Saturday, September 21, 2013

ترقيءَ جي رفتار ٻُڙي ٻُڙي - الطاف شيخ

ترقيءَ جي رفتار ٻُڙي ٻُڙي .......

الطاف شيخ

مٿين گاڏن/اسٽالن کان علاوه ڪن تي تريل مڇيون ۽ گانگٽ پڻ وڪامي رهيا هُئا. ڪن تي چانهه، بسڪٽ، ڪُمين، بدڪن، ڪڪڙين ۽ ڪبوترن جا اوٻاريل بيضا پڻ هُئا. هن پاسي جا ماڻهو بيضو گهڻو کائين ٿا. پاڻ وٽ ڪڪڙين جا بيضا هلن ۽ ائين اوٻاريل بيضا مون فقط ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي يا رمضان جي مهيني ۾ پاڪستان چوڪ ۽ برنس روڊ جي چوراهي تي وڪامندي ڏٺا آهن.

ماني کائي بس ڪيم ته قاسم ۽ هاشم ــــ جيڪي هڪ ملئي ٽُڪ ٽُڪَ واري سان ڀر واري شهر سونگڪلا ويا هُئا، سي ان وقت  موٽيا. سونگڪلا هاتيائي کان اٽڪل ويهه کن ميلَ پري سمنڊ جي ڪناري تي هڪ آڳاٽو شهر ۽ ڏکڻ ٿائلنڊ جو مشهور بندرگاهه آهي. مشهور شهر ۽ بندرگاهه ته هاڻ هنن ڏهه پنڌرهن سالن اندر ٿيو آهي نه ته ويهارو سال کن اڳ جڏهن اسانجو جهاز سونگڪلا لاءِ سامان کني ايندو هو ته اهو ٻيو هالا پراڻا هو. يا اڄ جي پسني گوادر بندرگاهن جهڙو هو. حالت اها هئي جو اسانجي ويهه هزار ٽن وزني جهاز لاءِ هن بندرگاهه ۾ نه بيهڻ جي جاءِ هئي نه ٻڌڻ (Pilotage) جو بندوبست هو ۽ نه سامان لاهڻ چاڙهڻ جو. بندرگاهه کان گهڻو پري کلي سمنڊَ ۾ جهاز کي لنگر انداز ڪري پوءِ تانگهين ٻيڙين (Barges) ذريعي بندرگاهه ۾ سامان  موڪليو هو ۽ اسان جهازي پنهنجي جهاز جي ٻيڙي (Life- Boat) لاهي بندرگاهه ۾ ايندا هئاسين، جتان پوءِ، ڪنهن زماني جي هالا کان شهدادپور هلندڙ مستري رمضان جي بسن جهڙين پُراڻي زماني ۾ بسن ۾ چڙهي هاتيائي شهر ۾ ايندا هئاسين. پر سائين هاڻ ته ٿائلنڊ جا مڙيئي شهر بلي بلي ٿي پيا آهن. عمارتن مٿان عمارتون. رستن ڀرسان رستا. نوڪريون ۽ ڌنڌا. چوڌاري اسڪول، اسپتالون ۽ عوام جي سهوليت لاءِ سستيون سواريون. ماڻهو به سکيا ته ملڪ جي به ڏوران ڏور ساکَ.
پر تن ڏينهن ۾ دبئي ۽ دوحا جهڙا عربي بندرگاهه به ته اهڙائي هُئا. سونگڪلا بندرگاهه کان به ننڍا ۽ چَٽُ! دبئي ديرا جون بازاريون ڀٽ شاهه، سيوهڻ جهڙيون هونديون هيون. پر پوءِ ڪن وٽ تيل اچي ويو ته ڪن کي پئسي ڪمائڻ جو کيل اچي ويو. سڀ کان وڏي ڳالهه کين قوم پرستي ۽ سياسي شعور اچي ويو. عقل کان ڪم وٺي، پنهنجن ملڪن کي ڇا مان ڇا ٺاهي ڇڏيو. اڄ دبئي جهڙن بندرگاهن ۾ وڏي کان وڏا جهازَ اچي سگهن ٿا. وقت جي پابندي ۽ اڇتائي الڳ اچي ويئي آهي. هر ڪم ڪمپيوٽرائز ٿي ويو آهي. وڏي کان وڏا جهازَ ڊراءِ ڊاڪ ٿي سگهن ٿا ۽ مشينن جو ”ان جي هزارهين“ حصي تائين Clearance چيڪ ٿي سگهي ٿو. ڪم جي ساکَ ۽ هاڪَ قائم رکڻ لاءِ سٺن کان سٺن پورهيتن، انجنيئرن جي ضرورت جا اشتهار انگلنڊ جي اخبارن ۾ ڏنا وڃن ٿا. اسانجو ملڪ يعني اسين ڄڻ هڪ هنڌ بيٺي بيٺي ڪنهن پُراڻي گھوٽ جي سرگس ڏسندي رهجي ويا هجون. ڄڃ هلي ويئي. زمانو لنگهي ويو. اسان اتي جو اتي بيٺا آهيون. شايد ڪنهن ٻي ڄڃ جي انتظارَ ۾. جيڪا اسان بي دعوتين کي به ساڻ وٺي هلي ڀت کارائي. اهو آهي اسانجو حال ۽ اسان جي ترقيءَ جي رفتارَ ٻُڙي ٻُڙي.


اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment