ڪا سستي هوٽل سجهنئي......
الطاف شيخ
”الطاف! هل ته مسلم هوٽل ۾ ماني
کائي اچون.“
”مون هينئر فٽ پاٿ واري اسٽالَ تان
ماني وٺي کاڌي آهي. هتي ڪيترا ئي حلال کاڌي جا گاڏا آهن. ڪنهن ڏورانهين هوٽل تي ڇو
وڃجي.“ مون کين صلاح ڏني.
”يار اسين ته ڪالهه واري پاڪستاني
هوٽل ۾ ئي وڃي ماني کائي اچون ٿا.“ ۽ هو مونکي اتي ئي ڇڏي وري هوٽل ڏي روانا ٿيا.
گهر کان گهٽ نڪرندڙن وانگر هاشم
جيسين روز جي عادت وارو کاڌو، باقاعدي ميز ڪرسيءَ تي ويهي نه کائي، تيسين ڄڻ ماني
نه کاڌائين ۽ ننڊ ئي نه ايندس. پوءِ ڀلي کيس قسمين قسمين سئنڊوچ ۽ ڪيڪ پيسٽريون
ميوا کارايو پر جيسين ملئي نموني جو ڇڊڙو ڳاڙهن مرچن جي ٻڪ تي رڌل ٻوڙ ۽ ڀت نه
کارايو تيسين بي فرحتي محسوس ڪندو آهي. ان ڪري جيسين پنهنجي ڳوٺ (گهر) ۾ هوندو آهي
ته شينهن مڙس هوندو آهي. باقي ٻاهر مُسافريءَ جو نه آهي.
پهرين رات جڏهن ٿائلنڊ جي هن شهر هاتيائيءَ ۾ پهتاسين ته اهو
آچر جو موڪل وارو ڏينهن هو. ان ڪري ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن کان ته ڪافي ٽوئرسٽ آيل
هُئا پر ٿائلنڊ جي ڀر وارن ڳوٺن جا به چڱا اچي سهڙيا هُئا. هاتيائيءَ جون
چنڱيرڙيون هوٽلون، سڀ ڀرجي چڪيون هيون. پسند جي ڪا به هوٽل خالي نه هُئي. آخر ٻه
چار گهٽيون رلڻ بعد اسان ٽن ڄڻن جي ٽڪڻ جو بندوبست ٿي ويو. ڪا خاص هوٽل نه هئي پر
رات گذارڻي هئي. ائين ته منجھس گڏيل باٿ روم، ٽيليفون، ڪرسي ميز جهڙيون سهوليتون
موجود هيون. بس ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو نه هو پر ايترو هو ته آزاديءَ کان اڳ وارو (يعني
هندوستان پاڪستان جي)، ٽن پرن وارو پکو (ڄم جي جاءِ: انگلينڊ) ضرور هو. جنهن جي
هوا اندر جي مڇرن کي ٻاهر ڪيو ٿي، ۽ جنهن جي چيچاٽي گوڙ، ٻاهر جي آوازن کي گهٽ ڪيو
ٿي.
مسواڙ پڇيسين، ڊبل بستري واري ڪمري
جي ڏيڍ سؤ ڀات ـــ يعني پاڪستاني هڪ سؤ ويهه رُپيا. اگهه مُناسب هو. ايترن پئسن ۾ ٻيو ڀلا ڪهڙو ڦاهو ملي
سگهندو. سکر ۽ حيدرآباد جي گڊس ناڪي جي منگهڻن وارين هوٽلن جي مسواڙ به ان کان
گهڻي آهي. هاشم ۽ قاسم ڊبل ۾ رهيا. آئون اڪيلو سنگل ۾ ـــ جنهن جي مسواڙ اڃا به
ويهه باٿ گهٽ هُئي. اسانجا ڪمرا پنجين ماڙ تي هُئا. ٽن ماڙين کان وڌيڪ ماڙ واري
عمارت ۾ لفٽ جو هجڻ ضروري آهي. پر اهو سنگاپور جي ميونسپاليءَ جو قاعدو قانون آهي.
هي ٿائلنڊ هو. ان ڪري هن ڇهه ماڙ عمارت ۾ لفٽ بدران فقط هڪ اونداهي ڏاڪڻ هُئي.
ڏاڪڻ اونداهي ضرور هئي پر صبح جو
ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڏٺوسين ته ڀتين تي رڳو ڄارا هُئا. پانن جو پڪون ۽ ڪچيون گاريون
لکيل نظر نه آيون ـــ جيڪي شيون اسان جي ملڪ جي تهذيب ٿي پيون آهن. هر ماڙ تي، وچ
تي ڪپڙن ڌوئڻ ۽ انهن کي سڪائڻ لاءِ رسيون ٻڌل هيون. اسان واري فلور تي هڪ ڇوڪريءَ
اڳهين ڍير ڪپڙن جو رکي ڏنڱريءَ سان سٽ سٽ پئي ڪيو. اهو ڏسي مونکي بيحد خوشي ٿي جو
سفر ۾ پائڻ لاءِ مون وٽ فقط ٻَه وَڳا هُئا.
ڪمري ۾ سامان ٺاهي. ميرو وڳو ٻاهر کڻي،
ان ڇوڪريءَ وٽ آيس. انگريزيءَ جو اکر به مس ٿي آيس بهرحال ڪجهه هٿ جي اشاري سان
ڪجهه انگريزيءَ ۾ پڇيو مانس.
”ڪپڙا ڌوئي ڏيندينءَ ؟“
”ڪڏهن کپن ــ؟ سڀاڻي ڌئان ـــ؟“ هن
به ساڳي طرح اشارن ۽ ڀڳل انگريزيءَ ۾ پڇيو.
”نه. هينئر ڌوئي سگهندينءَ؟“ پاتل
وڳي ڏي اشارو ڪري چيومانس ته ٻيو اهو ئي آهي.
ڇوڪري ٿڪل هئي. پر هائوڪار ڪيائين.
استريءَ لاءِ به هائوڪار ڪيائين. پوءِ پهرين جا پسيل ڪپڙا پاسي تي رکي منهنجن کي
پسائڻ، مهٽڻ ۽ سٽڻ ۾ لڳي ويئي.
هاشم جي ڪمري ۾ گهڙي کين اها
خوشخبري ٻُڌايم ته هن ريت ڪپڙن ڌوپڻ جو بندوبست ٿي ويو آهي.
”ڇوڪري ته خبر ناهي ڪير آهي. هوٽل
جي مالڪَ جي ڪا مائٽياڻي، ڪم واري، يا اسان وانگر ٻاهران آيل ڪنهن اسان جهڙي ڪنگلي
ملڪ جي ٽوئرسٽ.“ مون ٻڌايو مان.
کانئس ڌئارڻيءَ جو اگهه اڳواٽ طيءِ
نه ڪرايم. پر اها پڪ هيم ته جپان وارا اگهه هتي نه هوندا. جتي هانگ ڪانگ جي فٽ پاٿ
(جمعي بازار) ٽائيپ مارڪيٽ مان ورتل پنجويهين رپئي واري چڍيءَ جي ڌئارڻي ٽيهه
رپيا. ۽ واقعي ٿيو به ائين ٻئي ڏينهن نيرن تي هن پتلون قميص، گنجي ۽ ٽي شرٽ ڌوئي
استري ڪري ڏنا جن جو اجورو فقط پندرهن ڀاٿ ورتائين ـــ يعني ٻارهن رپيا.
ان قسم جي سستين هوٽلن ۽ هاسٽلن ۾
رهڻ جو اهو فائدو ضرور آهي ته ڪپڙن ڌوئڻ، چانهه ٺاهڻ لاءِ ڪٽلي ۽ پڙهڻ لاءِ
پُراڻين اخبارن ۽ رسالن جي ڍيرَ جو بندوبست ضرور آهي. انهن سهوليتن ۽ گهٽ مسواڙ
ڪري، پنهنجي خرچَ تي دنيا جي سير تي نڪتل، ڪيترن يورپين جو اهڙين هوٽلن تي مارو هوندو آهي. بس هڪ ڌوتل چادر وارو
هنڌ هُجي. سڄو ڏينهن پنڌ ئي پنڌ شهر گهمي رات جا ٽي چار پهر ان تي اچي ننڊ ڪجي.
ائين ته اٺ ڏهه هزار رپئي ڪمري واريون هوٽلون به پيون آهن. پر سفر جي سياڻن لاءِ
گهٽ خرچ تي گهڻي کان گهڻا ڏينهن ڌارين ملڪن ۾ گذارڻ ئي هڪ آرٽ آهي. وطن پهچڻ تي
سندن سمجھو ۽ پڙهيل ڳڙهيل دوست اهوئي سوال ڪندا آهن ته ڇا ڇا ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. (۽
نه ڪيڏي وڏي هوٽل ۾ ٽڪيا ۽ مال مليده کاڌانوَ.) ۽ جواب ۾ هو ان شهر جي تواريخ
جاگرافي کان وٺي ماڻهن جي رسم و رواج ۽ ڪلچر بابت ٻڌائي ويندا. ٻيا وري اسانجي
ايشيائي ملڪن جا (خاص ڪري اسانجي ملڪ جا)،
احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا مُسافر هوندا آهن جيڪي اُهوئي ور ور ڏيئي پيا ٻڌائيندا ته
فلاڻي فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهياسين جنهن جو هيڏو وڏو ڪمرو هو. ههڙي ٿلهي فر جا
غاليچا وڇايل هُئا. زبردست سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ هُئي. صبح جو ڏهين يارهين تائين
خوب مزي مزي جو ننڊون ڪندا هُئاسين. ان
بعد سونهري رنگ جي ٽب ۾ وهنجي سهنجي، زبردست نيرن ڪري، ٽين بجي ڌاري هوٽل جي سهڻي
هيئر سئلون تان ڏاڙهي باڙهي لهرائي پوءِ هيٺ واڪ لاءِ نڪرندا هُئاسين. هوٽل جو هڪ
هڪ بئرو ايندي ويندي سلام ڪندو هو جو پنجاهه ڀاٿن کان گهٽ ته ڪڏهن به ٽپ نه ڏنيسين...........
وغيره.
پر سائين هي يورپي، انگريز،
آسٽريلين ۽ نيوزيلنڊ وارا ٽوئرسٽ کڻي ڪيڏي به وڏي نوڪري ۽ شان وارا هجن پر سفر ۾
خرچ ڪيل پئسي پئسي جو فائدو وٺن ٿا. هر وقت پنو پينسل کڻي حساب ويٺا ڪندا. ڪمري جي
مسواڙ پنجاهه رپيا، صبح جو اسٽال تان چانهه ۽ ڊبل روٽي وٺي کاڌيسين تنهنجا پنج
رپيا، ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ پنجين رپئي جو صابڻ ٻُورو. ٽئڪسيءَ ۾ ته ورلي ڪو چڙهندا. پنڌ
تي گهڻو زور هوندو اٿن. وڌ ۾ وڌ بوٽ ڇڄي پوندن ته ان کي چتي يا ٽانڪو هڻائڻ جو پنج
رپيا خرچ ڪندا. هونءَ اها حقيقت آهي ته اهڙائي ماڻهو دنيا جي سير سفر جوصحيح طرح
لطف وٺن ٿا.
جنهن هاسٽل نما، غريب نواز هوٽل ۾
اسان اچي رهياسين ان ۾ اڌ کن ته آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ يورپ جي سڌريل ۽ امير ملڪن
جا ٽوئرسٽ هُئا. ٻه ته سئٽزرلئنڊ جا به هُئا. هڪ جرمني جو . هڪ زال مڙس ــ يا ٿي
سگهي ٿو دوست هُجن، اسپين جا هُئا. سڄو ڏينهن پاڻي جي بوتل هٿ ۾ کڻي گهمندا هُئا.
ڪوڪا ڪولا يا ڪنهن شربت تي پنج باٿ به خرچ نه ڪندا هُئا. بچت کان علاوه هنن جو چوڻ
هو ته پرديس ۾ اجايو سجايو کائي بيمار ٿيڻ بدران نج پاڻي ۽ سادو کائڻ ۾ صحت سٺي ۽
چست رهي ٿي.
ان هوٽل ۾ هڪ انگريز پڻ هو Kent
شهر
جو. هو اڃا به سستي هوٽل جي ڳولا ۾ هو. مونسان به جيئن ئي عليڪ سليڪ ٿيس ته هڪدم
سوال ڪيائين:
”ڪا سستي هوٽل سجنئي ــــ؟“
۽ پوءِ حساب ڪري ٻڌايائين: ”ڏس نه
آءٌ اڪيلو آهيان ۽ روز ڪمري جا سوا سؤ باٿ (اٽڪل نوي رپيا) ڀريان ٿو. منهنجو هتي
ڏهه ڏينهن رهڻ جو ارادو آهي. ان حساب سان ٻارهن تيرهن سؤ باٿ خرچ ايندو مونکي ڪا
پنجاهه سٺ ڀاتنواري هوٽل ملي وڃي ته منهنجو سنئون سڌو اڌ خرچ بچي وڃي جنهن مان
ڪجهه وڌيڪ ڏينهنَ ٿائلنڊ جي ڪنهن ٻئي شهرَ ۾ جيڪر رهي سگهان.“
مونکي اهڙيون ٻه ٽي هوٽلون سُجھيون
ٿي. پر هن پوڙهي انگريز جي ڪَمَ جون نه هُيون اهي هتي ٿائلنڊ ۾ نه پر حيدرآباد ۾
ريلوي اسٽيشن ڀرسان ۽ شمس سئنيما جي پويان واري گهٽيءَ ۾ ۽ شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم ۾ آهن. جن جي مسواڙ هينئر ته خبر ناهي
ڇا هُجي پر سٺ واري ڏهي ۾ ۲۰ روپيه (يعني پنجويهه (۲۵) باٿُ هُئي)، پر انهن ۾ نه
چانهه ٺاهڻ واري ڪٽلي هئي ۽ نه ڪپڙا ڌوئڻ واري ڇوڪري.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment