هلندڙ چلندڙ هوٽلون
الطاف شيخ
هاتيائي شهر ۾ دڪانن ۽ هوٽلن اڳيان،
فٽ پاٿ تي ننڍا ننڍا اسٽالَ سڄو ڏينهن کليل رهن. شامَ کان پوءِ ته ٻيا به ڪيترا ئي
کاڌي جا اسٽالَ کليو وڃن. وڏا دڪان نائين ڏهين بند ٿين پر هي فٽ پاٿ وارا دڪان ۽
ريڙهي/گاڏن تي هلندڙ چلندڙ گاڏي جون ننڍڙيون هوٽلون ٻارهين هڪ تائين کليل رهن. هي
دڪان ۽ هوٽلون گهڻو ڪري عورتون ۽ ڇوڪريون
هلائين. پاڻ سان ننڍڙا ۽ هلڪا فولڊنگ قسم جا ٽيبل ۽ ڪرسيون کڻي اچن جيڪي پنهنجي گاڏي
جي ٻنهي پاسن کان گراهڪن جي وهڻ لاءِ رکن. جيئن پاڻ وٽ، اهڙن گاڏي ۾ ڪو شربت، ملڪ
روز، ڳنڍا وڪڻن ته ڪي جيرا بڪيون ڪواب تري وڪڻن. خاص ڪري ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ ۽
بزنس روڊ وٽ، حيدرآباد ۾ مارڪيٽ ٽاور ۽ سول اسپتال ڀرسان اهڙا گاڏا (ريڙها) جام
نظر ايندا. هتي انهن گاڏن تي، ڪي ماڻهو فقط کاڌي جون شيون وڪڻن ته ڪي رڳو پيئڻ
جون. هڪ گاڏي تي مسلمان ٿائي عورت فرائي ٿيل ڪڪڙيون، بٽير ۽ پاڻي پسيا چانور وڪڻي
رهي هئي. هن پاسي تتر نه برابر نظر اچن پر ٻٽير (Quail) پکي جام ٿين ٿا. ملائيشيا ۾ پڻ جام ٿين ۽ في بٽيرو اڌ رنگٽ (ٽين
رپئي) جو عام جام مارڪيٽن، رستن ۽ هوٽلن ۾ وڪامي ٿو. مسلمان هوٽل وارو يا گاڏي
وارو هوٽل اندر ۽ ٻاهر Halal Meat Foods لکي يا قرآن جي
ڪا آيت. گهڻو ڪري ”بسم الله“ فريم ڪرائي ٽنگي. جنهن مان مسلمان گراهڪن کي خبر پوي
ته آيا هن هوٽل يا دڪان تي حال کاڌو آهي يا نه.
هونءَ ٿائلنڊ جو سرڪاري مذهب ٻڌ ڌرم
آهي ۽ مسلمانن کي ڪا گهڻي لفٽ ناهي. پر ڏکڻ ٿائلنڊ ۾ ڪافي مسلمان رهن ٿا. هو ڪي گهڻا
نه آهن پر سندن چڱو سياسي زور آهي. ان کان علاوه هن ملڪ جي ٽوئرزم مان وڏي ڪمائي،
انهن مسلمانن مان پڻ آهي جيڪي ڀر وارن مسلمان ملڪن: ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ڏورانهن
عرب ملڪن کان اچن ٿا. اُنَ ڪري ٿائلنڊ حڪومت هتي جي رهندڙ مسلمانن سان به ٺاهيو
هلي ۽ هو آزاد نموني سان نماز روزو توڙي مسجدون قائم رکندا اچن. اها ٻي ڳالهه آهي
ته کين نوڪرين ۽ واپار وڙي ۾ اهي وجهه ۽ موقعا نٿا ڏنا وڃن، جيڪي ٿائي ٻڌن کي ملن ٿا.
مٿئين اسٽال واريءَ وٽ وهڻ جو
بندوبست نه هجڻ ڪري آيل گراهڪن بيهي کاڌو ٿي يا گهر کڻي ويا ٿي . يعني Take
Away سسٽم هو. چانورن جو ديڳڙو گهران رڌي آئي
هئي. هٿ تي پلاسٽڪ جي ڳوٿري چاڙهي پوءِ ديڳڙيءَ مان لپ ڀري، پني ۾ ويڙهي ڏنائين ٿي.
هتي جي ڪيترين هوٽلن دڪانن ۾ اهڙو جپان جهڙو رڌل ڀت ٿئي، جنهن جو چانور چانور سان ائين
مليل ٿئي ٿي ڄڻ ائين مليل ٿئي ته کونئر
سان لتل هجي. پوءِ ان يڪي ڳوڙهي کي ڪيڪ يا ڳڙڌاڻي (مُٺئي) وانگر چڪ هڻي کائڻو آهي.
ٽيههَ کن ڪڪڙين جي ٽنگن، کنڀڙاٽين ۽ سيني جي ٽڪرن سان هڪ ڇٻي ڀريل هيس ۽ ٻيءَ ۾ سڄا
سڄا ٻٽيرا هئا. گراهڪ جي مرضيءَ مطابق ڪڪڙ جو چونڊيل ٽڪرو يا سڄو ٻٽير ڪڻڇيءَ ۾ ٽهڪندڙ
تيل ۾ وجھي گرم ڪري ڏنو ٿي. هنن کي هوءَ گهران ئي اوٻاري ۽ اڌ گابرو تري آئي هئي.
ٻين هڪ هڪ پيس ورتو پئي آئون ڪو
وڌيڪ ئي بکايل هوس جو ٻه ٽڪر ورتم. ڇوڪريءَ ڀت ۽ ڪڪڙ سان گڏ، ماچيس جي دٻلي جيڏين
ٻن ٿيلهين ۾، سنهي فراءِ ٿيل بصر جي ڪاتر ۽ چٽي ڌار ڌار وجھي، سڀ مال هڪ وڏي لفافي
۾ بند ڪري ڏنو. ويهه ڀاٿ. يعني سورهن رپيا بل ٿيو. جيڪو ملائيشيا جي حسابَ سان ته
سستو ٿيو پر پاڪستانَ جي حِسابَ کان به سستو ٿيو. جو اسان وٽ چڪن تڪو يارهين
ٻارهين رپئي آهي. هونءَ به هتي جي وڏين هوٽلن کان هي ننڍا اسٽال سستا آهن. گهٽ
نفعو رکڻ ڪري هنن جو گهڻو مال وڪامي ٿو ۽ آخر ۾ چڱي خاصي بچت ٿيو وڃين. ان ڪري هن
پاسي جي مڙني ملڪن: ٿائلنڊ، ملائيشيا، سنگاپور توڙي انڊونيشيا، برونائي ۽ فلپين ۾
هن قسم جي گاڏي تي هلندڙ چلندڙ ۽ فٽ پاٿ تي شامَ جو کلندڙ هٽ ۽ هوٽلون بيحد مشهور
آهن. هتي جا ماڻهو گهڻو تڻو ٻاهر اهڙن اسٽالن تي کائين، گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن پچائين.
هي کڻي هتي جي حساب سان اسان وڏي عياشي ڪئي نه ته هتي جي ماڻهن جو عام طرح روز
مرهه جو کاڌو ”مي“ (Mee) آهي. مي چانورن جي اٽي جون سنهيون سويون ٿين ٿيون
جيڪي پاڻيءَ ۾ اوٻارڻ بعد نالي ماتر ڀاڄي ۽ آمليٽ بيضي جي ڇيتن سان فراءِ ڪيون وڃن
ٿيون. ان مِي جي پاڪيٽ جي قيمت ٽي يا چار ڀات آهي. غريب غربو توڙي امير، مزدور ۽
آفيسر اها ”مي“ کائي ۽ ان ذري پرزي کاڌي لاءِ ڪير ويهي رڌڻي ۾ باهه دکائي ۽ ٿانو
ڌوئي. اسٽال، دڪان يا گهوريئڙي کان وٺي ڪم اڪلائين.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment