ڪجهه بنارس هندو يونيورسٽي بابت
الطاف شيخ
گنگا ندي جي ڪناري کان ڪافي ويجھو
مانيڪرنيڪا اشنان گهاٽ وٽ جنهن ٿري اشتار ”هوٽل گوتم“ ۾ روزانو 600 کن رپين جي مسواڙ
تي آخري ڏينهن ۾ اچي رهيو هوس ان جي ڇت تي هڪ ڏينهن بيهي ان شهر بنارس (ورانسي) جو
نظارو ڪيم. چوڌاري مندر ۽ مندر، گهاٽ ئي گهاٽ ڏسي دل ۾ چيم ته واقعي بنارس مندرن ۽
گهاٽن جو شهر آهي. پر نه ائين نه آهي. هن شهر جي مختلف روڊن: بولا نالا ۽ رابندرناٿ
ٽئگور کان سنت ڪبير ۽ اسٽيشن روڊ تائين يا وري ڪماڇا ۽ سوامي وويڪانند روڊ کان لسڪا
روڊ ۽ لاهور ابير روڊ تائين آٽو رڪشا ۽ پنهنجي ٽنگن ذريعي گهمندي ڦرندي ان نتيجي تي
پهتو آهيان ته بنارس اسڪولن ۽ ڪاليجن جو به شهر آهي. پوني وانگر هِتي بنارس ۾ به نه
فقط انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ انيڪ تعليمي درسگاهه کليا آهن پر انگريزن جي ڏينهن جا آڳاٽا
اسڪول ۽ ڪاليج پڻ. قائم رکيا ويا آهن... . انگريزن جي ڏينهن جا آهن ڪجهه اسڪول ۽ ڪاليج
اهڙا آهن جن کي هن شهر ۾ رهندڙ هند نه ، پارسين ۽ يهودين ٺهرايو ۽ گجرات رياست جي احمد
آباد ۽ بڙودا شهرن وانگر هِتي تعليمي ادارا هِتي جي هندو نوابن ۽ راجائن به ٺـهرايا
جن جي ٻارن پڻ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. اسان
وٽ سنڌ ۾ اهڙو ڪو ورلي پير مير وڏيرو يا سردار ملندو جنهن ڪو اسڪول ڪاليج کوليو هجي.
بلڪه تعليم کي تباهه ڪرڻ ۾ سندن وڏو هٿ نظر ايندو. ڪيترا اجڪول ڪاليج جيڪي جيتوڻيڪ
عوام جي زور ۽ پئسي تي کليا پر انهن تي هنن ڳوٺ جي ڀوتارن جا نالا ان ڊپ ڪري به رکيا
ته جيئن اهي قائم رهن.
ان حساب سان پنهنجي صوبي سنڌ ۾ نظر
ٿو گهمايان ته حيدرآباد ۽ سکر جا آڳاٽا اسڪول سينٽ بونا وينچر ۽ سينٽ ميري هاءِ اسڪول وغيره يا ڪراچي جا سينٽ
جوزف، سينٽ پال، جيسز ميري وغيره 1843 بعد انگريزن ئي اچي ٺهرايا. بقول هندو سنڌي ليکڪ
لوڪرام ڏوڏيجا جي، چڱو جو سنڌ تي انگريزن جي حڪومت ٿي جن اهي سڌارا: تعليم، ريلوي،
ٽپال تار ، جوڊيشري وغيره قائم ڪرايا جيڪي دهلي، مدراس، بمبئي، پوني، بنارس جهڙن شهرن
۾ اسان کان به هڪ صدي اڳ شروع ٿي ويا هئا. ٿائلنڊ تي جيتوڻيڪ انگريزن يا ڪنهن ٻي يورپي
ملڪ جي حڪومت نه رهي پر اتي جي مڪاني حاڪمن انگريزن کي ڏسي يڪدم پنهنجي ملڪ ۾ ٻيو نه
ته بهتر تعليمي ادارا ۽ ريلوي لائين وڌي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان جي حاڪمن يعني مير
صاحبن مان به ڪنهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته عوام ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ تعليم ضروري
آهي... . صحت ۽ سفر لاءِ روڊ رستا ۽ ريلون ضروري آهن.
جيتوڻيڪ ان دور ۾ ڀوپال جي نواب
عوام جي سهوليت لاءِ حيدرآباد دکن کان ڀوپال تائين پنهنجي خرچَ تي ريلوي لائين وڇرائي!
مغلن ته ان قسم جا ڪم نه ڪيا جو هنن يورپ نه ڏٺو پر ميرن ته سڏ پنڌ تي بمبئي، مدراس
۽ ڀر وارين رياستن گجرات ۽ راجستان جي شهر ۾ انگريزن ۽ اتي جي مڪاني راجائن ۽ نوابن
جا کوليل تعليمي ادارا ضرور ڏٺا ۽ ٻڌا هوندا! پر لڳي ٿو ته اسان جي مسلمان حاڪمن...
.. ويندي مغل بادشاهن کي به عوام جي ڀلي ۽ سک جو خيال نه هو. اسين چريا... .. يعني
”عوام“ اهو پاڏائي پيا خوش ٿيون ته مغلن تاج محل ٺهرايو، ميرن هي محل ماڙيون اڏرايون...
. منهنجي خيالَ ۾ اهي ڪم هنن سڀ پنهنجي سک ۽ عياشيءَ لاءِ ڪيا... . عوام ان دور ۾ به
غريب ۽ مسڪين هر جڏهن ملين ڊالرن جو تاج محل
پئي ٺـهيو.
وري پنهنجو ملڪ ۽ جمهوريت کي آئي
اسان وٽ 67 سال ٿي ويا آهن پر آهي ڪا NED، بقائي سر سيد،
QUEST، CBM
جهڙي يونيورسٽي يا ڪو ناموس وارو ڪاليج جيڪو اسان جي ڪنهن سنڌي
وڏيري، سيد پير، وزير، سينيٽر يا ايم اين اي يا ايم پي اي پنهنجي خرچَ تي کوليو هجي.
ها اڄ ڪمپيوٽر ۽ IT جي دور ۾ جڏهن هر هڪ مڃي ٿو ته تعليم ضروري آهي. سڄي دنيا ۾ اسانجي
سنڌ جو ان ۾ ناماچار ضرور آهي ته سنڌ ۾ ٻه
هزار کان مٿي گهوسٽ اسڪول آهن جن جو ڪو وجود ناهي يا انهن جون عمارتون وڏيرن جون اوطاقون
۽ ڍور ڍڳن جا وٿاڻ آهن! ان حساب سان انڊيا جا نوان شهر گانڌي ڌام ۽ الهاس نگر جهڙا
جيڪي سنڌ مان لڏي آيل سنڌين اچي وسايا انهن کي ڏسي حيرت ٿي ٿئي ته هي ڪهڙا سنڌين جا
شهر آهن جِتي اسڪول ۽ اسپتالون به آهن ته امن امان ۽ قانون جي اعليٰ برتري به! ۽ اسان
ڏي لٽيل ڦٽيل سنڌين ۽ وڏيرن، سرڪاري ڪامورن جو اڏايل شهر قاسم آباد به آهي! ڇا سندس
حالت آهي! ڇا ته سنڌين جو اميج ڏئي ٿو!. ها البت جڏهن ڪو بلڊر فلئٽ يا گهر ٺاهي ٿو
ته خريدارن کي attract ڪرڻ لاءِ ٽي وي تي اشتهار ۾ قاسم آباد جي Location
لاءِ ڪنهن ماڊل ڇوڪريءَ کان ضرور چورائي ٿو ته ته حيدرآباد جي
دل قاسم آباد... . يا حيدرآباد جي سهڻي ۽ پرسڪون علائقي قاسم آباد... . ۾ اڄ ئي فلئٽ/گهر
بڪ ڪرايو.!
ذرا دل تي هٿ رکي سچ ٻڌايو ته ڇا
سهڻا علائقا ائين ٿيندا آهن؟ ڇا ان کي چئبو آهي امن امان ۽ سڪون جيڪو قاسم آباد ۾ آهي؟
بنارس ۾ منهنجو ڪيترن ئي اسڪولن
۽ ڪاليجن ۾ وڃڻ ٿيو آهي. بس ذريعي يا پنڌ لنگهندي جڏهن موڊ ٿي ٿئي ته ڪنهن اسجڪول يا
ڪاليج ۾ گهڙي وڃان ٿو جِتي انهن جي عمارت ڏسڻ کان علاوه. ڪجهه شاگردن ۽ پروفيسرن سان
به خوش خير عافيت ڪريان ٿو. پر مونکي گهڻو شوق بنارس هندو يونيورسٽي ڏسڻ جو هو جنهن
لاءِ مونکي دعوت مليل هئي. بنارس ۾ پهرين ڏينهن ئي هڪ ريسٽورنٽ ۾ هڪ ڊپارٽمينٽ اسٽور
۾ ڪجهه نوجوان ملئي، ايراني ۽ سوڊاني نوجوانن کي ڏسي مونکي حيرت ٿي ته بنارس ۾ ته هندو
ڌرم جا اچن ٿا هي مسلمان سي به ڇوڪرا هِتي
جا مندر ڏسڻ آيا آهن يا گنگا ندي ۾ ٽٻي ڏيڻ! خبر پيئي ته هو هِتي جي بنارس هندو
يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ آيا آهن ۽ ان يونيورسٽي جي رجسٽرار جي آفيس مان خبر پيئي
ته هن يونيورسٽي ۾ سڄي انڊيا کان علاوه 35 ڌارين ملڪن جا به شاگرد تعليم وٺـي رهيا
آهن. اهوئي لقاءُ پوني ۾ ڏٺم جِتي پڻ ڪيترن ئي ڌارين ملڪن جا شاگرد اتي جي ائگريڪلچر،
ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا هئا. ظاهر آهي ته تعليم جو معيار ۽ امن
امان جي حالت بهتر آهي تڏهن ته ملائيشيا ۽ ايران جهڙن ملڪن جا به هِتي پڙهڻ اچن ٿا.
بنارس (ورانسي) ۾ 1300 ايڪڙن تي
پکڙيل ”بنارس هندو يونيورسٽي“ نه فقط انڊيا پر ايشيا جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي جنهن
۾ ويهه هزار شاگردن جي رهائش جو بندوبست آهي جنهن لاءِ 60 هاسٽلون آهن. سڄي ڪئمپس
۾ پنڌ گهمڻ ته ناممڪن آهي. مٿين ايراضي اٽڪل ساڍا پنج چورس ڪلوميٽر ٿئي ٿي. يعني ڏيڍ
ڪلوميٽر ويڪر آهي ته 4 ڪلوميٽر کن ڊيگهه آهي. هي پٽ هِتي جي حڪمران گهراڻي ”ڪاشي نريش“وقف
ڪيو هو. هيءَ يونيورسٽي 1916ع ۾ ٺهي. هن يونيورسٽي جي ٺهڻ ۾ ان وقت جي اهم وڪيل ۽ آزادي
جي متوالي پنڊت ”مدن موهن مال ويا“ جو هٿ هو. هن قوم جي سجاڳيءَ لاءِ تعليم کي بنيادي
هٿيار ٿي سمجھيو. هن مذهب ۽ ڪلچر سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڄاڻ (علم) حاصل ڪرڻ کي
پڻ ضروري سمجھيو ٿي. سندس ان بابت هڪ مشهور
ڪوٽيشن آهي:
“The millions mired poverty in India can only get rid
of it when science is used in their interest. Such maximum application of
science is only possible when scientific knowledge is available to Indians in
their own country.”
پنڊت مدن موهن ان وقت اهو فيصلو
ڪيو ته پڙهائي انگريزي ۾ ئي ٿيڻ کپي جيڪا بين الاقوامي زبان آهي. مدن موهن ملاويا نالي
بنارد ۾ روڊ پڻ آهي. پاڻ 1816ع ۾الهه آباد ۾ ڄائو جنهن کي اڄ ڪلهه پرياگ (Prayag) جي نالي سان سڏين ٿا، پاڻ 1946ع ۾ وفات ڪيائين.
بنارس هندو يونيورسي جنهن کي هندي
۾ ”ڪاشي هندو وشوي دياليا“ به سڏين ٿا، ان جي بنارس واري مين ڪئمپس کان علاوه ”راجيو
گانڌي سائوٿ ڪئمپس“ بنارس کان 60 ڪلوميٽرن (37 ميلن) جي فاصلي تي مرزاپور ضلعي ۾
2700 ايڪڙن (اٽڪل 11 چورس ڪوميٽرن) تي پکڙيل آهي جنهن ۾ ائگريڪلچر سائنس سينٽر پڻ آهي.
بنارس هندو يونيورسٽي (BHU) 4 انسٽيٽيوٽس، 14 فئڪلٽين
۽ 140 ڊپارٽمينٽن تي مشتمل آهي. هن جا ڪيترائي ڪاليج... .. ويندي انجنيئرنگ، سائنس،
جرنلزم، ماس ڪميونيڪيشن، قانون، ميڊيسن ۽ ائگريڪلچر جا... .. انڊيا ۾ ٽاپ جا سمجھيا
وڃن ٿا.
مون سان گڏ پروفيسر ڊاڪٽر ڪپور شرما
هو تنهن مونکي IMS-BHU انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز
گهمائيندي ٻڌايو ته هن ۾ ٽي فئڪلٽيون آهن.
فيڪلٽي آف ميڊيسن: جنهن ۾ MBBS، بي ايس سي (نرسنگ)، MD ۽ MS
جا ڪورس، DM ۽ M.Ch
جا ڪورس، Ph.D
جا ڪورس ۽ M.Sc (هيلٿ اسٽئٽڪس) ۽ ان کان علاوه ڪجهه پوسٽ گرئجوئيٽ ڊپلوما ڪورس پڻ
ٿين ٿا.
فئڪلٽي آف ڊينٽل سائنسز: جنهن ۾
MDS ۽ BDS
جا ڪورس هلن ٿا.
فئڪلٽي آف آرويدا (Ayurveda): جنهن ۾ BAMS، بيچلر آف فارما
آيرويدا، MD(Ay) ۽ MS(Ay)
جا ڪورس ۽ Ph.D
ڪورسن کان علاوه ڪجهه پوسٽ گرئجوئيٽ ڊپلوما ڪورس به Conduct
ڪيا وڃن ٿا.
IMS-BHU يعني بنارس هندو يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جو ڪئمپس
يونيورسٽي جي اڳ واري حصي ۾ آهي جنهن ۾ هڪ ميڊيڪل ڪاليج، اسپتال ۽ شاگردن جون هاسٽلون
۽ راندين جا ميدان آهن. هن انسٽيٽيوٽ کي هلائڻ جي ذميواري ڊائريڪٽر حوالي آهي جيڪو
اڄ ڪلهه نيفرولاجي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر رانا گوپال سنگهه آهي. هِتي ائناٽومي ڊپارٽمينٽ
جي پروفيسر ماندوي سنگهه سان به ملاقات ٿي جيڪو ميڊيسن ڊپارٽمينٽ جو ڊين پڻ آهي.
فئڪلٽي آف آرٽس سڀ ۾ پراڻي ۽ وڏي
۾ وڏي فئڪلٽي آهي جيڪا پهرين سينٽرل هندو ڪاليج هئي جيڪو ڪاليج 1898ع ۾ ڊاڪٽر مسز ائني
بسنت شروع ڪيو جيڪو پوءِ 1916ع ۾ هي (بنارس هندو يونيورسٽي) جي جنم وٺڻ تي BHU
جو حصو ٿيو. فئڪلٽي آف آرٽس جا ڪجهه ڊپارٽمينٽ هِنَ ريت آهن.
آرڪيالاجي، عربي، بنگالي، فرينچ،
جرمن، هندي، جرنزلم، مرهٺي، پولي، پالي، فارسي، سنسڪرت، تيلگو، ويندي اڙدو، ٽوئرزم
مئنيجمينٽ، ائڊورٽائيزنگ ۽ سيلز مين شپ) وغيره.
No comments:
Post a Comment