Saturday, September 21, 2013

ٿائلنڊ جون ڇوڪريون همدردي لائق آهن.- الطاف شيخ

ٿائلنڊ جون ڇوڪريون همدردي لائق آهن.... 
الطاف شيخ

ملڪ جي هن وهنوار ۽ هن قسم جي ريتن رسمن کان بيزار ٿي هي بي وس ٿائي  ڇوڪريون موقعي ملڻ تي ٿائلنڊ مان ڀڄي ڀر واري ملڪ ـــ ملائيشيا ڏي وڃن ٿيون. جيڪو ٿائلنڊ کان پوءِ به سکيو ستابو ۽ امن امان وارو آهي. يا جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور گهمڻ جو بهانو ڪري اتي ٽڪي پون ٿيون. پوءِ جيڪو محنت مزدوريءَ جو کين ڌنڌو ملي ٿو ـــ گهر آفيس جي صفائيءَ کان فئڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ جو، ته ان ۾ هي راضي رهن ٿيون. پر اڻ پڙهيل هجڻ ڪري اتي به کين اهوئي جسم جو وڪرو ڪرڻو پوي ٿو. ڌارئين ملڪ ۾ غير قانوني طرح رهڻ لاءِ اتي به کين ڪنهنجو سهارو وٺڻو پوي ٿو جيئن هو هنن لاءِ ڪو ڌنڌو ڳولي ۽ کين اميگريشن پوليس کان لڪائي رکي. پر ان قسمَ جو سهارو ڏيڻ وارو ورلي ڪو صحيح ماڻهو نڪري ٿو. نه ته اهڙين ڇوڪرين جي ڳولا ۾ ڪيترا ئي لوفر غنڊا واجھائيندا رهن ٿا جيئن کين ٻاهرينءَ زبان جي مک چک سان، کين ڌتاري کانئن غلط پورهيا ڪرائي، انهن جي ڪمائيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿجي. پوءِ هنن مجبور ڇوڪرين کي هر ڳالهه مڃڻي پوي ٿي ۽ ٿوري به چون چران ڪرڻ تي جپاني پوليس به ساڻن همدردي ڪرڻ بدران کين غير قانوني رهڻ جي جرم ۾ جھلي ٿي ۽ ويتر جي کين سندن ملڪ موڪليو وڃي ٿو ته اتي ٿائي پوليس به کين ماري ڪٽي جيلن ۾ بند ڪري واپس ساڳين ٿائي مالڪن/مائٽن حوالي ڪري ٿي جن جي ظلم کان هو ڀڄي نڪتيون هيون.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هي ٿائلنڊ جون ڇوڪريون همدردي جي لائق آهن جن جي پيٽ خاطر سڄي زندگي لڳاتار جدوجهد ۾ گذري ٿي. جن جي زندگي ڄمڻ کان وٺي ڏکن سورن ۾ پوري ٿئي ٿي. غريب گهر ۾ ڄمڻ ڪري هنن جو ننڍپڻ پڙهڻ بدران ٻنين ٻارن ۾، اڌ بک اڌ ڍؤ تي، پورهيو ڪندي گذري ٿو. جوان ٿيڻ تي هنن جا مائٽ کين ڍورن وانگر وڪڻيو ڇڏين ۽ نون خريدارن وٽ هنن جي زندگي گراهڪن کي زور ڏيندي، نچندي، شراب پيئاريندي يا پنهنجو جسم هنن جي حوالي ڪندي گذري ٿي. معصوم منهن تي ميڪ اپ جو ليپ ڏيئي هر ايندڙ گراهڪ جو مرڪ سان آڌر ڀاءُ ڪندڙ، ٿائلنڊ جون هي ڇوڪريون، هر وقت گراهڪن ۽ سندن نون آقائن جي موڊَ جو شڪار رهن ٿيون. مرڪ بدران کين موٽ ۾ مار موچڙو ۽ Sexual Diseases (جنسياتي بيماريون) ملن ٿيون.
ان سڄي عذاب کان پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جڏهن ڪڪو پوڙهو پڪو يورپي يا ڀرواري ملڪ ــ ملائيشيا جو، کين شاديءَ لاءِ چوي ٿو ته ان وٽ گولي ٿي گذارڻ لاءِ به تيار ٿيو وڃن. ٻئي ملڪ هلي ڪنهن آبرو واري پورهئي ڪرڻ لاءِ ڪو کين آسرو ڏئي ٿو ته ان کي سچ سمجهي، بنا ڪنهن اڳتي جي خوف جي، يا پوءِ جي انجامَ سوچڻ جي، نڪريو پون.
”مستقبل جي خطري جو خوف انهن کي ٿي سگهي ٿي جن جو حال سک ۾ گذرندو هجي.“ هڪ ان قسم جي ٿائي ڇوڪريءَ ٻُڌايو.
حالتن جي چنبي ۾ ڦاٿل هنن ٿائي ڇوڪرين کي ٻئي ڪنهن وٽ ٿورو گهڻو به سک مليو وڃي ته هو پاڻَ کي خوش نصيب سمجھن ٿيون. جيترو وقت سڪون سان گذرين ٿو ان کي هو غنيمتَ سمجھن ٿيون. پر پوءِ ڪن جي بدبختيءَ جو اهو ڏينهن جلد اچيو وڃي جڏهن پوليس جي پڪڙ ڌڪڙ يا شادي ڪندڙ جي مار موچڙي يا طلاق ڏيڻ تي، هڪ دفعو وري پنهنجي ساڳي زندگيءَ ۾ موٽي اچڻو پوين ٿو.
ملائيشيا جا ڪيترا شادي شده ملئي مسلمان (ان ڪري جو ٻي يا ٽي شادي لاءِ هو اسلام کي سولائيءَ سان Exploit ڪن ٿا) هڪ يا ٻن زالن هوندي، ٿائلنڊ شاپنگ جي ارادي سان پهچي، موڊ  ٿيڻ تي ڪنهن ٿائي ڇوڪريءَ کي نئين ڪنوار ٺاهي پنهنجي ملڪ وٺيو وڃن. پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد، دل کٽي ٿيڻ تي، (يا پهرين زال جي باه ٻاري ڏيڻ تي) ٿائي زال تي ئي مصيبت اچي ٿي، جو هن جو ڪو اوهي واهي ناهي. پوءِ هوءَ ٿائلنڊ موٽي واري ساڳي سورن جي زندگي گذاري ٿي.
هاڻ ملائيشيا ۾ اهو شاديءَ جو چڪر البت گهٽجي رهيو آهي جو حڪومت روز بروز سخت قاعدا ڪڍي رهي آهي جن موجب هڪ ته ٻاهرين ملڪ مان آندل ڪنوار کي ملائيشيا جي قوميت نه ملندي. ٻيو ته شادي کان اڳ، مڙس کي پهرين زال کان ٻن شاهدن اڳيان لکت ۾ موڪل وٺڻي پوندي. ٽيون ته جنهن ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻي آهي، سال اڌ اڳ ان جو نالو ۽ پتو رجسٽرڊ ڪرائڻو پوندو جيئن خبر پوي ته پهرين کان ڄاڻ سڃاڻ آهي ۽ هو صحيح طرح شادي ڪرڻ چاهي ٿو. ائين نه ته پهرين زالَ ۽ ٻارن کان اهو چئي موڪلائي نڪري ته توهان لاءِ ٿائلنڊ مان عيدَ جا ڪپڙا ۽ رانديڪا ٿو آڻيان، موٽي هڪ عدد ٿائي جوان جماڻ  عورت سان.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment