Saturday, September 21, 2013

زردي رنگ جو شربت- الطاف شيخ

زردي رنگ جو شربت.....

الطاف شيخ

ڀر واري گاڏي  تي هڪ ٿائي ٻڌ ڇوڪري هيڊي رنگ جو شربت ۽ ناريل جو پاڻي وڪڻي رهي هئي. سمجھ ۾ نه آيو ته شربت ڇا جو آهي. سخت اڃ ۽ گهڻي هلڻ ڪري ڪجهه ڪجهه دماغ پڻ سوچڻ کان نابري واريو بيٺو هو. سو To be on safe side اهو هيڊو زردو شربت وٺي پيئڻ بدران ناريل ڏي اشارو ڪيم. ملائيشيا ۾ ڪن هنڌن تي سڄو ناريل وڪامي ته ڪن هنڌن تي هڪ ناريل مان ٻه گلاس ڀَري، ڪجهه مٺي چاش ملائي ڏين. هونءَ ملائيشيا جا ناريل ايترا مٺا نه آهن جيترو هي سيامي (ٿائلنڊ) جا ناريل. قيمت پڻ اڌَ جيتري اٿن. ڇوڪريءَ ناريل جي ٽوپيءَ وٽان پنهنجي ٺونٺ جيڏي پرانگ (ڪات) سان چٿر لاهي، منجس چوسڻ جي ڪاني (Straw) ٽنبي ڏني.

اها مڃيل حقيقت آهي ته ٿائلنڊ جوميوو توڙي ڀاڄي اوسي پاسي جي مڙني ملڪن ۾ بهتر سمجھيو وڃي ٿو. پپئي، ليچي، دورين کان وٺي ڀينڍي، پالڪ، گوبيءَ تائين. ان کان علاوه هر ميوي ڀاڄيءَ جون هتي ڪيتريون ئي جنسون ٿين ٿيون. جيڪو ناريل مون ورتو ان جي ٻاهرين کل ٻين عام ناريلن کان نرم هئي جو ڇوڪريءَ هڪ ئي هلڪي ڌڪ سان صحيح هنڌ تان ڇوڏو لاهي ورتو. يا ته ان ڪم ۾ هوءَ ضرور ايڪسپرٽ هوندي، نه ته اسان ناريل کي پٽ تي رکي جڏهن مڏي يا تکي ڪاتيءَ سان ست اٺ ڌڪَ هڻندا آهيون تڏهن مس مس کلندو آهي ۽ ان ڏي ـــ وٺ ۾ ناريل جو ڪجهه پاڻ هڪ طرف هاربو آهي ته فرش جا چٿر الڳ لهندا آهن. ملاڪا (ملائيشيا) ۾ اسان جي گهر اڳيان سيمنٽ جي ڌڪيءَ جا لٿل چٿر ۽ ڪاتن جا اونها نشان انهن ناريلن ڀڃڻ جون چٽيون چپاٽيون ۽ دائمي نشانيون آهن.
ناريل جو پاڻي پيئڻ شروع ڪيم ته ڇوڪريءَ چمچو ڏنو جيڪو ناريل جي اندران ڀتين تي لڳل ملائي لاهي کائڻ لاءِ هو. پر پوءِ ملائي کائڻ مهل بوٽ پائڻ جي شوهارن جهڙو پلاسٽڪ جو اهو چمچو اندر وڃي نه سگهيو. دڪاندار ڇوڪريءَ يا ڀر ۾ بيٺل ٻين گراهڪن کي ملئي يا انگريزي بنهه نٿي آئي ۽ ٿائي ٻوليءَ کان آئون اڻ واقف هوس. پر هوءَ منهنجو مطلب سمجھي ويئي ته سوراخ سوڙهو آهي ۽ اهو ويڪري منهن وارو چمچو اندر وڃي نٿو سگهي. ناريل تان وڌيڪَ ڇلر لاهڻ لاءِ هن ڀر ۾ رکيل هڪ فالتو ڪات ڏي اشارو ڪيو ته اهو ڪم آئون پاڻ سرانجام ڏيان جو هوءَ ٻين گراهڪن کي زردي رنگ جو شربت ٺاهي ڏيڻ ۾ مشغول هُئي.
ناريل کي ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ ڌڪ هنيم پر ناريل نه ڀڳو. سڄو گاڏي ۽ گاڏي ۾ سينگاري رکيل گلاس ۽ هيڊي رنگ جون بوتلون لڏي لڇي ويون. اوڙي پاڙي ۾ بيٺل سڀ ڏسڻ لڳا. ڇوڪري سمجھي ويئي (۽ آءٌ پڻ، ته هي گاڏو ڄاڻ ته اسان جي گهر واري ڌڪي ٿي پوندو.) سو ٻيو ڌڪ هڻڻ کان اڳ هن مونکان ناريل وٺي ٻه اڌ ڪري ڏنو.
ناريل جي پاڻي ۽ ملائيءَ جا پنج ڀاٿ ڇوڪريءَ جي هٿ تي رکي، پوءِ گدري جي ٻج جهڙو ڀَتُ ۽ تريل چڪن کائڻ لاءِ پنهنجي هوٽل جي ڪمري ڏي روانو ٿيس. هن پاسي جي ملڪن ۾ ماڊرنائيزيشن اچڻ ڪري هاڻ ناريل ڪوڪا ڪولا وانگر وڪامي ٿو. نه ته ناريل هتي ائين ملندو هو جيئن پاڻ وٽ سنڌُ ۾ ڪنهن زماني ۾ کير يا ڏڌ يعني مفت ۾. رڳو ٻه ٽي ڀات ڀولڙي واري کي ڏبا هُئا جيڪو ڀولڙي کي ناريل پٽڻ لاءِ ناريل جي ڊگهي ونَ تي چاڙهيندو هو. ساڳيو حال بنگال جو هو. چالنا، کلنا، نواکلي ۽ چٽگانگ پاسي جا ٻار، وڻ تي چڙهڻ جا اهڙا تکا ٿين جو اتي ته ڀولڙي واري کي ڳولڻ جي به ضرورت ناهي. ڪنهن به ٻارَ کي خرچيءَ طور ٻه چار ٽڪا (روپيا) ڏي ته گوڏ کُنجي يڪدم وڻ تي چڙهي ويندو. وڻ ڀلي ڪيڏو به ڊگهو هُجي.
ناريل واري ٿائي ڇوڪري جيڪو هيڊي رنگ جو شربت وڪڻي رهي هُئي اهو ٻيو ڪو دارون دوا يا تاڙي شراب نه هو  پر نج ماکي جو شربت هو، جيڪو پوءِ مون سان گڏ آيل ملئي دوست ايندي ويندي پيئندا رهيا. بقول انهن جي، ماکيءَ جو شربت هن پاسي جي گهم، گهٽ ۽ گرمي کي ماري ٿو ۽ جسم کي ٺاريو ڇڏي. سائين! ضرور ٺاريندو هوندو. نج ماکيءَ جو شربت وري به هنن ولائتي ڪولائن (Cola) کان بهتر آهي. ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ ۾ ماکي جام ٿئي ٿي. اها نه فقط هتي جي گهاٽن ٻيلن ۾ ٿئي پر ماڻهو گهرن ۾، دٻلن منجهه ماکيءَ جون مکيون ائين پالين جيئن پاڻ وٽ واڙن ۾ رڍون ٻڪريون. ان معاملي ۾ هن پاسي جا ملڪ ـــ جيڪي ڪنهن زماني ۾ پٺتي پيل ليکيا ويندا هُئا، اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن. وڪري لاءِ ڪڪڙن، ٻٽيرن ۽ ماکي جي مکين کان علاوه، گهرن ۾ پاڻي جا حوضَ ۽ ناديون ٺاهي ان ۾ گانگٽ ۽ مڇيون پڻ پالين. ان کان علاوه هي ماڻهو پوپٽ ۽ مانگر مڇ پڻ پالين. مانگر مڇ جي کل به وڪڻن ته گوشت به ـــ جيڪو چيني ماڻهو شوقَ سان کائين. بدڪون ۽ ڪميون پڻ عام طرح گهرن ۾ پالي سندن گوشت ۽ آنا وڪڻن.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment