ترجمي جو سفر
الطاف شيخ
ٻين ٻولين جا ڪي ڪتاب پڙهندي خيال ايندو آهي ۽ اتساهه اُڀرندو آهي، ته ان ۾ ظاهر ڪيل ويچار، نظريا ۽ واٽون يا ان جي لکڻ جو وڻندڙ ڍنگ، اسان جي ٻوليءَ وارا به پڙهي ۽ ڄاڻي سگهن. ان لاءِ ان کي ترجمي ڪرڻ جو شوق ۽ جذبو جاڳندو آهي. يا وري ٻين ٻولين جي ڪن ڪتابن ۾ سياسي، سماجي ۽ قومي مسئلا، تعليمي، تهذيبي، اقتصادي ۽ نظرياتي حالتون اهڙيون بيان ڪيل هونديون آهن ۽ انهن جا حل پڻ پيش ڪيا ويندا آهن، جي اسان جي ديس جي مسئلن ۽ حالتن جهڙا هوندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾، ان جي ترجمي تي دل چاهيندي آهي، جيئن اسان جي پنهنجي عوام جي ماڻهن جو انهن مامرن ۾ ذهني ۽ قومي سوچ ڄاڻڻ لاءِ به انهن ملڪن جي ٻولين جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ڪارائتو ڪارج آهي. اهي آهن منهنجا پنهنجا خيالات ۽ لاڙا ترجمي بابت.
الطاف شيخ جي ترجمو ڪيل هنن ڪهاڻين مان ائين پيولڳي ڄڻ اسان جي ديس ۽ سماج جون ڪهاڻيون آهن، ۽ انهن جا ڪردار اسان جا ڏٺل وائٺل آهن. ماحول ۽ ڪردار اهڙا آهن، جو جي ماڻهن ۽ شهرن جا غير سنڌي نالا نه هجن ته ترجمي هجڻ جو گمان ئي نه پوي.
ڪهاڻي ”خوش نصيب وڇوڙي“ ۾ ليکڪ مزاج ئي مزاح ۾ ڪيترن ئي سماجي اوڻاين طرف صاف ۽ چٽو اشارو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ دولتمند يا نوڪر شاهي طبقي جي تصوير چٽي آهي ۽ اهو ڏيکاريو آهي ته پئسن جي زور تي مُلن ۽ ڪورٽن مان پنهنجي مرضي موجب ڪم ڪڍائي سگهجي ٿو. اهڙا مثال اسان جي ملڪ ۾ به آھن. البت يئان لنگ جهڙيون جرئتمند ۽ اڳتي وڌيل ڇوڪريون هتي گهٽ ملنديون .
”گرميءَ جي لهر“ ڪهاڻيءَ واري لورين جهڙيون سڪايل ڪنواريون هر ملڪ ۽ اسان جي ملڪ ۾ به آهن، جن لاءِ چادر ۽ چؤديواري بي معنى بنجيو وڃن، پر هتي لورين وانگر اڳتي وک وڌائڻ جو حوصلو پورو سارو اٿن.
”ٽيون ڏاڪو“ ڪهاڻيءَ ۾ ڏسجي ٿو ته ملائيشيا ۽ سينگاپور ۾ سنڌ وانگر، جي شهري ۽ صنعت تي زندگيءَ ۾ نه. ته به گهٽ ۾ گهٽ جاگيرداري سماج ۽ ٻهراڙيءَ ۾، پوڙهن جي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪنهن به نموني هنن جي دل دکائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو. پر غريب ۽ پورهيت طبقي ۾ جڏهن پوڙهو بيڪار ۽ اپاهج بنجيو وڃي، تڏهن هنجي ٽهل ٽڪور آزار ۽ هن جو گذران ۽ علاج ڪٽنب لاءِ سهڻ کان ٻاهر بوجهه بنجيو پوي، ۽ پوءِ هو سوچڻ لڳن ٿا ته پوڙهو نه مري ٿو ۽ نه منجو ٿو ڇڏي. پوءِ جهالت ۽ وهم پرستيءَ ڪري ۽ خاص ڪري اقتصادي بدحاليءَ ڪري هو پوڙهي جي علاج واسطي ڦيڻن ڦوڪن ۽ تعويذن تي ڀاڙين ٿا. حقيقت ۾ هنن جي اها جهالت ۽ وهم پرستي به غربت ڪري آهي. البت هن ڪهاڻيءَ ۾ پوڙهن جي سنڀال جو ڪم حل ڪونه ٻڌايو ويو آهي. حل ته اهو آهي ته غير طبقاتي سماج قائم ٿئي، جتي پوڙهن جي سنڀال ۽ ٽهل ٽڪور جي ذميواري عوامي حڪومت تي هجي.
”قوناط جي خوشين ڀري زندگي“ ۾ ڏيکاريل آهي ته انڊونيشيا جو عوام به سنڌي عوام يعني هارين، مزدورن، شاگردن ۽ ڪلارڪن وانگر انقلاب چاهي ٿو ۽ ان واسطي سياسي جلسن ۾ جنون ۽ جذبي جو اظهار ڪري ٿو. پر اتي عوام به پاڻ مان اڳواڻ پيدا ڪرڻ بدران خانداني، جاگيرداري، رجعت پرست ۽ روايتي اڳواڻن ۾ اميد رکيو ويٺو آهي. ۽ اهي ليڊر به عوام کي ڍڳا ڍور يا رڍون سمجهن ٿا، جن جي ڌڻ کي هو جيڏانهن چاهين اوڏنهن هڪلي سگهن ٿا ۽ تقرير ڪري، نعرا هڻائي ۽ لکن ماڻهن جا ميڙ گڏ ڪرڻ سان پنهنجي ليڊري پيا چمڪائين ۽ جيڪي انقلاب جو نعرو ته هڻن ٿا پر انقلاب جي واٽ تي هڪ وک به نٿا وڌائين. هو پرمار طبقي جا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر جي بورجوا ذهنيت به ظاهر ڪئي ويئي آهي، جو پورهيت جي ڀيٽ ۾ هڪ وزير کي بچائڻ ۾ پنهنجي آئيندي جي ترقي ڏسي ٿو.
”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“ ڪهاڻي ۾ سرمائيداري دور ۽ شهري زندگي جي ڀيٽ جاگيرداري نظام ۽ ڳوٺاڻي جيون سان ڏاڍي اثرائتي ۽ دلچسپ نموني ڪئي وئي آهي ۽ پڙهندڙ سرمائيداري دور کي مٿانهون سمجهڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿو ڪري. اسان وٽ به ٻنهي سرشتن جا نظارا ساڳئي وقت موجود آهن.
”سفيد گل“ ڪهاڻيءَ جي ماسترياڻيءَ ۽ ڪارٽنيءَ وانگر اسان وٽ به ڇوڪريون تعليم پوري ڪندي ڪندي ڪافي عمر جون ٿي وينديون آهن. پوءِ ڪا چڱي ملازمت ملندي اٿن ته پنهنجي تعليم ۽ عهدي جي گهمنڊ ۾پنهنجن مائٽن يا سماجي طرح پنهنجي طبقي وارن سان پرڻجڻ ۾ گهٽتائي محسوس ڪنديون آهن. ۽ پوءِ انهيءَ آسري ۽ خوشفهميءَ ۾ ته ڪو مالدار ۽ سماجي طرح اوچي طبقي جو نوجوان اچي ساڻن لائون لهندو، هنن جي عمر وڌي ويندي آهي ۽ هو شاديءَ جي عمر کان چڙهي وينديون آهن ۽ ساري ڄمار Miss يعني ڪنواري ٿي ڪاٽينديون آهن.
ڪهاڻي جي پرک جو منهنجو هڪڙو ماپو اهو به آهي ته ان ۾ طبقاتي سماج جي اپٽار ڪيتري آهي. الطاف شيخ جي ترجمو ڪيل هنن ڪهاڻين ۾ گهڻو ڪري هر هڪ ۾ طبقاتي سماج جي ڪنهن مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو آهي، جيئن مون مٿي ڪن جي چنڊڇاڻ ۾ ڏيکاريو آهي. انهن ڪهاڻين کان سواءِ اهو به ڏيکاريوويو آهي ته سڃائي ۽ اڻ هوند ڪري ڪنهن نوجوان جي شادي نه ٿيڻ (ڪهاڻي: ضدي) يا سترهن سالن جي نوجوان نينگريءَ جي ستر سالن جي ڪروڙپتي ڪراڙي سان شادي ٿيڻ (ڪهاڻي: شادي).
اسين ڏسون پيا ته سنڌ ۾ به ساڳيون سماجي برايون آهن.
انهن ملڪن، جتي جي ڪهاڻيڪارن جون هي ڪهاڻيون الطاف کنيون آھن، اتي سامراج جو ڪافي غلبو آهي، ۽ مون کي پڪ آهي ته ڪن ليکڪن سامراج دشمن ۽ قومي آزادي لاءِ به ڪهاڻيون لکيون هونديون، پر الطاف شيخ جي هن چونڊ ۾ ڪا اهڙي ڪهاڻي نظر ڪانه ٿي اچي.
ترجمو ٿيل ڪم تي، ٿيل ترجمي جي خوبين ۽ خامين تي پنهنجو خيال ظاهر ڪجي، يا اصلي لکڻيءَ جي مواد تي؟ پڌرو آهي ته مواد لاءِ ذميوار ان جو اصل ليکڪ آهي.
الطاف جي ترجمي جي ٻولي سادي، سليس، روان، لذيذ، صاف سٿري ۽ ڌوتل پوتل آهي. هن دنيا جي ڪن سٺين ڪهاڻين سان سنڌين کي آشنا ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي. هنن ڪهاڻين پڙهڻ مان اهومعلوم ٿئي ٿو ته انهن ملڪن ۾ مقصدي ساهت لکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ عوام جا مسئلا آهن ۽ جن ۾ فني لحاظ کان چٽائي، ڪهاڻيپڻو ۽ دلچسپي ڀرپور نموني موجود آهن. اهڙين ڪهاڻين جي چونڊ تي الطاف شيخ جي رويي کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هي ڪهاڻيون دنيا جي ڀلين ۾ ڀلين ڪهاڻين ۾ ڳڻي سگهجن ٿيون.
مان سمجهان ٿو ته الطاف شيخ جو هي ڪتاب سندس ساهتي ڪاوشن ۾ خوشگوار تبديلي ثابت ٿيندو. سندس شروعاتي سفرنامن کي ماڻهن ان ڪري به وڏي شوق سان پسند ڪيو جو انهن ۾ ”سنڌيت“ کي چڱو خاصو حصو مليل هو. پوين سفرنامن ۾ هڪ ته ورجاءُ آهي ۽ ٻيو انهن ملڪن جا جاگرافي، پنهنجن سنگيتن، واقفڪارن ۽ شين جي خريداريءَ جا غير ضروري تفصيل ڏنا آهن. هئڻ ائين کپي جو انهن ملڪن جي سماجي جوڙجڪ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ۽ اتي ظالم ۽ مظلوم يا پرمار ۽ پرماريل طبقن جون حقيقتون هٿ ڪري ڏنيون وڃن، ۽ جيڪي مظلومن ۽ پرماريلن جون هلندڙ تحريڪون آهن، انهن کي انقلاب جي روشنيءَ ۾ اجاگر ڪيو وڃي. خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن ماڻهوءَ کي اتي وچ عرصو ترسڻ جو وجهه ملي ٿو..... جيئي سنڌ!
نجم عباسي
8- اپريل 1987ع
No comments:
Post a Comment