ڪئمپ جي ڏُکي زندگي.......
الطاف شيخ
پئان معصومه جڏهن گهران نڪتي هئي
ته هن وٽ فقط ٽي وڳا هُئا. سندن سادو سودو سپاٽو ان پنڌ جي شروع واري ڏينهن ۾ ئي
ڇڄي ويو ۽ پوءِ باقي ڏينهن اگهاڙين پيرين پنڌ ڪندي رهي ـــ نه فقط ڪئمپ تائين، هي
ٻارهن ڏينهن وارو، پر جيسين ريلوائيءَ جو ڪم هلندو رهيو هوءَ پيرين اگهاڙي رهي.
کيس شاديءَ ۾ مائٽن فقط سونا ايئرنگ ڏنا هئا جيڪي گهر ڇڏڻ وقت هن جي ڪنن ۾ هئا. هن ٻارهن ڏينهن جي پنڌَ ۾ هڪ ڏينهن سندس
اها نشاني به هلي ويئي.
”هڪ سڪڻي جپانيءَ جي پهرين ڏينهن کان ان ۾ اک
هئي. هن نيٺ مونکان اهي زوريءَ لهرائي
ورتا ته کيس ان مان سونا ڏند ٺهرائڻا آهن.“ پئان معصومه ٻڌايو.
معصومه کي پنهنجي پهرين ڪئمپ جو هن
وقت نالو ياد نه آهي. پر سندس ڳالهين مان لڳي ٿو ته اها برما واري پاسي
ٿانبيوزايات (Thanbyuzayat) جي ڀر ۾ هئي.
برما کان ٿائلنڊ تائين چار سؤ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جيڪي ريلَ جا پٽا وڇائڻا هئا، ان
ڪم لاءِ ڪيترن هنڌن تي ڪئمپون ٺاهيون ويون هيون. هي مزور ڏينهن جو پورهيو ڪري
پنهنجي پنهنجي ڪئمپ ۾ موٽيا ٿي. انگريز فلم “Bridge on the
river Kawai” ۾ هن ريل جي پٽي جو فقط اهو حصو ڏيکاريو ويو
آهي جيڪو ٿائلنڊ جي شهر ڪانچانا بوري وٽ ڪوائي نديءَ تي ٺاهيل پل مٿان لنگهي ٿو. جپانين
آخر تائين سڄي ريل ٺاهي ورتي. انگريزن اهو ريل وارو رستو ناڪاره ڪرڻ ۽ جپاني فوجين
کي کڻي لنگهندڙ گاڏيءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪوائي (Kwai) درياه مٿان اڏيل ان پل کي ڊائنا مائيٽ ذريعي اڏايو ـــ ۽ ان سان
گڏ لنگهندڙ گاڏي پڻ تباهه ٿي وئي. ڪيترا ماڻهو اها فلم ڏسي، اهو تاثر وٺن ٿا ته
جپانين جنگي قيدين کان فقط اها ڪا پل ٺهرائي.
پئان معصومه ٻڌايو ته ان ڪئمپ ۾
پهچي هنن کي پهرين بانس جي لڙهن مان ابتي ”وي“ واري ڇت جا گهر ٺاهڻا پيا. ڇت کي ڍڪڻ لاءِ ناريل ۽ ٻين وڻن
جا پن استعمال ڪرڻا پيا. برما ۽ ٿائلنڊ جي
جبلن تي بانس جا سٺ سٺ فٽ ڊگها لڙها به ٿين جن جي تري جي ٿولهه ماڻهوءَ جي سٿر
جهڙي ٿئي ٿي. جھوپڙين جهڙن انهن گهرن جي چئني ڀتين ۾، اچڻ وڃڻ لاءِ طاقن بنا در
ٺاهيا ويا. درن کي ڍڪ نه هئڻ ڪري ايترو پڙدو نٿي رهيو. مردن توڙي عورتن کي ساڳي
ساڳي جھوپڙيءَ ۾ رهڻو پيو ٿي. وچ ۾ لنگهه
جو رستو ڇڏيل هو. ٿورن ئي هفتن ۾ انهن جھوپڙين ۾ منگهڻ، ماڪوڙن ۽ ٻين جيتن ڪينئن
جا ميڙَ مَچي ويا.
”شروعاتي جھوپڙين ۾ ڪاڪوسَ نه
هئا،“ پئان معصومه ٻڌايو، ”هر ڪو رات جي اونداهيءَ ۾، پري وڃڻ بدران در جي ويجھو
ئي ڪاڪوس ڪندو هو. جنهن تي پڻ سڄو ڏينهن ڪارين وڏين مکين ۽ ڪينئن جا ڍيرَ رهندا
هئا. ٻاهر نڪرڻ وقت سنڀالي سنڀالي پير کڻڻو پوندو هو. سڄي ڪئمپ ۾ مينهن جي ڪري
اڪثر گَپَ پڻ هوندي هئي. اسين سڀ ايشيائي ماڻهو بنا بوٽن يا چمپلن جي ڪم ڪندا
هئاسين. جنهن جي اسانکي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پيئي. ٿوري ئي عرصي بعد اسان جا پيرَ
سُڄي دڙا ٿي پيا. ان بعد ڦٽن ڦلوڪڙن، ڪارن زخمن ۽ ناسور (Tropical
Ulcers) سان ڀرجي ويا.
”رڌ پچاءَ لاءِ رڌڻا ٺاهيا هُئاسين
جتي وڏين لوهي ڪڻڇين ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به گرم ٿيندو هو ته ماني به ٺهندي هُئي.
مانيءَ جو ڏهاڙي ٻه دفعا لنگر هلندو هو جنهن ۾ رٻ جهڙو ڇڊو ڀت ۽ گجر هوندا هئا. يا
وري ڦنگي پاڻيءَ ۾ ڪنهن سستي ڀاڄيءَ جا نالي ماتر ساوا پن هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن
رنگون کان گوشٽ جا دٻا پڻ ايندا هئا. پر ڪئمپ تائين دير سان رسڻ ڪري منجھن ايڏي ڌپ
ٿي ويندي هئي جو ان گوشت کي رڌڻ بدران کڏ کوٽي ان ۾ اڇلائڻو پوندو هو. پاڻيءَ ۾
بيماريون پکيڙيندڙ ڪينئان ۽ جراثيم هجڻ ڪري اسان کي هميشه گرم پاڻيءَ پيئڻ لاءِ
چيو ويندو هو. اهو ان ڪري نه ته ڪو جپانين کي اسان جي صحت جو اونو هو. پر ان ڪري
جو هنن ڏٺو ته بيمارين ڪري ڏينهون ڏينهن مرڻ وارن جي تعداد ۾ واڌ ٿي رهي آهي. اسان سڀني اهو ڄاتو ٿي ته ڪني پاڻيءَ
پيئڻ ڪري بيمار ٿي رهيا آهيون پر سڄو ڏينهن اُسَ ۾ ڪم ڪرڻ ڪري هر وقت اُڃَ لڳندي
هُئي ۽ جتي جتي، جنهن کي جيڪو پاڻي ملندو
هو اهو اُڃَ اُجھائڻ لاءِ پيئندو رهندو هو. خاص ڪري ڪريل وڻ جي ڏار ۾ يا کڏي کوٻي
۾ مينهن جو ٿورو پاڻي به نطر ايندو هو ته ٻڪ ڀري هر ڪو پيئندو هو. گپ ۾ هاٿين جي
هلڻ ڪري ٺهيل پيرن جي نشانن ۾گڏ ٿيل پاڻي پڻ پي ويندا هئاسين.“
کاڌي جي ٻن وقتن مان هڪ صبح جو
ستين بجي ۽ ٻيو شامَ جو، کين قطار ۾ بيهاري ڏنو ويندو هو. کاڌي بعد اٺين بجي سندن
پريڊ ٿيندي هئي ۽ نائين بجي انجنيئر ۽ ڪمدار ڏهاڙي جي ڪم لاءِ پنهنجا پنهنجا ٽولا
وٺي سائيٽ تي پهچندا هئا. هر هڪ ماڻهو ڪنهن ٽولي ۾ ورهايل هو ۽ هر هڪ ٽولي جو
پنهنجو پنهنجو مقرر ڪم هو. وڻ ڪٽڻ، جبل ٽڪڻ ۽ پٿر ڀڃڻ، مٽي کوٽڻ، پري پري کان وڏا پٿر مٿي تي رکي اچڻ،
وغيره. اهو ڪم شامَ جو ساڍي ڇهين بجي تائين هلندو هو. شروع ۾ هر مزور کي
منو ڪيوبڪ ميٽر مٽي کوٽڻي پيئي ٿي. جيڪا پوءِ ماپي ويندي هئي. جيڪو پوري ڪوٽا نه
ڪندو هو ان کي سزا ڏني ويندي هئي. بعد ۾ جيڪي مزور ڏينهن تتي جي گرميءَ کان بچڻ
لاءِ صبح پهر ۾ جلدي جلدي کوٽائي ڪندا هئا انهن کي باقي ڏينهن گهٽ ڪم ڏيڻ بدران اڃا
به وڌيڪَ کوٽڻ لاءِ چيو ويندو هو. پوءِ جپانين اها ڪوٽا وڌائي هڪ ڪيوبڪ ميٽر ڪئي.
پوءِ ڪم جي جلدي اڪلاء لاءِ اها اڃا به وڌائي ڏيڍ ڪيوبڪ ميٽر ڪئي ۽ شامَ جو ساڍي
ڇهين بدران رات جو اٺين، ۽ پوءِ ڏهين ٻارهين تائين ڪم ۾ لڳائي رکيو. جيڪو ڍرو
ٿيندو هو اهو مار کائيندو هو. مار ڏيڻ ۾ جپانين جا ڪورين گارڊ جپانين کان به ڏنگا
هئا.“
پئان معصومه کان مون سندس مڙس جو
پڇيو.
”اسان سگهو ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي
وياسين،“ معصومه ٻڌايو، ”جپاني اسانجي ڪم جي نوعيت ۽ ڪئمپ بدلائيندا رهيا ٿي. هن
جي مونکي آخر تائين خبر پئجي نه سگهي. ڪن جو چوڻ آهي ته هڪ ٻئي ملئي دوست سان
جنگلن ۾ لڪي ويو. ڪي چون ٿا ته ملائيشيا
موٽندي پڪڙجي پيو ۽ جپانين کيس شوٽ ڪري ڇڏيو، ڪي
چون ٿا ته ٻي ڪئمپ ۾ بيمار ٿي پيو ۽ ڪم جي لائق نه سمجھي جپانين کيس ساڙي
ڇڏيو.“
”هي مسٽر يوسف؟“ مون سندس هن مڙس
لاءِ پڇيو.
”ريلوي جو ڪم سوا سال کن هليو ان
بعد اسين ٿائلنڊ ۾ ٻه سالَ کن بي واهي بي مددگار پيا هئاسين. پئسو نه هو جو ڀاڙو
ڪري ملائيشيا موٽجي. اتي يوسف سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ شادي ٿي. اسان ٻئي ڪجهه عرصو
هتي هُتي پورهيو ڪري، پئسو بچائي پوءِ وطن ورياسين.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment