ڪنهن کي به رنڊي ٿيڻَ جو شوق ناهي
الطاف شيخ
هن پاسي جي ملڪن ۾ جتي ڪنهن زماني
۾ چيني، ملئي ۽ ٿائي زور ڏيڻ وارا سَنڌ سَنڌ مان سور نچوڙي ڪڍڻ ۾ مشهور هُئا اتي
اڄ انهن جي ساک ۽ آڙَ ۾ هاڻ جسمن جو واپار ٿئي ٿو. پوءِ ڪي ڇوڪريون ائين ڪاروبار
ڪن ته ڪي حجام جي دڪانن (Beauty Parlor) يا مساج پارلرن جي نالي سان ڪم هلائين.
سوخنٿا (Sukhontha) هوٽل جي پٺيان
هتي جو Pink-Lady نالي مساج پارلر اهڙن ڪمن کان پري پري تائين
مشهور آهي. ان کان به وڏو نورا هوٽل ۾ Chao-Phraya مساج هائوس آهي جنهن ۾ ٽي سؤ کن ڇوڪريون زور ڏيڻ (مساج) جو ڪم ڪن
ٿيون. بقول هتي جو ٽوئرسٽ گائيڊ ڪتاب
موجب:
“It
(Chao – Phraya Massage House) has many A Southern Beauty to Sooth away the
Pains.”
ٿائلنڊ ۾ جيڪو عورت ذات کي
هيٺانهون سمجھيو وڃي ٿو يا هن کي دل وندرائڻ جو رانديڪو سمجھيو وڃي ٿو اهو شايد ئي
ڪنهن ٻبئي هنڌ هجي. عورت هتي فقط هڪ Sex Symbol آهي. هتي عورت
جو قدر سؤ ڀاٿ ڪو مس آهي. ٿائلنڊ ۾ هزارين مساج پارلر آهن جن مان هر هڪ ۾ ڪئين
نوجوان ٿائي ڇوڪريون شيشي جي ڪمري ۾ ويهي گراهڪن جو انتظار ڪن ٿيون. هنن مان هر هڪ
صبح کان شام تائين، چپن ڳلن تي ٿلهي ميڪ اپ جا تهه چاڙهي، اڌ اگهاڙي لباسَ ۾، هر
ايندڙ ماڻهوءَ ڏي دعوتي ۽ نماڻين نگاهن سان نهاري ٿي جيئن کيس پسند ڪيو وڃي. پوءِ
سندس ڪلاڪ سوا جي ”خذمَت“ جي عيوض کيس سؤ سوا رپيا ملن ٿا. ان مان به اڌ کن ضرور
ڪلب هلائيندڙ رکندو هوندو جيڪو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري، اشتهار بازي ۽ پوليس جي پروٽيڪشن
تي خرچ ڪري ٿو.
ٻي جنگ عظيم کان پوءِ هن پاسي جي
ڪيترن ئي ملڪن ويندي هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جو، غربت ڪري اهو حال وڃي ٿيو هو. ٻيو ته
ٺهيو پر جپان جو پڻ. پر پوءِ آهستي آهستي هي سڀ ملڪ معاشي طرح جيئن جيئن ترقي ڪندا
ويا تيئن تيئن عورت جي جسم جو واپار گهٽجي ويو. جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور،
ملائيشيا، انڊونيشيا...... هڪ هڪ ملڪ ۾ عورت جو مانُ مٿانهون ٿي ويو. نوڪريون،
پورهيا، روزگار ايترا پئدا ٿي ويا جو ورلي
ڪا ڇوڪري جسم جي واپارَ ۾ شريڪ شامل ٿيڻ لڳي. بقول هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي: ”عزت جو
روزگار سولائيءَ سان ملي سگهي ته ڪنهن کي به رنڊي ٿيڻ جو شوق ناهي.“
انڊونيشيا ۾ اڃا جسم جو واپار هلي
ٿو پر لڪ ڇپ ۾. ڏکڻ ڪوريا ۾ هلي ٿو پر تمام گهٽ. ٿائلنڊ جهڙو کليو کلايو ڌنڌو
ايشيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ نه هلندو هوندو. جيتوڻيڪ ٿائلنڊ ڪو اهڙو غريب ملڪ ناهي.
ڪيترن ملڪن کان سکيو ستابو آهي. پر هن جسم جي واپار کي، هتي ٿائلنڊ ۾ اڄ ڏينهن تائين
عيب نٿو سمجھيو وڃي. بلڪ اندروني طرح حڪومت به همت افزائي ڪري ٿي ته هتي جو ٻانڀڻ
ٻائو به اک ڦير ڪريو ڇڏي. ڀلي گهڻي کان گهڻا ٽوئرسٽ اچن ۽ ڪمائي ٿيندي رهي. ڀلي
ڊالر، يين، مارڪ ملڪ ۾ ايندا رهن....... اخلاق ڀلي ڪري ته ڪري پوي پر بين الاقوامي
مارڪيٽ ۾ ڀات جي وئليو نه ڪري.
۽ هاڻ ته ٿائي ڇوڪريون ٿائلنڊ کان
ٻاهر ملائيشيا، سنگاپور، جپان ۾ به اهو ڌنڌو هلائڻ لڳيون آهن. هن سال سنگاپور ۾
جيڪي غير قانوني طرح نوڪري ڪندي جھليا ويا ان ۾ اڌ کان وڌيڪَ ٿائلنڊ جون هي
ڇوڪريون هيون، جن جسم جو ڌنڌو ڪيو ٿي. ساڳي طرح جپان ۽ هانگ ڪانگ ۾ پڻ ٿائي ڇوڪرين
جي پڪڙجڻ جون خبرون اينديون رهن ٿيون. ملائيشيا ته ٿائلنڊ جي بلڪل ڀر ۾ آهي. بارڊر
تي سختي هوندي به ڪيتريون ٿائي ڇوڪريون لڪ چوريءَ، غلط ۽ نقلي ڪاغذن تي، اڪيلي سر
ملائيشيا اينديون رهن ٿيون، جتي هنن جي وڌيڪَ ڪمائي آهي. ويجھڙائيءَ ۾ ملائيشيا ۾
ڪيترا اهڙا ٽولا (Syndicates) جھليا ويا جن
ٿائلنڊ مان ٿائي ڇوڪريون مگمل ڪري ملائيشيا جي مخطتلف مساج ۽ بيوٽي پارلرن کي وڪڻي
ڏنيون ٿي.
ملائيشيا جي اخبارن ۾ ڪيترا دفعا
اهڙيون خبرون ڇپيون آهن ته فلاڻي يا فلاڻي شهر ۾ فلاڻو ماڻهو هيترين ٿائي ڇوڪرين
کي پنهنجي گهر، دڪان يا اوطاق تي ويهاري کانئن ڌنڌو ڪرائيو ٿي. پوءِ اهڙا اڏا،
ڪڏهن پوليس جي ڇاپي تي ظاهر ٿين ٿا يا ڪڏهن ٿائي ڇوڪريون، گهٽ پئسو ۽ گهڻي سختيءَ
ڪري بيزار ٿي، پنهنجو پاڻ کي انهن سوداگرن جي چنبي مان آزاد ڪري، پوليس ۾ اطلاع ڪن
ٿيون. پوليس جي آڏي پڇا تي اهوئي ٻڌائين ٿيون ته ٿائلنڊ کان ملائيشيا ۾ھنن ان آسري
تي آندو ويو ته کين دڪان يا آفيس ۾ باعزت نوڪري ڏني ويندي پر پوءِ هتي پهچڻ تي
رنڊيءَ جو ڪم ورتو وڃي ٿو.
”اسانکي نه کائڻ لاءِ پورو ڏنو وڃي
ٿو ۽ نه ٻاهر گهمڻ ڦرڻ جي آزادي. هر روز ڪيترن ئي گراهڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو وڃي
ٿو. حڪم جي چڱيءَ طرح پوئواري نه ڪرڻ تي ماريو ڪٽيو وڃي ٿو.“
ٿائلنڊ جي حڪومت کڻي امير آهي. ملڪ
ضرور سهڻو ۽ شاهوڪار ٿيندو وڃي پر ملڪيت جو وڏو حصو فقط چند ماڻهن جي هٿَ ۾ آهي
جيڪي امير کان امير تر ٿيندا وڃن. گهڻي ڀاڱي ماڻهو هاري ناري آهن يا مهاڻا. ڳوٺن ۾
ته تمام گهڻي غربت آهي. غريبت کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي نوجوان شهرن ڏي، ڌنڌن
ڌاڙين لاءِ اچن ٿا، ۽ دڪانن، هوٽلن يا بسن لارين ۽ سرڪاري آفيسن ۾ نوڪريون ڪن ٿا
انهن جا پگهار تمام گهٽ آهن. شهري زندگيءَ جون ضرورتون تمام وسيع آهن جن جي پورت
ڪرڻ لاءِ سندن پگهار پورو نٿو پوي.
ٿائلنڊ جي ڳوٺن جا ڪيترا غريب ۽
قرضي ٿيل، ٻي ڪا واهه نه ڏسي پنهنجيون ڌيئرون وڏيرن يا واپارين کي وڪڻي ڏين ٿا.
اهي ڪجهه فائدي تي ٽين ڌر کي وڪڻي ڏين ٿا ۽ آخر ۾ اهي بئنڪاڪ ۽ چئانگ مائي، پتايا
۽ هاتيائي جهڙن شهرن جي ڪلبن، هوٽلن، مساج پارلرن ۾ اچيو پهچن ۽ هر وقت بدلجندڙ يا
ساڳي مالڪ جي هٿ وس آهي ته کين ڪيترو حصو ڏنو وڃي يا رڳو کاڌ خوراڪ ۽ رهائش. هڪ
نوڪر به سختيءَ جي دانهن ڪري سگهي ٿو پر هي جيڪي زر خريد ٻانهيون آهن انهن جي
حيثيت هڪ غلام وانگر آهي جن کي آقا جي خوشيءَ لاءِ اخلاقي توڙي غير اخلاقي ڪم ڪرڻا
پون ٿا.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment