انڊيا بابت ڪتاب ۽ انڊيا جا رائيٽر
الطاف شيخ
انگريزي دنيا جي زبان ناهي پر گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ انڊيا جا ليکڪ انگريزيءَ ۾ ناول لکڻ ڪري اهل زبان انگريزن کان به وڌيڪ مشهور ٿيا آهن ۽ اهڙن ليکڪن جو هر سال وڃي پيو تعداد وڌندو. سلمان رشدي به انهن مان هڪ آهي جنهن جي The Satanic Verses، مواد ۽ Message جي خيال کان، دنيا جي مسلمانن کي سخت رنج پهچايو. ايتري قدر جو ايران جي عالم ۽ بزرگ شخصيت آيت اللھ خميني هن کي موت جي فتويٰ ڏني ۽ اهو ڪتاب پاڪستان، ملائيشيا، ايران ۽ ٻين مسلمان ملڪن وانگر انڊيا ۾ به بندش هيٺ آهي. پر سندس تازي ڪتاب Midnight Children جو انعام کٽڻ کان علاوه، بيحد گهڻو وڪرو ٿيو آهي. ان جي ئي پويان سندس ٻيو ڪتاب Shame آهي ۽ هاڻي ٽيون جنهن جي ڪهاڻي بال ٺاڪري جي Defamation ڪيس جي چوڌاري ڦري ٿي The Moor`s Last Sigh. آهي.
وڪرم سيٺ جو ڊگهو تيرهن سؤ کن صفحن جو ناول يا کڻي چئجي Classic جنهن جو نالو A Suitable Boy آهي، انڊيا جي ورهاڱي بعد پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ هڪ هندو ماءُ جي گرد گهمي ٿو. جيڪا پنهنجي ڌيءَ لاءِ لائق مڙس جي ڳولا ۾ آهي. 1300 صفحن جي ڪتاب ۾ مصنف ڪيترين ئي ڳالهين کي ٽچ ڪيو آهي. هندو مسلمان ڪلچر، ننڍي کنڊ جون رسمون رواج، زمينداري سسٽم جو خاتمو، ذات نيات جا چڪر، جنرل اليڪشن وغيره وغيره. وڪري ۽ ڪتاب جي ٿولهه ڪري هي ڪتاب هر هڪ جي نظرن جو مرڪز رهندو اچي. آئون اهي ٻه سال سئيڊن ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ هوس جتي هر هنڌ هن ناول جو راڳ، مڪاني اخبارن ۾ هلي رهيو هو ۽ جيترو جلد وڪرم سيٺ مشهور ٿي ويو، اوترو ٻيو ڪو شايد ئي ٿيو هجي. ليکڪ جي ڪري سندس ملڪ انڊيا جو به نالو ٿيو. وڪرم جي مادري زبان بنگالي آهي ۽ 1952ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو. ڪلڪتي، دهلي، آڪسفورڊ، اسٽانفورڊ ۽ نانڪنگ مان تعليم ورتائين. اڄڪلهه هتي دهليءَ ۾ رهي ٿو يا برطانيه ۾. اڃا تائين غير شادي شده آهي.
هڪ ٻي نوجوان انڊين رائيٽر ڪمالا مارڪندايا آهي جنهن جو انگريزي ناول Nectar in a Sieve تمام مشهو آهي، جيڪو هڪ ڳوٺاڻي عورت جي روزمره جي زندگيءَ جو احوال آهي. ڪمالا جا ناول پنجاهه واري ڏهاڪي کان ڇپجڻ شروع ٿيا هئا. پاڻ ميسور ۾ 1924ع ۾ ڄائي ۽ پوءِ 25 سالن جي ڄمار ۾ انگلينڊ ۾ وڃي رهي ۽ اتي ئي انڊيا بابت لکندي رهي. مٿيون سندس پهريون ناول هو. ان بعد ٻيا به ڪيترائي لکيائين. گذريل سال پنهنجي لنڊن واري گهر ۾ وفات ڪيائين.
انگريزي ناولن کان خوشونت سنگهه به دنيا ۾ مشهور آهي. سندس 1990ع جو ناول ”دهلي“ تمام مشهور آهي. اهڙي طرح هندستان جي ورهاڱي تي لکيل ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب تمام گهڻو پڙهيا وڃن ٿا. سندس ڪيترائي مزاحيه، دلچسپ ۽ طنز سان ڀريل مضمون اسان جي سنڌي اخبارن ۾ به ڇپبا رهن ٿا.
انڊيا جو هڪ ٻيو پراڻو ۽ بيحد مشهور ليکڪ آر. ڪي نارايڻ آهي جنهن جي مادري زبان مدراسي آهي ۽ سن 1906ع ۾ مدارس ۾ ڄائو. پاڻ ميسور جي مهاراجا ڪاليج مان تعليم حاصل ڪيائين. سندس پهريون ناول 1935ع جو لکيل Swami & Friends آهي جيڪو هڪ انڊين خيالي ڳوٺ ”مال گودي“ جي پس منظر ۾ آهي. سندس ڪهاڻين تي ٺهيل هڪ هڪ قسط جا ڊراما ”مالگودي ڪي دن“ جي نالي سان ايندا هئا. ملائيشيا پاسي گهڻا مدراسي ۽ ڏکڻ هندستان جا رهن ٿا. جن جو آر. ڪي نارايڻ (سڄو نالو رسي پورم ڪرشنا سوامي ناراين) دلپسند ليکڪ هو. مون به هن مصنف جا ڪتاب ملائيشيا ۾ ئي پڙهيا. سندس ٻيا به ٽي ڪتاب جن جي پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس، هي آهن: The Financial Expert the Guide, waiting for the Mohatma ۽ سڀ ۾ بهترين Malgudi آهي. پاڻ 94 سالن جي ڄمار ۾ 2001ع ۾ گذاري ويو.
گهڻي وقت کان ۽ سڀ کان گهڻو مشهور ليکڪ وي. ايس نائيپال آهي جنهن کي نوبل پرائيز به ملي چڪي آهي. هن جو پڙڏاڏو انڊيا مان لڏي ٽرنيڊاد (ويسٽ انڊيز) وڃي رهيو. سندس پهريون ڪتاب the Mystic Masseur آهي، جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو. جنهن جي پوءِ انگريزيءَ ۾ فلم به ٺهي، جنهن جو ڊائريڪٽر اسماعيل مرچنٽ آهي ۽ آصف مانڊوي، اوم پوري، عائشه ڌرڪار ۽ جيمس فاڪس ائڪٽنگ ڪئي آهي. مون سندس پهريون ڪتاب 1981ع ۾ Among the Believers An Islamic Journey پڙهيو هو، جنهن ۾ هو اسلامي ملڪن ۾ اچي ٿو. پاڪستان جي شهر ڪراچي ۾ هو انٽر ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ اچي رهي ٿو، جيڪا اڄڪلهه پرل ڪانٽيٽل سڏجي ٿي. هن ڪتاب ۾هن سکر ضلعي جي ڪنهن زميندار (وڏيري) بابت لکيو آهي، جيڪو بقول ان وڏيري جي هر سال فصل لهڻ تي هفتو ڏيڍ هن هوٽل ۾ سئمنگ پول پاسي کلڻ وارين درين واري ڪمري ۾ اچي رهندو آهي ۽ هيٺ سئمنگ پول ۾ عورتن کي بڪنيز ۾ وهنجندو ڏسي ٺرندو آهي.
وي ايس نائيپال (سڄو نالو وڌياڌر سورج پرساد نائيپال) جا ٻيا ڪجهه ڪتاب جيڪي سامونڊي ڊگهن سفرن جا ڏينهن ڪٽڻ لاءِ مون پڙهيا ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي Recommend ڪندس هن ريت آهن:
1. Miguel Street
2. A House for Mr.Biswas
3. An area of Darkness
4. India. A wounded Civilization
5. Bombay
وي ايس نائيپال ٽرنيڊاد ٻيٽ جي شهر پورٽ آف اسپين جي ڪاليج Queen,s Royal College مان تعليم ورتي ۽ 1950ع ۾ کيس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي وئي، جتي سندس ملاقات پئٽريشيا سان ٿي ۽ 1955ع ۾ شادي ڪيائون. ڏهن سالن بعد (1966ع ۾) پئٽريشيا گذاري وئي. ان بعد هن پاڪستاني جرنلسٽ ڇوڪري نادرا علويءَ سان شادي ڪئي. نائيپال جي ڄم جو سال 1932ع آهي ۽ هن وقت 73 سالن جو آهي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿو.
