موٽي ماڳ اچڻ
الطاف
شيخ
جپان ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ خط پٽ يا سامان سڙهو موڪلڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. پوسٽ آفيسون بيحد ايماندار آهن ۽ جلد از جلد مالڪ کي سامان پهچايو ڇڏين. خط پٽ کان وٺي ڪا سوکڙي سوغات نه فقط اندروني ملڪ ۾ پر ولايت ۾ به پوسٽ ذريعي موڪلي سگهجي ٿي. بس اهو آهي ته اها شيءِ وزن ۾ ويهه ڪلو تائين هجي ۽ پوسٽ طرفان مقرر ٿيل سائيز کان، دٻو ننڍو هجي ۽ وڏو نه هجي. جپان جي هر پوسٽ آفيس ۾ چئن ماپن جا خالي دٻا ٽنگيل نظر ايندا. سڀ کان وڏو ويهه ڪلو بار وجهڻ لاءِ هوندو آهي، ان کانپوءِ ڏهه ڪلو وارو، پوءِ پنجن وارو ۽ سڀ کان ننڍو پنجن کان گهٽ ڪلو سامان لاءِ.
جپان ۾ رهائش دوران مون وٽ ڪافي ڪتاب گڏ ٿي ويا. منجھانئن ڪجهه ڪتاب ۽ ٻيو سامان پاڪستان موڪلڻ چاهيم ٿي. هڪ ننڍي بئگ ۾ سامان وجهي، پوسٽ آفيس ويس ۽ کانئن ويهه ڪلو سامان کڻڻ وارو وڏي ۾ وڏو دٻو وٺي، آندل سامان منجھس وڌم. دٻي سان گڏ ٻه انچ ويڪري اسڪاچ ٽيپ به ملي، جنهن سان دٻي کي بند ڪيم. ان بعد مٿانئس ٻه هڪ پاسي کان ربن ٽائيپ ٽيپ ٻڌم، جيڪو رڳو ٽائيٽ ٿي سگهي ٿو. کولڻ لاءِ ڇري يا قئنچيءَ سان ڪٽبو آهي. هي اهو پئڪنگ ٽيپ آهي جيڪو ڪپڙي يا ڪپهه جي پريس ٿيل ڳٺڙيءَ جي چوڌاري ٻڌو وڃي ٿو. اهو ٽيپ پڻ پوسٽ آفيس وارا ڏين. ان بعد سندن ڏنل پني تي پنهنجي ائڊريس يعني فرام (From) ۽ مالڪ جي (To) ايڊريس لکي، پوسٽ آفيس جي ڪلارڪ کي ڏنم. جنهن تور ڪري، تور مطابق پئسا چارج ڪيا ۽ رسيد ڏني.
ٻاهرئين ڪنهن ملڪ کان، جپان ۾ سامان گهرائڻ لاءِ، پوسٽ آفيس جو اهو هڪ چڪر به نٿو لڳائڻو پوي. جيڪا ائڊريس آهي ان تي پوسٽ آفيس وارا گهر تي پهچايو وڃن.
پوسٽ آفيس کان علاوه جپان ۾ سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ ڪجهه ڪمپنيون آهن. جيڪي جپاني زبان ۾ تاڪيوبن (Takkyubin) سڏجن ٿيون. انهن جون آفيسون، شهر ۾ هجڻ کان علاوه، هر وڏي ننڍي ايئرپورٽ، ريلوي اسٽيشن ۽ بس سينٽر ۾ آهن. آ ڪراچيءَ کان دبئي ۽ پوءِ ٻئي جهاز ۾ دبئي کان اوساڪا پهتس ته مون کي اتي سامان ڏنو ويو، جيڪو ڪسٽمس کان ڪليئر ڪرائي مون کي اڳتي جي سفر لاءِ ڊوميسٽڪ (مڪاني) اُڏام ذريعي اوساڪا کان فڪوئوڪا شهر وڃڻو هو. ڪوڪورا، فڪوئوڪا شهر کان سؤ کن ڪلوميٽر پري آهي.
اوساڪا ايئرپورٽ تي جيئن سامان مليو ۽ ڪسٽمس مان ڪليئر ڪرايم ته سامهون انهن ”تاڪيوبن“ وارن جون قطار ۾ ٽي چار آفيسون نظر آيون. هڪ جو پليڪان نالو هو ۽ ٻيءَ جو IAS، جنهن وٽ سامان جي ٽرالي کڻي آيس ۽ سڀ بئگون ۽ ڪوڪورا شهر جي ائڊريس ڏئي رسيد ورتم ۽ پوءِ هٿين خالي اوساڪا کان فڪوئوڪا هوائي جهاز ۾ پهتس ۽ فڪوئوڪا کان بس ۾ چڙهي ڪوڪورا گهر پهتس. ٻئي ڏينهن واعدي مطابق تاڪيوبن ڪمپنيءَ جو ماڻهو گهر اچي بئگون ڏئي، رسيد واپس وٺي ويو. هن هڪ بئگ جي في، هڪ هزار يين (يعني پنج سئو روپيا) ورتا، جيڪي هونءَ کڻي گهڻا سمجهجن پر جپان جي حساب سان گهٽ آهن. جتي هڪ ڇانهينءَ جي قيمت، هڪ هزار يين کان ٻارهن سؤ يين آهي. جتي پورين ڏهن ڀينڍين جي قيمت ٻه سؤ يين ۽ ٽن پتائي گجرن جي قيمت به ٻه سؤ يين آهي. سلائيسس Slices واري ڊبل روٽيءَ جي قيمت ڏيڍ سؤ يين آهي. اتي هيءُ سامان ڍوئڻ، پهچائڻ ۽ رکڻ جون ڪمپنيون هڪ مسافر لاءِ وڏي سهولت آهن. نه ته اهي بئگون مون کي بس ۾ چاڙهڻ لاءِ تڪليف هڪ طرف ۽ وڌيڪ ڀاڙو ٻئي طرف ڏيڻو پوي ها، جيڪو ڀاڙو ان کان تمام گهڻو اچي ها.
واپسيءَ تي Pelican نالي هڪ تاڪيوبن ڪمپنيءَ کي، ڪوڪورا فون ڪري گهر گهرايو ۽ ٻه ڏينهن اڳ سامان سندن حوالي ڪيو ته مون کي ٻن ڏينهن بعد، هن فلائيٽ تي اوساڪا ۾ ڏنو وڃي ۽ پوءِ آئون هٿين خالي ڪوڪورا کان فڪوئوڪا بس ذريعي پهتس. ان بعد فڪوئوڪا ايئرپورٽ تي آيس، جتان ٽين بجي منجهند واري جپان ايئر لائينز جي اڏام ۾ ٻن ڪلاڪن بعد اوساڪا پهتس. فڪوئوڪا کان اوساڪا ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان لاهور.
پنجين بجي ڌاري اوساڪا جي ڪنسائي ايئرپورٽ جي ٻئي فلور تي هوائي جهاز لاٿو. جهاز مان لهڻ سان مون پنهنجي سامان جي پڇا ڪئي ته هيڏي وڏي ايئرپورٽ تي تاڪيوبن وارن جي آفيس ڪٿي آهي ۽ آيا منهنجو سامان ڪوڪورا کان هتي پهچي چڪو آهي يا اڃا رستي ۾ آهي. منهنجي ٻي فلائيٽ اوساڪا کان دبئي ۾ اڃا ست ڪلاڪ هئا پر مون کي سامان جو فڪر هو ڇو جو جيڪو جپاني همراهه کڻڻ آيو هو، ان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، بلڪ مون کي نه پئي آئي ته اوساڪا ايئرپورٽ تي سامان سندن ڪمپنيءَ کان نه پر هڪ ٻي ڪمپنيءَ کان ڇو وٺان ۽ هاڻ اوساڪا جي ڪنسائي ايئرپورٽ تي پهچي مون ان جي پڪ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ٻي صورت ۾ اوساڪا شهر ۾ ان ڪمپني Pelican جي آفيس ۾ فون ڪرڻ چاهيو ٿي.
تاڪيوبن ڪمپنيءَ جو ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ هڪ همراهه کان پڇيم. هن ٻڌايو ته اها چوٿين فلور تي آهي. لفٽ ذريعي اتي پهتس. چوڌاري مختلف ايئر ڪمپنين جا ڪائونٽر هئا. هڪ تان معلوم ڪيم ته اتي ويٺل همراهه هٿ جي اشاري سان ٻڌايو ته پٺيان بلڪل سامهون آهي، جتي هي ڪاريدار وڃيو ٿو ختم ٿئي. ويجهو پهچڻ تي ان ڪمپنيءَ جو نالو چٽيءَ طرح نظر آيو ۽ ٿورو وڌيڪ ويجهو ٿيس ته منهنجون ٽئي بئگون هڪ ٽراليءَ تي آفيس جي در ٻاهران ئي نظر اچي رهيون هيون.
”منهنجو سامان آهي.“ مون کين رسيدون ڏنيون. رسيدون وٺندڙ همراهه رسيدن تي نمبر ڏسي مون کي منهنجي سامان ڏي اشارو ڪري ”دوزو“ چيو. يعني؛ ڀلي کڻ يا جنهن لاءِ انگريزيءَ ۾ چئجي“You are welcome, sir”
”توهان جي آفيس ڪنهن وقت بند ٿيندي؟“ مون پڇيو.
”ساڍي ڏهين بجي.“
”پوءِ ڀلا منهنجو سامان ڏهين سوا ڏهين تائين، توهان وٽ پيو هجي جو اڃا ساڍا پنج ٿيا آهن. منهنجي فلائيٽ رات جو ٻارهين بجي ڌاري آهي.“
”ڀلي. توهان جي مرضي.“ هن چيو. ”توهان ڀلي هٿين خالي چڪر هڻو.“
ان بعد مون اتان ئي معلوم ڪيو ته بين الاقوامي اڏامن (International Flights) جو ڊپارچر ڪٿان ٿو ٿئي. معلوم ٿيو ته اهو اتان ئي چوٿين فلور تان ٿئي ٿو، جيڪو مختلف حصن ۾ ورهايل هو. مون کي Emirates وارن جي جهاز ۾ وڃڻو هو، جن جو ڪائونٽر جپان ايئر لائينز سان گڏ “G” حصي ۾ هو. اتي پهچي انهن کان دبئي فلائيٽ جي پڪ ڪيم جو ملڪ ۾Typhoon لڳڻ ڪري، ڪيترين ئي اُڏامن جا وقت بدلجي رهيا هئا يا ڪئنسل ٿي رهيا هئا.
”دبئي واري اُڏام پنهنجي مقرر وقت تي ويندي. چيڪ ان (Check- In) لاءِ ڪلاڪ کن اڳ اچي وڃجو.“
”مهرباني“ چئي، آ سڪون محسوس ڪرڻ لڳس، جو هاڻ آ Safe حالتن ۾ هوس ۽ بقول اسان جي هالا جي شاعر ۽ تعليمي ماهر حميد شهيد جي، پاڻ کي ”رٽائرڊ بٽ ناٽ ٽائرڊ“ محسوس ڪرڻ لڳس. هيڏي وڏي ايئرپورٽ تي- بقول ڪئپٽن رشيد ابڙو جي، ”اوساڪا جو هي نئون هوائي اڏو Kansai Air Port ته ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ کان به وڏو ۽ پيچيده آهي، جنهن جي اڳيان دبئي ۽ ملائيشيا جو ايئرپورٽ به ڪارڊ تي لڳل ٽڪليءَ برابر آهي.“ سو هاڻ هيڏي وڏي ايئرپورٽ تي منهنجو سامان به اتي ئي پيو آهي، جتي آ بيٺو آهيان ۽ اتان ئي مون کي جهاز ۾ چڙهڻو آهي، سو وڌيڪ جوابداري يا پورهئي کان ڄڻ ته رٽائرڊ رهيس پر هاڻ ايئرپورٽ تي هوا خوري ڪرڻ لاءِ ٽائرڊ (ٿڪل) به نه هوس. چوڌاري ڪيترا ئي دڪان، بئنڪون ۽ هوٽلون هيون. مسافرن جي ويهڻ لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي ٽيبل ڪرسيون ۽ صوفا سيٽ رکيل هئا. انٽرنيٽ ۽ ٽيليفون بوٿ جتي ڪٿي هئا.
ٽيليفون جو ڪارڊ ڪڍي، هڪ ويجهي فون تان جپان ۾ رهندڙ ڪيترن ئي ڄاڻن، سڃاڻن، واقفڪار دوستن کي آخري دفعو سايونارا ڪندو رهيس، جيسين ڪارڊ جا سڀ يونٽ خرچ ٿي زيرو تي وڃي پهتا. ان بعد ڪجهه واڪ ڪيم، چانهه پيتم، ڪجهه دير ڪنڊ ۾ رکيل صوفا تي ڊگهو ٿي سمهي به رهيس. اسپيڪرن تان رکي رکي مختلف ملڪن جي اڏامن جو اعلان ٿي رهيو هو. ڪڏهن ڪنهن مسافر سان ته ڪڏهن ڪنهن مسافر سان هيلو هيلو ڪري خبرچار به ڪندو رهيس. اوساڪا جي هن ايئرپورٽ تي سڀ کان گهڻو وقت انتظار ڪرڻ وارو مسافر جو ٿيس. ڪجهه اهڙو گئپ به اچي ويو ٿي جو سڀ مسافر روانا ٿي ويا ٿي، باقي چند بچيل پئسينجرن کان ته هتي جي ايئرپورٽ سيڪيورٽي جي پوليس وڌيڪ لڳي ٿي. هڪ اهڙي پوليس آفيسرياڻي منهنجي صوفا جي اڳيان اچي لنگهي ته مون هن کي هٿ جي اشاري سان سڏي خبرچار پڇييائين ۽ مون وري تصوير ڪڍيمانس.
”توهان جو ملڪ جپان، ايترو باحفاظت آهي ۽ لا ائنڊ آرڊر جي صورت اهڙي سخت آهي جو شهر ۾ ڪو با-وردي پوليس وارو (يا واري) ورلي ڪو ملي ٿو. هاڻ آخري وقت تي تنهنجي ئي تصوير ڪڍي وڃان.“ مون چيومانس.
پوري ڏهين بجي، پنهنجو سامان ”تاڪيوبن“ سروس ڪائونٽر تان کڻي پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ جي ڪائونٽر تي جمع ڪرايم ۽ جهاز ۾ چڙهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ ورتم. قطار ۾ منهنجي اڳيان فقط ٽي مصري جوان هئا. ۲۵ کان ۳۰ ورهين جا ٿيندا.
”هتي جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد آهيو؟ نوڪري ڪريو ٿا هتي؟ بزنيس لاءِ آيا آهيو؟ گهمڻ لاءِ آيا آهيو جپان ۾؟ انگريزي نٿي اچانوَ؟ جپاني به نٿي اچانو؟“
آ ساڻن خبرچار ڪرڻ جي موڊ ۾ هوس، پر کين سواءِ عربيءَ جي ٻي ڪا زبان نه پئي آئي. خبر ناهي ڪيئن پيا هتي گذارو ڪن. انگريزي ته گهر کان نڪرندڙ هر شخص کي اچي ٿي ۽ هتي رهڻ جي باوجود جپاني نه سکي سگهيا آهن! بس هو خوش هئا ۽ ڏاڍو خوش ته هو پنهنجي وطن مصر (شايد موڪلن ۾) وڃي رهيا آهن. سوال پڇي پڇي مٿي ۾ سور پئجي ويو، نيٺ مون سندن معلومات وٺڻ جي پچر ئي ڇڏي ڏني. ساڻن ڳالهائڻ ۾ ڪائونٽر تي ويٺل ان جپاني ڇوڪريءَ کي به مغز ماري ڪرڻي پيئي، جيڪا اسان مسافرن کان سامان وٺي رهي هئي، پر هن سندن پچر نه ڇڏي. هوءَ صاف انگريزيءَ ۾ کين چوندي رهي ته سامان گهڻو اٿانوَ، وڌيڪ وزن جا پئسا پهرين ڏيو ته پوءِ بورڊنگ ڪارڊ ڏيانوَ- آخر هوءَ پنهنجي ضد ۾ ڪامياب وئي ۽ مصرين ۲۰ ڪلو سامان کان وڌيڪ سامان کڻڻ جا پئسا ڀري ڏنا.
بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪري سامهون وارن دروازن مان اندر روانا ٿياسين. جتي اميگريشن جو حساب ڪتاب صاف ٿيو، يعني ملڪ ۾ اچڻ وقت جيڪو ٺپو لڳو هو ۽ نالو ڪمپيوٽر ۾ اچي ويو، ڪئنسل ڪيو ويو، يعني آيل مسافر جپان مان نڪتو. ويزا ختم ٿيڻ بعد جپاني پوليس، کيس ڳولڻ جي تڪليف نه ڪري ۽ هاڻ پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو لڳو. يعني هاڻ جپان واپس ورڻ جي ڪا واٽ نه آهي. اڳيان جهاز ۾ چڙهي، جتان جو مسافر هجي اوڏانهن هليو وڃي. هڪ دفعو مون وري مڙي ڏٺو. پري پري تائين هن ايئرپورٽ جون هوٽلون ۽ دڪان نظر اچي رهيا هئا. هاڻ منهنجو اوڏانهن وري وڃڻ ناممڪن ڳالهه آهي. جن رستن ۽ گهٽين ۾ مون گذريل ٽي چار مهينا گذاريا، اوڏانهن وري وڃڻ جو نالو نٿو وٺي سگهان. آ ٿيلهو ۽ ڪئميرا ڪلهي تي لڙڪائي پٺيان نهارڻ بدران اڳيان وڌان ٿو. سامهون بيٺل بنا ڊرائيور جي ڪمپيوٽرائيزڊ اليڪٽرڪ ٽرام ۾ اچي ويهان ٿو. مون سان گڏ ساڳي اُڏام جا ڪجهه ٻيا مسافر به ان ۾ چڙهن ٿا. هن ٽرام اسان کي ايئرپورٽ جي مين بلڊنگ مان کڻي رن وي جي ويجهو ٺهيل انتظار گاهه ۾ اچي ڇڏيو. اسان کي گيٽ نمبر ۷۳ مان هوائي جهاز ۾ چڙهڻو هو، جتي اڳهين ڪجهه مسافر هن دبئي وڃڻ واري اُڏام جو انتظار ڪري رهيا هئا. هي مسافر ڏکڻ ڪوريا جي هڪ شهر ’انچان‘ کان هتي ڪلاڪ کن اڳ پهتا هئا ۽ ٽرانزٽ پئسينجر هئا. انهن مان هڪ جيڪو مهانڊي ۾ عرب ٿي لڳو، درين واري پاسي، جتي اسان کي کڻي وڃڻ وارو جهاز بيٺو هو، منهن ڪري نماز پڙهي رهيو هو. پٽ تي اڇي رنگ جو ٽوال يا رومال وڇايو هئائين.
”شاباس هجيس. وڏي دل وارو آهي.“ مون دل ئي دل ۾ هن جي تعريف ڪئي. شام کان آ واندو ويٺو هوس پر مون کي همت نه پئي ٿي ته کڻي نماز پڙهان. مون کي هڪ بيڪار ۽ بي سبب خوف، دماغ ۾ هو ته جي نماز لاءِ بيهندس ته هتي جا ماڻهو شايد اهو سوچين ته هي ڇا پيو ڪري ۽ ڏسڻ لاءِ چوڌاري ميڙ ڪري بيهن! هاڻ هي خدا جو بندو، ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ بنا، بيٺو نماز پڙهي. آ انهن ئي پيرن تي، سامهون واش روم ۾ وضوءَ لاءِ هليو ويس. موٽيس ته هن نماز پڙهي بس ڪئي هئي. مون کيس، سندس ڪپڙو کڻڻ کان جهليو ۽ مون سومهڻي نماز پڙهي سندس ڪپڙو جيڪو ٽوال نه پر گنجي هئي، موٽائيندي مهرباني (جزاڪ الله) چيو. هيڏانهن هوڏانهن نهاريم، ڇهه ست مسافر گڏ ٿي چڪا هئا، جيڪي سڀ جپاني هئا. هو اسان کي غور سان ڏسندا رهيا. هنن ڪا به اهڙي Look نه ڏني، جيڪا اسان کي، خاص طور تي مون کي، عجيب لڳي. هتي جا ماڻهو هاڻ اسان جي مذهب بابت سمجهي ويا آهن. هو پاڻ ،مسلمان ملڪن ۾ توڙي پنهنجي ملڪ جي جپاني ٽي ويءَ تي، مسلمانن کي نماز پڙهندو ۽ حج ڪندو ڏسي چڪا آهن. بلڪ هن ڀيري مون کي تعجب لڳو ته جپاني ٽي ويءَ تان روزانو اڌ ڪلاڪ جپاني زبان ۾، عربي سيکاري وڃي ٿي. عربي سيکارڻ وارو عرب هجڻ بدران جپاني ڏسي، تعجب لڳي ٿو ته جپاني ٿي ڪري ڪيئن عربيءَ جا لفظ صحيح طرح اچارڻ جي ڪوشش ڪن پيا ۽ سٺي صورتخطيءَ ۾ عربي لکڻ به سيکارين پيا.
ٿوري دير بعد هي عرب جيڪو ۳۵ سالن جو ٿيندو، پنهنجو سامان کڻي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو.
”ڪٿي جو آهين؟ دبئيءَ جو.“ مون انگريزيءَ ۾ پڇيومانس.
”نه. دبئيءَ جو نه آهيان. شام (Syria) جو آهيان.“ هن وراڻو. سندس انگريزي تمام ڪمزور هئي. بلڪ جهڙي تهڙي گذاري لائق هئي. مڙيئي واندا هئاسين سو ويٺي مٿو هنيوسين، جيسين جهاز ۾ ويهڻ لاءِ اعلان ٿئي. عربي مون کي ڪا نه ٿي آئي. هڪ هنڌ ته بيزار ٿي پڇيومانس ته ڀلا جپاني اچنئي؟“
”نه“ هن وراڻيو.
”ڀلا ٿوري ٿوري ته ايندي هوندءِ؟“ مون انگريزيءَ ۾ چئي وري جپانيءَ ۾ ورجايو: ”نهان گو سڪوشي وڪاري ماسڪا؟“
”نه. ڪورين اچي ٿي.“ هن جواب ڏنو ۽ مون حيرت مان پڪ ڪرڻ لاءِ ورجايو؛ ”ڪورين؟“
”جي ها ڪورين.“ هن جواب ڏنو ۽ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته هن علائقي جي ملڪن جي زبان سکڻي ئي هجي ته جپاني سکجي، جيڪا سولي به آهي ۽ سندس مانُ به آهي، پر هن عرب حضرت خبر ناهي ڪهڙي خيال کان جپان ۾ رهي ڪورين پيو ڳالهائي، جڏهن ته هتي رهندڙ ڪورين ماڻهو، مڪاني جپاني ماڻهن سان ڇا پنهنجو پاڻ ۾ به جپاني پيا ڳالهائين.
”ڀلا هتي جپان ۾ خير ۾ اچڻ ٿيو آهي. گهمڻ خاطر يا نوڪريءَ لاءِ؟“
”دراصل آئون جپان نه آيو آهيان.“ هن ٻڌايو. سندس نالو بشير شربتي هو. ”آ ڪوريا کان پيو اچان ۽ هتان اوساڪا مان ٻيو جهاز دبئي لاءِ وٺڻو اٿم، جتان پوءِ پنهنجي ڳوٺ دمشق هليو ويندس.“
بشير ٻڌايو ته هو گاڏين جي انجڻين جو بزنيس ڪري ٿو. هو پاڻ ۽ سندس ڀاءُ، واري وٽيءَ تي، سال ۾ چار پنج دفعا ڪوريا جي مختلف شهرن ۾ اچن، جتي هو ڪورين دوستن سان گڏ لارين، ڪارين ۽ ٽريڪٽرن جون پراڻيون انجڻيون وٺي هر دفعي ست اٺ ڪنٽينر ڀرائي پنهنجي ملڪ موڪلين.
”هڪ يا ٻن ڪنٽينرن مان فائدو نٿو ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه هئڻ ضروري آهن. جيئن خرچ پکو لاهڻ بعد ڪجهه بچت ٿي سگهي.“
”ڀلا ڪوريا اندر، هوٽل ۾ هڪ رات رهڻ جو ڪيترو خرچ آهي؟“ پڇيومانس.
”گهڻو ناهي. انچان، پوسان جهڙن شهرن جي هوٽل جي ڪمري جي مسواڙ، ٽيهه کن آمريڪن ڊالر آهي. پر آ مهينو ڏيڍ جيڪو ڪوريا ۾ رهان، انهن مان چند ڏينهن هوٽل ۾ رهان. باقي ڏينهن مختلف شهرن ۾ ڪورين جي گهرن ۾ رهان، جن سان بزنيس اٿم. ماني به اتي کاوان. گذريل ڏهن سالن کان پيو ڪوريا اچان وڃان.“
پاڻ ٻڌايائين ته سندس ڀاءُ جيڪو کانئس سال ٻه ننڍو آهي، تنھن کي ڪورين کان علاوه انگريزي به سٺي اچي ٿي ۽ ٿوري ٿوري جپاني به.
”ڀلا جپان مان سيڪنڊ هئنڊ مشينري ۽ ڪارون ڇو نٿو پنهنجي ملڪ شام ڏي ايڪسپورٽ ڪرين؟“ پڇيومانس.
هن يڪدم شڪل خراب ڪري، پنهنجي هٿ کي هيٺان کان مٿي ڪيو. ”جپان ۾ ڏاڍي مهانگائي آهي- رهائش، کاڌو پيتو- هر شيءِ ايڏي مهانگي آهي جو بچت جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. شروع جي ڏينهن ۾، منهنجو ڀاءُ جپان آيو، پر ڪا به شيءِ واري ۾ نه اچي سگهي. اسان لاءِ ڪوريا صحيح آهي.“
موڪلائڻ مهل هن پنهنجو بزنيس ڪارڊ ڏنو، جنهن جي هڪ پاسي سندس پار پتا عربيءَ ۾ هئا ته ٻئي طرف انگريزيءَ ۾. سندس ۽ ڀاڻس جي نالي (بشير ۽ احمد شرباتي) جي هيٺان Al-Sharabati Store لکيل آهي ۽ ان جي هيٺان Auto Used Spare Parts- Korean لکيل آهي ۽ ان جي هيٺان شام جي ائڊريس ۽ فون نمبر آهي.
جهاز ۾ چڙهڻ وقت مون سان گڏ ماريڪو (Mariko Masuko) نالي چاليهه سالن جي عمر جي عورت پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ ٻن پٽن (ڏهن ۽ ٻارهن سالن) سان گڏ هئي. هونءَ جپاني ٻئي سان فري نه ٿيندا آهن، پر هيءَ خوش مزاج لڳي رهي هئي. اوساڪا ايئرپورٽ تي منهنجي نهارڻ تي مرڪي ’هيلو‘ ڪيائين ته پڇيومانس ڪٿي جي آهين؟
”چيبا شهر جي.“ هن وراڻيو. چيبا، ٽوڪيو جي ڀرسان آهي.
”۽ توهان جي ماءُ؟“
”اها اوساڪا جي آهي.“ ماريڪو وراڻيو.
”ڇا ڳالهه ڪجي هن اوساڪا جي!“ پوءِ مون پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جا اوساڪا جي مختلف علائقن ۾ گذاريل ڏينهن ياد ڪري ساڻس ان وقت جي ڪجهه اهم جاين جي ڳالهه ڪئي ۽ اچي جهاز ۾ ويٺاسين. جهاز ۾ به هڪ ئي قطار ۾ جاءِ ملي.
ماريڪو ٻڌايو ته هوءَ ٻارن کي گهمائڻ لاءِ تنزانيا وٺي پئي وڃي ۽ ڏهه ڏينهن کن اتي رهندي. چرچي ۾ چيومانس؛ ”خيال سان رهجو.“ منهنجو مطلب اهو هو (يعني منهنجي دل ۾ جنهن وقت اها ڳالهه ڪيم) ته شينهن ۽ جانورن جو خيال ڪجو، پر ماريڪو ان مان منهنجو مطلب ”لا ۽ آرڊر“ جو سمجهيو ۽ يڪدم وراڻيو: ”تنزانيا آفريڪا جو ملڪ آهي، پر ڌارين لاءِ بلڪل باسلامت آهي.“
”I Know آئون سمجهان ٿو. آئون دارالسلام ۽ زنجبار ۾ رهي چڪو آهيان.“ وراڻيومانس. جيتوڻيڪ سؤ سيڪڙو پڪ اٿم ته هن جو مطلب اهو نه هوندو، پر الائي ڇو جڏهن هن مٿين ڳالهه ڪئي ته مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ چئي رهي هجي ته؛ آفريڪا ڪارن شيدين (ماضي قريب تائين جاهلن) جو ملڪ هوندي به باحفاظت آهي ۽ ”اسان جهڙا حساس ٽوئرسٽ به اوڏانهن وڃڻ پسند ڪن ٿا ۽ توهان پنج هزار سال پراڻي تهذيب ۽ صوفين ۽ سنتن جي ڌرتيءَ جو Claim ڪندي به خوفائتا آهيو، جتي ڪو ڌاريون گهمڻ لاءِ ايندي ڏهه دفعا سوچي ٿو.“
”ٻئي دفعي اسان وٽ پاڪستان اچجو.“ چيومانس.
”ضرور ايندا ۽ توهان اوساڪا ۽ چيبا پاسي اچو ته اسان وٽ ضرور اچجو.“
”آ ضرور ايندس- جيڪڏهن وري جپان آيس ته. بهرحال اِي ميل تي هڪ ٻئي سان ٽچ ۾ رهنداسين.“ اسان هڪ ٻئي سان ائڊريسون مٽائيندي چيو. سندن ان وقت ۽ پوءِ جهاز ۾ پڻ، هڪ ٻه فوٽو يادگار خاطر ڪڍيم. اوساڪا کان دبئي تائين لڳاتار ڏهه ڪلاڪ اڏام ۾ ٻه ٽي دفعا خراب موسم ڪري ۽ جهاز جو Altitude يڪدم گهٽجڻ ۽ وڌجڻ ڪري، ڪنن ۾ تاڙيون چڙهي ويون ٿي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان فلائيٽ ۾ اهي تاڙيون اهڙي قسم جون زبردست چڙهيون ٿي جو پهريون دفعو منهنجا به نڪ بند ڪرڻ يا ڳيت ڏيڻ سان ڪن يڪدم نٿي کليا. ماريڪو جي وڏي پٽ کي شايد اهو پهريون تجربو ٿي رهيو هو. هن کي شايد گهڻي تڪليف ٿي رهي هئي يا نفسياتي طرح ڊڄي رهيو هو، جو هن هر دفعي اهڙي موقعي تي ايڏيون ته رڙيون ڪيون ٿي جو هن جي ماءُ ۽ ناني هڪ طرف پريشان ٿي ويون ٿي ته جهاز جا مسافر ۽ ايئرهوسٽس ٻئي طرف. هن کي ماءُ ۽ ايئرهوسٽس گهڻو ئي ڳراٽڙيون پائي سمجهايو ته آڱر ۽ آڱوٺي سان نڪ کي زور سان بند ڪري، زور سان ڳيت ڏي ته ڪن کلي پون، پر هو ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. روئڻ سان گڏ ڇڙھيون به هڻندو رهيو. هن جي ان Symptoms ڪري ماريڪو (هن جي ماءُ) سخت پريشان ۽ گهٻرايل لڳي رهي هئي. هڪ وقت ڳالهين ڪندي اهو به چيائين ته؛ ”وس پڄي ته دبئي مان تنزانيا لاءِ، يڪدم ٻي فلائيٽ وٺڻ بدران، ڏينهن ٻه دبئي ۾ ترسي پوءِ اڳتي جو سفر تنزانيا ڏي ڪريان.“ ان پريشانيءَ ۾ هنن نه رات جي ماني کاڌي ۽ نه صبح جو مليل نيرن.
هونءَ جهاز جو پائليٽ، تمام سٺو لڳو ٿي. جهاز کي خراب موسم کان ڪافي بچائيندو هليو، جنهن ڪري هن کي پهرين جي مقرر ڪيل روٽ کان ٿورو گهڻو Deviate به ڪرڻو پيو ٿي. ايتريقدر جو پهرين جپان مٿان وٺي هانگ ڪانگ ۽ شنگهائي (چين) ٽپائي، لاهور مٿان ٿيندو دبئي هلڻو هو، پر پوءِ شايد موسم جي خراب ملڻ ڪري يا خبر ناهي ڪن ٻين سببن ڪري هو منڊالي (برما)، چٽگانگ، ڪلڪتي ۽ بمبئي احمد آباد جي ويجهڙائيءَ کان ٿيندو، گلف ۽ ڪڇ وٽ پهتو ۽ پوءِ باقي سمنڊ مٿان اُڏامي دبئيءَ ۾ اچي جھاز لاٿائين. سفر جي اها سڄي ڪارروائي اڄڪلهه گهڻو ڪري هر جهاز تي GPS (گلوبل پوزيشنگ سسٽم) ذريعي ٽي وي جي اسڪرين تي ايندي رهي ٿي.
اوساڪا ايئرپورٽ تي، جنهن وقت شام ملڪ جو بزنيس مئن بشير نماز پڙهي رهيو هو ته ويٺل چند مسافرن مان ٻئي ڪنهن ته هن ڏي خاص ڌيان نه ڌريو، پر هڪ مسافر جيڪو قد ۾ ڊگهو هو- يعني جپاني نٿي لڳو، اهو پورو وقت هن کي گهوري ڏسندو رهيو. بشير بعد وري جڏهن مون نماز شروع ڪئي ته هر دفعي سلام ورائڻ مهل منهنجيون اکيون هن ڏي هلي ويون ٿي ۽ ڏٺم ته هو هاڻ من کي ڏسي رهيو هو. ٿي سگهي ٿو ڪو ايجنٽ هجي. ڪو آمريڪن يا اهڙي مغربي ملڪ جو هجي، جنهن کي مسلمانن جي ايڏي آزادي ۽ جرئت تي اعتراض هجي. مون سوچيو هو.
جهاز ۾ چڙهڻ وقت هي همراهه، منهنجي بلڪل ڀرواري سيٽ تي اچي ويٺو. منهنجي سيٽ نمبر 28F ۽ هن جو 28G ۽ پوءِ پاڻ ئي ڳالهائڻ شروع ڪيائين. پاڻ جپاني به سٺي ڳالهائي رهيو هو.
”منهنجو نالو منفريد (Manfred Huget) آهي ۽ آ ٽيهه سال جپان ۾ رهيو آهيان.“ هن ٻڌايو. پاڻ ٻڌايائين ته هو جرمن آهي، پر جپان ۾ سندس پيءُ رهي ٿو، ان ڪري هو ننڍي هوندي کان وٺي هن وٽ ڪوبي شهر ۾ رهيو. تعليم به اتي جي انگريزي اسڪول ۽ يونيورسٽيءَ مان ورتائين ۽ هاڻ هو جرمنيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ اتي ئي رهي ٿو. اٽڪل ٽن سالن بعد هو پيءُ وٽ ڪوبي گهمڻ ويو هو.
”توهان جو والد ڪوبي جپان ۾ ڇا ڪري؟“ پڇيومانس.
”هو ڪرسچن مشنري آهي.“ هن ٻڌايو. يعني سندس پيءُ عيسائيت جي پرچار ڪري ٿو ۽ ڪوبي شهر جي ڪنهن عيسائي، ڪليسا گهر (Chruch) سان واسطو اٿس.
منفريد پاڻ بيحد اخلاق ۽ نيازيءَ سان نه صرف ڳالهائي رهيو هو، پر منهنجي ۽ ٻين ڀروارن مسافرن جي، خاص ڪري ماريڪو وارن (جپاني فئملي) جي به مدد ڪندو رهيو ۽ سفر جي سڄي رات نه ستو. وچ ۾ مون کي سردي محسوس ٿي ته يڪدم پنهنجو بلينڪيٽ مون کي ڏئي، پاڻ ٿيلهي مان سئيٽر ڪڍي پاتائين. ٻه دفعا کن پنهنجي لاءِ ڪِچن مان ڪافي کڻڻ ويو ته مون لاءِ به کڻي آيو. دبئي جي ويجهو ٿياسين ته هڪ مسافر چيس ته You are too good... مون به ان جي تائيد ڪئي ۽ کلي چيومانس ته منفريد! دل ۾ نه ڪري ته چوانءِ ته يورپي ته هونءَ پاڻ کي سمجهن ٿا ۽ جرمن ماڻهن جو مٿو ته اڃا به وڌيڪ خراب آهي، تون ان حساب سان عجيب ماڻهو آهين! ان جو سبب ڇا آهي؟
”دراصل آ جپان جهڙي مشرقي ڪلچر ۾ نه فقط رهيو آهيان، پر مون ان کي پسند ڪري اپنايو به آهي. جنهن مطابق وڏن جو خيال ڪرڻ، پاڙيسرين ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ، ٻئي کي گهٽ نه سمجهڻ جهڙيون ڳالهيون، منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويون آهن.“ هن ٻڌايو.
جهاز دبئي هوائي اڏي تي لٿو. ڄڻ اسٽيج جو سين بدلجي ويو. ٻارهن ڪلاڪ کن اڳ اوساڪا جي ايئرپورٽ تي بندري قد جا جپاني نظر اچي رهيا هئا ۽ هاڻ جبن ۾ عرب، پٽڪن ۾ سوڊاني ۽ شلوار قميص ۾ اسان جا پٺاڻ ۽ ڪراچيءَ جا پنجابي ۽ دهلوي سوداگر ڀائر هئا. نه فقط شڪليون ۽ ويس وڳا مختلف پر ڳالهائڻ جو ڍنگ به نرالو. هو جو اوساڪا ايئرپورٽ تي ڪا شيءِ پڇڻ تي جپاني مردن توڙي ڇوڪرين جهڪي جهڪي منجهيل مسافر کي سمجهايو ٿي سو هتي هڪ انفارميشن تي ويٺل عرب کان ڪراچيءَ جي Connecting اُڏام جو پڇڻ تي هن چڙ مان نهاري پينسل سان مٿي ٽنگيل چئن ٽي وي سيٽن ڏي اشارو ڪرين چيو ته اتي پيو Display ٿئي، پاڻهي وڃي ڏس.
هٿ منهن ڌوئڻ واري نلڪي مان پاڻيءَ جي بوتل ٿي ڀريم ته باٿ روم صاف ڪرڻ واري اسان جي پاڪستاني ڀنگيءَ گهوريندي رڙ ڪري چيو: ”پيني ڪي پاني ڪي نلڪي باهر هين.“
”اڇا ڀائي معاف ڪرو.“ دل ۾ چيم.
ايئرپورٽ جي ۲۴ نمبر انتظار گاهه وٽ مسجد هئي. فجر جي ٻانگ اچي رهي هئي. وضو ڪري نماز لاءِ پهتس. نماز پڙهي مسجد جي ورانڊي ۾ رکيل بئنچ تي ويهي بوٽ پائي رهيو هوس ته ڀر ۾ ٽائي سان هڪ نوجوان به نماز بعد بوٽ پائڻ لاءِ اچي ويٺو. نه پاڪستاني ايراني ٿي لڳو، نه عرب افغاني. ڪير ٿي سگهي ٿو! باوجود اهو سوچڻ جي ته مون کي پڇڻ نه کپي ته به ٻاهر نڪرڻ مهل پڇي ويٺوسانس ته؛ ”ڪٿي جا آهيو؟“
”مراڪش جو.“ هن وراڻيو.
”ڏاڍي خوشي ٿي توهان سان ملي.“ مون ساڻس هٿ ملائي موڪلايو ۽ ۱۹ نمبر انتظار گاهه ۾ آيس، جتان ٻن ڪلاڪن بعد ڪراچيءَ لاءِ اُڏام وڃڻي هئي. جنهن ڪرسيءَ تي آ پنهنجو ٿيلهو رکي آيو هوس، ان تي هڪ پروفيسر پڙهيل ڳڙهيل پاڪستاني ويٺو هو ۽ منهنجي ٿيلهي کي هيٺ لاهي ڦٽو ڪيو هئائين. ڪرسيون مسافرن سان ڀريل هيون. ڪيترا ئي آفريڪي شيدي ۽ يورپي گورا ۽ گوريون پٽ تي چادرون تاڻي ستا پيا هئا. خبر ناهي هنن جي ڪيترن ڪلاڪن بعد اُڏام آهي جو ائين بالم ٿيو ستا پيا آهن. انهن جي ئي وچ ۾ ٿورو ڳڙکو جاءِ جو هو جتي پهرين ٿيلهو ڦٽو ڪيم، پوءِ پاڻ ويٺس ۽ پوءِ جيئن جيئن جاءِ ٿيندي وئي آ به ٻين وانگر پٽ تي ڊگهو ٿي ليٽي رهيس. يعني؛ اٺ تنبوءَ ۾، عرب (مالڪ) ٻاهر. ٽيهن ڪلاڪن کان ڪرسيءَ تي ويٺي گذاريو هوم سو ليٽڻ سان فرحت اچي وئي ۽ تيسين نه اٿيس جيسين، ڪراچيءَ جي اُڏام لاءِ اسان کي آخري سڏ نه ٿيو.
No comments:
Post a Comment