چيپ
جان ۽ ڪئٿي
الطاف
شيخ
پينانگ ۾، شامَ جي وقت، جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس ان جي اڳيان
ٺهيل هڪ ٽڪنڊي ٿلهي تي روزانو ڪلاڪ ڏيڍ اچي ويهندو هوس ۽ پينانگ روڊ ۽ چوليا روڊ
تي ماڻهن ۽ گاڏين جي آمدرفت کي ڏسڻ ۾ سٺو وقت گذرندو هو. ٻيا به ڪجهه فارينر ــــ جيڪي
ڀرپاسي وارين هوٽلن ۾ رهيل هئا، اتي اچي ويٺا ٿي، ۽ ٻه چار چيني ــــ جيڪي يا ته
چرسي ٿي لڳا يا جواري سي پڻ اتي موجود هوندا هئا ۽ سگريٽن جا سوٽا هڻندا
رهندا هئا. رکي رکي سگنل ڳاڙهي ٿيڻ مهل ڪا
سائيڪل رڪشا منهنجي اڳيان اچي بيٺي ٿي ته منجھس ويٺل فارينرس کان ساڳيا ساڳيا سوال
ڪيم ٿي:
”What Country ـــ ڪهڙي ملڪ
جا آهيو؟“
۽ ويٺلن کلي ٻڌايو ٿي ته هو آسٽريليا جا آهن، يا نيوزيلينڊ، يونائيٽيڊ
اسٽيٽس، انگلينڊ وغيره جا آهن ــــ جو انهن ملڪن جي ماڻهن کي رلڻ پنڻ جو گهڻو
مَرڪُ آهي ۽ جتي ڪٿي ڌڪا ٿاٻا کائيندا
رهندا آهن. پئسا نه هوندن ته به ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا پائي، ڪاڪروچن ۽ منگهڻن وارين
سستين هوٽلن ۾ رهي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ چڪر ولايت جو هڻي وٺندا آهن. بهرحال ان
بعد ٻيو سوال ڪيو مان ٿي ته:
How do you like Penang? ـــ پينانگ ٻيٽ
ڪيئن ٿو لڳانوَ؟ (ڄڻ پينانگ منهنجو شهر هجي.“
”او ويري گڊ!“ خدا جي مڙني نيڪ بندن پسنديدگيءَ جو اظهار
ڪيو ٿي. ڪن ته واقعي مونکي هتي جو سمجھي چيو ٿي: ”تنهنجو شهر تمام سٺو آهي.“ ۽
جڏهن ٻڌايومان ٿي ته آئون به توهان وانگر ٽوئرسٽ آهيان ته پوءِ ورائي مون کان
پڇيائون ٿي ته آئون ڪهڙي ملڪ جو آهيان ۽ آيا پينانگ ۾ پهريون دفعو اٿم يا پهرين به
اچي چڪو آهيان.
ڪي ته اهڙن ملڪن جا هئا جن کي انگريزي صفا نٿي آئي. ”واٽ
ڪنٽري“ ۽ ”واٽ نئشنلٽي“ چوندي چوندي ٽرئفڪ جو سگنل سائو ٿي ٿي ويو، پر هنن کي
سمجھه ۾ نٿي آيو ته آئون کانئن پڇان ڇا پيو.
پاسي وارو رستو ــــ چوليا اسٽريٽ، ڪافي پراڻو ۽ اهم رستو
آهي، جيڪو فيري اسٽيشن جي ويجھو وڃيو نڪري. سندس
شروعات ۾ هڪ دڪان Cheap John نالي آهي. اهو
دڪان ڏسي مونکي ڪراچيءَ جو چيپ جان نالي دڪان ياد ايندو هو، جيڪو صدر جي علائقي ۾
آهي. هڪ ڏينهن نيٺ ان دڪان ۾ گهڙي ويس. منجھس مختلف قسمن جون شيون ۽ سووينئر رکيل
هئا. دڪان ۾ بيٺل ماءُ ۽ ڌيءَ ٻڌايو ته هو سنڌي هندو آهن ۽ هندستان جي ورهاڱي وقت
سنڌ کان لڏي هتي ملائيشيا آيا هئا. پهرين ڪوالالمپور يا شايد جوهورباروءَ ۾ رهيا.
هاڻ هتي پينانگ ۾ دڪان ڪڍيو اٿن.
”ڪراچيءَ ساڳي نالي جو دڪان هجڻ ڪري آئون توهان جي دڪان ۾
گهڙي آيس.“ مون کين سندن دڪان ۾ اچڻ جو سبب ٻڌايو.
”ها اسان کي خبر آهي.“ ماءُ وراڻيو، ”ٻه چار سالَ اڳ منهنجو
مڙس ڪراچيءَ ۾ ويو هو،. هن کي اهو نالو ڏاڍو وڻيو. ان بعد هن دڪان جو، اسان پڻ
ساڳيو نالو رکيو.“
”اڄڪلهه ڪيئن آهي ڌنڌو؟“ مون پڇيومان.
”نقصان ئي نقصان آهي. مارڪيٽ صفا ٿڌي ٿيل آهي. ٽوئرسٽ به
اڄڪلهه ايترا نٿا اچن.“
”پرآئون ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان ڏسان پيو ته توهان جي
دڪان ۾ وري به ڪجهه نه ڪجهه گراهڪ ايندا رهن ٿا.“
انهن مان، مهيني ۾، ٻه يا ٽي هزار ڊالر به ڪي مس ٿا نڪرن.“
”ٻه يا ٽي هزار ڊالر (يعني ويهه هزار رپيا کن) گهٽ ته
ناهن؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”ٽن چئن لک ڊالرن جي سيڙپ تي ته اهو نقصان ئي ٿيو. ان کان
وڌيڪَ ته ڪنهن بئنڪ ۾ فڪسڊ ڊپازٽ رکڻ سان ملي سگهي ٿو.“ ماءُ ٻڌايو. ان بعد هن
دڪانداريءَ جو حساب سمجهايو ته، ڪنهن جو مثال طور دڪان (سامان سميت) پنج لک ڊالرن
جو آهي ته يارهن ٻارهن سيڪڙو بئنڪ جي وياج جي حساب سان مهيني ۾ اٽڪل پنج هزار ڊالر
وياج جا ٿيا، واڌو ٻن ڄڻن جو ماهوار پگهار ڏيڍ هزار ڊالر کن ۽ اڌ هزار ڊالر فون،
بجلي، ٽئڪس ۽ آيل گراهڪن کي ڪوڪا ڪولا يا چانهه پيارڻ تي خرچ. سي ٿيا ست هزار
ڊالر. هاڻ هر مهيني جيڪڏهن ان دڪان مان ڪمائي ست هزار ڊالرن کان مٿي ٿي ته اهو ٿيو
فائدو. جي گهٽ ته معنيٰ نقصان. مثال طور اٺ هزار ڊالر ڪمائي ٿي ته معنيٰ فقط هڪ
هزار ڊالر فائدو ٿيو ۽ جي ڇهه هزار ٿي ته
معنيٰ هڪ هزار نقصان ٿيو.
منهنجي هوٽل جي هيٺان ڪشمير ريسٽورنٽ نالي جيڪا انگلينڊ
آمريڪا اسٽائيل جي نارٿ انڊين ريسٽورنٽ هئي ان جو مالڪ پڻ سنڌي هو. بلڪه اها سندن
فئملي ريسٽورنٽ هئي جنهن ۾ سڄي فئمليءَ ڪم ڪيو ٿي ــــ جيئن اپوح شهر ۾ پاڪيزه هوٽل
۾ پاڪستان جي هڪ مسلمان پنجابي فئملي ڪم
ڪري ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪشمير ريسٽورينـٽ تان دال ۽ نان گهرائي کائيندو
هوس. هونـءَ رهائش واري هوٽل ۾ ڌارين هوٽل يا دڪان تان ماني گهرائي نٿي سگهجي. پر
جيئن ته اورينٽ هوٽل کي رڌ پچاءَ جو پنهنجو بندوبست نه هو، ان ڪري اسان کي ٻاهران
ماني گهرائڻ تي جھل پل نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن شامَ جي وقت هوٽل اڳيان هڪ نوجوان ملئي
همراهه هئمبرگر اچي وڪڻندو هو. تمام سستا ۽ لذيذ هوندا هئس. يورپي، آمريڪي ۽ ٻيا
فارينرس ڏاڍو وٺندا هئا. ڪچهريءَ جو به ڪوڏيو هو. هر هڪ سان کوٽي کوٽي ڳالهيون
ڪندو هو. پوءِ جڏهن ڪو گراهڪ نه هوندو هوس ته
مون سان ڪچهري ڪندو هو. جيئن جيئن رات ٿيندي هئي ته فارينرن جو ڳاڻيٽو به
وڌندو هو. اوسي پاسي کان چيني سائيڪل رڪشائن سميت پڻ اچي اتي گڏ ٿيندا هئا ــــ
جيڪي شهر جي مختلف مالش گهرن لاءِ گراهڪ تاڻيندا هئا. ملئي هئمبرگر ٺاهڻ واري کي
سائيڪل رڪشا وارن، مساج گهرن ۽ جوا جي اڏن جي به وڏي معلومات هئي. هڪ ڏينهن کلي
چيومانس:” انچڪ! تو کي پوليس ۾ هجڻ کپي ها“ .
ان تي پاڻ به وڏو ٽهڪ ڏنائين. آخري رات جڏهن هئمبرگر وٺي
موڪلايومانس ته ٻڌائين ته هو واقعي سي آءِ ڊي پوليس ۾ هڪ اهم آفيسر آهي. هو انهن
ماڻهن جي تاڙ رکي ٿو، جيڪي داداح (چرس) ۽ گانجي جو واپار يا ٻيا غير قانوني ڏوهه
ڪن ٿا.
ٿوري دير پنهنجي هوٽل اڳيان ويهي، فارينر کي ”هيلو ـــ
هيلو“ ۽ ملئي هئمبرگر واري سان ڪچهري ڪري پوءِ ان پينانگ روڊ تي سڌو ئي سڌو هليو
ويندو هوس. رستي تي May-Fair ڪپڙن جو دڪان،
جايا ڪوڊي سگار ڪمپني، Sam’s Batek هائوس، تاج محل
ريسٽورانٽ، جان ڪانگ ــــ چان عينڪ واري جو دڪان، اسلامڪ ريسٽوران، ربي فوٽوشاپ،
ربي بيوٽي شاپ، اليڪٽرانڪ شاپ ۽ ٻيا دڪان آيا ٿي. ان بعد کاٻي پاسي هڪ گهٽي ڪئمپيل
(Lebuh-Camp-Bell) پئي ٿي. ۽ ساڄي
پاسي ڪئٿي سئنيما آهي جنهن ۾ انهن ڏينهن ۾ ڪا مار ڌاڙ جي رنگين چيني فلم هلي رهي
هئي. ان بعد مشهور انگريزي فلم Out of Africa اچڻ واري هئي، جنهن جا پڻ ٻاهرين ڀت تي پوسٽر لڳل هئا. سئنيما هال اڳيان
مڪئي جي سنگن ۽ چونئرن واري همراهه تي ماڻهن جو ميلو متل هوندو هو. فلم ڏسڻ لاءِ
آيل ڪيترن ئي قسمن جا ماڻهو، اتي نظر ايندا هئا.
اڄ جي دور ۾ جڏهن ڏينهون ڏينهن سئنيما هال ختم ٿيندا وڃن،
اتي ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ هي نظارو ڏسي پراڻا ڏينهن ياد ايندا هئا، جڏهن اڃا
وي سي آر ايجاد نه ٿيو هو. ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ وڏي تفريح سئنيما هال ۾ وڃي فلم ڏسڻ
هوندي هئي. فلم لاءِ ٽڪيٽ ڏينهن ٻه اڳ ۾ وٺڻي پوندي هئي يا ڪجهه دير ڊگهي قطار ۾
بيهي دريءَ پويان ويٺل ٽڪيٽ ڪلارڪ کان ان وقت وٺڻي پوندي هئي. جيڪو سگريٽ جو ڪش
هڻي سئنيما هال ۾ رکيل ڪرسين جي سٽاءَ
واري چارٽ تي منڌيئڙو هڻندو هو. مرد هڪ پاسي، اڪيلون آيل زالون ۽ ڇوڪريون ٻئي طرف.
شهر جا لوفر ڇوڪرا ۽ اسان جهڙا جهازي ماڳهين ٽي طرف. تنهن زماني ۾ ٽين دنيا جي
ملڪن ۾ ٽڪيٽ وڪڻڻ وارا، پاڻ کي ڪلارڪ گهٽ سماج سڌارڪ وڌيڪَ سمجھندا هُئا. (اڃا به
سمجھن ٿا، اها سڌ نه اٿم). اهو ان ڪري ياد آيو جو اسان به ننڍي هوندي هن شهر
پينانگ ۾ يورشين ۽ ٻين اهڙين ڇوڪرين تي جن جا بقول هڪ بنگالي انجنيئر جي، حقوق غير محفوظ لڳندا هئا، سيٽيون وڄائيندا سئنيما
هال تائين اچي پهچندا هئاسين ۽ ڪوشش ۾ هوندا هئاسين ته ڪنهن ڇوڪريءَ جي ڀر ۾ ويهڻ
جي جاءِ ملي پر اڳيان ٽڪيٽ وڪڻڻ وارا سک ملباري ٽڪيٽ ڪلارڪ اهڙي سيٽ ڏيندا هئا جو
انٽرويل جي بتي ٻرڻ تي خبر پوندي هئي ته سڀ جهازي پنهنجو پاڻ ۾ ئي ويٺا آهيون.
ها، پينانگ ۾ جڏهن به اسانجو جهاز ايندو هو ته فلمن تي مارو
هوندو هو. خاص ڪري ان ڪئٿي سئينما ۾. مزي جي ڳالهه اها ته هيءَ سئنيما اڄ به اهڙي
ئي شيپ، شڪل رنگ ڍنگ ۾ هن پينانگ روڊ تي دائم قائم آهي. گذريل ڏهه پندرهن سالن ۾
هن پاسي ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. سڄو نقشو
ئي ڦري ويو آهي پر اڃا به رکيو رکيو اهو پراڻو زمانو، اهو پراڻو دور، جايون
بلڊنگون، ماڻهو ۽ سندن ساديون پوشاڪون ۽ منهن تي ٿڦيل سستين ڪمپنين جو سرخيون
لاليون ياد ٿيون اچن. ان زماني ۾ عام ماڻهوءَ جي سوشل زندگي ۽ شهر جي رونق سئنيما
هال اڳيان هوندي هئي. ۽ هن تر ۾ ــــ يعني سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ ڪئٿي سئنيما هال جو
نالو ائين آهي جيئن ڪتابي دنيا ۾ پينگئن جو، ٽي وي ريڊيو ۽ روشنيءَ ۾ نئشنل، فلپ،
سوني سانيو جو. ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ پاسي جي هر وڏي شهر ۾ جتي سئنيما هال
هجي ڪئٿي سئنيما ضرور نظر اچي.
جهاز پورٽ ڪلانگ ۾ ايندو هو ته ڪوالالمپور جي خوبصورت روڊ
جالان بڪت بنتانگ تي چڪر هڻي، اتي جي ڪئٿي سئنيما ۾ فلم ضرور ڏسبي هئي. سنگاپور ۾
سرنگون روڊ وارو علائقو تن ڏينهن ۾ گپا
گيهه وارو علائقو هوندو هو ۽ ڪئٿي سئنيما اتي به آهي. ان ۾ گهڻو ڪري هِندي فلمون
هلنديون هيون. يا جوهوربارو ايندا هئاسين ته اتي پڻ ڪئٿي سئنيما تي مارو هوندو هو.
اهي ته ٿيا بندرگاهن وارا شهر جن ۾ تن ڏينهن ۾ جهازن ۾ اچبو
هو. پر هاڻ ملائيشيا ۾ يڪو رهڻ سان خبر پيئي ته ڪئٿي (Cathy) سئنيما نه فقط ملاڪا، ڪوالالمپور، اپوح، پينانگ، جوهوربارو جهڙن
وڏن شهرن بندرگاهن ۾ آهي پر الور اسٽار، سريمبان، باتوپهات ۽ ويندي اُڀرندي ڪناري
وارن شهرن ڪئانتان، ڪوالا ترنگانو ۽ بورنيو وارن ڏورانهن ملئي شهرن: ڪوٽا ڪنابالو
۽ ڪچنگ ۾ پڻ آهي.
هن سال، ڪئٿي آرگنائيزيشن وارن تازو پنهنجي پنجاهين سالگرهه
وڏي شانَ مان سان ملهائي. ڪئٿي آرگنائيزيسن جي ڪهاڻي دراصل ان جي چيني مالڪ داتڪ
لوڪ ــــ وان ــــ ٿو ـــ(Datuk Loke-Wan-Tho) جي ڪهاڻي اهي، جنهن ۱۹۳۵ع ۾ ٽي
سئنيمائون خريد ڪري فلمي سلطنت جو پايو وڌو. شروع وارا ويهه سال داتڪ لوڪ فقط
سئنيمائون خريد ڪندو ويو. جيئن مختلف شهرن ۾ سئنيمائن جو پنهنجو دائرو هجي. ويهارو
کن سالن اندر هن جون هي ٽن مان وڌي چاليهه کن سئنيمائون ٿي ويون ۽ ايڏي مشهوري ٿي
جو ماڻهو جتي ڪٿي ڪئٿي سئنيما ۽ مسٽر لوڪ جو نالو گڏ گڏ وٺڻ لڳا.
هيتريون سئنيمائون هٿ ۾ هجڻ ڪري دنيا جا وڏا وڏا پروڊيوسر
مسٽر لوڪ سان راهي رکي هلندا هئا. پاڻ جڳ مشهور ڪمپنين: پئرامائونٽ، ڪولمبيا،
ميٽرو گولڊن ميئر (MGM) ۽ ٽوئنٽي
سينچري فاڪس سان ڊگها ڊگها معاهدا ڪيا جن جون فلمون فقط سندس سئنيمائن ۾ هلڻ
لڳيون.
داتڪ لوڪ فقط سئنيمائون خريد ڪري ان جي ڪمائيءَ تي ماٺ ڪري
ويهڻ نه چاهيو. هن هانگ ڪانگ ۾ ڪئنٽونيز ۽ منڊارين فلمون ٺاهيون. ۽ پاڻ ئي فلم جو
ڏيکاريندڙ، ورهائيندڙ ۽ پروڊيسر ٿي رهيو. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ فلم اسٽوڊيوز پڻ
ٺهرايائين. ۽ هن سڄي علائقي ۾ ماڻهن لاءِ سئنيما جهڙي هڪ سستي تفريح مهيا ڪئي. هو ۱۹۶۴ع ۾ تائيوان ۾ يارهن ايشين
فلم فيسٽيول ۾ حصو وٺي ملائيشيا موٽيو پئي ته رستي تي سندس هوائي جهاز حادثي جو
شڪار ٿي ويو. ان حادثي ۾ پاڻ سندس زال ۽ ڪئٿي آرگنائيزيسن جا ڪيترا ئي اهم ڪم وارا
مري ويا.
ڪئٿي سئنيما جو نشان (Logo) گذريل پنجاهه سالن ۾ ٻه دفعا بدليو آهي. اڄڪلهه ڪئٿي سئنيمائن جو
نشان تمام سادو آهي، جنهن ۾ فقط ٽي C آهن. سي جي
منهن ۾ ننڍڙو او آهي. سي ڪئٿي لاءِ ۽ او آرگنائيزيشن لاءِ. اهو نـشان، ڏور اوڀر جي
ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪئٿي سئنيمائن جي ٻاهران ٺهيل نظر اچي ٿو.
جت
جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment