”موتَ جي ريلوي“ عرف “Bridge on River Kawai”
الطاف شيخ
بئنڪاڪ جي ڀر ۾ (اٽڪل اسي ميل کن
اولهه ۾) ٿائلنڊ جو هڪ ٻيو اهم شهر ڪنچنا بوري (Kanchanaburi) آهي. هي شهر ڪوٽڙيءَ وانگر درياهه جي ڪناري تي آهي. گهمڻ ڦرڻ لاءِ
منجھس ڪا خاص شيءِ ناهي ۽ نه وري ڪو ايڏو پُراڻو شهر آهي. اڄ جي بادشاهه جي تڙ
ڏاڏي راما ٽئين سن ۱۸۳۳ع ۾ اڏاريو هو.
هن شهر (ڪانچنابوري) ۾ ماڻهو هڪ ئي
ڳالهه لاءِ اچن ٿا ـــ ريلوي جي اها بدنام پُل ڏسڻ جيڪا جپانين، ٻي جنگ عَظيم ۾،
انگريز ۽ يورپي جنگي قيدين کان ٺهرائي. انهن کان علاوه ڀر وارن ملڪن جي مڪاني
ماڻهن کي پڻ ان ڪم ۾ لڳايو ويو هو. سخت پورهئي، بک ۽ بيماري وگھي ڪئين هزارين
ماڻهو مري ويا. راشن بچائڻ لاءِ ڪيترن پوڙهن ۽ بيمارن کي، جپانين جيئري جلائي ڇڏيو
هو. هيءَ ”ريلوي“ انسان انسان تي ظلم جي علامت سمجھي وڃي ٿي. هن ريلوي بابت فلم پڻ
ٺهي چُڪي آهي جيڪا ان ئي نالي واري ڪتاب The Bridge on the River
Kwai تان ٺهي آهي. هن فلم ۾ ريلوي لائين جو اهو
حصو ڏيکاريو ويو آهي جيڪو ڪوائي درياهه تي ٺهيل پل مٿان لنگهي ٿو.
دراصل هيءَ پل، ان فلم بعد ئي دنيا
۾ گهڻو مشهور ٿي. سو ٿائلنڊ جو هي شهر ڪانچنا بوري پنهنجو پاڻ حيثيت نٿو رکي باقي
ان پويان جيڪا Death Railway جي ڏک ڀري ڪهاڻي آهي اها انسان جي انسان تي
ستم جي ڊرامائي ڪهاڻي آهي. ماڻهو اها پل، ريل جا پٽا ۽ ان کي ٺاهڻ ۾ مري ويلن جا
قبرستان ڏسي، جپانين جي ظالم تي ڦٽڪار ياد ڪن ٿا.
پڙهندڙن جي معلومات ۽ دلچسپيءَ
لاءِ مختصر طور اهو لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته هن بدنام ريلوي جي ٺاهڻ ۾ جيڪي خوش
نصيب انسان موت جي منهن مان بچي نڪتا انهن مان ڪيترا هينئر جھور پوڙها ٿي چُڪا
آهن. هتي ملائيشيا ۾، ڪجهه منهنجي اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۾ پڻ رهن ٿا. هنن ان ريلوي
تي ڪم ڪيو ۽ سندن احوال لڱ ڪانڊاريندڙ آهي. سندن ڪهاڻي ڏک ۽ ظلم جي ڪهاڻي آهي.
انهن مان هڪ اڌ جو بيان هن باب ۾ ڏيڻ بي محل نه ٿيندو.
ٻي جنگ عَظيم ۾، هڪ پاسي جرمنن
پنهنجو پاڻ کي اعليٰ سمجي باقي يورپ ۽ انگلينڊ تي جلهه ڪري ڏني ته ٻئي پاسي جپاني
ويا ايشيا جا ملڪ هڙپ ڪندا.... خاص ڪري جن تي انگريزن، فرينچن ۽ ٻين يورپين جو
قبضو هو. انگريزن ۽ ٻين گهڻو ئي زور لڳايو پر هو جپانين کي روڪي نه سگهيا. ڪوريا،
هانگ ڪانگ، سنگاپور، انڊونيشيا، ملايا ـــ هڪ ٻئي پويان جپان جي قبضي ۾ اچي ويا.
جپانين، ايشيا جي ملڪن کي انگريز حاڪمن کان آزاد ڪري پنهنجو اثر ڄمائڻ چاهيو ٿي.
سنگاپور، ملايا ۽ برما ۾ مار مارا ڪرڻ بعد، هاڻ هو گڏيل هندستان جي بارڊر ويجھو اچي
پهتا هُئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪن جي بمن، جيڪي هنن جپان جي شهرن ناگاساڪي ۽
هيروشيما تي ڪيرايا، جپانين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ جنگ کي ٻنجو اچي ويو. نه
ته معاملو ويو پئي وڌندو ۽ هند سنڌ ايران عرب ٽپي وڃي ها.
ان جنگ ۾ جپانين کي ٿائلنڊ ۾ روڪ
ٽوڪ نه ٿي. ٿائلنڊ ڪنهن به ملڪ جي ڪالوني نه هو ۽ نه هن جھيڙن جھٽن ۾ پئجي پنهنجا
ماڻهو مارائڻ چاهيا ٿي. بقول هڪ ٿائي فوجيءَ جي ”ٿائلنڊ وارن جپانين کان پڇيو ته
توهان اسان جي ملڪ مان لنگهي برما ۽ هندستان تي حملو ڪرڻ چاهيو ٿا نه؟ ڀلي لنگهو
جيءُ لنگهو.“
سو ٿائلنڊ بعد هو برما پهچي ويا.
فوج جي اڳتي وڌڻ ۽ وڙهڻ لا ءِ کاڌ خوراڪ، بارود اسلح، ڪپڙي لٽي ۽ دوا درمل جي
لڳاتار سپلاءِ ضروري ٿئي ٿي. برما ۾ اها سپلاءِ پهچائڻ لاءِ ٻه طريقا هُئا. هڪ
سنگاپور کان سمنڊ رستي مال موڪلجي جنهن ۾ خطرو هو. انگريزن ۽ ڊچن جا جهاز ڪنهن وقت
به حملو ڪري سگهيا ٿي. خاص ڪري ملاڪا جي سوڙهي ڳچي سمنڊ مان ان لنگهڻ وقت. ٻيو
خشڪي رستي هو. سنگاپور کان ٿائلنڊ تائين ريل جا پٽا هئا. برما ۾ پڻ ريل گاڏي هڪ
هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين هلي ٿي. پر ٿائلنڊ ۽ برما جي وچ ۾ ريل نه هئي جيڪا ٻن ملڪن
کي ڳنڍي. ان لاءِ جپانين جون ۱۹۴۲ع کان ٿائلنڊ (سيام) جي ريلوي اسٽيشن ”نان پلادق“
(Non - Pladuk) کان وٺي برما
جي ريلوي اسٽيشن ٿانبيوزايات (Thanbyuzayat) تائين ميٽر گيج
جي ريلوي لائين وڇائي، ٻن ملڪن کي ڳنڍڻ شروع ڪيو جيئن سنگاپور ۽ ملايا کان ايندڙ
سامان، ٿائلنڊ کان هن ريل ذريعي ٽپي برما جي باقي ريل سسٽم (اڄ جي Moulmein
ye لائين) سان ڳنڍجي وڃي.
ٿائلنڊ ۽ برما جي مٿين ريلوي
اسٽيسن جي وچ ۾ چار سؤ ڪلوميٽر فاصلو آهي جنهن ۾ هنن ريل جا پٽا وڇائڻ چاهيا ٿي ۽
اهو بارڊر وارو علائقو گهاٽن جھنگلن، جبلن، لاهين چاڙهين، دريائن ڀڏن ۽ نين سان
ڀريل آهي. ان ڏکئي ۽ پر خطر علائقي ۾ ريل وڇائڻ لاءِ تمام گهڻن ماڻهن جي ضرورت
هُئي. جنگي قيدين کان علاوه، جپانين کي سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا، باليءَ ۾
جيڪو سگهارو شهري نظر آيو ٿي ان کي دوکي يا زبردستيءَ سان ريل جي ڪم لاءِ ٿائلنڊ ۽
برما موڪليو ويو ٿي. انهن ماڻهن تي جپانين ايڏا ظلم ڪيا ٿي ۽ ايڏو سخت پورهيو ورتو
ٿي جو انهن کي موت ئي نصيب ٿيو ٿي. ان خوف ۽ ظلم کان بچڻ لاءِ ڪيترن ماڻهن پنهنجا هڏ
گڏ پاڻهي ئي ڀڃي پاڻ کي (Un Fit) بيڪار ڏيکاريو
ٿي جيئن جپاني فوجي کين ان ريل جي ڪم لاءِ نه موڪلين.
هو، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ڳوٺن
جي غريب ماڻهن کي نوڪرين ۽ گهر جي پورهئي جا ڪوڙا آسرا ۽ ڏٽا ڏيئي وٺي ويا ٿي.
مردن سان گڏ عورتن کي پڻ وٺي ويا ٿي. ملائيشيا جي مائي معصومه ۽ يوسف پڻ انهن مان
آهن جن جي ان بابت مختصر ڳالهه ٻولهه هن بعد لکان ٿو.
ريل گاڏي ۽ درياهه مٿان پل ٺاهڻ
لاءِ پٽا ۽ لوهي سامان ملائيشيا ۽ جاوا جي ڪن ريلن جو پٽرائي آندو ويو. انهن ريلن
جي پٽن کي وڇائڻ لاءِ مزدورن کي بنا مشين جي جبل ٽڪڻا پيا، کاهيون ڀرڻيون پيون ۽
گهاٽا ٻيلا ڪٽڻا پيا. هيترن هزارين مزدورن جي رهائش لاءِ وڻ ڪٽي جھوپڙيون ٺاهڻيون
پيون، رڌ پچاءَ ۽ رڌڻي جي ڪم لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ بورچي ۽ نوڪرن جي ضرورت هئي. هي هڪ
وڏو پروجيڪٽ هو جنهن لاءِ ويندي ڪيترن قبر کوٽڻ وارن جي ضرورت هئي جيڪي اڻ پوري
کاڌي، مڇرن ۽ جنگلي جانورن جي چڪ پائڻ ڪري يا جپانين جي مار موچڙي ڪري مري ويا ٿي
۽ انهن کي دفن ڪرڻو پيو ٿي.
هن ريلوي جو ڪم جون ۱۹۴۲ع کان شروع
ٿيو ۽ آڪٽوبر ۱۹۴۳ع ۾، ڪوائي پل سميت مڪمل ٿيو. جنگ جي يورپي قيدين کان علاوه اٽڪل
ٽي لک ايشيائي ماڻهن پڻ ان موت جي ريلوي تي ڪم ڪيو. ان سال سوا ۾، ان ڪم پٺيان ايڪهٺ
هزار ته فقط جنگي قيدي مري ويا. ان کان به گهڻا، اٽڪل ڏيڍ لک انڊونيشي ۽ ملئي شهري
مري ويا. ڪيترا جهنگلن ۾ ئي مئا يا ماريا ويا ۽ سندن لاش جانورن ۽ جيتن جڙن کاڌا.
ڪي جتي جتي مرندا ويا اتي اتي زمين ۾ دفن ڪيا ويا. ڪي لاش، بک وگھي ڏٻرا ٿيل يا بيمار
ماڻهو جيئري ئي ساڙيا ٻاريا ويا. باقي ڪجهه جنگي قيدي ڪانچنابوري شهر جي ٻن مشهور
قبرستانن ۾ آهن. هڪ جيڪو وڏو قبرستان آهي جنهن کي ڪانچنابوري جنگي قبرستان سڏين
ٿا، ان ۾ انهن قيدين جون ست هزار قبرون آهن. ٻيو ”چئانگ ڪائي“ جنگي قبرستان سڏجي
ٿو، جنهن ۾ هڪ هزار ست سؤ پنجاهه قبرون آهن ـــ گهڻو ڪري سڀ ڊچ، آمريڪن، انگريز،
آسٽريلين، فرينچن،نيوزيلئنڊرن ۽ ڪئناڊئن جون آهن جن کي جپانين سنگاپور، ملائيشيا ۽
انڊويشيا مان جھليو. هن ريل جي ڪم لاءِ کين اتان پيرين پيادو وٺي آيا. هر هڪ قبر
جي ٻاهران لڳل ڪتبي تي ان ۾ دفن ٿيل جو احوال لکيل آهي.
ڪنچنبوري شهر جي اڄ ڪلهه اڌ لک کن
آدم شماري آهي. هي شهر ڪجهه ڪجهه پنجند وانگر آهي. ٻه ننڍيون نديون هتي ملي هڪ وڏي
ندي ڪوائي يائي ٺاهين ٿيون جنهن تي فلمBridge on the River Kwai The واري مشهور پُل آهي. جنهن پل مٿان هن ريل جو پٽو لنگهي ٿو.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment