Saturday, September 21, 2013

امير نه چاهيندو - الطاف شيخ

امير نه چاهيندو.......
الطاف شيخ

هاشم ۽ قاسم تيار ٿيندا رهيا. ايتري ۾ اسماعيل اچي ويو ۽ مون سان خبر چار ڪرڻ لڳو.
ڪن ڪن ملڪن ۾ سواريءَ جا خاص نمونا ٿين ٿا. جيئن ڪراچي، حيدرآباد ۾ رڪشا سڀ کان مشهور آهي. ڪوالالمپور ۾ مني بس، جيڪا هوبهو بس جهڙي ٿئي پر ننڍي سائيز جي. پينانگ ۾ ٽن ڦيٿن تي هلندڙ سائيڪل رڪشا (ٽرائشا). منيلا ۾ جيپني. اهڙي طرح هتي ٿائلنڊ جي وڏن شهرن ۾ ٽڪ ٽڪ (Tuk – Tuk) سڀ ۾ سستي، سولي ۽ هر وقت موجود سواري آهي. شهر جي هڪ ڪنڊَ کان ڀلي ٻي ڪنـڊ تائين وڃو يا هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽيءَ تائين. هي ننڍڙيون سوزوڪي پڪ اپون فقط چار باٿ وٺي مُسافر کڻن لاهين. سندن ڪا به مقرر روٽ نه ٿئي. رستي تي جيڪي مُسافر ملندن سي پٺيان ٺهيل ڪاٺَ جي ٻن بينچن تي وهاريندا ويندا. ڪڏهن فقط هڪ ملندن ته به هلندا رهندا. ڪُر ڪُر نه ڪندا. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون جهڙن ڊگھن لاءِ اُنَ ۾ وهڻ به عذاب ته چڙهڻ لهڻ به عذاب مٿي تي هٿ رکي ٽڪ ٽڪ ۾ وهڻو پوندو آهي جو رکي رکي جمپ کائڻ تي منهنجي بنا وارن واري گنج سوزڪي جي ڇت واري ڏنڊي سان وڃي لڳندي آهي. ان کان علاوه اڻ تجربيڪار مسافر اوچتو بريڪ لڳڻ تي بينچن تان اٿل کائي اڳيان وچ تي ڍير ٿي پوندا آهن. بهرحال اها هڪ اهڙي نارمل ڳالهه آهي جو هڪ ٻئي  مٿان ڪرڻ يا ڇيڀاٽجڻ تي ڪو به “Sorry” چئي معافي نٿو وٺي. هر هڪ پاڻ ڇنڍي جهڙا ميڙا جت تهڙا ميڙا تت ٿي ٿو وهي.

پنجويهه کن سالن جي سنهڙي اسماعيل ٻُڌايو ته هو ان ٽڪ ٽڪ مان روزانو سئو کن ڀاٿ ڪمائي ٿو. ”پر اڄ منجھد کان مون موڪل ڪئي آهي جو هي قاسم ۽ هاشم هڪ ڌارئين ملڪ کان آيل مونسان مليا آهن جن جو مذهب، زبان ۽ ڪلچر ساڳيو اهو آهي جيڪو منهنجن وڏن جو آهي.“
”اسماعيل تنهنجا وڏا ڪڏهن ملائيشيا کان هتي آيا؟“ مون پڇيو مانس.
”منهنجو ڏاڏو ملايا (ملائيشيا) جي اڀرندي ڪناري واري شهر ترگانو کان ٻي جنگ عظيم ۾ هن پاسي آيو هو. جپاني سولجر ٿائلنڊ ۽ برما کي ڳنڍڻ لاءِ ريل جا پٽا وڇرائي رهيا هُئا. ملايا مان جيڪي ماڻهو وٺي آيا هُئا انهن ۾ منهنجو ڏاڏو پڻ هو. پوءِ بيماريءَ ۽ غربت ڪري واپس وطن (ملايا) وڃي نه سگهيو ۽ هتي ٿائلنڊ ۾ ئي رهي پيو. ساڻس گڏ اسانجي پوڙهي ڏاڏي ۽ پيءُ پڻ هو.“
”ڀلا اهو ٻڌاءِ ته تون اتي ٿائلنڊ ۾ رهڻ ۾ خوش آهين يا ملائيشيا ۾ رهڻ پسند ڪندين ــــ؟“ مون پڇيو مانس.
”اسان لاءِ ملائيشيا وڌيڪ بهتر آهي جو هڪ ته ملائيشيا ٿائلنڊ کان وڌيڪ ستابو ملڪ آهي ٻيو ته ملائيشيا ۾ اسانجو پنهنجو ڪلچر، رسم رواج ۽ مذهب آهي جتي اسان وڌيڪ آزاد محسوس ڪري سگهون ٿا. ظاهري طرح ته ٿائلنڊ ۾ ڪا به تڪليف نه اٿئون ۽ اسين هتي جا پُراڻا شهري آهيون پر ان هوندي به اسان کي ڌاريون سمجهيو وڃي ٿو. نوڪريون به اسان کي ايترو سوليون نٿيون ملن.“
”ٿائلنڊ ۾ ملئي نسل جي رهاڪن کان علاوه چيني، ڪمبوڊين، برمي، ويٽنامي، لائوسي ۽ ڪجهه انڊين به آهن. اهي ڪيئن محسوس  ڪن ٿا ــــ؟ اهي خوش آهن يا نه؟“ مون سوال ڪيو.
”اهي خوش آهن،“ اسماعيل ٻُڌايو، ”ڇو جو هو جڏهن پنهنجن ملڪن: چين،  ڪمبوڊيا، برما، ويٽنام، لائوس، انڊيا وغيره کي ٿائلنڊ سان ڀيٽين ٿا ته ٿائلنڊ انهن مڙني ملڪن کان گهڻو خوشحال آهي. ۽ ٻيو ته چيني ويٽنامي، توڙي انڊين برمي هتي جي لوڪل ڇوڪرين سان شادي ڪري، پنهنجي اصليت ۽ مذهب وساري پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد کي ٿائي بنائي نوڪرين توڙي ڌنڌن ۾ سرڪاري فائدا حاصل ڪري رهيا آهيون. مذهب ۽ زبان جي معاملي ۾ هنن جو مذهب کڻي عيسائي يا هندو هجي ۽ سندس ٿائي زال جو ٻڌ ڌرم. هو مڙيئي خير سمجھن ٿا. بس پئسو اچي. ايڪانوميڪل ترقي ٿيندي رهي. پر اسين مسلمان ان کي عيب سمجھون ٿا. ان ڪري اسين ٻين کان ڪٽيل ۽ ويڳاڻا رهون ٿا. ويتر پنهنجي اصل ملڪ ملايا ــــ جيڪو چند فقط ميل پري آهي ـــ جي ترقيءَ جو ٻڌي اندر ۾ اڌما پئدا ٿين ٿا ته جيڪر اسان به اتي هجون ها. اسان جا وڏا پنهنجي مرضيءَ سان اباڻو ملڪ ته نه ڇڏي آيا هُئا. کين حالتن مجبور ڪيو. جپانين جي مار ۽ موچڙي ڪري پنهنجو اجھو ۽ وطن ڇڏي هيڏانهن ٿائلنڊ ڏي دربدر ٿيڻو پيو.“ اسماعيل ٻُڌايو.
”ملائيشيا جي ملئي ماڻهن جي توهان سان ضرور همدردي هوندي.“ مون پڇيومانس.
اسماعيل ٿوري دير سوچي پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو: ٿائلنڊ ۾ رهندڙ ملئي ماڻهن مان ڪيترن کي ملائيشيا گهرائي ڪيترن کي گهرائي. پوءِ ته سري لنڪا ۽ موريشش ۾ رهندڙ ملئي به چوندا ته کين به ملائيشيا ۾ رهڻ ڏنو وڃي جتي جي ملن جي ٿائلنڊ کان به حالت خراب آهي. پاپا نيوگني ۽ فجيءَ ۾ رهندڙ ملئي به واپس اچڻ چاهيندا. غريب ته پنهنجي گهرَ ۾ هر هڪَ کي گهرائي پنهنجي بک ۽ ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري سگهي ٿو پر امير ڪڏهن به نه چاهيندو ته سندس سک ۾ ڪو ٻيو شريڪ ٿئي. فلسطيني دربدر آهن. سندن عرب ڀائرن جا ڪيترا ئي امير ملڪ آهن جن جي آدمشماري به گهٽ آهي. هو چاهين ته فلسطينين کي پاڻ وٽ رکي سگهن ٿا. پر پوءِ ـــ؟ ڪڏهن ڪنهن عرب ملڪ اهو چيو ته اهي سندن غريب ڀائر فلسطيني هيڏانهن هوڏانهن دربدر ٿيڻ بدران سندن ملڪن ۾ وڃي رهن؟“
”صحيح آهين.“ مون چيومانس ۽ پوءِ موڪلائڻ لاءِ اٿياسين. مون ساڻس هٿ ملايو ۽ هاشم ۽ قاسم کي Selamat Jalan چيو، جيڪي هن سان گڏ اُنَ ئي وقت سونگڪلا روانا ٿي ويا. ۽ هاڻ جڏهن هوٽل ٻاهران اسٽال تان ورتل ماني کائي بس ڪيم ته هي اچي سهيڙيا.


اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment