باوا آتائو آتاس ـــ هيٺ يا مٿي؟
الطاف شيخ
ڌارين کي ڌڳ لائڻ جي معاملي ۾
ملائيشا جا ماڻهو چڱو پاڻ پتوڙين ٿا. اهو ڌارين جيڪڏهن اسان جهڙو ڪارو ـــ ڪراچي، ڪولمبو
يا ڪلڪتي جهڙن غريب هنڌن کان آيل بدران ڪو چٽو گورو انگلنڊ آمريڪا يا اسپين آسٽريليا
جهڙي سکئي ستابي ملڪ جو آهي ته پوءِ ته هي ملائيشين هن تي هيڪاندو گهڻو مهربان ٿيو
پون. پر اهو به جس هجين جو اسان جو ايترو به خيال رکن ٿا. اهائي ڳالهه من ۾ رکي ملائيشيا
جهڙي ملڪ ۾ گهٽ پگهار تي ماستري جهڙي ڊمانڊنگ ۽ مٿي جو سور نوڪري ويٺو ڪريان. مون
پنهنجو پاڻ کي ان وقت بور ۽ دلشڪستو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ان قسمَ جو روشن پهلو ڌيان
۾ آندو جنهن سان وقتي طور ٿوري تسڪين ۽ سڪون ضرور محسوس ڪيو.
”پوءِ ڀلا بٽرورٿ اسٽيشن تائين جي ٽڪيٽ
ڏيان؟“
ڪلارڪ اڳتي تائين جي ڪاميابي نه ڏسي
پينانگ تائين جي هام ڀري. پينانگ دراصل هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي ۽ ان ٻيٽ تي ته ڪا به
ريلوي اسٽيشن ناهي، پينانگ ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ مين لئنڊ تي جنهن ريلوي اسٽيشن ۽ شهر ۾
لهڻو پوي ٿو ان جو نالو بٽرورٿ آهي. نالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو به انگريز ٺهرايو
پر اهو ايترو مشهور ناهي. نوانوي سيڪڙو ڌاريان ٽوئرسٽ جيڪي هن اسٽيشن تي لهن ٿا
اهي ان ئي وقت اتان فيري ۾ چڙهي، سمنڊ ٽپي پينانگ هليا وڃن ٿا. ان ڪري بٽرورٿ
ريلوي اسٽيشن کي اسان جهڙا پينانگ اسٽيشن ئي سڏين ٿا.
ڪوالالمپور کان اٺين بجي شامَ جو هڪ
ٽرين بٽروٿ وڃڻي هئي جنهن لاءِ ڪلارڪ ٽڪيٽ ڪٽڻ وارو هو ته مون ان جي پهچ جو وقت پڇيو.
”بٽرورٿ ـــ پينانگ ۾ رات جي ٻي اڍائي
بجي ڌاري پهچندي.“ هن ٻڌايو.
”بٽروٿ اسٽيشن تي ٽئڪسي يا بس هٿ ڪرڻ
جو وڏو آزار آهي،“ مون دل ۾ سوچيو ملائيشيا ڌارين کي پنهنجي ملڪ گهمڻ لاءِ دعوتون
ته ڏئي ٿو پر ان ۾ سنگاپور يا ٿائلنڊ واريون ڪيتريون ئي سهوليتون غير موجود آهن.
مونکي پينانگ مان اڳتي (ٿائلنڊ) جي ٽڪيٽ ملي به وڇي ته به اها ٽرين ڪلاڪ ٻن جي
مختصر بعد نه ويندي جو آئون ريلوي اسـٽيسن تي ئي اهو وقت گذّاري ڇڏيان. ٿائلنڊ ڏي
ويندڙ گاڏي بٽرورٿ (پينانگ) جي ريلوي اسٽيسن کان روزانو منجهند مهل وڃي ٿي.“
”ته پوءِ صبح واري ٽرين ۾ وڃ جيڪا
هتان ڪوالالمپور کان ستين بجي ڇٽي ٿي ۽ ٿائلنڊ ويندڙ گاڏين سان ڳنڍجي ٿي.“ ڪلارڪ
صلاح ڏني.
”يعني اڄ رات هتي ڪوالالمپور ۾ ڪنهن
هوٽل ۾ وڃي رهان. ۽ پوءِ صبح ساڻ ويندڙ گاڏي لاءِ پويون پهر ڏيئي اٿان! يار، هتي ٽئڪسي
ڏينهن جوئي ڏکي ملي ٿي، صبح ساجھر هوٽل کان ٽئڪسي نه ملي ته معنا ريل به وئي ته ننڊ
به وئي.“ مون کلندي ڪلارڪ کي چيو. منهنجي پويان قطار ۾ ڪير به نه هو، سو ڪارڪ به
واندو هو. آئون ته واندو ئي واندو هوس. بلڪ وقت گذارڻ جي چڪر ۾ هوس.
انڊين تامل ڪارڪ منهنجي سچي دل سان
مدد ڪرڻ جي موڊ ۾ هو.
”هيئن ڪريو،“ هن کي ڪا ٻي آئيڊيا ڌيان
۾ آئي، ”هن ريلوي اسٽيشن واري هوٽل ۾ رهي پئو،“ هن سامهون لڳل “Kaula Lumpur Railway Station Hotel” جي بورڊ ڏي
اشارو ڪندي چيو، ”صبح جو بئرو جيئن اٿاريانو، لفٽ ۾ لهي سڌو هيٺ گاڏي م اچي وهجو.“
صلاح سٺي هئي، ساڳي وقت کيس اڃا
بيزار نه ٿيندو ڏسي هڪ ٻيو سوال ڪيومانس:
”ڀلا ڪرشنن اهڙي ڪا گاڏي ناهي جيڪا
اڄ رات ٿورو دير سان ڇٽندي هجي. جيئن رات ان ۾ گذري وڃي ۽ ڏينهن جو بٽرورٿ
(پينانگ) پهچان.“
”آهي،“ هن وراڻيو. ”اها هتان ڪوالامپور
کان رات جو ساڍي ڏهين ڇٽندي ۽ بٽر ورٿ صبح جو اٺين بجي پڄائيندي.“
”اها ته پوءِ واهه جي ٿيندي.“ مون
خوشِءَ ۾ ٻهڪندي ٻٽونءَ مان پئسا ڪڍيا.
”پر ان ۾ توهانکي شايد وهڻو پوي.
سمهڻ لاءِ سليپر (Sleeper) جي پڪ نه اٿم“
”ڏس يار! هاڻ ائين ته نه ڪر.“ مون
چيومانس. گذريل رات، سنگاپور ۾، اڳ ئي ننڊ پوري نه ٿي هئي ۽ هاڻ هڪ وڌيڪ رات ويهي
گذارڻ مون نٿي چاهيو.
ڪرشنن هڪ دفعو وري ڪمپيوٽر جي اسڪرين
ڏي گهورڻ لڳو. سندس هٿ چاٻيون دٻائڻ ۾ مشغول هئا. آئون سندس ڪومايل چهري کي ٽڪ ٻڌي
ڏسڻ لڳس، جيڪو گهڙيال جي لڏڪڻي وانگر، لڏي لڏي آشا ۽ ناراشا جي وچ ۾ بيهي رهيو. اسڪرين
تي ڊوڙندڙ انگ اکر ـــ پئسنجرن جا نالا ۽ سندن سيٽن جا نمبر ڪنهن وقت به سندس چهري
جي پينڊيولم کي هڪ طرف ڌڪو ڏيئي سگهيا ٿي.
اوچتو سندس منهن تي سرهاڻ نمودار ٿي.
يعني سندس ڪومايل چهرو هاڻ گهٽ ڪومايل لڳو. سندس ڪاري منهنَ تي ڏندن جي اڇي قطار
ظاهر ٿي. ڄڻ اونداهي گهر جي ڪنهن ڪمري جي بتي ٻري ويئي.
”يو لڪي لا“ (You Lucky
–Lah) ــ هن ملئي اسٽائيل انگريزي ۾ مونکي خوشخبري
ٻُڌائي ۽ پوءِ ملئي زبانَ ۾ پڇيو:
“Bawa Atau Atas” هيٺ (واري سيٽ
کپي) يا مٿي؟
هن مون کان سليپر جي پوزيشن معلوم ڪرڻ
چاهي ٿي ته آيا هيٺين بستري تي سمهڻ چاهيندس يا مٿئين تي.
هاڻ ڪا چونڊ جي گنجائش هجي ته نخرو
به ڪجي.
”هونءَ ته هيٺ واري بستر کي پسند ڪندس
پر هينئر جيڪو هجي صحيح آهي،.“ مون ٻڌايومانس.
“Nasib – Baik” ــ ڀاڳ موچارو
اٿئي. ۴-B هيٺيون بيڊ ئي
خالي آهي.“ هن فور ــ بي واري خالي ڪالم ڏي
اشارو ڪندي ڏيکاريو.
اهو ڪالم ڏسڻ بدران مون اوسي پاسي
جي خانن ۾ ٻين پئسينجرن جا نالا پڙهيا. فلاڻو بن فلاڻو، فلاڻو بن فلاڻو، فلاڻي بنت
فلاڻو....... انهن نالن مان اندازو لڳايم ته جنهن دٻي ۾ مونکي جاءِ ملي آهي ان ۾
ملئي گهڻا آهن. اها مون لاءِ سٺي ڳالهه
هئي. جو مون سگريٽ جي دونهين ۽ گوڙ گهمسان کان ڀڄڻ چاهيو ٿي. ملئي گهٽ سگريٽ پيئن ٿا
۽ عورتون ته بنهه نه. ان کان علاوه ملئي آهستي ڳالهائين ۽ سوير سمهڻ جا عادي آهن.
ان ڪري ريل گاڏيءَ ۾ مونکي ننڊ ڪرڻ جو سٺو موقعو ملي ويندو. ملئين بعد، ملائيشيا ۾
رهندڙ ٻي وڏي قوم ـــ چيني، ٽرين ۾ اڪثر زور زور سان ڳالهائين ۽ رات وارو سفر ڳائڻ
۽ کل مسخري ۾ گذارين. ننڍي ٽهيءَ جا ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون، گاڏي ۾ هڪ ٻئي کي وهاڻا اڇلي
هڻن، رڙيون ڪن ــ يعني جاڳڻ واري لاءِ ته تماشو ٿيو پر لڪل مسافر ننڊ جو سوچي به نٿو
سگهي.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment