Sunday, February 20, 2011

ايس او ايس S.O.S، ناٽ، ناٽيڪل ميل ۽ سمنڊ - الطاف شيخ

ايس او ايس S.O.S، ناٽ، ناٽيڪل ميل ۽ سمنڊ
الطاف شيخ
پھرين وڏي لڙائيءَ جي ڏينهن ۾ ڪيترا ئي سامونڊي حادثا پيش آيا. ايندڙ ڪھاڻي “جھاز جو ٻڏي وڃڻ” سڀ کان وڏي مسافر جھاز لوسيتانيا جي حادثي جي آھي، جنهن بابت انهن ڏينهن جي اخبارن ۾ حادثي کان اڳ کان وٺي، باقي بچي ويلن جي انٽرويو جي آڌار تي ٺھيل ڪھاڻي آھي، جيڪا ايم اي ھوئيلنگ جي مشھور ليک “دي لاسٽ وائيج آف لوسيتانيا” جو تت آھي.

 
لوسيتانيا جھاز انهن ڏينهن جي مشھور ڪمپني – ڪونارڊ جو سڀ کان وڏو جھاز ھو. ڪونارڊ ڪمپني اڄ به دنيا جي وڏي ۽ ساک واري ڪمپني مڃي وڃي ٿي ۽ “ڪئين ايلزبيٿ”، “ڪئين مئري” ۽ “مئري ٽو” جھڙا ناليرا پئسينجر جھاز، ان ڪمپنيءَ جا آھن.
پھرين وڏي لڙائي، جنهن جي ھيءَ ڪھاڻي آھي، 1914ع کان 1918ع تائين ھلي. اھا شروع يورپ ۾ ٿي، پر سندس اثر پوري دنيا جي ٻين کنڊن تائين پڻ رسيو. ھڪ پاسي جرمني ھئي، جنهن جو پاسو آسٽريا، ھنگري، بلغاريا ۽ ترڪيءَ جھڙن ملڪن کنيو ۽ ٻئي پاسي انگلينڊ (۽ ان جون ڪالونيون آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره)، آمريڪا، فرانس، روس، اٽلي، جپان ۽ بيلجم وغيره ھئا.
ھن کان پھرين بيان ڪيل سامونڊي سفر ٻي وڏي لڙائيءَ جو ھو، جيڪا 1939ع کان يورپ ۾ شروع ٿي ۽ دنيا جي ٻين کنڊن، سمنڊن ۽ ھوائن ۾ نه فقط پکڙجي وئي، پر اتي وڙھي پڻ وئي. ٻيءَ وڏيءَ جنگ ۾ جرمني، جپان ۽ اٽلي ھڪ طرف ھئا ته، ٻئي پاسي ساٿي ملڪ: آمريڪا، روس، انگلينڊ، فرانس، چين، ھندستان، پولينڊ، يوگوسلاويا وغيره ھئا.
ايس او ايس S.O.S جو مطلب آھي Save Our Souls – اسان جون جانيون بچايو. جھاز ٻڏڻ وقت ھي سگنل ڏبو آھي، جيئن اوسي پاسي جا جھاز ۽ ڪناري وارا اھو نياپو ملڻ سان مدد لاءِ نڪرن. اڄڪلھ ته ھر جھاز تي اھڙو سسٽم رکيو ويو آھي، جو جھاز جي ٻڏڻ سان اھو سگنل پاڻھي ٽرانسميٽ ٿيندو رھي ٿو ۽ اوسي پاسي جي جھازن جا رسيور چاھي بند ھجن، ته به ھو اھڙي نموني سان ٺھيل آھي، جو ھن سگنل جون لھرون ھوا ۾ پيدا ٿيڻ سان پاڻھي ئي آن ٿيو وڃن ۽ ان سان گڏ الارم به وڄيو وڃي، جيئن ريڊيو آفيسر ننڊ ۾ ھجي ته به ھن سگنل حاصل ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿي وڃي.
ناٽ ۽ ناٽيڪل ميل
ناٽيڪل ميل ڪناري واري (Statue – Mile) ميل کان ٿورو وڏو ٿئي ۽ ٻي ڳالھ ته ناٽيڪل ميل دنيا جي قطبن وٽ ٿورو ننڍو ٿئي ۽ خط استوا وٽ وڏو – جو ناٽيڪل ميل دراصل ڪنڊ (Angle) جي حساب سان ماپيو وڃي ٿو. ھيءَ دنيا گدري وانگر گول آھي ۽ سڄي گول ۾ 360 ڊگريون ٿين ٿيون. وري ھر ھڪ ڊگريءَ جا سٺ حصا ڪبا ته ھر ھڪ حصو منٽ ٿيو، يعني 360 ڊگرين جا ٿيا 21600 منٽ. ھاڻي اھو ھڪ ھڪ منٽ ھڪڙو ناٽيڪل ميل سمجھڻ کپي ۽ دنيا جي گولي جو گھيرو 21600 ناٽيڪل ميل ٿيو. پر جيئن ته گدري جون فارون ڪبيون ته ھر ھڪ ڦار وچ تي ٿلھي ۽ پاسن کان (قطبن کان) مٿان ھيٺا سنهي ٿئي ٿي، اھڙو ئي حساب ڌرتيءَ جي گولي جي ماپ جو آھي. يعني صحيح ۽ گھڻي کان گھڻو ناٽيڪل ميل – مفاصلو وچ تي – خط استوا تي ٿيندو. بهرحال! سمنڊ تي رستو ماپڻ ۽ سولي حساب ڪتاب لاءِ ڊگرين ۽ منٽن ذريعي ناٽيڪل ميل رکيو ويو آھي. باقي ھونءَ دنيا جو گھيرو خشڪيءَ جي ميلن جي حساب سان 24900 کن ميل ٿئي ٿو.
ناٽ رفتار جو ماپو آھي: 15 يا 20 ناٽ. معني اوترا ناٽيڪل ميل ڪلاڪ ۾ جھاز ھلي ٿو. پاڻيءَ جا جھاز ويھن پنجويھن ناٽن تائين ھلن ٿا، پر جنگي جھاز ٽيھ پنجٽيھن تائين به ھلن. ھونءَ اڄڪلھ تيل جي مھنگائيءَ ڪري مال بردار ۽ مسافر جھاز گھڻو ڪري 15 کان 20 ناٽ تائين ھلن ٿا.
لاگ بڪ: ھر جھاز تي لمحي لمحي جي ڪارڪردگي ۽ ڪم ڪار ھڪ ڊگھي نوٽ بک تي لکيو ويندو آھي، جنهن کي لاگ بڪ سڏجي ٿو. اھو لاگ بڪ اڳتي ھلي ثبوت طور ڪم آڻي سگھجي ٿو ته فلاڻو ڪم ڪنهن ڪيو، ڪڏھن ڪيو ۽ ڇو ڪيو؟ يا فلاڻي وقت فلاڻي جي ڊيوٽيءَ ۾ ھي ڳالھيون رونما ٿيون، وغيره.
ائٽلانٽڪ سمنڊ: دنيا جي ٻئي نمبر تي وڏي ۾ وڏو سمنڊ ائٽلانٽڪ سمنڊ آھي، جنهن جي ايراضي اٽڪل ٽي ڪروڙ ارڙھن لک چورس ميل آھي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته سڄي پاڪستان جي ايراضي اٽڪل ٽي لک چورس ميل آھي. يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ پاڪستان کان سؤ دفعا وڏو ٿيو. پھرين نمبر تي وڏو سمنڊ پئسفڪ آھي، جنهن جي ايراضي ڇھ ڪرور اٺٽيھ لک چورس ميل آھي – يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ کان به ٻيڻو آھي ۽ ٽين نمبر تي ھندي وڏو سمنڊ ٿو اچي.



No comments:

Post a Comment