دهلي کان بڙودا
الطاف شيخ
ڏينهن ويندي ويرم نٿي لڳي جهڙو ڪالهه جو ڏينهن هو جو انڊيا اچڻ لاءِ پاڪستان جي بارڊر واري شهر واگها ۽ انڊيا جي بارڊر واي شهر اتاريءَ ۾ پئي پاسپورٽ تي Entry جا ٺپا هڻاياسين. ۽ هاڻ دهليءَ ۾ ٻن هفتن کان به مٿي ٿي ويو آهي. پنهنجي هڪ ننڍپڻ جي اسڪول ميٽ ڊاڪٽر رامچند جي پٽ راجيش جي شادي به ٿي وئي. دهلي ۽ ان جي آسپاس جون ڪيتريون ئي تاريخي جايون ۽ شهر به گهمي ورتاسين. ويندي هردوار شهر وڃي گنگا نديءَ جو ديدار به ڪري آياسين ۽ هاڻ اسان جي ٻئي اسڪول ساٿي نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي شاديءَ جي تاريخ ويجهي اچي وئي آهي جيڪا شادي بڙوڊا شهر ۾ ٿيڻي آهي جيڪو شهر هتان دهليءَ کان هزار کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ گجرات صوبي ۾ آهي. يعني اسان کي هريانا، اترپرديش، راجستان ۽ مڌيا پرديش مان ڦرندو گجرات صوبي ۾ باءِ ٽرين پهچڻو آهي جنهن سفر لاءِ اسان جي دوست نولراءِ اوڏ انڊيا لاءِ نڪرڻ کان اڳ ٽڪيٽون خريد ڪري سيٽون رزور ڪرائي ڇڏيون آهن. دهليءَ کان بڙودا اسان جون سيٽون پشچم ايڪسپريس (Paschim) ۾ بڪ ٿيل آهن ۽ واپسيءَ جون ”جان جٽ ايڪسپريس“ (Jan Jat) ۾. سواءِ پنج ڇهه گاڏين جي جيڪي Mail گاڏيون سڏجن ٿيون باقي سڀ ايڪسپريس ڪوٺيون وڃن ٿيون. انڊيا آدمشماري ۽ پکيڙ جي حساب سان تمام وڏو ملڪ آهي ۽ انگريز حڪومت جيڪو ريلوي نظام انڊيا وارن حوالي ڪريا ويا ان کي هنن ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر نه فقط Maintain ڪيو آهي پر وڌايو ۽ وڌيڪ سهڻو پڻ ڪيو آهي. ان ڪري انڊيا ۾ ريل جو سفر ڏکيو ۽ خراب سمجهڻ بدران آرامده ڪفايتي، باسلامت ۽ Enjoyable سمجهيو وڃي ٿو ۽ غريب توڙي امير پنهنجي حيثيت آهر ٽرين جي مختلف ڪلاس جي دٻن ۾ سير ڪندو رهي ٿو ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ سؤ کن ايڪسپريس ريل گاڏيون مختلف شهرن کي ڳنڍين ٿيون ۽ ميل گاڏيون ان کان علاوه آهن.
اسان جيئن ئي انڊيا آيا آهيون ته پهرين ڏينهن کان دهلي شهر ۾ توڙي ڀر وارن شهرن آگره، لکنؤ، هردوار، اجمير وغيره آٽو رڪشا، ٽيڪسي يا بس ۾ اچون وڃون پيا يعني باءِ روڊ سفر ڪريون پيا پر باءِ ريل هاڻ برودا وڃڻ جو ئي سفر هو ان ڪري ان سفر جو آئون پهرين ڏينهن کان ئي انتظار ڪري رهيو هوس ته ڏسجي ته انڊيا جي ريل گاڏين، پليٽ فارمن، ريلوي اسٽيشن تي ٺهيل هوٽلن ۽ ڪئبن ٽائپ دڪانن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ سروس جو ڪهڙو حال آهي. انگريزن ته ملائيشيا، سنگاپور کان بنگلاديش، پاڪستان ۽ انڊيا کي هڪ ئي قسم جون ريلوي عمارتون، ڦاٽڪ، ريلوي هوٽلون، ريل جون پٽڙيون توڙي سليپر ۽ گاڏين جون انجڻيون ۽ دٻا ڏنا. سک ۽ تامل ٽي ٽي، ريل جي پٽڙين ۽ گاڏين جي مرمت ڪرڻ وارا، هندو سنڌي ۽ گجراتي ڪئشير ۽ اسٽور ڪيپر ڏنا، پنجابي ۽ پٺاڻ ريلوي پوليس طور رکيا جيئن هي نظام سلامتيءَ سان ۽ Smoothly هلندو رهي. انگريزن جي وڃڻ بعد ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن ته پنهنجي ريل گاڏين ۽ انهن جي سروس کي يورپ وانگر عاليشان ۽ Efficient بنائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سواري ڪرڻ سزا نه پر Luxury آهي جيتوڻيڪ هنن جي نصيب ۾ ننڍي کنڊ جي براڊ گيج جهڙي ريل بدران ڪنهن زماني ۾ ٽنڊو آدم کان پڊ عيدن هلندڙ راجا جي گاڏيءَ جهڙي Narrow Gauge واري ريل ملي.
نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي بڙودا ۾ شادي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ دهليءَ کان هلندڙ ڄاڃين جو تعداد پنجاهه کن هو جن ۾ اڌ کان وڌيڪ اسين سنڌ کان آيل هئاسين ۽ باقي نولراءِ جا ڪجهه اهي ڀائر ۽ انهن جا ٻار هئا جيڪي مختلف ملڪن، انگلينڊ، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ نيوزيلينڊ ۾ رهن ٿا ۽ اتان هتي دهليءَ ۾ آيا هئا ۽ اهڙو ڏهاڪو کن اهڙن اوڏن جو هو جيڪي ورهاڱي کان اڳ کان يا بعد ۾ دهليءَ ۾ اچي Settle ٿيا هئا ۽ نولراءِ وارن جا يا انهن جي ڀيڻوين جا مائٽ هئا. انهن ۾ سڪرنڊ کان لڏي آيل شري آسودو مل ۽ سندس پٽ پڻ هئا. جيڪي انجينئر آهن پر پنهنجي پيءُ سان گڏ روڊس ۽ بلڊنگس جي ٺيڪن جو ڪم ڪن ٿا. هڪ ٻيو همراهه اسي سالن جو واپاري مل اوڏ نالي هو جيڪو اسان جي Look after ڪري رهيو هو ته جيئن اسان صحيح پليٽ فارم تان صحيح ريل ۾ چڙهون ۽ پوءِ ٽڪيٽ چيڪرن کي اسان جون ٽڪيٽون ڏيکارڻ، رات ٿيڻ تي سڀني کي وهاڻا، چادرون ۽ بلاڪيٽ ڏيارڻ وغيره ڏيارڻ جهڙا ڪم جيڪي لڳي ٿو ته نولراءِ هن جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا. پاڻ ٻڌايائين ته هو لاڙڪاڻي ۾ مختيارڪار جي آفيس ۾ هيڊ منشي هو. هو 1969ع۾ انڊيا لڏي آيو ۽ هتي به رٽائرمينٽ تائين ساڳي پوسٽ تي رهيو. سندس ڄم جو سال 1925ع آهي يعني اسان جي دوست نولراءِ اوڏ جي والد صاحب شري نارائڻ اوڏ کان ڏهاڪو کن سال ننڍو چئبو.
اسان جي ٽرين Paschim Express کي دهلي پنجين بجي ڇڏڻو هو. شهر ۾ ٽريفڪ جام هجڻ جي ڊپ کان اسان سوير ئي نڪتاسين ۽ چئين بجي ڌاري نيو دهلي ريلوي اسٽيشن تي پهچي وياسين. نولراءِ اسان لاءِ هن سفر جون ٽڪيٽون اڳواٽ ئي وٺي سيٽن جي ريزرويشن ڪرائي ڇڏي هئي. بلڪه اڃا اسان پاڪستان ۾ ئي هئاسين ته هن پنهنجي دوست (ٿي سگهي ٿو هن واپاري مل اوڏ) جي معرفت وٺي ڇڏيون هجن. ان وقت اسان جي رهائش جو فيصلو نه ٿيو هو ته دهليءَ ۾ ڪٿي ڪٿي رهنداسين نه ته اسان کي نيو دهلي رسلوي اسٽيشن بدران دهليءَ جي ٻي ريلوي اسٽيشن حضرت نظام الدين اولياء ريلوس اسٽيشن وڌيڪ ويجهي پوي ها. بهرحال واپسيءَ تي ان اسٽيشن تي لهي پياسين، پکيڙ ۾ دهلي ڪراچيءَ کان ٽيڻو وڏو شهر ٿيندو ۽ جيئن ڪراچيءَ ۾ ٻه وڏيون ريلوي اسٽيشنون، ڪراچي صدر ۽ ڪراچي سٽي آهن تيئن هتي دهليءَ ۾ ٽي اسٽيشنون، پراڻي دهلي، نئين دهلي ۽ حضرت نظام الدين اولياء ريلوي اسٽيشنون آهن ۽ انهن جي وچ ۾ ڪافي مفاصلو آهي.
ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي اسان کي ڪلاڪ کن ملي ويو جنهن ۾ خوب چڪر هڻندا رهياسين. ايندڙ ريل گاڏين مان لهندڙ ۽ چڙهندر مسافر ڏسندا رهياسين ۽ رکي رکي مختلف ريلوي اسٽالن تان چانهه، لمٽا ۽ ائمول ڪمپني جو ملڪ شيڪ نموني جو کير پيئندا رهياسين. انڊيا جي سرڪاري ريلوي انڊسٽري خوشحال نظر اچي ٿي. مسافرن جي ويهڻ لاءِ جتي ڪٿي ڪرسيون، ٿڌي پاڻيءَ جا ڪولر، چڱي حد تائين صاف سٿرا واش روم جن ۾ پاڻي به آيو ٿي ته بجلي به هئي. پليٽ فارمن جي به سٺي صفائي ٿيل هئي ۽ چپي چپي تي چانهه ۽ ٿڌي جا اسٽال، ڪتابن ۽ اخبارن جا اسٽال، ننڍيون ننڍيون هوٽلون هيون جن تي هر شيءِ ذري گهٽ ان ئي اگهه تي ملي ٿي جنهن تي ٻاهر ملي ٿي. يعني ٻاهران آڻڻ بدران ڪو گراهڪ چاهي ته پليٽ فارم تان ئي پنهنجي لاءِ ڪا شيءِ يا مائٽ مٽن لاءِ ڪو تحفو وٺي سگهي ٿو. اهوئي حال ريل گاڏيءَ جي ڊائننگ ڪار جو هو. ان ڪري مون ڏٺو ته هر هڪ پليٽ فارم تان خريداري ڪندي يا ريل جي دٻي مان ماني کائيندي خوش هو. دڪاندار ۽ ريل گاڏي جي هوٽل واري گهٽ فائدو رکيو ٿي پر وڪرو ڏاڍو ٿين ٿي.
ريلوي اسٽيشن تي بيٺي هوائي اڏي جو ڏيک لڳو ٿي. ريل ۾ ويٺل مسافرن کي ڏسڻ سان ڪيترين گاڏين جي خبر پئجي ٿي وئي ته اهي ڪٿان اچن پيون يا ڪڏانهن وڃن پيون. هڪ ريل گاڏيءَ ۾ گهڻي تعداد ۾ ويٺل سکن مان لڳو ته هي گاڏي چنديڳڙهه، لڌيانا يا امرتسر کان آئي آهي. راجستاني ويسن وڳن ۾ مردن ۽ عورتن کي ڏسي سمجهي وياسين ٿي ته هيءَ گاڏي ڀلوارا، اجمير، جيپور يا جيسلمير کان هتي دهلي پهتي آهي. اهڙي طرح گاڏيءَ مان لهندڙن کي پاڻ ۾ بنگاليءَ ۾ ڳالهائيندي يا سڏ ڪندو ٻڌي سمجهي وياسين ته هيءَ گاڏي انڊيا جي صوبي بنگال جي ڪنهن شهر (مودنيپور يا ڪولڪتا وغيره) کان آئي آهي. ”اي ميان ڪيمن آشين. ڀالو تو“ پنهنجي ننڍپڻ جي سکيل بنگالي ٻوليءَ کي تکو ڪرڻ لاءِ ڀر مان لنگهندڙ هڪ خوش مزاج همراهه جي کيڪار ڪريان ٿو. ۽ هيءَ گاڏي هندستان جي بنهه ڪنهن ڏاکڻي صوبي تامل ناڊو يا ڪيرالا کان اچي رهي آهي. تامل ۽ مليالم ڳالهائيندڙ بندري قد ۽ ڪاري رنگ جا مسافر پليٽ فارم جي ٻئي پاسي بيٺل ٽرين جي مسافرن کان ڪيڏو ته مختلف لڳي رهيا آهن جنهن ٽرين ۾ گهڻي ڀاڱي مسافر قداور، گورا ڳاڙها ۽ شلوار قميص ۾ آهن.
”بهائي صاحب يه گاڙي کهان سي آر رهي هي؟“ آئون هڪ همراهه کان پڇان ٿو.
”جمون ۽ سري نگر کان.“ هو وراڻي ٿو. ٺهيو چئبو ته ڪشمير کان پئي اچي تڏهن ايڏا گورا ۽ سهڻا ماڻهو آهن ۽ ڪيتريون عورتون گاڏي جي دريءَ مان ٻاهر ليئا پائڻ مهل پنهنجو منهن ڍڪي رهيون آهن جيتوڻيڪ ٻئي طرف ريل ۾ چڙهندڙ ساڙهين ۾ ملبوس عورتن جون ننڍي بلائوز ڪري سڄو پيٽ به نظر اچي رهيو آهي. مختلف ماڻهن، رنگن، زبانن، ويس وڳن ۽ ڪلچر ڪري انڊيا واقعي دنيا جو هڪ نرالو ملڪ آهي تڏهن ته ڌارين ملڪن کان هتي آيا گورا به چيلهه تي هٿ رکيو وائڙن وانگر پيا ڏسن. دنيا جا ٻيا به ڪيترائي ملڪ آهن جيئن ته سنگاپور، ملائيشيا وغيره جتي مختلف قومن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ اهي ملڪ Multi Racial ۽ Multi Cultural سڏجن ٿا پر اتي اهو فرق ايڏو Sharp ۽ واضح نٿو لڳي جيترو هتي انڊيا ۾. تڏهن ته هن ملڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ملڪ اندر ملڪ آهن ۽ هتي هڪ ئي ملڪ ۾ اچي ڪيترن ئي ملڪن جو مزو ۽ تجربو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
اسان جي ٽرين دهليءَ کان شروع نه ٿي رهي هئي پر هوءَ اڳهين ڪنهن ٻئي صوبي کان اچي رهي هئي جو اسان ويٺاسين ته منجهس ديرادون، نيني تال ۽ سهارن پور پاسي جا ماڻهو ويٺل هئا جن سان بعد ۾ خبر چار ٿيڻ تي هنن ٻڌايو. پر اهو آهي ته ٽرين صحيح ٽائيم تي هلي يعني مقرر ٿيل ويهه منٽ ترسي دهليءَ جي اسٽيشن ڇڏيائين ۽ ٻي ڳالهه ته ٽرين جا مختلف دٻا (بوگيون) جن تي As1, As2, A1, A2 جهڙا اکر ۽ انگ لکيل هئا اهي بلڪل انهن ئي هنڌ تي بيٺا جتي انهن جا ريلوي اسٽيشن تي بورڊ لڳل هئا. ان ڪري ٽرين اچڻ تي پليٽ فارم تي مسافرن جي ڀڄ ڊوڙ نه ٿي جيڪا اسان وٽ عام آهي. هر هڪ مسافر پنهنجي بوگي نمبر مطابق اتي ئي بيٺو رهيو جتي ان جو بورڊ لڳل هو ۽ پوءِ ٽرين اچڻ تي سامهون دٻي ۾ چڙهي پياسين. بوگين (ريل جي دٻن) ۾ اندر بئنچن تي نمبر صاف لکيل هئا ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي سيٽ ولاري ويٺو. سڄي رات جو سفر هو سو سمهڻ لاءِ هر هڪ کي فل سيٽ مليل هئي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اڃا شام جا پنج ٿيا هئا سو سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي ٻيا سڀ هيٺين سيٽن تي ويٺا هئا. منهنجي ٽڪيٽ تي جيڪو نمبر هو اهو بلڪل مٿي صوفي جو هو معنيٰ هن عمر ۾ آئون هر هر باندر وانگر وچين صوفي (سيٽ) تي پير رکي مٿين تي ٽپ ڏيندو رهان ۽ ٻي ڳالهه ته اسان واري پاسي جون هڪ ٻئي مٿان ٽي سيٽون، ٽي ڀر واريون ۽ ٻه سامهون واريون اسان جي ڄڃ جي اوڏ عورتن کي مليون ۽ ٻه اڳ جي چڙهيل عورتن جون هيون. يعني منهنجي موجودگي ۾ هنن جي به آزادي چٽ ته منهنجي به. سو بيگ پاسي تي رکي سيٽ مٽائڻ لاءِ 80 مسافر جي هن دٻي جي هڪ ڪنڊ کان سروي شروع ڪيم. شروع ۾ ئي ادا گلاب راءِ جو پٽ وڃي ملي ويو جنهن کي هيٺين سيٽ ملي هئي. پر هن ٻڌايو ته ان تي سندس والد سمهندو ۽ پاڻ مٿين سيٽ تي ۽ هو پنهنجي پوڙهن والين جي ڀر ۾ ئي رهڻ چاهي ٿو. انهن کي ڇڏي هڪ يا ٻه سيڪشن اڳي وڌيس ٻن ٽن ڌارين مردن جي سيٽن ۾ هڪ سيٽ انجنيئر راڻي اوڏ جي ڀيڻ سروج جي هئي سا به هيٺين. هوءَ خود منجهي رهي هئي ته ڇا ڪجي. مون کيس سيٽ مٽائڻ لاءِ چيو.
”انڪل توهان کي ڪهڙي ملي آهي هيٺين، وچين يا مٿين؟“ هن پڇيو ۽ آئون هن کي پاڻ واري سيڪشن ۾ وٺي آيس.
”ڏس سروج تون ته جوان ڇوڪري آهين ۽ قد بت ۾ به هلڪي آهين توکي مٿي چڙهڻ ۾ ڪهڙي تڪليف وڏي ڳالهه ته هي مردن سان ويهڻ ۾ آئون وڌيڪ Comfortable محسوس ڪندس ۽ هتي تون پنهنجي پڦين ۽ ڪزن سان.“
”ادا تون اسان جو ڀاءُ آهين، ڀلي هتي ئي هج.“ سروج جي پڦين چيو.
”اهو بلڪل صحيح آهي پر هوڏانهن دير تائين بتي ٻاري آئون چپ چاپ پڙهندو رهندس ۽ هيڏانهن توهان کي.
”مڪيش گهوٽ تون هلين ٿو ٻانهن لوڏي لوڏي
ماڻهو ڏسن ٿا توڏي توڏي.“
سر کڻائڻ لاءِ سروج ملي ويندي.
آئون بيگ کڻي سروج واري سيٽ تي آيس. گاڏي دهلي شهر جون لانڍي ملير جهڙيون ننڍيو اسٽيشنون بنا ترسڻ جي لتاڙي هريانا صوبي جي فريدآباد ريلوي اسٽيشن، ٿوري گهٽ رفتا سان لتاڙي رهي هئي. مون انڊو پاڪ جي تاريخ جي مغل گهراڻي جي دور جو چئپٽر ڪڍي اڃا پڙهڻ شروع ڪيو ته اتي مهرچند اوڏ پاڻ سان گڏ آسودي مل جي ٻن پٽن کي وٺي اچي برجمان ٿيو ته اچو ته پتي راند ڪريون. مون صاف انڪار ڪيو.
”يار ڪمال آهي پوءِ جهاز تي ڪيئن وقت پيس ڪندا هئائو؟“ مهرچند چيو.
”چوين سچ ٿو، انهيءَ ڪري ته آئون لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن ۾ لڳي ويس جو پتي راند مون کي نٿي آئي.“
”ان جو مطلب مون کي چوٿون پليئنر به آڻڻو پوندو.“ اهو چئي هو ڪنجهندي اٿيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ ڀر واري دٻي مان ڪرڪندو اچي پهتو. ساڻس گڏ سرڳواسي حشمت راءِ جو انجنيئر پٽ راڻو اوڏ هو. حشمت راءِ اوڏ پاڻ به انجنيئر هو ۽ سڄي عمر حيدرآباد ۾ گذريس ۽ جي او آر ۾ پنهنجي بنگلي ۾ رهيو. پاڻ ڊپٽي ڪمشنر شري نارائڻ داس اوڏ جو گلاب راءِ کان پوءِ ٻيو نمبر پٽ هو. مهرچند وارن اسان جي بئنچن هيٺان ۽ مٿان بيگون لاهي انهن کي سيٽن جي وچ ۾ ٽيبل ٺاهيو ۽ هاڻ پتي راند شروع ڪئي. منهنجي راند سان ڪا دلچسپي نه هئي. ايڏي دلچسپي مغل دور جي تاريخ سان به نه هئي پر انڊيا گهمڻ جو صحيح طرح مزو وٺڻ خاطر مون دماغ ۾ ماضي جي بادشاهن جا قصا رکڻ ٿي چاهيا جن هن ڌرتيءَ تي حڪومت ڪئي. اهو ته نه چئي سگهندس ته هنن رعيت جي خدمت ۽ رعيت سان انصاف ڪيو. ها اهو ضرور چوندس ته ٺٺ ٺنگر ۽ پنهنجي عيش عشرت لاءِ محل محلاتون ٺهرايون. ناچڻين رنن ۽ نخريلي ڇورين سان محل ۽ ڳجها آرام گاهه ڀريائون. ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي سڀ راجا، بادشاهه توڙي نواب هڪ جهڙا لڳن ٿا. انهن جا ٺهيل محل ۽ مقبرا اڄ ڏسي ٺرون پيا. خبر ناهي انهن تي ڪم ڪندڙ ڪمين ڪاسبين کي سندن پورهئي جو اجورو به ڏيندا هئا يا هو رڳو سندن نستي جواني اڀارڻ لاءِ زور ڏيڻ وارين عورتن کي ئي خرچيون ڏيندا رهيا. دنيا جي ماڻهن جون تاريخون پڙهو ته انهن مان ته اهائي خبر پوي ٿي باقي اسان جي سائين محمد صديق ميمڻ جي ”تاريخ انڊو پاڪ“ پڙهه ته هر هڪ بادشاهه لاءِ لکيو پيو آهي ته هو وڏو مسلمان هو، وڏو نيڪ نمازي هو، وڏي دين جي خدمت ڪيائين. هندن جا مندر ڊهرايائين، ان تي هيترا دفعا حملا ڪري منجهس موجود سون جا بت ڀڃرائي ڇڏيائين ۽ (پوءِ اهو سون ڪڏانهن ويو، ڇا غريبن ۾ ورهايائين يا ڳوٺ کڻائي ويو) سکن جو زوريءَ طهر ڪرائي هنن کي مسلمان بنايائين (جنهن جون نفرتون اڄ تائين اسان ڀوڳي رهيا آهيون، ڇا ڪهڙي حديث ۾ ائين آهي، يا ڪهڙي خليفي يا اصحابيءَ ائين ڪيو؟ ۽ ڇا مسلماني ان ڳالهه تائين محدود آهي ته پاڻ نيڪ ڪم نه ڪريو، باقي ڪنهن جي ٽپڙ جو وکو ڪٽي ثواب حاصل ڪريو) پر اسان آهيون جو پيا ٺرون. تاج محل، خاص محل، ۽ ٻيا مقبرا ۽ مينار ڏسي وڏي ٽانءَ ۾ ٿا اچون ۽ اڄ جو رئيس، وڏيرو چوڌري ته ڇا هڪ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ وزير (جيڪو عوام نمائندو آهي جنهن کي عوام چونڊي اڳيان ڪيو آهي ته اسان جي لاءِ ڪجهه ڪر) هو به عوام جي خدمت ڪرڻ بدران هنن جا فنڊ پنهجن ڪمن ۽ مشهورين ۾ لڳائي مشهوري ماڻڻ جا جتن ڪري ٿو. يعني هر هڪ ٻئي خرچ تي تاج محل ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهي، اها هڪ Sick Mentality اسان جي خمير ۾ وسي وئي آهي.
اڄ کان پورا ٽي سؤ چوهتر سال اڳ ۽ جون 1631ع تي، هندستان جي عظيم الشان شهنشاهه شاهجهان جي محبوب راڻي ممتاز محل، پنهنجي چوڏهين ٻار شهزاديءَ گوهر آرا بيگم کي جنم ڏيندي، ويم دوران Infection سبب وفات ڪئي. بادشاهه انهيءَ غم ۾ هيڪر ته ڀڄي ڀري پيو. روئندي روئندي سندس نظر چٽ ٿي وئي. غم ۾ وار اڇا ٿي ويس. هن جي نظر ۾ طوفان نوح کان پوءِ انسان جي تاريخ جو هي ٻيو سانحو هو. مرحومه ملڪه ممتاز محل جي ياد ۾ جمنا درياء جي ڪناري تي هن هڪ عظيم الشان مقبرو اڏايو. ويهن سالن ۾ تيار ٿيندڙ هيءَ عمارت دنيا ۾ لاثاني مڃي وئي جنهن کي دنيا تاج محل جي نالي سان سڏي ٿو. هن عمارت جي ٺهي راس ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت ۽ پئسو خرچ ٿيو، ان لاءِ پٿر ڪٿان ڪٿان ايو ۽ انهن پٿرن کي ڪنهن ڪنهن گهڙيو، ٽڪيو ۽ پالش ڪيو، هن محل جي پيڙهه ۾ ڪيترن ماڻهن جون هڏيون دفن ٿي ويون، هن جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڀتيون، ڪيترا دفعا ڪيرائي انهن کي وري ٺاهيو ويو. اها هڪ الگ ڪهاڻي آهي.
بلڪل انهن ئي ڏينهن ۾ جن ڏينهن ۾ هندستان جو بادشاهه شاهجهان هو، سئيڊن جو بادشاهه گستاورس اڊولفس هو ۽ انهيءَ مهيني هن جي زال پڻ هڪ ڇوڪريءَ کي جنم ڏنو جنهن مهيني ۾ ممتاز محل جي پيٽ مان گوهر آرا بيگم پيدا ٿي ۽ بلڪل ان ئي جون جي مهيني ۾ سئيڊن جي بادشاهه گستاورس جي راڻي صاحبه ٻار جي ڊليوري دوران پيٽ ۾ Infection ٿي پوڻ ڪري گذاري وئي. ان ئي لمحي سئيڊن جو بادشاهه سلامت به همت هاري ويهي رهيو جڏهن هندستان جو بادشاهه شاهجهان پنهنجي راڻي ممتاز محل جي غم ۾ روئي روئي نابين ٿي رهيو هو. هيڪر گستاورس غم ۾ غرق ٿي ويو پر جلد ئي پاڻ سنڀالي پنهنجي زال جي موت تي غور ڪيائين ۽ جنهن وقت شاهجهان تاج محل جي اڏاوت ۾ مشغول هو، گستاورس ايڊولفس حڪم ڏنو ته ”ملڪ جي هر ڳوٺ، هر ڳوٺ جي هر پاڙي ۽ هر طبقي مان ٻه چست ۽ ذهين ڇوڪرين کي گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم ۾ آندو وڃي ۽ کين دائيءَ جي ڪم جي ٽريننگ ڏني وڃي. جڏهن اهي ماهر ٿي وڃن ته کين واپس پنهنجي ڳوٺ موڪليو وڃي جتي اهي ٻين ٻن ڇوڪرين کي ٽريننگ ڏين، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ، ڪنهن پاڙي يا شهر جي ڏهن ڪوهن ۾ ڪا عورت ويم دوران مري وئي ته نه انهن دائين جو خير ٿيندو ۽ نه وري عورت جي مائٽن جو!“
اهو فرق هو اسان ۽ يورپ ۾. جڏهن اسان جا وڏا شاهي مقبرا ٺاهي زال جو غم غلط ڪري رهيا هئا، هاٿين جي وات مان ٻڪرين جا آواز ڪڍائي رهيا هئا، راڳن سان پاڻيءَ ۾ باهه لڳرائي رهيا هئا. حڪيمن کان طاقت جا ڪشتا ٺهرائڻ ۾ لڳا پيا هئا. انهيءَ وقت يورپ جا حاڪم عوام جي فلاح ۽ بهبود جا منصوبا ٺهرائي رهيا هئا. يونورسٽيون قائم ڪري رهيا هئا، ڪارخانا، فيڪٽريون، لائبريريون ۽ ليبارٽريون ٺهرائي رهيا هئا. هنن سمجهيو ٿي ته قومن جي عروج لاءِ انسان جي بهتري تي مبني سماجي نظام، بهترين تعليم، ٽيڪنالا ۽ انصاف آهي. ان ڪري يورپ جي حاڪمن هميشه انهن ڳالهين تي زور ڏنو ۽ اسان جا حاڪم ملڪ يا صوبي جا هجن يا ضلعي، تعلقي يا ڳوٺ جا اڄ به عوام جي ڀلائي ڪرڻ بدران حڪم هلائڻ کي حڪومت ڪرڻ سمجهن ٿا. اسان جي سڄي انڊوپاڪ جي تاريخ ماضيءَ جي اهڙن حاڪمن سان ڀري پئي آهي جيڪي پاڻ کي زمين تي خدا جو پاڇو سڏائڻ لڳا ۽ هو دين الاهي ايجاد ڪرڻ لڳا جنهن جو نتيجو اهوئي نڪتو جو عروج زوال ٿي ويو ۽ زوال عروج. ڪاش شاهجهان تاج محل بدران انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ٺاهي هجي ها، سئيڊن جهڙو ڪو ميڊيڪل ڪاليج کوليو هجي ها، عوام جي سک ۽ مستقبل لاءِ پوک ۽ پاڻيءَ جي بندوبست جو سوچي ها. مستقل روزگار مهيا ڪرڻ ۽ صحتمند رکڻ لاءِ ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ ميڊيڪل تعليم جا ماهر پيدا ڪري ها. نتيجي ۾ مليريا جي علاج لاءِ انگريزن طرفان مليل چند ڪوئنن جي گورين تي به اسان جا بادشاهه سلامت ڦان ٿي ٿي پيا ۽ پوءِ آخر ۾ ڀڄڻ ۽ لڪڻ جي راهه نٿي ملين. ڪيڏي دردناڪيءَ سان مغل خاندان جو آخري شهنشاهه پنهجي جان بچائڻ لاءِ پنهنجي تڙ ڏاڏي همايون جي مقبري ۾ اچي لڪيو هو. ڇهه هزار ميل پري کان آيل چند انگريزن جي مڪاني سپاهين کيس جهلي گورن جي حڪم تي رنگون ملڪ دربدر ڪري ڇڏيو ۽ سندس سموري اولاد (ننڍي وڏي) کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪو احتياج نه ٿيو، ڪا رئلي نه نڪتي، ڪا بک هڙتال نه ٿي. سندن رعيت چپ چاپ نئين آيل حاڪم جي ”جي حضوريءَ“ ۾ لڳي وئي! فارسي ڇڏي انگريزي زبان سکڻ ۾ لڳي وئي.!
”يار مهرچند تون پتي راند ٿو ڪرين يا جوڊي ڪراٽي؟“ مون انڊيا جي تاريخ پڙهڻ بند ڪري مهرچند کي چيو جنهن جي گوڙ ۽ ويڙهاند تي باوجود ڪوشش جي آئون ڪتاب تي Concentrate نه پئي ڪري سگهيس. پتو ائين ٿي سٽيائين ڄڻ سرن يا تختن جي بندل تي مڪ هڻي ٻه اڌ ٿي ڪيائين. کٽڻ توڙي هارائڻ ۾ هن لاءِ دانهون ڪرڻ ضروري هو. سٺا پتا ٿي آيس ته اڀو ٿي ٿي ويو. ”ڇا ته ٺٺڍڪ ٺار پتا آهن.“ ۽ پوءِ خراب ٿي پتا آيس ته جاپاني ڪبوڪي ايڪٽر جهڙو چٻو چهرو ٿي ٿي ويس.“ هاءِ ماري وڌائون، ڇا ته اندر ساڙ پتا آيا آهن.“
اهڙي هلندڙ ويڙهاند ۾ پڙهڻ جو سوال ته پيدا ئي نٿو ٿئي. هيڏانهن هوڏانهن دريءَ مان ڏسجي ۽ منهنجي ڀر ۾ ۽ سامهون ويٺل ڌارين مسافرن سان خبر چار ڪجي. گاڏي فريد آباد ٽپي وئي هئي اتي بيٺي ضرور پر فقط ٻن منٽن لاءِ ۽ هاڻ ننڍين ننڍين اسٽيشن تي گاڏي بيهڻ بدران ويندي رهي. اسٽيشن اچڻ تي ڪجهه رفتار گهٽي ٿي ۽ هڪ ٻن اسٽيشن جا نالا پڙهي ورتم، پلوا، بالا بڳڙهه، شولا ڪا جهڙا هئا.
هي فريدآباد اهو شهر آهي جتي هندستان جي ورهاڱي وقت سڀ کان گهڻا پاڪستان کان لڏي آيل هندو اچي رهيا. اڄ هي شهر فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کان مشهور آهي. چون ٿا ته هن شهر جو نالو مشهور صوفي بزرگ سيد مرتضيٰ خان فيد بخاري تان آهي جيڪو ننڍي کنڊ ۾ بابا فريد جي نالي سان مشهور آهي. سندس مقبرو به هن ئي شهر ۾ آهي جتي حاضري ڀرڻ لاءِ عقيدتمند پري پري کان اچن ٿا. ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته هي شهر اڪبر جي نورتن مان هڪ شيخ فريد جي نالي تي آهي جنهن 1607ع ۾ هن شهر جو بنياد رکيو. شيخ فريد شهنشاهه اڪبر ۽ ان بعد سندس پٽ شهنشاهه جهانگير جي حڪومت ۾ وزير خزانا ٿي رهيو. هن هتي هڪ قلعو ۽ مسجد پڻ ٺهرائي. فريد آباد جو شهر هريانا صوبي ۾ ائين آهي جيئن ڪراچي سنڌ ۾. هريانا صوبي جي سٺ سيڪڙو اپت فريد آباد مان آهي.
منهنجي پڇڻ تي سامهون ويٺل ٽيهه پنجٽيهه سالن جي جوان مرد ٻڌايو ته هاڻ اسان جي گاڏي اتر پرديش جي ريلوي اسٽيشن مٿرا تي هلي بيهندي. هي همراهه به مون وانگر ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو جنهن تي خاڪي پني جو ڪور چڙهيل هجڻ ڪري ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ نالي جي خبر نٿي پئي ۽ رکي رکي هو پنهنجي زال کي فون ڪندو ٿي رهيو ته هوءَ ڪٿي پهتي آهي. هوءَ کيس دهلي اسٽيشن تي ڇڏڻ آئي هئي. سٿڻ قميص ۽ پوتيءَ ۾ هجڻ ڪري مون سمجهيو ته هيءَ ڪا سک فيملي آهي جيتوڻيڪ هو هندي يعني اسان واري اردو ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ مڙس کي ڏاڙهي به نه آهي پر اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي. اڄڪلهه ڪيترائي سک ڏاڙهي ڪوڙائي پيا هلن. پر پوءِ بعد ۾ وڌيڪ کيڪار کڙي ٿيڻ تي هن ٻڌايو ته هن جي زال هن کي دهلي جي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي، هاڻ واپس پنهنجي ڳوٺ بلند شهر پئي وڃي جيڪو دهليءَ کان 80 کن ڪلو ميٽر اوڀر ۾ آهي.“ سو رکي رکي سندس خيريت جو پيو پڇان جو هوءَ اڪيلي ڪار هلايو پئي وڃي.“ پاڻ جيڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو ان جي پٺ مون ڏي هئي ۽ اهو ڏسي مون کي تعجب پئي لڳو ته هن کاٻي کان ساڄي پنا پئي اٿلايا جيئن اردو، عربي يا سنڌي ڪتابن ۾ ڪبو آهي.
”توهان ڪهڙي ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟ مون پڇيومانس.
”اردو شاعريءَ جو آهي.“ هن وراڻيو ۽ ڪتاب مون کي ڏسڻ لاءِ ڏنو، اهو دهليءَ ۾ ڇپيل هو.
”ڪمال آهي توهان کي اردو اچي ٿي مون سمجهيو فقط مسلمان پڙهن ٿا.“
”دراصل آئون مسلمان ئي آهيان، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته نه فقط مسلمان پر هتي جا، خاص ڪري دهلي، هريانا ۽ اتر پرديش جا هندو به اردو پڙهن ٿا.“
هن ٻڌايو ته سندس نالو ڊاڪٽر سعيد عالم آهي. سندس زال جو شهر ”بلند شهر“ آهي پر سندس ڳوٺ نيپال وٽ هماليا جبلن جي قدمن ۾ پورنپور آهي. پاڻ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان پي ايچ ڊي ڪئي اٿس ۽ اتي ئي نوڪري ڪري ٿو. هن وقت هو به اسان سان گڏ بڙودا شهر ۾ لهندو جتي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ هو ٽن ڏينهن لاءِ ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو آهي.
”مسلمان جي حيثيت سان توهان کي هتي ڪيئن ٿو لڳي؟“ مون پڇيومانس.
”بلڪل صحيح ٿو لڳي. اسان هن ڌرتيءَ تي ڄاوا آهيون ۽ هي ئي اسان جو ديس آهي، هتي اسان جو گهر آهي ۽ اسان جڏهن پاڪستان جي حالتن کي پنهنجي ملڪ انڊيا سان ڀيٽيون ٿا ته رب پاڪ جا شڪر ٿا ڪريون ته پاڪستان جي مقابلي ۾ اسان وٽ سڪون آهي، اسان وٽ آزادي آهي، اسان وٽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جو معيار بيحد بلند آهي ۽ اسان جي پاسپورٽ کي دنيا عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي.“ هن وراڻيو.
”پر تڏهن به حڪومت ته هندن جي آهي.“ مون چيومانس.
”ڇا مطلب؟ ظاهر آهي اهي ئي هن ملڪ ۾ ميجارٽي ۾ آهن پر تنهن هوندي به هتي صحيح ڊيموڪريسي آهي. ان جو مثال ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هوندو ته ملڪ جو صدر، وزيراعظم ۽ ويندي آرمي چيف ملڪ جي هندو ميجارٽي بدران Minority (اقليت) مان آهي؟ پر اسان لاءِ ڪو فرق نٿو پوي. کڻي ڪير به هجي هن کي ملڪ جي Constitution ۽ قانون جي پوئواري ڪرڻي آهي. هن ملڪ ۾ هر رهندڙ کي پنهنجي مذهب جي آزادي آهي چاهي هو مسلمان هجي، يا سک، عيسائي يهوديء هجي جين، پارسي، ڪنهن کي به ڪو سندس مذهب يا مندر مسجد ۾ وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي. انڊيا هر فيلڊ ۾ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اڄڪلهه دنيا جا طاقتور ۽ امير ملڪ انڊيا جي ماڻهن کي نوڪريون ڏين ٿا. دنيا جا ماڻهو تعليم، ٽوئرزم ۽ طبي علاج لاءِ اسان جي ملڪ ۾ اچن ٿا جو هنن کي پئسو خرچ ڪرڻ جي بدلي ۾ بهتر ۽ زياده Value جي شيءِ ملي ٿي...“
ڊاڪٽر محمد سعيد عالم ٻڌايو ته جنهن ڳوٺ ۾ هو ڄائو آهي اڄ به هو پنهنجن پاڙيسيري هندو دوستن سان گڏ هولي ملهائي ٿو ۽ هو به ن وٽ عيدن جي مبارڪ ڏيڻ اچن. منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي ماڻهن ۾ چاهي ڪو ڪهڙي به مذهب يا زبان سان واسطو رکندڙ هجي هن ۾ برداشت جو وڏو مادو آهي. اسان وٽ ته ڏينهون ڏينهن جهڙي زيرو Tolerance ٿيندي وڃي. معمولي معمولي ڳالهين تي هڪ ٻئي جا سر ڪپيو ويٺا آهيون ۽ اڄ جي دور ۾ جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا تيز ٿي ويو آهي دنيا جي ماڻهن کان ڳالهه نٿي لڪي ۽ هي اسان وٽ ٿيندڙ اغوائن، ڪاروڪاري جي چڪرن ۾ مائرن ڀينرن جي قتلن، خونريزين، بيروزگاري وگهي خودڪشين، ناڪاره ڪرندڙن عمارتن، گٽرن ۾ ٻڏندڙن بيگناهه ٻارن جو جڏهن ڪو ڌاريو اخبار ۾ پڙهي ٿو يا ريڊيو، ٽي وي تي ٻڌي ۽ ڏسي ٿو ته هن کي عجب لڳي ٿو. هندستان ۾ پاڪستان کان به وڌيڪ مسلمان رهن ٿا پر هو ته اسان وانگر بم ڦاڙيو پنهنجن مسلمانن کي نٿا مارين، هو بيگناهه عورتن جو Gang rape نٿا ڪن ۽ نه Sodomy جون وارداتون ٿا ڪن.
ريل گاڏي مٿرا اسٽيشن تي پهتي ته اسان جا جا جواري ڀائر چادر ڇنڊي اٿي کڙا ٿيا.
”هاڻ هلڻ کي هلو ٿا يا وري موٽندائو؟“ مون پڇيومان.
”نه بس هاڻ هلون ٿا.“ مهرچند وراڻيو، ”توهان زور زور سان ايڏو ڳالهايو پيا جو اسان کي ڊسٽرب پيا ڪريو.“
”واه مهرچند واه! هي ته اهوئي ٿيو ته الٽار چور ڪوٽوال ڪو ڊانٽي.“ مون وراڻيو مانس ۽ پيتين کي سيٽن هيٺان داخل ڪري رستو صاف ڪري ڇڏيم. دريءَ جي ٻاهران دودو مون کي هيٺ لهي اچي پليٽ فارم تي چانهه پيئڻ جو اشارو ڪري رهيو هو. آئون اخبارن، پنا پينون پاساڻيون ڪري هيٺ لٿس پلاسٽڪ جي گلاس ۾ چانهه وٺي جلد ئي مٿي چڙهيس. گاڏي هلڻ ۾ اڃا ٽائيم هو پر مون هيٺ بيهي چانهه نٿي پيئڻ چاهي نه ته هر اسٽيشن تي هيٺ هلڻ چلڻ ۽ گاڏيءَ جي چرڻ وقت دڪاندار کي چانهه يا شربت جا پئسا ڏيئي هلندڙ ٽرين ۾ ٽپ ڏيئي چڙهڻ ان وقت پراڻي هابي رهي آهي جڏهن تعليم دوران پڪنڪ تي وڃبو هو يا موڪلن ۾ ڳوٺ وڃبو هو. مون کان ڪڏهن به ٽين مس نه ٿي. آخري دٻي ۾ به چڙهي پوندو هوس. پيٽارو جي منهنجي ڪيترن ڪلاس ميٽن ڊينٽل سرجن رضا شيخ، مرحوم علي رضا ميمڻ ۽ چاچي فقير محمد بسوءَ جي پٽ انور ميمڻ کان اڪثر ڪوئيٽا يا لاهور پاسي ٿي وئي هئي پوءِ ٽرين ۾ ڌڪا کائيندي اچي منزل تي پهتا هئا. اسان جا ٽيچر جيڪي چاليهه پنجيتاليهه ورهين جي وڏي عمر جا هئا اهي هميشه ان ڳالهه تان دڙڪا ڏيندا رهندا هئا. ظاهر آهي هو پوڙها ۽ ڪمزور جو ٿيا. اڄ آئون سٺ کان ٽپي چڪو آهيان ۽ انهن ٽيچرن کان به گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان، بيٺل گاڏيءَ ۾ به گوڏن تي زور ڏيئي لهان چڙهان ٿو سو ڪيئن ٿو هلندڙ ٽرين ۾ ننڍپڻ وارا Acrobatic Feats ڪري سگهان ۽ اهو به تڏهن جڏهن ٽيڪٽ ته کڻي مون وٽ کيسي ۾ آهي پر سڀني جا پاسپورٽ حفاظت لاءِ نولراءِ جي وڏي ناٺي شمن لعل اوڏ وٽ آهن. ٽرين ڇڏائي وڃڻ تي پوليس پهرين پاسپورٽ جي گهر ڪندي.
هي شهر مٿرا جنهن جي ريلوي اسٽيشن تي اسان جي گاڏي اچي بيٺي ۽ جتان چانهه وٺي پيتي اٿم هندن جي ستن اهم شهرن مان هڪ آهي. هن کان اڳ توهان به مون وانگر هن شهر جي فقط تاريخ پڙهي هوندي يا وري هن شهر جو نالو هڪ انڊين فلم جي مشهور گاني ۾ ٻڌو هوندو:
مٿرا مي تين بندر
جاتي ٿي زور مندر....
حياتي رهي ته هن شهر کي ڏسڻ لاءِ هلي ملي اچبو جو هي شهر روم، قسطنطنيه (استنبول Istanbul) لاهو، شيراز، قم آگري، دهليءَ وانگر آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڏينهن کپن. هي اهو شهر آهي جتي تيرٿ لاءِ هندو، سک، ٻڌ ۽ جين اچن ٿا. مٿرا هندن لاءِ بيحد پاڪ ۽ مانوارو شهر آهي جتي هندو ڌرم موجب هنن جي ڀڳوان ڪرشنا جنم ورتو. هي شهر ننڍي کنڊ جي پراڻن شهرن مان هڪ آهي. دهليءَ کان 140 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ جمنا نديءَ جي ڪناري تي هي شهر عيسوي سن کان 600 سال اڳ براج ڀوميءَ جي نالي سان مشهور هو. هن شهر ۾ لارڊ ڪرشنا (جيڪو وشنو ڀڳوان جو اوتار Incarnation چيو وڃي ٿو) پنهنجو ٻالڪپڻ گذاريو ۽ هن شهر جو ذڪر هندو ڌرم جي جهوني ڪتاب مهاڀارت ۾ به آهي.
مٿرا بعد ۾ موريا سلطنت جو حصو ٿي رهيو ۽ موريا گهراڻي جا بادشاهه اشوڪا هن شهر ۾ ٽي صدي قبل مسيح ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا ڪتبا ۽ Monuments ٺهرايا. حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڄم کان هڪ سؤ سال اڳ ۽ هڪ سؤ سال پوءِ وارو عرصو هي شهر (مٿرا) آرٽ جو مرڪز هو جتي پٿر جي ٽڪ جو ڪم ٿيو ٿي. اڄ به انهن شين لاءِ مٿرا اسڪول آف آرٽس جو حوالو ڏنو وڃي ٿو. بهرحال هي شهر موريا گهراڻي جي حاڪمن اشوڪا کان وٺي چوٿين صدي جي حاڪم گپتا جي ڏينهن تائين سياسي طاقت جو مرڪز رهيو ۽ ٻڌ ڌرم جو اڀار ٿيو ۽ ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا عبادتگاهه Monasteries ٺهيون جن جو ذڪر پٽولمي (Ptolemy) ۽ چين جي مشهور سياح فاحيان Fa_Hian جيڪو هتي سن 401 کان 410 تائين هو. ۽ هيئن سانگ Hiuen Tsang جيڪو هتي هن 634 ۾ آيو، پنهنجن سفرنامن ڪيو ۾ ذڪر آهي ته مٿرا جي اردگرد ٻڌن جون ٻه هزار کان مٿي Monasteries آهن. فاحيان جو ذڪر مون پنهنجي سفر نامي ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
موريا خاندان جي حڪومت بعد ٻڌ ڌرم هندستان کان ٻاهر سريلنڪا، سيام (ٿائيلينڊ) برما، ويندي چين، ڪوريا ۽ جاپان تائين ته وڌندو رهيو پر هندستان ۾ ان جي جاءِ وري هندو ڌرم والاري ورتي.
مٿرا ٻن مسلمانن جي گاديءَ وارن علائقن: دهلي ۽ آگري جي وچ ۾ هجڻ ڪري هر وقت انهن جي حملن هيٺ رهيو. آگرو هتان فقط سٺ ڪلوميٽر کن آهي. سن 1018ع ۾ افغان حملي آور محمود غزني هن شهر مٿرا ۾ ڦرلٽ جي باهه ٻاري ۽ هندو ۽ ٻڌ ڌرم جي مندرن کي تباهه ڪيو. سن 1500ع ۾ سڪندر لوڌيءَ هن شهر جي ڀينگ ڪئي. مغل شهنشاهه اورنگزيب اسلام جي خدمت ڪرڻ جي نشي ۾ هن شهر مٿرا ۾ ٺهيل اهم مندرن کي تباهه ڪيو ۽ شهر جي بيک ڪڍي ڇڏي. انهن تباهه ڪيل مندرن ۾ بيحد اهم مندر ڪيساوا ديو مندر به هو جنهن جي جاءِ تي چون ٿا ته هن مسجد اڏرائي ۽ ان کان پوءِ رهيل کهيل ڪسر 1757ع ۾ افغاني حملي آور احمد شاهه ابدالي اچي ڪڍي ۽ سڄي شهر کي تيلي ڏئي ساڙيو. 1804ع ۾ هي شهر مٿرا آخر انگريز حڪومت جي هٿ هيٺ آيو، ۽ هڪ دفعو وري بهتر روپ ۾ آيو.
گاڏي مٿرا جي اسٽيشن مان آهستي آهستي ٿي ٻاهر نڪري رهي هئي. پري پري تائين هن شهر جي مندرن، مسجدن ۾ برٽش اسٽائيل عمارتن جا مٿاهان حصا، نظر اچي اڏرندڙ ڌوڙ ۽ دونهن ۾ ڌنڌلا ٿيندا ويا. اڄ وقت جو چرخو 600BC کان Ad2005 ٿي ويو آهي پر هي پٽ، هي مٽي ۽ ڌوڙ، هي موسم ۽ وهندڙ جمنا (يمنا) ندي ساڳي آهي. ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو هتي پهتا جتان آئون هن وقت لنگهي رهيو آهيان. پٽولمي، فاحيان، هييوئين سانگ، محمود غزنوي، سڪندر لوڌي، اورنگزيب، احمد شاهه ابدالي، رابرٽر ڪلائيو، رچرڊ ويلسلي، وارن هئسٽنگس، حاڪم، سياح، سنت ساڌو، درويش، صوفي رازا، واڍا، هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، ڦورو لٽيرا هن آسمان هن درياهه، هن ڌرتيءَ هڪ انسان جا ٻئي تي ظلم، هڪ انسان جون ٻئي تي ڀلايون...... هندو ڌرم ٻڌ ڌرم، جين ڌرم، اسلام سک ڌرم.... هن ڌرتيءَ ڇا نه مذهب ۽ ريتون رسمون، خوشيون غميون ڏٺيون. اهو شهر جيڪو مختلف حاڪمن ڦري لٽي تباهه ڪري ڇڏيو اڄ اتي هر خوشيءَ جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. اڄ اهو انڊسٽري ۽ ايگريلڪلچلر جي لحاظ کان انڊيا جي ماڊرن شهرن مان آهي. منهنجي ڀر ۾ ويٺل رٽائرڊ پوليس آفيسر ٻڌايو ته هن نوڪريءَ جو آخري سال مٿرا ۾ گذاريو هو.
”ٻئي دفعي توهان اچو ته ڪڏانهن به نه وڃجو.“ هن کي جڏهن خبر پئي ته آئون ليکڪ به آهيان ته هن مون کي صلاح ڏني، ”فقط هن صوبي ۾ هليا اچجو ۽ پهرين پهرين مٿرا گهمجو.“
هن ٻڌايو ته مٿرا سامونڊي سطح کان ٻه سؤ ميٽر مٿي هجڻ ڪري اوسي پاسي جي شهرن کان بهتر موسم اٿس. ريلوي جنڪشن هجڻ ڪري هتي پهچڻ به سولو آهي.
”هيڏي تباهيءَ بعد اڄ به مٿرا مندرن ۽ مسجدن کان مشهور آهي، آرٽ ۽ هنرن کان مشهور آهي.“ هن ٻڌيو ۽ ڪجهه جايون ڏسڻ لاءِ جيڪي هن مون کي نوٽ ڪرايون هن ريت آهن: چئن منارن واري جامع مسجد جيڪا 1661ع ۾ ابو نبير خان ٺهرائي. وشرام گهاٽ جتي چون ٿا ته ڪانسا ظالم کي مارڻ بعد ڪرشن ڀڳوان اچي آرام ڪيو هو. دواڪا ديس مندر جيڪو 1814ع جو ٺهيل آهي ۽ شهر جو اهم مندر آهي جيڪو هولي، ڏياري جنما شتامي جي موقعن تي زبردست طريقي سان سينگاريو وڃي ٿو، گيتا مندر وغيره وغيره.
”توهان کي خبر آهي ته هندستان جا سڀ کان اهم شهر هن صوبي اتر پرديش ۾ آهن؟“ هن رٽائرڊ پوليس آفيسر مون کي سندس ڳالهه جي صداقت بابت ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هو ڇو مون کي هندستان جي هي اتراهون صوبو اتر پرديش جيڪو اتر ۾ نيپال سان ٿو وڃي لڳي، گهمڻ لاءِ چئي رهيو آهي.
مون هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. آئون هن صوبي جي جاگرافيءَ کان واقف هوس ته هن ۾ اسان مسلمانن توڙي هندن جا اهم شهر آهن. نه فقط اسان پر انگريزن جا به جيڪي گهڻو تڻو اتر پرديش ۾ رهيا ۽ هن صوبي جي شهرن جي پس منظر ۾ هنن ناول ۽ پنهنجيون ڪهاڻيون لکيون. مٿرا کان علاوه لکنؤ آگرو، فيروز آباد، مرادآباد، فتح پور سڪري، جانپور، ڪانپور، جهاسي، رام نگر، سنڪدريا، سراسوتي، بنارس (جنهن کي هاڻي وارا ناسي سڏين ٿا)، اعظم ڳڙهه، بارام پور، پيلي ڀيٽ، امروها، سهانپور ويندي الهه آباد هن صوبي ۾ آهن. الهه آباد هن دفعي ڏسڻ جو ارادو هوم پر هاڻ ڪو هفتو سوا مس وڃي بچيو آهي ۽ مڪيش جي شادي اٽينڊ ڪرڻ ۾ به ٻه ٽي ڏينهن بڙودا ۽ گجرات جي اوسي پاسي وارن شهرن ۾ گذري ويندا ۽ باقي ڏينهن واپس دهليءَ ۾. الهه آباد نه ڏسڻ جو ڏک ضرور اٿم جو اهو شهر اسان جي هڪ پياري ٽيچر ڪمانڊر اسرارالله جو ڳوٺ آهي جنهن اسان کي نه فقط ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آلجبرا، ٽرگناميٽري ۽ ڪئلڪيولس پڙهائي پر مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ دوران مئرين اڪيڊمي، چٽگانگ ۾ نيول آرڪيٽيڪٽ ۽ نيوگيشن جا حساب ڪرايا. پيٽارو ڇڏڻ وقت هن جي به ڇٽگانگ بدلي ٿي هئي. ان ريت هي اهو ٽيچر آهي جنهن ڪئپٽڻ بشير وسطرو، ڪئپٽن رياض چوڌري، ڪئپٽن احمد مخدوم، چيسف انجنيئر اسلم زبيري ۽ مون جهڙن کي گهڻي کان گهڻو عرصو پڙهايو. سندس سڄي عمر پڙهائڻ ۾ گذري. هينئر هو اسي سالن کان مٿي هوندو ته به پنهنجو واسطو ٽيچنگ سان رکندو اچي. اڄڪلهه سعودي عرب جي حڪومت هن کي مديني جي انگريزي ميڊيم وارن اسڪول جو ائڊوائيزر ڪري مديني ۾ رکيو آهي سندس گهرواري پڻ اتي جاب ڪري ٿي ۽ گائنا ڪالاجسٽ آهي. اولاد ۾ کيس فقط هڪ ڌيءَ آهي جيڪا (سعديه) ۽ سندس مڙس ٻئي ڊاڪٽر آهن ۽ ڪراچي ۾ پريٽڪس ڪن ٿا.
ڪمانڊر اسرارا: اسان کي هميشه پنهنجي هن شهر الهه آباد جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو آهي جتي هو ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. انڊيا اچڻ کان اڳ هو مون کي مديني پاڪ مان فون ڪندو رهيو ته آئون الهه آباد گهمي ان تي ڪجهه لکان ۽ شادي وارن ڏينهن تي ٻنهي گهوٽن جي پيئرن ڊاڪٽر، ڊاڪٽر رامچند اوڏ ۽ نولراءِ اوڏ کي هن پاران سندس پٽن جي شاديءَ جو مبارڪون ڏيان. رامچند ۽ نولراءِ اوڏ کان علاوه سندن وڏو ڀاءُ سرڳواسي ارجن داس اوڏ پڻ ڪمانڊر اسرارالله جو شاگرد هو، بلڪه اسان سڀني کان وڌيڪ فيوريٽ هو. ٽئي ڀائر هوشيار ۽ محنتي هئا. ارجن داس اوڏ ته پڙهائيءَ کان علاوه سڀني راندين، سئمنگ، گهوڙ سواري، پي ٽي، پريڊ ۾ ايڏو هوشيار هو ۽ منجهس ليڊر شپ ۽ Officer Like Qualities ايتريون ته هيون جو ڪاليج جي انگريز پرنسپال کيس J.U.O يعني هڪ هائوس (ايوب هائوس) جو ليڊر به ٺاهيو. ڪمانڊر اسرارالله سڀني شاگردن کي اولاد وانگر چاهيو ٿي. هو جيترو ڪلاس روم کان ٻاهر سٺو ۽ چرچائي هو ايترو ئي پڙهائڻ دوران سخت. ڌيان سان نه پڙهڻ تي دڙڪا به ڏيندو هو. ٿڦڙون الاريندو ته هو پر ڪڏهن ڪڏهن هڻي به ڪڍندو هو. هڪ دفعي ارجن داس ڪلاس ۾ ڪا شرارت ڪئي يا صحيح حساب نه پئي ڪيائين سو ڪمانڊر اسرار سندس ڊيسڪ وٽ بيهي هٿ مٿي کڻي چيس: ”ارجن هاڻ جي غلطي ڪئي اٿئي ته آئون توکي هيءَ ڀري ٿڦڙ هڻندس.“
ارجن ڊڄڻ بدران (دلير ته هونءَ به هوندو هو ۽ چرچائي پڻ) پنهنجي پين ڊيسڪ تي رکي اٿي کڙو ٿيو. اسان به وائڙا ٿي وياسين ته هي ڪري ڇا ٿو، ويندي ڪمانڊر اسرار به، جو هن حيرت مان ارجن کان پڇيو:
What Happened?
Sir you can not slap me. ارجن ڏاڍو گنڀيرتا سان چيو (جيتوڻيڪ پوءِ پاڻ به کلي ڏنو هئائين ۽ ڪمانڊر اسرار به ٽهڪ ڏنا هئا پر ان وقت هن بيحد Serious ٿي ڪمانڊر اسرار کي چيو ته سائين توهان مون کي ٿڦڙ هرگز نٿا هڻي سگهو).
Why not. ڪمانڊر اسرار ڪجهه ڪاوڙ ۽ ڪجهه تعجب مان پڇيو.
Sir, because I am an appointment holder. يعني آئون هائوس جو ليڊر (J.U.O) آهيان.
So What. ڪمانڊر اسرار پڇيو.
Sir you can de-strip me first and then only slap me for second mistake.
(پهرين غلطيءَ تي توهان مون کي فقط مانيٽري تان لاهي سگهو ٿا ۽ پوءِ ٻي غلطي ڪرڻ تي ئي ٿڦڙ هڻي سگهو ٿا) اهو چئي ارجن داس پنهنجي کيسي مان ان سرڪيولر جي ڪاپي ڪڍي جيڪو ڪجهه دير اڳ ڪاليج جي پرنسپال طرفان سڀني J.U.O سيڪشن ليڊرن ۽ S.U.O کي ڏنو ويو هو ته ڪنهن به Appointment Holder (يعني هائوس يا ڪلاس جي ليڊر) کي ڪابه غلطي ناهي ڪرڻي ٻي صورت ۾ هن کي سزا کان اڳ پهرين ته هن کي انهن جي ليڊري واري پوسٽ تان لاٿو (De-Stripe ڪيو) ويندو.
ڪمانڊر اسرار وٽ اهو سرڪيولر اڃا نه پهتو سو پڙهي ڏاڍو کليو. سرڪيولر تان نه پر ارجن داس جي همت ۽ Serious ائڪٽنگ ڪرڻ تان. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ارجن داس تمام سٺو ايڪٽر پڻ هو. ڪاليج ۾ ٿيندڙ هر ڊرامي ۾ هن کي حصو ملندو هو ۽ ان کان علاوه، ڪاليج جي بئنڊ جو ليڊر ۽ شاهين ايئر اسڪائوٽ به هو. بهرحال ان ڏينهن ارجن جي ڪيل اها ايڪٽنگ اسان کي ڏاڍي وڻي ۽ ڪمانڊر اسرار اڄ به ارجن جي اها ڳالهه ياد ڪري کلندو آهي ته ٻار ٿي ڪري مون کان ڊڄڻ بدران اٿي بيهي ٿو چوي ته سر! يو ڪين نات سلپ مي!
ڪمانڊر اسرار بعد ۾ وري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو پر ليڪچرر جي حيثيت سان نه پر پرنسپال جي پوسٽ تي ۽ نولراءِ ۽ ارجن داس جا ٻيا ڀائر به پيٽارو ۾ آيا جن کي پڻ هو سڃاڻي ٿو. خاص ڪري ڪيپٽن امرچند اوڏ کي جيڪو بعد ۾ نيوي ۾ آيو هو ۽ ڪمانڊر اسرار ويجهڙائيءَ ۾ ٻڌايو ته اوڏ ڀائرن جي والد صاحب نارائڻ داس اوڏ سان هن جي آخري ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هو امرچند کي مئرين اڪيڊمي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ وٺي آيو هو.
ڪاليج وارن ڏينهن ۾ 1960ع يا شايد 1961ع واري سال ۾ مغل اعظم فلم جو هي گانو بناڪا گيت مالا يا ٻين ريڊيو اسٽيشنن تان تمام گهڻو ايندو هو:
تيري من کي گنگا،
ميري من کي جمنا کا
بول رادها بول سنگم هو گا ڪه نهين.
ڪمانڊر اسرار ٻڌائيندو هو ته انهن ندين گنگا ۽ جمنا جو ميلاپ الهه آباد آهي ۽ اتي هر سال وڏو ميلو لڳي ٿو.
هندن لاءِ هي هنڌ تمام وڏي اهميت رکي ٿو جتي گنگا، جمنا ۽ اڻ نظر ايندڙ سرسواتي نديون اچيو ٿيون ملن. هتي هر ٻارهين سالين کنڀ ميلي نالي تمام وڏو ميلو لڳي ٿو ۽ نه فقط هندستان مان پر دنيا جي دور دراز ملڪن کان هندو عقيدت مند اچن ٿا ۽ هتي درياهه ۾ وهنجن ٿا. ان کان ننڍي پيماني جو اردها کنڀ (ڪمڀ) هر ڇهين سال لڳي ٿو ۽ ان کان علاوه هر سال به ميلو لڳي ٿو جيڪو ماڳهه ميلو سڏجي ٿو.
الهه آباد شهر هڪ تمام پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي جيڪو آرين جي ڏينهن ۾ پراياگ سڏبو هو. هندو ويدن جي ڪتابن ۾ جيڪي ڏيڍ هزار کن سال قبل مسيح پراڻا چيا وڃن ٿا، ۾ پڻ پراياگ جو ذڪر آهي جتي هندو ديوتا برهما قربانيءَ جي رسم ادا ڪئي.
سن 1193ع ۾ دهليءَ جي سلطان محمد غوريءَ هن شهر تي قبضو ڪيو. هن شهر جو نالو الهه آباد 1584ع ۾ اڪبر مغل بادشاهه رکيو ۽ هتي هڪ وڏو قلعو به ٺهرايو. قسمت جي بدنصيبي جو هن شهر الهه آباد مان شهنشاهه اڪبر جي پٽ سليم (جيڪو پوءِ جهانگير جي نالي سان مشهور ٿيو) پنهنجي پيءُ خلاف بغاوت ڪئي ۽ سندس ٺهرايل هن قلعي ۾ پنهنجي شاهي ڪورٽ هلائي. اها 1602ع جي ڳالهه آهي. 1605ع ۾ اڪبر جهانگير کي پنهنجو جانشين تسليم ڪيو. ان تي جهانگير جي پٽ شهزادي خسرائو بغاوت ڪئي جو جهانگير جي انقلاب آڻڻ وارن ڏينهن ۾ اڪبر بادشاهه پنهنجي مرڻ بعد پنهنجي تخت جو واڳون جهانگير جي هن پٽ جي حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. سو هن جو ڏٺو ته سندس ڏاڏي اڪبر جو سندس پيءُ جهانگير سان صلح ٿيڻ تي ماڳهين سندس هٿن مان تخت ۽ تاج هليو ويو سو وٺي گوڙ ڪيائين. خسرائو جون هي ارڏايون ڏسي سندس پيءُ جهانگير کيس موچڙا هڻائي هٿڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌرائي ڇڏيو. سال ٻن بعد هن کي انڌو ڪيو ويو ۽ نيٺ 1622ع ۾ کيس هن شهر الهه اباد ۾ مارايو ويو.
الهه آباد اهو شهر آهي جتي 1858ع جي بلوي (Sepoy Mutiny) بعد لارڊ ڪننگ انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جون واڳون برطانيه جي حڪومت حوالي ڪيون.
ڪمڀ ميلي بابت ٻه سٽون هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪي مون سان گڏ سفر ڪندڙ مٿرا جي هندو پوليس آفيسر ٻڌايون.
”هندو ڌرم جي جمني مٿ (Myths) مطابق هڪ دفعي ديوتائن ۽ شيطانن (Demons) جي ڪمڀ (دکيءَ) تي وڏي ويڙهه هلي جنهن ۾ آب حيات هو، يعني جنهن مڌ کي پيئڻ سان هڪ فاني شيءِ لافاني ٿي پوي. وشنو ديوتا جا هن ڏکيءَ ۾ هٿ ڦٻي ويا ۽ ان کي کڻي روانو ٿيو پر اڏام دوران هن مڌ جا چار ڦرا ڌرتيءَ تي هارجي ويا. الهه آباد، هردوار، ناسڪ ۽ اجئين. زندگي لافاني ڪرڻ جي هن مڌ تي ٻارهن ڏينهن لڙائي هلندي رهي آخر سوڀ ديوتائن جي ٿي ۽ کين ئي مڌ ملي. ان جو نظارو اڪثر هندو مٿ جي تصويرن ۾ چٽيل نظر اچي ٿو.
مٿين چئني شهرن ۾ ٻارهن سالن ۾ هڪ دفعو وڏو ميلو لڳي ٿو جو هندو مٿ مطابق ديوتائن جي زندگيءَ جو هڪ ڏينهن فاني انسان جي ٻارهن سالن برابر آهي هردوار شهر جنهن جو ذڪر شروع ۾ ٿي ويو آهي اتي هي وڏو ميلو (گڏجاڻي) سن 1998ع ۾ ٿيو، ان بعد ٽن سالن کان پوءِ 2001ع ۾ هتي الهه آباد ۾ ٿيو هو ۽ هاڻ الهه آباد ۾ اهڙو وڏو ميلو سن 2013ع ۾ لڳندو. الهه آباد جو ڪمڀ ميلو سڀ ۾ وڏو، پوتر ۽ ڀلارو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ دنيا ڀر جا هندو جمنا ۽ گنگانديءَ تي اچيو سنان ڪن. هي اهو ميلو آهي جنهن ۾ اگهاڙا ساڌو ۽ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ جوڳي به اچي نڪرندا آهن. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتان به الهه آباد جي هن ڪمڀ ميلي لاءِ هندن جا قافلن جا قافلا روانا ٿيندا هئا جن جو بندوبست گهڻو ڪري ”تان سري ڪشو“ گلوب سلڪ اسٽور جو مالڪ ۽ سرڳواسي وڪيومل لاکياڻي ڪندو هو.
بي بي سي جي هڪ پراڻي ۽ بيحد مشهور نمائندي مارڪ ٽليءَ هڪ ڪتاب لکيو آهي. No full Stops in India. ان ۾ هڪ سڄي چيپٽر ۾ الهه آباد جي هن ڪمڀ ميلي جو دلچسپ احوال لکيو اٿس.
اسان مٿرا اسٽيشن مان ٻاهر نڪري رهيا هئاسين، مٿرا اسٽيشن ائين جنڪش اسٽيشن آهي جيئن اسان جي روهڙي يا ڪوٽڙي جتان ٻن يا ٽن طرفن ڏي گاڏيون وڃن ٿيون. هتان مٿرا مان به ڪي ريل گاڏيون (مثال طور انڊيا جي سڀ کان تيز رفتار ٽرين تاج ايڪسپريس) آگري ڏي وڃن ٿين پر اسان واري پشچم ايڪسپريس اتر پرديش جي آگري يا ٻين شهرن ڏي وڃڻ بدران راجستان صوبي جو رخ ڪري ٿي جنهن جي پهرين ريلوي اسٽيشن ڀرتپور آئي. هاڻ رات جا نو ساڍا نو ٿي ويا هئا. ڊائننگ ڪار جا بيرا رکي رکي ٽماٽن جو گرم سوپ، چانهه، ڪافي يا سينڊوچون کڻي هوڪا ڏيئي رهيا هئا. ڪي ته پيپسي ۽ هتي جون مڪاني ڪولائون يا امول جي تڌي کير جون سائي ۽ گلابي رنگ جون بوتلون وڪڻي رهيا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي مانيءَ جي ٽري به اچڻ لڳا جن جو هر هڪ کان شام جو ئي آرڊر وٺي ويا هئا جو ڪن چڪن يا مڇي جهڙن ڊشن جو آرڊر ڏنو هو ته ڪن ڀاڄي ۽ دال جو. اسان جي ملڪن (انڊيا، سريلنڪا، ملائيشيا، سنگاپور وغيره) ۾ ريل گاڏين ۾ به انگريزن جي ڏينهن کان سٺي ماني ملي ٿي پر هتي انڊيا ۾ اگهه ڪافي گهٽ نظر اچن ٿا بلڪه تمام گهٽ شايد اهوئي سبب آهي جو ٽرين ۾ هر هڪ غريب غربي گاڏيءَ جي ڊائننگ ڪار مان ماني گهرائي ۽ شايد ئي ڪو گهران کڻي آيو هجي. ۽ ٻي ڳالهه ته صفائي سٿرائيءَ جو ايڏو خيال هو هو ڄڻ ريل ۾ نه پر هوائي جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هجون. هر هڪ جو ٽري ڍڪيل ۽ مٿان ان جو نمبر لڳل ۽ وري ٽري ۾ رکيل هر شيءِ چاهي چپاتيون هجن يا ٻوڙ يا ڀت جو پيالو. ان جي مٿان پني چڙهيل هئي. هنڌ بسترا به سڀني کي ساڳيا، لانڍي جا ڌوتل ۽ هر چادر، وهاڻو ٽوال ويندي بلاڪيٽ استري ٿيل ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ سيل ٿيل هو. ٿي سگهي ٿو پاڪستان جي گاڏين ۾ به رات جي مسافرن لاءِ اهڙو بندوبست ٿيل هجي پر جنهن شاليمار ريل گاڏيءَ ۾ اسان ڪراچيءَ کان لاهور پهتاسين ان جي ته واش روم جا در به بند نٿي ٿي سگهيا ۽ اڳتي هلي پاڻي به بند ٿي ويو. ٻه ٻه ايئر ڪنڊيشنر ٺاهڻ جا انجنيئر (يا مستري) گڏ هئا پر دٻي ۽ ٻاهر جي گرمائش ۾ اوڻهين ويهن جو فرق هو. ڪنهن کي چئه کڻي ته خار مان ڏسي هن کتو جواب ٿي ڏنو ته اسٽيشن وارن ٽانڪين کي پاڻيءَ سان ڀريو ئي ڪونه اسان ڇا ڪريو. ريلوي ڊپارٽمينٽ ايئر ڪنڊيشنر جا نوان Expansion V/V ئي نٿو ڏئي اسان ڇا ڪريو. هاڻ اهو ٿيندو آهي هڪ ملازم جو جواب ان گراهڪ لاءِ جنهن سان توهان بزنس ٿا ڪريو. اسان جو ريلوي ڊپارٽمينٽ يا پوسٽل ڊپارٽمينٽ يا ڪو ٻيو ڊپارٽمنيٽ عوام سان بزنس ته ڪري رهيو آهي. سروس Provide ڪرڻ لاءِ هو پئسن تي ٽڪيٽ ٿو وڪڻي ڪا عيسائين جي خيراتي اسپتال ته نه پئي هلائي وڃي ۽ جڏهن توهان بزنس پيا ڪريو ته بزنس مين ۽ ان جي ملازمن لاءِ وڏو باس گراهڪ هوندو آهي. ان کي هر صورت ۾ مطمئن ڪيو ويندو آهي يا معافي ورتي ويندي آهي ۽ نه ڇڙٻون ڏنيون وينديون آهن. اسان وٽ هر سرڪاري اداري جو ماڻهو مئنيجر کان صفائي وارو ڀنگي عوام کي ڏنڀ ۽ تڙيون ڏيڻ ٿو چاهي ڄڻ هن پنهنجي کيسي مان لنگر جي ديڳ چاڙهي آهي ۽ اهي ئي ڳالهيون آهن جو سان ائز اي نئشن مار کايو وڃون. ۽ اتي ئي فرق صاف ظاهر ٿئي ٿو. اسان جي دهليءَ کان بڙودا ويندڙ هن گاڏيءَ ۾ ڀر واري سيڪشن ۾ سڀ کان مٿاهين سيٽ تي ستل نولراءِ جي ننڍي ڀيڻ شيلا ريل جي لنگهندڙ هڪ ملازم کي بيهاري چيو: ”ڀائي هن ايئر ڪان کي ته ڏس، ڪم ئي نه پيو ڪري ڇا؟“
دراصل آئون ٻڌي رهيو هوس ۽ سڄي زندگي جهازن جي ريفريجريشن ۽ ايئر ڪنڊيشنگ انجنيئرنگ سان واسطو هجڻ ڪري سمجهيم پئي ته ايئرڪنڊيشن جي ٿڌاڻ صحيح آهي پر تازو ڪجهه منٽ اڳ اسٽيشن تي ٽرين جي بيهڻ ۽ دروازن جي کل بند ٿيڻ ڪري دٻي جي ڪولنگ ڪجهه گهٽ ٿي وئي آهي. ريل جو ملازم ”جي مئڊم“ ڪري ويو. هن ضرور ٿرمو اسٽيٽ کي ٿورو سيٽ ڪيو هوندو جيئن ڪولنگ وڌي پر وڌندي وڌندي به ڪجه وقت ٿو لڳي ۽ ان دوران هن کي وري کٽي ٿي کڻي ۽ اچيو ٿو اسان جي دٻي مان لنگهي. شيلا وري ڪاوڙ مان چيس ته ڀائي هي دٻو ٿڌو ٿئي ئي ڪونه ٿو. مون کي جيتوڻيڪ دل ۾ آيو ته شيلا کي چوان ته ڪولنگ صحيح آهي ۽ آهستي آهستي وڌيڪ ٿڌو ٿي رهيو آهي، پر چپ ٿي رهيس. هو مستري به بنا ڪنهن رد ڏيڻ جي ”جي مئڊم، جي مئڊم“ چئي پٺيان پير ڪيا. Thermostat سان گڏ A.C جا فلٽر وغيره به وڃي صاف ڪيا هوندائين جو پوءِ ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ سڄو دٻو تمام گهڻو ٿڌو ٿي ويو. ٻيا ته ٺهيو پر شيلا به ٿڌ ڪري هاڻ بلاڪيٽ اندر گڪي ٿي وئي هئي ۽ هاڻ ڪا اسٽيشن به ويجهڙائيءَ ۾ اهڙي نه هئي جنهن تي اسان جي ريل بيهي ۽ در کلن ته ٿڌڪار گهٽجي. ويتر ريل هاڻ راجستان جي وارياسين پٽن ۾ هلي رهي جتي ڏينهن جو ريتي تپي گرمي ٿي پيدا ڪري اتي رات جو وڌيڪ ٿڌ ٿي ڪري يعني ٻاهر جو ٽيمريچر ڪرڻ ڪري اندر ريل جي دٻي ۾ اڃا به وڌيڪ ٿڌ ٿي پئي هئي رات جا يارهن ٿي چڪا هئا مون پڙهي پڙهي هاڻ سمهڻ ٿي چاهيو پر سوچيم ته پهرين ان ايئرڪنڊيشن واري مستري کي ڳولهي چوانس ته ٿڌڪار گهٽ ڪر نه ته قلفي ٿي وينداسين. کيس ڳولڻ ۾ مون کي دير نه لڳي. اسان واري بوگي جي آخر ۾ باٿ روم وٽ اسٽول تي ويٺو هو. اتفاق سان ان ئي وقت هڪ ٻيو مسافر به هن سان گهڻي ٿڌ جي شڪايت ڪري رهيو هو.
”جي هان وه تو مين بهي سمجهه رها هون“ هو چئي رهيو هو ”پر ڇا ڪريان هونءَ جيڪا 31 نمبر واري سيٽ تي جاپاني مهانڊي واري عورت آهي اها دڙڪا ٿي ڏئي.“ يعني هو شيلا لاءِ چئي رهيو هو. اهو ٻڌي مون کي کل آئي ۽ چيومانس ته ڀلي ٿڌڪار گهٽاءِ هو پاڻ پئي چوي. دل ۾ سوچيم ته هن مڪينڪ جي سٺي Observation آهي. واقعي نولراءِ وارن ۾ ڪي ارجن داس، نول پاڻ، ڊاڪٽر لڇمڻ جهڙا جاپاني يا ٿائي اسٽائيل جي گول چهرن وارا آهن ته ڪي ڀاءُ ڀيڻ رامچند، ميرا وغيره جهڙا ڊگهي چهري وارا ننڍي کنڊ جي ماڻهن جهڙا آهن.
پنهنجي بٺو ڪري آئون به اچي سمهي رهيس. منهنجي مٿان واري بئنچ تي پوليس جو رٽائرڊ آفيسر ۽ ان جي مٿان علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ڊاڪٽر سعيد عالم هو. سڀ گهري ننڊ ۾ هئا. سامهون واري هيٺين سيٽ تي پٺن اگهاڙو ننڍڙي پوتڙي ۾ هڪ ساڌو فقير دريءَ ڏي منهن ڪري شام کان پٿل ماريو ويٺو هو ته هينئر رات جا ٻارهن ٿيڻ وارا هئا، هو نه ليٽيو ٿي نه ڪنهن سان ڳالهايو ٿي ۽ نهن ڪجهه کاڌائين ٿي. هڪ ڊگهي مالها جا ئي ڪڻ چوريندو رهيو ۽ ڪجهه پڙهندو رهيو. ان جي مٿين سيٽ تي هتي جي هڪ آئل ڪمپنيءَ جو انجنيئر هو ۽ ان جي مٿين سيٽ تي جينز ۽ ٽي شرٽ ۾ پنجابي ڇوڪري هئي جنهن کي بڙودا کان به اڳيان عربي سمنڊ جي بندرگاهه واري شهر ”سورت“ ۾ B.Sc جا فائنل پرچا ڏيڻا هئا. هن ٻڌايو هوءَ پاڻ پنجاب جي آهي پر سندس پيءُ جي سورت ۾ نوڪري هجڻ ڪري پاڻ سورت ۾ پڙهي. هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ هن جي پيءُ جي بدلي مٿرا ٿي وئي آهي سو امتحان لاءِ هوءَ سورت وڃي رهي آهي. کيس ماءُ پيءُ مٿرا اسٽيشن تي ڇڏڻ آيا هئا.
بڙودا کان جيترو اتر ۾ ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر پر گانڌي نگر آهي اوتري ئي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ سورت آهي. سورت جو بندرگاهه ڪنهن زمان ۾ ملاڪا بندرگاهه وانگر بلي بلي هو پر هاڻ اڄ جا وڏا جهاز سورت ۾ ملاڪا جهڙن ننڍن بندرگاهن بدران بمبئي ۽ سنگاپور وڃن ٿا. سورت تاپتي نديءَ جي ڇوڙ وٽ عربي سمنڊ جو بندرگاهه آهي جيئن کڻي چئجي ته پورٽ قاسم سنڌو نديءَ جي ڇور وٽ عربي سمنڊ جو بندرگاهه آهي. ٻارهين صديءَ ۾ ايران جي شهر کان لڏي آيل زور وسٽر (باهه جا پوڄاري) انڊيا جي هن شهر سورت ۾ اچي رهيا هئا ۽ انهن جو اولاد ۽ انهن جو اولاد آهستي آهستي فارسي بدران هن صوبي جي زبان گجراتي سکندو ۽ ان کي اپنائيندو ويو. اڄ اهي آتش پرست جيڪي حرف عام ۾ ”پارسي“ سڏجن ٿا گجراتي ڳالهائين ٿا. سورت کان پوءِ آهستي آهستي بمبئي، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏي به ٽڙي پکڙي ويا ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پارسي جن NED ۽ ماما پارسي اسڪول جهڙا تعليمي ادارا کوليا سنڌي پڻ ڳالهائيندا هئا. اڄ به هنن جو مشهور جهازن جو مالڪ ۽ ڪالم نويس ڪواسجي گجراتيءَ سان گڏ سنڌي به ڳالهائي ٿو.
1573ع ۾ سورت جي شهر تي مغل شهنشاهه اڪبر جو قبضو ٿيو ۽ هن سورت کي واپار وڙي جو بندرگاهه بنايو. تن ڏينهن ۾ مڪي ۽ مديني ويندڙ هندستان جا حاجي هن بندرگاهه سورت کان روانا ٿيندا هئا ۽ هوڏانهن ڳاڙهي سمنڊ جي بندرگاهه جدي ۾ لهڻ بدران يمبو ۾ لهندا هئا جيڪو مديني جي بلڪل ويجهو آهي. ڏسندي ئي ڏسدي سورت هڪ امير شهر ٿي ويو، 1612ع ۾ انگريزن مغل حاڪمن جي اجازت سان واپار جي ڪوٺي کولي ۽ ان بعد 1616ع ۾ ڊچن (هالينڊ جي رهاڪن) ۽ پوءِ 1664ع ۾ فرينچن هن شهر ۽ بندرگاهه ۾ پنهنجيون واپاري بيٺڪون کوليون. اناج جي منڊين کان علاوه هي شهر هيرن (Diamonds) کان به مشهور آهي. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ هن شهر ۾ ڪوئن جي پليگ (Pneumonic) بيماري پکڙجڻ ڪري دنيا جي خبرن ۾ نمايان رهيو. فيڪٽرين ۽ گاڏين جي گوڙ شور، دونهين، مٽي ڇيڻ ۽ فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلي ڪيمڪيل ڪري هن شهر جي آلودگي (Pollution) کان هر هڪ واقف آهي گهٽ ته احمد آباد به نه آهي، پر بقول B.Sc جو امتحان ڏيندڙ مٿين پنجابي ڇوڪريءَ جي:
If Ahmedabad is bad in noise and pollution then Surat is horrific.
گاڏي راجستان صوبي جون منزلون ماري رهي هئي. راجستان هونءَ کڻي رڻ پٽ ۽ وارياسو صوبو آهي پر جيپور، جوڌ پور، ڀلورا، اجمير، بيڪانير، جيسلمير جهڙن تاريخي شهرن کان مشهور آهي. اسان جي سنڌ جا اوڀر وارا سڀ ضلعا راجستان سان مليا پيا آهن. گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ضلعا راجستان جي جيسلمير سان ۽ سانگهڙ، عمر ڪوٽ وري بارمر سان اڄ کان هڪ سؤ سال کن اڳ جڏهن شناختي ڪارڊن ۽ پاسپورٽن جا چڪر نه هئا ته سنڌ جا ماڻهو هوڏانهن بلوچستان ۽ ايران ڏي ته هيڏانهن انڊيا جي راجستان ۽ گجرات صوبن ڏي پئي آيا ويا. تڏهن ته شاهه لطيف به پنهنجن شعرن ۾ هن پاسي جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه جي مشهور شعر ”سائين! سدائين“ واري ۾ شروع جون سٽون آهن ته:
”ڪي دهليءَ ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهن ڀڄ ڀچائيو، ڪنهن ڍٽ مٿي ڍار،
ڪنهن اچي امر ڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سانئينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست! مٺا دلدرا! عالم سڀ آباد ڪرين.“
آئون پنهنجي بستر (سيٽ) جي مٿين بتي وسائي سمهي رهيس. تقريبا سڀ ننڊ ۾ هئا سواءِ ڪنهن هڪ ٻن جي. جيڪي واش روم ڏي اچي وڃي رهيا هئا يا شايد ڪنهن ايندڙ اسٽيشن تي هو لهڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. فقط پوتڙي ۾ ويٺل ساڌو انهيءَ پوزيشن ۾ ويٺو رهيو جنهن ۾ اسان کي هن ايندي وقت ڏٺو هو. ٿي سگهي ٿو ويٺي ويٺي ننڊ ڪري رهيو هجي يا جاڳي رهيو هجي. سندس پٺ اسان ڏي هئي، مون کي ڪنهن وقت اک لڳي وئي، جڏهن ننڊ مان اٿيس ته اڇو صبح ٿي ويو هو. رٽائرڊ پوليس آفيسر انڊيا جو هفتيوار رسالو The Week پڙهي رهيو هو. دٻي ۾ موجود باقي مسافرن مان ڪي اڃا ستا پيا هئا ته ڪي اٿڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. ڊائننگ ڪار جا بيرا ”گرم چانهه، گرم چانهه“ جا هوڪا ڏيئي رهيا هئا ۽ ساڳي وقت نيرن جا آرڊر پڻ وٺي رهيا هئا.
”ڪٿي پهتا آهيون؟“ مون پوليس آفيسر کان پڇيو.
”بس هاڻ گجرات صوبي ۾ گهڙي چڪا آهيون، ٿوري دير اڳ داهود ريلوي اسٽيشن ڇڏي اٿئون جيڪا هن ريلوي لائين تي گجرات جي پهرين اسٽيشن آهي.“
پوليس آفيسر ٻڌايو.
”۽ هاڻ ڪهڙي ريلوي اسٽيشن ايندي؟“ مون پڇيو.
”هاڻ يڪو ڪلاڪ ڏيڍ بعد گوڌرا (Godhra) تي هلي بيهندي.“
مون دريءَ مان ٻاهر ڏٺو. سرسبز ٻنيون ۽ ڳوٺن جا گهر ۽ مندرن مسجدن جا منارا نظر اچي رهيا هئا. ڪيڏي هڪجهڙائي آهي هن پاسي ۾ ۽ ملاڪا ۾. گهرن ۽ مندرن جو اهوئي اسٽائيل لڳي رهيو آهي جيڪو ملاڪا شهر مان وهندڙ ملاڪا نديءَ جي ڪناري وارن گهرن جو آهي. ملئي ماڻهن جي ديس ملايا (ملائيشيا) ۾ هي هن تر گجرات جي رهاڪن جا گهر آهن جيڪي ٻه ٽي صديون اڳ هتان گجرات کان لڏي ملاڪا وڃي رهيا هئا جن مڪاني راجائن کي خبردار ڪيو هو ته يورپ کان ايندڙ پورچو گالي جهازين کان بچي رهجو نه ته اهو حشر ٿيندائو جيڪو انڊيا سان انگريزن ڪيو. گجراتين جون اهي نصيحتون ۽ چتاءَ ٻڌي ملئي حاڪم خبردار ٿي ويا ۽ ڪنهن حد تائين هو پورچو گالين کي ڀڄائڻ ۽ ڪامياب به ٿي ويا هئا پر پوءِ جڏهن هنن پورچو گال ۽ سندن انڊين ڪالوني گوا کان وڏو سپاهه وٺي اچي ملاڪا تي قبضو ڪيو ته پهرين هنن گجراتين جي محلن کي ٻاهيون ڏنيون. هاڻ جيڪي ملاڪا ۾ گجراتين جا گهر آهن اهي گذريل صديءَ جي شروعات جا ٺهيل آهن. بهرحال گجراتين جي ملاڪا وارن انهن گهرن جو آرڪٽيڪيٽ بلڪل هن پاسي جو آهي. ملاڪا ۾ انهن جا گهر ته ڇا پر ٽنگري جهڙيون جهونيون مسجدون به گجرات جي مندرن سان گهڻو ملن ٿيون.
آئون ريل گاڏي جي ڊائننگ ڪار وارن کي ڦڪي چانهه سان نيرڻ آڻڻ جو آرڊر ڏيئي ڪجهه ٽنگ ڊگهي ڪرڻ لاءِ ته ڪجهه پنهنجي ۽ ڀر واري دٻي (بوگي) ۾ ويٺلن جو جائزو وٺڻ لاءِ اٿيس. ڀر واري سيڪشن جي اٺن بئچن، يعني اٺن مسافرن ۾ شيلا ۽ سندس ڌيءَ کان علاوه نولراءِ جي پڦي بختاور جي ڌيءَ وينجهار ۽ ان جي ڌيءَ ڪرن ۽ ٻيا هئا. نولراءِ وارن کي ٽي پڦيون هوين يعني ڊپٽي ڪمشنر نارائڻ داس اوڏ کي ٽي ڀيڻون بختاور، سدوري، ۽ سگران هيون. بختاور جي هن ڌي وينجهار جي شادي امر لعل اوڏ سان ٿي ۽ ان جي بدلي ۾ امر لعل جي ڀيڻ مارئيءَ جي شادي نارائڻ داس جي ٻي نمبر پٽ حشمت راءِ سان ٿي. وينجهار ۽ سندس ڌيءَ ڪرن جيڪا اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽي مان باٽني ۾ M.Sc ڪري رهي آهي. سان گڏ سندس پڦي مارئي به هئي هي پوٽڙيءَ مان ڪجهه ڪڍي کائي رهيا هئا. منهنجي اتان گذرڻ تي اها منهنجي اڳيان ڪيائون ته آئون به کڻان. هٿ جي تريءَ کان ڪجهه نڍا گول بسڪيٽ هئا.
”ڇا آهي؟“ مون پڇيو.
”موڪلائڻ وقت دهليءَ جي ريلوي اسٽيشن تي شيلا جي مڙس ڍولڻ جا مائٽ ڏئي ويا. ڪوڪيون آهن.“
شيلا جو مڙس ڍولڻ اوڏ ڪنڊياري جي لاکو مل اوڏ جو پٽ آهي. هي سڄي زندگي ڪنڊياري ۾ رهيا ۽ ٻارن کي به اتي ئي پڙهايائون. وڏو پٽ ڪشور انجنيئر آهي، ٻيو پٽ شام ڪمار ايم ڪام آهي ۽ پوءِ ٻن ڌيئرن مان وڏي ريکا ڪماري MBA ۽ ننڍي برکا انٽر پئي ڪري جيڪا هن وقت پنهنجي ماءُ سان پنهنجن مامن جي پٽن جي شاديءَ لاءِ انڊيا آئي آهي ۽ هاڻ اسان سان گڏ بڙودا هلي رهي آهي. شيلان وارا هينئر مهينو ٻه ٿيندا ته ڪنڊيارو ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي اٿن. آئون پهرين به لکي چڪو آهيان ته اوڏن جي شادي بدي ۾ ٿئي ٿي سو شري نارائڻ داس اوڏ پنهنجي هيءَ سڀ کان ننڍي ڌيءَ شيلان ڪنڊياري جي لاکو مل اوڏ جي پٽ کي سنڱ ۾ ڏيئي کانئس سندس ڌيءَ گلان پنهنجي انجنيئر پٽ مير چند لاءِ ورتي. مير چند نارائڻ داس اوڏ جي ننڍي زال نانڪيءَ مان سرڳواسي ڪرشن ۽ نولراءِ بعد ٽيون ٻار آهي.
مون اها بسڪيٽ جهڙي ڳالهڙي ۽ سوڪ ماني کائي ڏٺي جيڪا خسته، مٺي ۽ لذيذ هئي.
”واه جي آهي. هي ته توهان جي ماءُ نانڪي يا شايد رامچند وارن جي ماءُ سوناري ٺاهيندي هئي. نول وارا موڪلن بعد هميشه ڪاليج کڻي ايندا هئا، خاص ڪري هوليءَ بعد. هڪ دفعو پيٽارو ڪاليج طرفان اسڪائوٽنگ ڪئمپ لاءِ ڪوئٽيا ويا هئاسين ته ارجن داس دٻو ڀري کڻي هليو هو ۽ ان تنبوءَ ۾ رهندڙ سڀني کي کارائيندو هو.
مون ٻه ٻيون مانيون کنيون. هڪ پنهنجي لاءِ هڪ ڀر واري سيڪشن ۾ ويٺل پروفيسر بسنت لاءِ. آئون بنست وارن سان ٿوري دير ويهي خبرون ڪرڻ لڳس ته اتي بيري اچي سڏيو ته هو منهنجي نيرن ۽ گرم گرم چانهه منهنجي سيٽ تي رکي آيو آهي. بسنت مون کي اڃا ويهڻ لاءِ چيو.
”بسنت هاڻ بڙودا ۾ ئي ڪچهري ڪنداسين. اسان مستري ماڻهن ۽ اديبن لاءِ چانهه کان وڌيڪ ڪو ٻيو دوست يا مائٽ آهي ئي ڪونه.“ ۽ آئون سڌو اچي چانهه تي ويٺس. نيرن ۾ آيل ڊبل روٽي ۽ بيضو به پوءِ کاڌم. هونءَ به ٻه هٿ جيڏيون ڪوڪيون (مٺيون مانيون) کائي ويٺو هوس.
”آپ گجرات سي تو رجاستان گهومتي.“ آئل ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ اميت کانڊيلوال مون ليکڪ هجڻ جي ڪري صلاح ڏني. هن صحيح ڳالهه ڪئي جنهن سان آئون سهمت هوس پر کيس ٻڌايم ته گجرات اسان سنڌي ماڻهن لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو جو اسان جي سنڌ ۽ گجرات ڄڻ هڪ ٻئي جا حصا آهن. زبان ۽ ڪلچر، ريتون ۽ رسمون ڪافي ملن ٿيون. وڏي ڳالهه ته اسان جي شاعر شاهه لطيف هن صوبي جي راجائن، راڻين ۽ ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي اسان سان انهن جو ايڏو تعارف ڪرايو آهي جو توهان جي ٽوئرسٽ ڊپارٽمينٽ به نه ڪرايو هجي ۽ ٻي ڳالهه ته اسان هندستان جا ٻيا صوبا ڇڏي هتي گجرات ۾ پنهنجي دوست نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش پرڻائڻ لاءِ آيا آهيون.
آئون هن آئل ڪمنيءَ جي نوجوان آفيسر کي شاهه لطيف بابت ٻڌائي پوءِ سوچڻ لڳس ته واقعي صحيح چيم يا في الحال ٺلهي لئه رکي ويس. پر پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته واقعي خوبصورت ڪؤنرو هن گجرات جي ته هئي. سندس پيءُ رانو کنگهار ڪڇ ڏيهه ۾ لکپت جو ئي ته ڇٽ ڌڻي هو.
چنيسر سين چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري،
جان مون پوءِ پروڙيو، ته هي نه ماڻي ماڳ،
ڏمريو ڏهاڳ، سگهو ڏئي سهاڳڻين.
۽ هي ٻيجل ۽ انيرا وغيره پڻ هن گجرات جا ئي ته هئا ۽ هن صوبي جي شهر جهونا ڳڙهه جو راءِ ڏياچ راجا هو.
جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾ ڪو عطائي آيو،
تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويهي وڄايو،
شهر سڄو ئي سر سين، تَندنِ تپايو،
دايون، دَرِ مانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،
چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مڱڻو.
اڄ به هي سياسي بارڊر نه هجن ته اسان سنڌين لاءِ ته راجستان وانگر ئي گجرات ويجهو آهي، لاهور ۽ ڪوئيٽيا به پالنپور ۽ گرنار کان پري ٿيا.
گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،
سهسين سورٺ جهڙيون، اڀيون اوسارين،
چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
ناريون ناد ڪرين، ”راڄا رات رَمگيو“
گجرات جي حوالي سان شاهه جي شعرن جي وڌيڪ خبر مرحوم عبدالرحمان نقاش ئي ٻڌائي سگهيو ٿي يا هن وقت سوجهرو رسالي جي چيف ايڊيٽر صاحبا ج.ع. منگهاڻي.
هونءَ ته انڊيا جو هر صوبو ڏسڻ وٽان آهي ۽ هر صوبي ۾ ڪيتريون ئي تاريخي شيون آهن ۽ انڊيا جي حڪومت به غير ملڪين جو ڌيان ڇڪڻ لاءِ هر صوبي ۾ رهائش، سواري، کاڌي پيتي توڙي Law & Order جو تمام سٺو بندوبست ڪيو آهي ۽ هندستان جي جنهن تنهن وڏي شهر توڙي ڳوٺن ۾ يورپي، آمريڪن توڙي عرب ۽ ايشيائي گهمندا ڦرندا نظر اچن ٿا. پر ٻين صوبن جي مقابلي ۾ گجرات صوبي ۾ ڌاريان ٽوئرسٽ گهٽ اچن ٿا ۽ اهائي ڳالهه اسان سان هن ٽرين ۾ سفر ڪندڙ آئل ڪمپنيءَ جي آفيسر مسٽر اميت ڪئي. بهرحال هن صوبي (گجرات) جي پنهنجي خاص اهميت آهي ۽ انڊيا جو مهاراشترا بعد، سڀ کان گهڻو Industralized صوبو آهي. گانڌي نگر هن صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي جيڪو اسلام آباد وانگر نئون ۽ پلاننگ تي ٺهيل هڪ ماڊرن شهر آهي. هن صوبي جو مشهور ترين شهر احمد آباد جيڪو هن کان اڳ گاديءَ وارو شهر هو، گانڌي نگر جي ڀر ۾ ئي آهي ۽ اڄ به ان جي اهميت هڪ ڪمرشل سينٽر جي آهي جيئن ڪراچيءَ جي آهي. گجرات انڊيا کي به وڏا ليڊر ڏنا جن هندستان جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي.، مهاتما گانڌي ۽ ولڀ ڀائي پٽيل. هونءَ جيتوڻيڪ ڄم جي جاءِ تي Dispute آهي پر اها حقيقت آهي ته باباءِ پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي مادري زبان به گجراتي هئي. گجراتين جي آرٽ ۽ سائنس جي دنيا ۾ به وڏي Contribution آهي ۽ انڊيا کي وڪرم سارا ڀائي جهڙا Space پروگرام جا سائنسدان ڏنا. جيتوڻيڪ توهان کي گهڻي ڀاڱي گجراتي بزنس ۾ ملندا ۽ هنن جي نس نس ۾ Entrepreneurial اسپرٽ آهي.
راجپوتن جي هڪ شاخ سولنڪي، گجرات تي 960ع کان وٺي 1243ع تائين حڪومت ڪندي رهي. سامونڊي واپار وڙي جي خيال کان گجرات انڊيا جو اهم مرڪز سمجهيو ويو ٿي ۽ ان وقت جو گاديءَ جو هنڌ انهيلوار ،(Anhilwara) جيڪو پتان به سڏجي ٿو، انڊيا جي وڏن شهر مان هڪ هو. 1243ع کان 1292ع تائين گجرات تي مختلف سردار ۽ گهراڻا حڪومت ڪندا رهيا. تان جو 1297ع ڌاري، دهليءَ جي سلطان علاؤالدين انهليوارا جي تباهي اچي ڪئي ۽ گجرات کي پنهنجي دهلي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. ان بعد چوڏهين صديءَ جي آخر ڌاري، جڏهن تيمور دهلي تي حملا ڪري، سلطانن جي حڪومت کي ڪمزور ڪري رکيو ته گجرات جي مسلمان گورنر ظفر خان مظفر گجرات مٿان پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪيو ۽ سندس پٽ سلطان احمد شاهه (جنهن 1411ع کان 1442ع تائين حڪومت ڪئي) گجرات جي گاديءَ وارو هنڌ پنهنجي نالي سان احمد آباد مقرر ڪيو. سلطانن جي گجرات تي 1576ع تائين حڪومت جاري رهي، پوءِ مغل شنهشاهه اڪبر، گجرات فتح ڪري پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. گجرات اٺين صديءَ تائين، مغلن جي حڪومت جو ئي صوبو رهيو. ان بعد اها مرهٽن جي حوالي ٿي وئي.
يورپين ۾ پورچوگالي پهريان هئا، جيڪي گجرات ۾ آيا ۽ گجرات صوبي جي سامونڊي ڪناري تي مختلف بيٺڪون (Enclaves) ٺاهيون. جن ۾ دامان، ديو (Diu)، دادرا ۽ ننگر حويلي پڻ آهي. ان بعد ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن (جيڪي انگريز هئا ۽ انگلينڊ کان آيا هئا) 1641ع ۾ گجرات جي شهر سورت ۾ فيڪٽري قائم ڪئي، جيڪو هنن (انگريزن) جو انڊيا ۾ پهريون Base هو ۽ انهن ڏينهن ۾ سورت اڄ جو سنگاپور ۽ دبئي ٿيندو پئي ويو. پر پوءِ 1668ع ۾ انگريزن جيئن ئي پورچوگالين کان ممبئي (بمبئي) حاصل ئي ته سورت ۽ اوسي پاسي جي ٻين شهرن جو شان شوڪت ممبئي کي ئي نصيب ٿيندو رهيو ۽ اڄ گجرات، مهاراشٽر، تامل ناڊو پاسي ۾ سڀ کان وڏو صوبو آهي.
گجرات تي انگريزن جي حڪومت دوران ڪيترن ئي مڪاني حاڪمن انگريزن سان ظاهر ظهور/ لڪ ڇپ ۾ معاهدا ڪري، پنهنجيون نننڍيون نننڍيون سلطنتون قائم رکيون. جن جي بدلي ۾ هو انگريزن کي مقرر ڪيل مال، پاڻ پهچائيندا رهيا. انهن تي حاڪمن ۾ بڙودا (جيڪو ودودارا Vadodara به سڏجي ٿو) جو مرهٽو حاڪم گئيڪواڊ (Gaekwads) هو. سڄي گجرات کي بعد ۾ سياسي طرح بمبئي پريزنڊنسي سان ملايو ويو ته به بڙودا رياست کي الڳ رکيو ويو. جنهن جو انڊيا جي گورنر جنرل سان Direct واسطو رهيو ٿي. 1818ع کان 1947ع تائين انگريزن جي دور ۾ گجرات صوبي ۾ جهونا ڳڙهه، ڪاٺياواڙ جهڙيون ڪئين ڊزن ننڍيون وڏيون نوابي رياستون (Princely States) هيون، جن کي انگريزن آزادي ڏئي ڇڏي هئي ته؛ انهن جا حاڪم پيا موج مزا ڪن ۽ انگريزن کي به گهر ويٺي عيش ڪرائين ۽ سلامي ڀرين. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد، انڊيا حڪومت سگهو ئي انهن شهزادن کي Line حاضر ڪري ڇڏيو، جيڪي اڄ ڏينهن تائين انگريزن کي ياد ڪندا رهن ٿا. انگريز به هڪ طرف هنن رياستي نوابن کي شراب، ڪباب ۽ شباب جي کلي آزادي ڏيئي ڇڏي ته ٻئي طرف پنهنجا ڇاڙتا ۽ جاسوس رکي، هنن جي ٺڙڪو عيش عشرتن ۽ Fantasies جون ڳالهيون نوٽ ڪري، ثبوت سوگها ڪري، کين دل وٽان بليڪ ميل ڪيو ۽ ڦريو لٽيو ۽ اڄ تائين انهن شهزادن ۽ حاڪمن جي ڪهاڻين جا ڪتاب ڇپبا رهن ٿا. افسوس اهو آهي ته اڄ به اسان جي ملڪن ۾ ان قسم جون اٽڪلون هلنديون رهن ٿيون ۽ اسان جا ڪيترا نمائندا ۽ وزير، ظاهري طرح ته قوم جي خدمت ڪرڻ جون هاميون ڀريندا رهن ٿا پر پنهنجين عياشين ۽ ڪڌن ڪرتوتن ڪري پاڻ کان مٿين حاڪمن وٽ وڪاميا پيا آهن. هنن جي ڳچيءَ ۾ رسو اهڙو سوگهو آهي، جو مجال آهي پنهنجي حاڪم جي نافرماني ڪري ڏيکارين. اڳ زماني ۾ ته رڳو اکين ڏٺا شاهد هئا. هاڻ ته آواز به ٽيپ آهن ته ڪڌا ڪرتوت به فلمايل آهن.
گاڏيءَ جي رفتار گهٽجڻ لڳي آهي. معنيٰ هاڻ ڪنهن اسٽيشن اچڻ جا آثار آهن. اسان به اچي چڙهيا آهيون. ڄاڻ ته منزل واري شهر بڙودا ۾ پهتاسين. ڪو ڪنواريتن کي اطلاع ڪري ته گهوٽ صاحب پهچڻ وارو آهي. هيءَ به اها ڳالهه ٿي ته ”ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونئر ڀري آڪاش“ ڪٿي ڪنڊياري ڳوٺ جي رئيس نارائڻ داس جو پوٽو مڪيش ۽ ڪٿي گجرات صوبي جي شهر بڙودا جي ڪنوار شرمي. ٻه ٽي سال اڳ ته ٻنهي جي مائٽن کي خواب خيال ۾ به نه هوندو ته سندن ٻار لنڊن جي هڪ ڪاليج ۾ وڃي پڙهندا جتي هنن جو پيار ٿيندو ۽ اتي ئي شادي رچائڻ بدران مڱڻو ڪراچيءَ ۾ ۽ شادي بڙودا ۾ ڪندا، جتي ڊپٽي ڪمشنر شري نارائڻ داس جي اولاد؛ پٽن، ڌيئرن، پوٽاڻ ڏهٽاڻ جي سڀ کان وڏي گڏجاڻي ٿيندي. اڄ ڏينهن تائين هنن اوڏن جي شادين ۾ هڪ ئي وقت ايترا ڀاءُ ڀيڻون نه مليا هوندا. هي به ڇا ڪن؟ ڪو ڪنهن شهر ۾ ته ڪو ڪنهن ملڪ ۾. ڪنهن جي اهڙي نوڪري جو سولائيءَ سان موڪل ڪريو وڃي. ڪنهن کي وري ايڪس پاڪستان Leave لاءِ Apply ڪرڻو پوي. ڪو ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ته ڪو ڪنهن اسپتال ۾ ڊاڪٽر يا سرجن. ڪو پاڻيءَ جي جهاز جو ڪئپٽن ته ڪو هوائي جهاز جو پائليٽ. بهرحال هن شاديءَ ۾ به سڀ گڏ نه ٿي سگهيا پر تڏهن به ڪافي اوڏ؛ ڀائر ڀيڻون ۽ انهن جو اولاد، اچي گڏ ٿيو آهي. انهن مڙني ۾ فقط آئون ئي هڪ Non-Oad پيو هلان. هلڻ لاءِ ته ڪئپٽن بشير وسطڙو، فيڊرل سيڪريٽري ممتاز شيخ، سکر جو عاشق حسين شاهه، اقبال جماڻي، شريف بلوچ ۽ ٻيا ڪيترا پيٽارو جا دوست ۽ نولراءِ جا سي ايس پي ڪليگ تيار ٿيا پر پوءِ آخر تائين ڪم ڪارين ڪري، يا موڪلون نه ملڻ ڪري، هڪ هڪ ٿي گروپ مان نڪرندو ويو. رهجي ويس آئون. پر چڱو جو منهنجو داڻو پاڻي لکيل هو. انڊيا ڏسڻ جو مون کي به وڏو تجسس هو. گڏ رهڻ ڪري، ننڍي ٽهي جي اوڏن جا نالا پڻ ياد ٿي ويا آهن. لڳي ٿو ته مهينو ٻه وڌيڪ سفر ٿئي ها ته اوڏڪي زبان جو به ذرو پرزو سمجهه ۾ اچي وڃي ها، جيڪا ڏکي آهي يا سولي پر ميوزيڪل ضرور آهي. منجهس تامل ۽ پشتو وارو گوڙ گڙڪو رعد رڙ ڪو ناهي.
”سائين چانهه لاءِ هيٺ نه لهبو؟“ منهنجي اڳيان لنگهندي دودي ۽ راڻي چيو:
”ڪهڙي اسٽيشن آهي؟“ مون پڇيو.
”اها خبر ئي ڪانهي.“ دودي وراڻيو. گاڏي ان ئي وقت اسٽاپ ۾ آئي ۽ اسٽيشن جو نالي وارو هڪڙو بورڊ مون واري دريءَ جي ٻاهران به هو. مون نالو پڙهيو انگريزيءَ ۾ Godhra لکيل هو. ٻي زبان ضرور گجراتي ۽ ٽي هندي ئي هوندي. اسٽيشن تي فوٽو ڪڍرائي، چانهه پي اچي ويٺس ته پوليس جي رٽائرڊ آفيسر چيو ته اها يادگار تصوير رهندي.
”ڪيئن؟“ مون پڇيو.
”ڇو ته هيءَ اها بدنام جاءِ گوڌرا اسٽيشن آهي جتان ٽي سال اڳ 2002ع ۾ هندو مسلم فساد Originate ٿيا هئا ۽ هڪ طرف هزارين جانيون تباهه ٿي ويون ته ٻئي طرف دنيا ۾ انڊيا جي حڪومت جي سخت بدنامي ٿي هئي ته اهو ملڪ جيڪو جمهوريت ۽ هر مذهب سان سهپ جو Claim ٿو ڪري ان ۾ هن قسم جا جهڳڙا مذهب جي نالي ۾ ٿي رهيا آهن.“
”هاڻ مون کي ياد آيو. ڪيترن ڏينهن تائين انهن هنگامن جون خبرون ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اينديون رهيون. حقيقت ۾ ڇا ٿيو هو؟“ مون هن رٽائرڊ پوليس آفيسر کان پڇيو.
”ظاهري طرح ته هيئن ٿيو هو جو، جيئن سبرمتي ايڪسپريس ٽرين، هتي گوڌرا ۾ پهتي ته ان تي حملو ڪيو ويو.“ هن رٽائرڊ پوليس آفيسر جيڪو هندو هو، ٻڌايو: ”گاڏيءَ کي باهه ڏني وئي ۽ سٺ کن ماڻهو مري ويا. جيڪي گهڻو ڪري هندو هئا. ان بعد هندن هن سڄي شهر ۾ ٻاري ڏني ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ٺاپر ٿي ته خبر پئي؛ مسلمانن جا چار پنج هزار ماڻهو قتل ٿي ويا. ان بعد حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن ۾ سماج وادي جو ايم پي راج ببر، مشهور ايڪٽر، ايم پي شبانه اعظمي، فلم ايڪٽرس ۽ انڊيا جي مشهور اخبار راشٽريه سحارا جو ايڊيٽر عزيز برني آهي. آخر ۾ خبر پئي ته ان ۾ شروع جي چرچ اسان جي هندن جي هئي. آيوڌا کان هڪ غنڊن جو ٽولو، جنهن پاڻ کي رام سيوڪ ٿي سڏايو، سڄي واٽ ٽرين ۾ توڙي ريلوي اسٽيشن تي گوڙ گهمسان ڪندو آيو. هنن هر اسٽيشن تي کاڌي پيتي جي دڪانن تان شيون وٺي، پئسا ڏيڻ بدران هنن جا ٿانو ٿپا ٿي ڀڃي ڇڏيا. هنن مسلمانن ۽ انهن جي پاڪ جاين جي خلاف نعرا ۽ غلط لفظ ٿي چيا ۽ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيل مسافرن کي به هيسائيندا ۽ ڊيڄاريندا هليا. جن مسلمان عورتن کي نقاب هو، انهن جو اهو لهرائي ٿي ڇڏيائون. هڪ فيمليءَ احتجاج ڪيو ته ان کي زوريءَ گاڏيءَ مان لهرائي ڇڏيائون. پوءِ هنن اهي ساڳيا ڪم هتي گوڌرا جي ريلوي اسٽيشن تي ڪيا. هڪ پير مرد مسلمان دڪان واري، پئسا نه ملڻ تي احتجاج ڪيو ته هن کي بي درديءَ سان مارڻ لڳا. هن وٽ بيٺل سورهن سالن جي ڌيءَ، کين پنهنجي پيءُ کي نه مارڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪيون ته ماڳهين هن کي زوريءَ کڻي گاڏي ۾ بند ڪري ڇڏيائون. گاڏي هلڻ تائين پير مرد پنهنجي ڌيءَ کي ڇڏڻ لاءِ دٻي کي ڌڪ هڻندو رهيو پر اندران ڪنهن به در نه کوليو ۽ پوءِ چون ٿا ته ڪجهه غيرتمند نوجوان آخري دٻي ۾ چڙهي پيا ۽ ريل گاڏي ڪلوميٽر کن اڳتي هلڻ بعد جتي مسلمانن جي وڏي بستي آهي اتي ٽرين کي بيهاري هنن سان جهيڙو ڪيائون. اوسي پاسي جا ٻيا مسلمان به اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ ٻئي تي پٿراءُ ٿيندو رهيو. خبر پئي ته هنن رام سيوڪن جو دٻو اڳهين پٿرن سان ڀريو پيو هو ۽ رستي تي به هو پٿر بازي ڪندا آيا هئا. ايتري ۾ ڪنهن هڪ پراڻي سوڙ کي باهه ڏيئي ريل گاڏيءَ جي هيٺان ڇڏي ۽ ڀنڀٽ مچي ويا، جو ريل جي هڪ ٻن دٻن ۾ گاسليٽ جا دٻا ۽ ٻارڻ جي گيس جا سلينڊر هئا جن جي ڦاٽڻ تي باهه وڪوڙي وئي ۽ ان ۾ ڪيترائي ماڻهو سڙي رک ٿي ويا. ان بعد هندو مسلمانن جو قتل عام ڪندا رهيا. BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) وارن جي حڪومت هئي. جيڪي هن واقعي کي As Usual پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ته ان ۾ پاڪستانين جو ڳجهو هٿ آهي. بهرحال هن پرسڪون ڌرتيءَ تي هيءَ هڪ افسوسناڪ Tragedy هئي، جنهن ڪيترن صحيح سوچ رکندڙ هندن جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ اسان جو ملڪ دنيا جي نظرن ۾ بدنام ٿيو. هندو مسلمانن جي پيار محبت جي وچ ۾ چند شيطان قسم جي انسانن جو هي هڪ وڏو کاٽ هو، جنهن سان پيدا ٿيل نفرتون گهٽ ٿيندي ٿيندي وڏو عرصو لڳندو.
بقول ان وقت گوڌرا جي پوليس سپرنٽينڊنٽ نانواتيءَ جي:
“The Provocation was there and the reaction was strong. But no one had imagined all this would turn into such a big tragedy”.
اسان جي ريل گاڏي (پشچم ايڪسپريس) هتي گوڌرا ۾ چڱي دير بيٺي. ان بعد اسان جي آخري منزل بڙودا ڏي هلڻ لڳي. پروفيسر بسنت اوڏ، جيڪو پهرين به انڊيا اچي چڪو آهي، تنهن گوڌرا کان چند ميل اڳيان جبل ڏي اشارو ڪري ٻڌايو ته؛ اهي پاوا ڳڙهه جو ٽڪريون (Pavagarh Hills) سڏجن ٿيون. انهن جي قدمن ۾ هندن جو هڪ تمام مشهور مندر آهي، جيڪو ڪالي ديويءَ جو مندر سڏجي ٿو.
گوڌرا ۽ هن کان اڳ آيل اسٽيشن داهود (Dahod) جاڙا شهر سڏجن ٿا. مغل بادشاهه اورنگزيب هن شهر داهود ۾ ڄائو هو.
هونءَ هي صوبو گجرات واپار وڙي، انڊسٽري ۽ پراڻن مندرن کان مشهور چيو وڃي ٿو. ان ۾ حقيقت ئي هوندي جو هن صوبي ۾ پالنپور (نوابن جي پراڻي رياست، جنهن ۾ بلرام مهاديو مندر ۽ ٻيا هندن جا مندر آهن)، پاتان (جيڪو جين ڌرم جي مندرن سان ڀريو پيو آهي) موڌيرا (جيڪو سورج مندر ۽ ٻين هندو ۽ جين ڌرم جي مندرن کان مشهور آهي)، راجڪوٽ، جهونا ڳڙهه ۽ ڄام نگر جهڙا ڪيترائي شهر، مندرن کان مشهور آهن. تاريخ جو مشهور مندر، سومناٿ به هن ئي صوبي گجرات ۾ آهي. سومناٿ مندر کان نه فقط انڊيا جو ٻچو ٻچو واقف آهي، پر اسلام جي نالي ۾ ٺهيل اسان جي ملڪ جو ٻچو ٻچو پڻ. انڊيا وارا ان ڪري جو سومناٿ مندر ننڍي کنڊ جو تمام مشهور، جهونو ۽ امير ترين مندر آهي (يا گهٽ ۾ گهٽ رهيو آهي) ۽ اسان جي ملڪ جا ان ڪري جو، ان تي حملو ڪندڙ افغان محمود غزنوي کي جيڪو ظاهر آهي...... جين ۽ ٻين ڌرمن سان واسطو رکندڙ ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ هڪ ڦورو ۽ ڌاڙيل ئي ٿيو جو هنن جي عبادت گهرن کي تباهه ڪري مال ملڪيت کڻي ويو پر اسان جي تاريخدانن اسان جي لاءِ هن کي وڏو دلير، اعليٰ مسلمان، دولت تي نه وڪامڻ وارو ڪري پيش ڪيو آهي. افغانستان کان هو پنهنجا سپاهي ۽ ٽيهه هزار گهوڙي سوار رضاڪار وٺي سڄو جهان لتاڙي، عربي سمنڊ جي ڪناري تي جهونا ڳڙهه صوبي جي وڏي شهر ۽ بندرگاهه ويرا وال جي ڀر ۾ ٺهيل سومناٿ مندر تي حملو ڪري هن ۾ ٽنگيل بت کي ڀڃڻ ٿي چاهيو. هو پاڻ سچو مسلمان هو ته هن نه ٿي چاهيو ته ڪنهن بت جي پوڄا ٿئي، سو هن تير ڪمان سان بت کي ڀڃڻ ٿي چاهيو. مندر جا پوڄاري ۽ ٻاوا سندس قدمن تي ڪري پيا.
”توهان اسان جي ديوتا جي مورتي کي ڀڃي ڀور ڀور نه ڪريو. اسان توهان کي دولت ۾ توري ڇڏينداسين.“
پر محمود غزنوي نه مڃيو، ظاهر آهي هو سچو مسلمان هو. هن وراڻيو ”آئون بت فروش نه آهيان، آئون بت شڪن آهيان.“ (يعني آئون بت وڪڻڻ وارو نه آهيان پر بت ڀڃڻ وارو آهيان). ننڍي هوندي حيدرآباد ۾ محمود غزنوي نالي ڊرامو اسان فقير جي پڙ ۾ ڏٺو هو، جيڪو همراهه ڏاڙهي لڳائي محمود غزنوي ٿي آيو هو ان جنهن وقت اهي جملا چيا ته ڏسندڙ ڪا دير تاڙيون وڄائيندا رهيا ۽ واه واه ڪندا رهيا. ”ڇا ته محمود غزنوي ورندي ڏني!“ هر هڪ ٿي چيو.
بهرحال اسان جي تاريخن جي ڪتابن ۾ آهي ته محمود غزنوي هندن جي مال ملڪيت جي آفر کي ٺڪرائي تير کي ڇڪي ان بت کي هنيو، ته اهو ٽڪرا ٽڪرا ٿي اچي پٽ تي پيو ۽ محمود کي جيڪا دولت مندر جا ٻاوا آفر ڪري رهيا هئا ان کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ دولت جا هيرا جواهر بت جي پيٽ مان نڪري آيا، جيڪي ان ۾ لڪايا ويا هئا. محمود غزني ان دولت سان خرجينون ڀري پنهنجي وطن روانو ٿيو.
اها ڪهاڻي ۽ ڊرامو اسان تڏهن پڙهي ۽ ڏٺي، جڏهن اسين چوٿين درجي ۾ هئاسين. اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ته محمود جي ڳوٺ غزني کان ٻي ڇيڙي تي جهونا ڳڙهه جي ڪنڊ ۾ هن مندر کان علاوه ڇا ڪو ٻيو مندر ۽ بت هو ئي ڪونه جو هو ثواب کٽڻ لاءِ ايڏو ڪهي فقط سومناٿ جو بت ڀڃڻ آيو ۽ ڇا بت ڀڃڻ سان ٻئي ڏينهن کان اوسي پاسي جي هندن بتن جي پوڄا ڇڏي، مصلا وڇائي نمازون پڙهڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ ڇا محمود پاڻ مسلمانن جي لشڪر سان واٽن تي نمازون روزا رکندو، خير خيرات ڪندو پهتو هو؟ مندر جي هن بت مان مليل سون ۽ هيرا جواهر ۽ ٻيو قيمتي مال، اتي جي ئي غريبن ۾ ڇو نه خيرات ڪري ڇڏيو؟ گهٽ ۾ گهٽ، ملائيشيا پاسي اسلام ائين ته نه پکڙيو. اتي عربستان، ايران ۽ ننڍي کنڊ کان آيل ماڻهن اچي نيڪ ڪم ڪيا. ڌنڌي ڌاڙي ۾ ايمانداريءَ جا مثال قائم ڪيا. جن مان مڪاني ماڻهو Impress ٿي مسلمان ٿيا. تڏهن ته ننڍي کنڊ جا غير مسلم، اسلام تي اهو الزام هڻن ٿا اسلام تلوار جي زور تي پکڙيو.
هونءَ سومناٿ مندر، اهڙي هنڌ تي آهي جو اسان جا ڪيترا جهازي دوست، جيڪي انڊيا جي ممبئي ۽ ڀر وارن بندگاهن ۾ ايندا رهيا، اهي باءِ Sea يا باءِ روڊ خاص ڪري دوارڪا کان ايندا رهيا. هونءَ به هي سومناٿ مندر يا جهونا ڳڙهه شهر، ڪاٺياواڙ يا ڀوڄ وغيره اسان جي ڪراچي، حيدرآباد يا بدين کان پري نه آهن. جهاز کي ڪراچي بندرگاهه مان ڪڍي ٻاهر ڪري جيسين سسٽم کي ڊيزل آئل مان هيوي فيوئل تي چئنج ڪر ۽ فل اسپيڊ تي آڻي آٽو تي رکي انجڻ روم مان ٻاهر ڊيڪ (عرشي) تي اچ ته انڊيا گجرات جا مانڊوي ۽ مندرا بندرگاهه به گذريو وڃن ۽ شام تائين دوارڪا، پور بندر ۽ سومناٿ وارو بندرگاهه ويراول به گذريو وڃي. يعني پاڻي وارو جهاز انهن کي لتاڙيو وڃي. جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار بنهه گهٽ؛ گڏهه يا خچر جيتري آهي. اسان جي شهرن بدين، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ کان ته سکر ۽ جيڪب آباد به پري آهن پر مانڊوي، ڀوڄ، موٿالا، فتح ڳڙهه، پالنپور ۽ پور بندر ۽ سومناٿ ويجها آهن. ٻه ڪانگ يا ڪي ٻيا ٻه پکي، هڪ ميرپورخاص مان ڪشمور يا جيڪب آباد لاءِ نڪري ۽ ٻيو سومنٿات لاءِ ته سومناٿ وارو گهڻو اڳ منزل تي پهچي ويندو. اهو هينئر سياسي بارڊرن جا چڪر آهن ۽ ڪارون، بسون ۽ هوائي جهاز نڪري پيا آهن پر جڏهن ماڻهو پنڌ ۽ اٺن تي هلندا هئا ته لاڙ ۽ وچولي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هي گجرات، مهاراشٽرا ۽ راجستان جا شهر وڌيڪ ويجها هوندا هئا. اسان جي والد صاحب گل محمد شيخ ۽ سندس ڪلاس ميٽ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام مصطفيٰ شاهه ۽ نولراءِ اوڏ جو والد صاحب نارائڻ داس اوڏ وغيره مئٽرڪ جي امتحان لاءِ بمبئي ويندا هئا يا وڪالت لاءِ جهونا ڳڙهه ته ٿرپارڪر مان اٺن ذريعي سفر ڪندا هئا ۽ اسان سنڌين کي هي شهر ڪوئيٽا، ملتان، لاهور کان ويجها پيا ٿي. ڪيترا ته سفر جا شوقين پيرين پنڌ نڪري پوندا هئا ۽ منزلون هڻندا، بيڪانير، جيسلمير، ڀوڄ، ڄام نگر کان وڃي نڪرندا هئا ۽ هونءَ به اڄ کان اڍائي يا ٽي سؤ کن سال اڳ، ڪٿي هيون ريل گاڏيون ۽ بسيون موٽرون؟ ماڻهو پنڌ ۽ اٺن تي سفر ڪندا هئا. شاهه لطيف به انهن مان هڪ آهي جنهن ان دور ۾ ضرور اهي علائقا گهميا هوندا، تڏهن ته انهن جا چٽا حوالا ڏئي ٿو.
هونءَ جيڪو پاڻيءَ جو ننڍڙو جهاز هجي، جهڙا سؤ سال کن اڳ تائين هئا ته هن صوبي گجرات جي بندرگاهن جو جواب ناهي. منهنجي خيال ۾ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ گجرات ئي اهو صوبو آهي جنهن جو سڀ کان گهڻو سامونڊي ڪنارو آهي ۽ اهو به کاڌل ڪنارو آهي يعني جتي ڪٿي ننڍا ننڍا بندرگاهه ٺهي پيا آهن. آئون تصور ڪري سگهان ٿو ته انگريزن جي ڏينهن ۾ اهي بتيلي ٽائيپ سڙهن وارا ۽ پوءِ ٻاڦ وارا آگبوٽ هن گجرات واري علائقي ۾ هڪ ٻئي ڀرسان ٺهيل بندرگاهن ۾ فرحتي ويندا هوندا ۽ ٽريڊ ۽ واپار کان هن پاسي ميلو متل هوندو. هاڻ جهاز ايڏي وڏي سائيز جا ۽ اونها ٿي پيا آهن جو هن سموري علائقي جا بندرگاهه انهن لاءِ ننڍا آهن ۽ پاڻي به ايترو اونهو ناهي جيڏي اوچائي جهازن جي ٿي وئي آهي. گذريل صديءَ تائين سومناٿ مندر جي Location واقعي ڀٽاري هئي جتي نه فقط خشڪي ذريعي پر سمنڊ ذريعي پڻ پري پري کان تيرٿي ڪهي آيا ٿي ۽ جيترو پئسو هن مندر کي مليو ٿي اوترو ڪنهن کي نٿي مليو.
هندو ڌرم جي ڪيترن ماڻهن جو اهو اعتقاد آهي ته هي مندر سومراج، چنڊ ديوتا، پاڻ سون سان جوڙايو ۽ پوءِ وري راوڻ نئين سنئين چانديءَ مان ٺهرايو ۽ پوءِ ڪرشن ڪاٺ مان ٺهرايو ۽ پوءِ ان کي ڀيم ديو پٿر مان جوڙايو. سومناٿ جي هونءَ به لفظي معنيٰ آهي اهو جنهن جو نالو چنڊ تان رکيو ويو آهي. سومناٿ مندر ٻين به ڪيترن ئي نالن سان سڏجي ٿو. ديئو پاتڻ، پرڀاس پاتڻ يا پاتڻ سومناٿ. هي مندر سڀ کان گهڻي شان مان وارو ليکيو ويو ٿي جنهن ۾ ٻارهن مان هڪ جوتي لنگس (چمڪندڙ لنگس) هو جنهن هندن وٽ وڏي اهميت رکي ٿي. چون ٿا ته هن مندر جي ٺاهه جوڙ ۽ ٽهل ٽڪور لاءِ ڏهه هزار ڳوٺن مان خرچ حاصل ڪيو ويو ٿي. هڪ ئي وقت ٻه هزار برهمڻ ٻاون هن ۾ رکيل مورتي (Idol) جي خدمت ڪئي ٿي. مندر جو گهنڊ ڊگهي سوني زنجير سان وڄائي پوڄا پاٽ پاٺ جو اعلان ڪيو ويو ٿي. سومناٿ مندر خبر ناهي ڪيترا دفعو ڦربو ۽ ڊهندو رهيو ۽ عقيدتمند هن کي وري ٺاهيندا رهيا ٿي. هن تي فقط افغان مسلمان محمود غزنوي حملو نه ڪيو پر نئين دهليءَ جي جواهر لعل نهرو يونيورسٽيءَ جي مشهور تاريخدانن پروفيسر رميلا ٿپر جي چواڻي تي ڪيترا هندو راجا (چودا ساماس، اڀيراس ۽ ياداواس) به هن مندر مان مال پاڻي ڪڍندا رهيا هن مندر لاءِ ايندڙ تيرٿين جي به ڦرلٽ ڪندا رهيا جيڪي پاڻ سان پئسو ڏوڪڙ ۽ ڳهه کڻي ان نيت سان نڪرندا هئا ته هن مندر کي Donate ٿا هلي ڪريون. هماچندرا نالي ٻارهين صديءَ جي هڪ ليکڪ اهوئي لکيو آهي ته مندر جي ڦرلٽ ۾ مسلمانن يا ترڪن کان وڌيڪ مڪاني هندو راجا Involve هئا. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سومناٿ مندر وڏي مال ملڪيت جو گدام هو ۽ مندر جي حوالي ايڏو ڌن دولت هو جو تباهيءَ بعد وري ان کي ٺاهيو ويو ٿي. محمود غزنيءَ هن کي ست دفعا تباهه ڪيو وري وري هن کي ٺاهيو ويو. پهرين دفعو جڏهن محمود غزنيءَ سومناٿ مندر تي 1024 ۾ حملو ڪيو ته ان وقت مندر ايڏو خوشحال هو جو مندر ۾ 300 ساز وڄائڻ وارا ۽ 500 نچڻ واريون ڇوڪريون هيون ۽زيارت لاءِ ايندڙ پوڄارين جي ٺوڙهه ڪرڻ لاءِ ٽي سؤ حجام هئا. محمود غزني جي بت ڀڃڻ (بت شڪن ٿيڻ) واري اسٽوري سان ڪيترن ئي تاريخدانن جو اختلاف آهي ته اهي سڀ پوءِ جون نصيحت ڀريون ڪهاڻيون آهن، جيڪي هن جي ڦر کي Justify ڪرڻ ۽ هيرو بنائڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن. پهرين ڳالهه ته سومناٿ مندر ۾ ڪوبه بت يا مورتي نه هو پر اهو سون جو Solid لنگا (مردانو عضوو) هو جيڪو شيوا ديوتا جو لنگا سڏيو وڃي ٿو.
محمود غزنيءَ جي حملن بعد علاؤالدين خلجي جي ڪمانڊر افضل خان سومناٿ تي حملو ڪيو ان بعد هن مندر تي وري 1297ع، 1394ع ۾ ۽ آخري دفعو 1706ع ۾ اورنگزيب حملو ڪيو. ان 1706ع واري حملي بعد هن مندر جي وري ٺاهه جوڙ نه ڪرائي وئي. هندستان جي ورهاڱي بعد 1950ع ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل (1875ع ڄم 1950ع وفات) جي ڪوشش سان ٺهي راس ٿيو ۽ مندر جي مين گيٽ جي سامهون هن جو Statue آهي ۽ 11 مئي، 1951ع تي انڊيا جي صدر ڊاڪٽر راجيندرا پرساد مندر ۾ نئون چمڪندڙ جوتي لنگم رکيو.
ٽرين جي دٻي ۾ هاڻ اسان جي ماڻهن (ڄاڃين) جي چرپر شرو ٿي وئي هر هڪ پنهنجو سامان سهيڙي ٿيلهن ۾ پئي وڌو. سيٽن هيٺان هيڏانهن هوڏانهن هلي ويل چمپل هٿيڪا ڪري بيگن ۾ وڌاسين ۽ جوراب بوٽ پائڻ لڳاسين يعني هاڻ اسان جي منزل بڙودا اسٽيشن آئي ڪي آئي. اسان کي بڙودا (اصل نالو ودودرا هو ۽ هاڻ وري ان ئي نالي سان هي شهر سڏجي ٿو) ۽ ڇڏي پوءِ هن ٽرين کي ممبئي وڃڻو هو. رستي تي هن کي گجرات صوبي جي ٽن وڏين اسٽيشن تي ضرور بيهڻو پوندو يعني ودودرا (Vododara) بعد ڀاروچ ۽ ان بعد سورت جتي اسان سان گڏ سفر ڪندڙ اسٽوڊنٽ ڇوڪريءَ کي لهڻو آهي ۽ ان بعد والسد (Valsad). والسد گجرات صوبي جي آخري اسٽيشن آهي. ان بعد مهاراشٽرا جو صوبو شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ ”ممبئي“ آهي. پورچو گالين جي ڪالون دامن (Daman) ۾ وڃڻ لاءِ هن ريلوي اٽيشن تي لهڻو پوي ٿو. پورچو گالين جي ٻي وڏي ڪالوني گوا (Goa) آهي جيڪا ممبئيءَ کان گهڻو هيٺ آهي.
هونءَ انڊيا ۾ توڙي سريلنڪا، ملائيشيا وغيره ۾ يورپي قومن مان پهرين اچڻ وارا پورچو گالي هئا. هو جهاز راني ۽ جاگرافي ۾ انگريزن، ڊچن ۽ فرينچن کان به تيز هئا پر انتظاميه ۾ صفا ڍڳا هئا. انتظاميه ڇا بلڪه ٺڙڳ ٺڳيون کڻي چئجن جن ۾ انگريز هوشيار هئا ۽ جيتوڻيڪ انگريز جتي ڪٿي پوءِ پهتا پر اٽڪلون ڪري مڪاني حاڪمن ۽ راجائن کان علاوه پنهنجن يورپين کان به حڪومت کسيندا ۽ صوبن، رياستن ۽ ملڪن تي قبضو ڪندا رهيا. سڄي هندستان تي آخرڪار انگريزن جي حڪومت ٿي وئي. پورچو گالين وٽ آخر ۾ گوا ۽ اهو دمان رهيو جنهن سان گڏ Diu نالي هڪ ٻيٽ ۽ هواڏانهن فرينچن وٽ به انڊيا جو پانڊيچيري. هڪ ننڍڙو علائقو آخر تائين رهيو جنهن ۾ اڄ به فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي جيئن گوا ۾ پورچو گالي. ايتري قدر جو هنن هنڌن تي رهندڙ ماڻهن وٽ پورچو گال ۽ فرانس جا پاسپورٽ هئا ۽ هنن کي اهي سهولتون مليون ٿي جيڪي انهن ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن کي هيون. 1961ع ۾ انڊيا حڪومت انهن کي به انگريزن وانگر ڀڄائي ڪڍيو. اڄ گوا ۽ دامن تي انڊيا جي حڪومت آهي پر اتي رهندڙ پراڻن ماڻهن کي جن وٽ پورچو گال جا پاسپور آهن کين اڄ به اتان پينشن ۽ بيروزگاري الائونس ملي ٿي جيڪو انڊيا جي ڪنهن وڏي آفيسر جي پگهار کان به گهڻو آهي.
منهنجي خيال ۾ صبح جا ساڍا نو يا ڏهه کن ٿيا ته اسان جي گاڏي خير سان بڙودا استيشن تي اچي پهتي. دريءَ مان ٻاهر ڏٺم ته ريلوي پليٽ فارم تي سيمينٽ جي وڏي بورڊ تي لکيل هو Vadodara. پهرين ته مون کي ائين لڳو ته شايد بڙودا کان اڳ واري اسٽيشن تي گاڏي پهتي آهي ۽ بڙودا اڃا پوءِ ايندو پر پوءِ خبر پئي ته اهائي بڙودا اسٽيشن آهي ۽ هن شهر جو اصلوڪو نالو ”ودودرا“ ئي آهي. پر جيئن ته انگريز سرڪار کي ڪيترا ديسي لفظ اچارڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ان ڪري هنن پنهنجي سهولت لاءِ هن شهر جو نالو بڙودا رکيو جيئن قاهري جو ڪيرو، شام جو سريا، انگريزن جي وڃڻ بعد به انهن جا رکيل نالا ڪافي عرصي تائين قائم رهيا پر هاڻ انڊيا حڪمت اهي بدلائي پراڻا رکيا آهن جيئن مدراس جو چنائي، بنارس جو ورناسي وغيره.
سامان کڻي گاڏيءَ مان لٿاسين ته اسان کي وٺن لاءِ مڪيش جا ساهرا تيار بيٺا هئا. ڪجهه ڪجهه جون شڪليون ڄاتل سڃاتل لڳيون ٿي. ٻاهر نڪري سامان ٽميپو (ٽرڪ نموني جي ننڍي گاڏي) ۾ رکيوسين ۽ اسان ڪنوارتين طرفان آندل ڪارن ۾ اچي هوٽل ايڪسپرس پهتاسين جتي اسان جي رهائش جو بندوبست هو.
جيسين هوٽل جي ڪائونٽر تي ويٺل رسپيشن گجراتي ڇوڪري هر هڪ مهمان لاءِ ڪمرن جو چاٻيون الگ ڪري تيسين هوٽل جي يونيفارم ۾ ٻه اسٽيورڊ ڇوڪرا ڄاڃين کي تازي جيوس Serve ڪرڻ لڳا گهوٽ مڪيش جون ڀيڻون پشپا ۽ ساوتري، ڪزن: ڪرن، مانيڪا، سروج ۽ پڦيون چوڌاري رکيل صوفن تي ويهي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائڻ لڳيون. کين پشپا جو مڙس شمن لعل ۽ نولراءِ اوڏ جي وڏي ننهن سيتا پڻ سر وٺرائي رهي هئي:
پنهنجي مڪيش کي آءُ ٿي پرڻايان
آءُ ٿي پرڻايان شاديءَ جي شغل ڳايان
سر لاڏل جي موڙ جي سونهندا،
موتين جوڙ بنايان
پنھنجي مٺوءَ کي آءُ ٿي پرڻايان
مڪيش منهنجو سدا سهڻُ جا سودا ڪري
سون جا سودا ڪري، هيري موتي جي ٻيڙا ڀري
اکيون مڪيش جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو
ابل منهنجو سدا سهڻو، سرن جا سردا ڪري
ڏند مڪيش جا ماڻڪ، موتي سرخيءَ جوڙ بنايو
ابل منهنجو سدا سهڻو، سون جا سودا ڪري.
No comments:
Post a Comment