ريل اچي نيُويارڪ جي ”پينسلوينيا اسٽيشن“ (جنهن کي عرفِ عام ۾ ”پين اسٽيشن“ سڏين ٿا) تي بريڪ هنئي ۽ اسان مزاج جي لحاظ کان ڪراچيءَ سان گھڻي هڪجهڙائي رکندڙ راتيُون جاڳندڙ شهر نيُويارڪ اچي پهتاسِين. نيُويارڪ اسٽيشن تي لهندي ٻن ريلن جي وچ واري پليٽ فارم تي قدم رکندي جھٽ کن لاءِ لڳو ته اسين پاڪستان جي ڪنهن ريلوي اسٽيشن تي لٿا آهيُون، پر جڏهن پنهنجو هينڊ ڪيري سنڀاليندي، مختلف ريل ٽريڪس کي مٿان اُڪرندڙ ”پيڊسٽيرين پُل“ تي چڙهياسِين ته ڏاڪن جي انداز ۽ پيڊسٽيرين جي ڇپري ئي اسان کي احساس ڏياريو ته نه ٻيلي! اسين دنيا جي ڪنهن انتهائي سُڌريل مُلڪ جي ڪنهن ترقي يافته شهر جي اسٽيشن تي لٿا آهيُون. ان پيڊسٽيرين پُل جي راهداريءَ اسان کي سڌو پين اسٽيشن جي هڪ وڏي ۽ وسيع لائُونج ۾ پهچايو، جيڪو روشنين سان جڳمڳائي رهيو هو ۽ ماڻهن جي رش سان ڀريو پيو هو. ان لائُونج ۾ جنهن هنڌ تان اسان داخل ٿياسِين، اها جاءِ لڳ ڀڳ ٻن منزلن جيتري اُوچائيءَ تي هُئي، جتان خودڪار ڏاڪڻ رستي اسين هيٺ لٿاسِين ۽ پنهنجي ڳري سامان (لگيج) جو انتظار ڪرڻ لڳاسِين. ان سامان جي حصُول لاءِ ايئرپورٽ جيان ڪو بيلٽ يا پَٽو وغيره ڪونه هو، پر اسان کي ۽ اسان جيان انتظار ڪندڙ کوڙ سارن مُسافرن کي ”ايم ٽريڪ“ جي عملي ٿوريءَ دير ۾ اچي اسان جو سامان ڏنو، جنهن کان پوءِ اسين ”پينسلوينيا اسٽيشن“ کان ٻاهر نڪتاسِين. اسٽيشن جي وڏي ۽ وسيع هئڻ ڪري، ان مان نڪرندي به دير لڳي وئي. اسين جيسين اسٽيشن جي عمارت کان ٻاهر نڪتاسِين، تيسين ساڍا 9 ٿي ويا. پين اسٽيشن جي مُک دروازي کان ٻاهر نڪرڻ شرط ئي اسان جي نگاهه آڏو آسمان سان ڳالهيُون ڪندڙ عمارتُون آيُون. پين اسٽيشن جي ٻاهران ئي ڪاري رنگ جي هڪ انتهائي ڊگھي عمارت اسان جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪايو، جنهن جي ڪُجهه لمحن کان پوءِ اسان جي نگاهه نيُويارڪ جي پُرشڪوهه ۽ پُرڪشس عمارت، ”ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ“ تي پئي، جيڪا هُئي ته ڳچ مُفاصلو پري، پر پين اسٽيشن جي پاسي واري روڊ کان ان جو من موهيندڙ نظارو اهڙو هو، جو ان سان گڏ بيهي تصوير ڪڍرائي، ان يادگار منظر کي هٿن مان وڃائڻ ڪوبه نه چاهي ها! مُون نيُويارڪ جي ڪنهن به عمارت سان بيهي جيڪڏهن ڪا پهرين تصوير ڪڍرائي، ته اها عمارت ڪا ٻي نه پر ”ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ“ ئي هئي، جنهن جي سُونهن، ڏينهن جي سوجھري ۾ الڳ آهي ۽ ان جو رات جي وقت نظر ايندڙ نظارو ئي ڪجهه ٻيو آهي، ڇاڪاڻ ته رات جو ان ۾ ٻرندڙ لائيٽُون نه فقط ان عمارت، بلڪه نيُويارڪ جي سُونهن ۾ واڌاري جو باعث به هجن ٿيُون. اسان کي هوٽل نيڻ لاءِ هڪ وڏِي ڪوچ آيل هُئي. اتفاق سان هن ڪوچ جو رنگ به ڪارو هو ۽ اها هئي به 40 يا 45 سِيٽر وڏي ڪوچ، جهڙي ڪوچ اڄ سڄو ڏينهن واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ اسان کي کڻي گھُمائي رهي هُئي. مُون کي ته کن پل لاءِ اهو لڳو ته اُهائي ڪوچ ڊِي سِيءَ مان اسان کي کڻڻ لاءِ وري هيستائين آئي آهي. اسان پنهنجو ڳرو سامان ڪوچ جي ٽُول ۾ رکي ڪوچ ۾ سوار ٿياسِين. نيُويارڪ ۾ هيءَ پهرين رات اسان جي استقبال لاءِ آتِي هُئي. ڪوچ ۾ ويهڻ کان پوءِ ڪجهه ئي منٽن ۾ اسِين نيُويارڪ جي ”مينهٽن“ واري علائقي ۾ واقع ”هوٽل روزاويلٽ“ پهتاسِين، جيڪو پين اسٽيشن کان ڪو گھڻو پري ڪونه هو. اهو ايترو گھٽ مُفاصلو هو، جو جيڪڏهن اسان وٽ ڳرو سامان نه هجي ها ته شايد اسان پنڌ به 10 منٽن ۾ اوستائين پهچي وڃُون ها. ”روزاويلٽ هوٽل“ جي سامهُون واري اسٽرِيٽ، هڪ ننڍو روڊ آهي، جنهن تي جيڪڏهن اسان کي کڻي ايندڙ هيءَ ڪوچ اچي بيهي ها ته ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جي رواني مُتاثر ٿئي ها، تنهن ڪري ڪوچ ”روزاويلٽ“ جي ڀر واري روڊ تي بيٺي، جتان اسان پنهنجو پنهنجو سامان کڻي روزاويلٽ جي صدر دروازي کان هوٽل اندر داخل ٿياسِين. هتي اچڻ کان سُتت پوءِ خبر پئي ته هي هوٽل پاڪستان جي قومي ايئرلائن، پِي آءِ اَي جي ملڪيت آهي، جنهن ڪري هن هوٽل جو به اهڙو ئي حال هو، جهڙو ”پِي آءِ اي“ جو آهي. هن جو ڏيک ويک ۽ معيار اهو نه هو، جهڙو نيُويارڪ جي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل جو هئڻ گھرجي. هوٽل ۾ داخل ٿيڻ سان چند ڏاڪن کان پوءِ هڪ انتهائي وڏي لابي، جيڪا ڪنهن آڊيٽوريم کان گھٽ ڪانه هئي، اسان جي مُنتظر هُئي، جنهن جي ڇت به انتهائي اُوچي هُئي، جنهن ۾ وڏا ديده زيب فانُوس لڙڪيل هُئا. لابيءَ جي مختلف ڪارنرس کان ڪائُوچز ۽ صوفا جا مختلف سرڪل ٺهيل هُئا. لابيءَ جي هڪ ڪُنڊ کان استقباليه ڪائُونٽر ٺهيل هو. چيڪ اِن ۾ ڪجهه دير لڳي، ڇاڪاڻ ته ان وقت اتفاق سان اسان سان گڏ جھجھي تعداد ۾ ٻيا به مهمان هوٽل ۾ چيڪ اِن ٿي رهيا هُئا. اسان لابيءَ ۾ ڪجهه منٽ ويهي انتظار ڪيو ۽ پوءِ مائِي اينان اسان مان هر هڪ کي واري واري سان سَڏ ڪندي، چيڪ اِن ڪرائيندي وئي. اسان مان هرڪو پنهنجيُون پنهنجيُون چاٻيُون وٺندو پنهنجي پنهنجي ڪمري ڀيڙو ٿيو. روزاويلٽ هوٽل جو ئي نه، بلڪه ان جي لفٽ جو انداز به پراڻو هو. حيرت ٿي ته نيُويارڪ جي ڪنهن اُوچي هوٽل ۾ پاڪستاني پُراڻي انداز جي لفٽ به آهي. لفٽ سميت پُوري هوٽل ۾ پراڻي انداز ۾ وال ٽُو وال ڪارپيٽ لڳل هئا، جيڪو انداز هاڻي پُورِيءَ دنيا ۾ مترُوڪ ٿي چُڪو آهي. ايئن ٿي لڳو ته قديم مصر جي ڪنهن پراڻيءَ درٻار ۾ پهتا هُجئُون!! صبح سويل اٿيل هجڻ ڪري مان ته سخت ٿڪي پيو هئم، جو ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط جھٽ کن ته بنا لٽا مٽائڻ جي، وڃي ليٽيم، جنهن کان پوءِ ڪو جهان نظر آيو ته ڪٿي آهيان! اشفاق جو ضد هو ته ڪمري تي فريش ٿي رات جي مانيءَ جو ڪو انتظام ڪجي. ڇاپي شيڊيُول مُوجب اڄ رات جي ماني هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي مُنهن کائڻي هُئي. مُون اشفاق کي نه ها ڪئي ۽ نه ئي نهڪر! بس ڪمري تي اچي ليٽي رهيم.

No comments:

Post a Comment