هڪ ٻي انڊين ليکڪا جيڪا جوان آهي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿي جهمپا لاهيري آهي جنهن کي سال 2000ع جو Pulitzer Prize به ملي چڪو آهي. Jhumpa Lahiri 1967ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي پر پلي نپني Rhode Island تي. اڄڪلهه هوءَ نيويارڪ ۾ رهي ٿي. پاڻ بوسٽن يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪئي اٿس. پاڻ ڪيترا دفعا انڊيا جا چڪر هنيا اٿس ۽ سندس ناول ۽ ڪهاڻيون انڊيا بابت ئي آهن. سندس انعام يافته ڪتاب (Interpreter of Molodies) آهي جيتوڻيڪ سندس پهريون انگريزي ناول (the Namesake) آهي.
اڄڪلهه جي مشهور ليکڪن ۽ ليکڪائن ۾ ڊئوڊ دويدار ۽ ارون ڌتي راءِ به آهن. ارون ڌتي جون لکڻيون ۽ هن جي زندگيءَ جو احوال سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڏاڍو ايندو رهي ٿو. کيس God of Small things ڪتاب تي انعام به ملي چڪو آهي. ارون ڌتي راءِ جا ٻيا ڪجهه مشهور ڪتاب هن ريت آهن:
1. The Cost of Living
2. Power politics
3. Public Power in the Age of Empire.
ارون 1961ع ۾ ڪيرالا (ڏکڻ هندستان) ۾ ڄائي. سندس ماءُ ڪيرالا جي عيسائي هئي ۽ پيءُ بنگال جو هندو هو. شادي ناڪامياب ويئي ۽ ارون کي پنهنجي ماءُ سان رهڻو پيو. ارون پاڻ پڙهي آرڪيٽيڪٽ ٿي. پاڻ هتي دهليءَ ۾ رهي ٿي. جتان هي لکي رهيو آهيان.
ڊئوڊ ڊئويڊر جو انگريزي ناول The House of Blue Mangoes ڏکڻ هندستان جي پس منظر ۾ آهي ۽ تمام مشهور ٿيو آهي.
ڪيترن انگريزن به انڊيا جي پس منظر ۾ ناول، ڪتاب ۽ پنهنجون يادگيريون لکيون آهن، جن مان هڪ BBC جو پراڻو نمائندو مارڪ ٽلي به آهي. سڀ کان گهڻو مشهور رڊيارڊ ڪپلنگ آهي جنهن جي خاص ڪري ٻن ڪتابن: KIM ۽ Plain Tales From the Hill جو هر ڪو حوالو ڏئي ٿو. ننڍي هوندي EM Forester جو A Passage to India وڏي شوق سان پڙهيو هئوسين. اهڙي ئي هڪ انگريز جان ماسٽرس جو ڪتاب باواني جنڪشن آهي جنهن تي فلم پڻ ٺهي. هي سڀ 1960ع کان 1962ع جي ڏينهن جون ڳالهيون آهن، جڏهن مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج جا ڪتاب پڙهڻ کان وڌيڪ لئبرري جا ڪتاب پڙهڻ جو شوق هوندو هو.
انڊيا گهمڻ کان اڳ جيڪڏهن ڪو انڊيا بابت ڪتاب پڙهڻ چاهي ٿو ته انگريز ليکڪ John Keay جوInto India ڪتاب سٺو آهي. جيتوڻيڪ هن اهو ٽيهه سال اڳ لکيو آهي. انڊيا بابت Lonely Planet وارن جا ڪجهه ڪتاب آهن. خاص ڪري In Rajasthan جيڪو روينا گريوال لکيو آهي. راجستان جي رياست جو سفرنامو Robyn Davidson به پنهنجي ڪتابDesert Places ۾ لکيو آهي، جيڪو سمورو سفر مڪاني خانه بدوش رابڙي سان اٺ تي ڪيو آهي. هڪ اڪيلي عورت جي حيثيت ۾ هن کي سفر دوران ڪهڙيون تڪليفون سامهون آيون، هن انهن جو پڻ احوال لکيو آهي. اهڙي طرح Eric Newby پنهنجي ٻيڙيءَ جي سفر جو احوال Slowly Down the Ganges ۾ لکيو آهي.
انهن سڀني ۾ گهڻو Trevor Fishlock جو ڪتاب India File پڙهيو وڃي ٿو. هفتيوار Times رسالي جي خبر سان نمائندي جي حيثيت سان هن ڪتاب ۾ هن جا مضمون آهن جن ۾ Sex in India وارو مزاحيه چئپٽر تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. William Dalrymple جي ڪتاب ”جنن جو شهر“ (City of Djinns) جو هڪ چئپٽرA Year in Delhi هن شهر دهليءَ بابت سٺي تاريخي معلومات ڏئي ٿو.
رونالڊ سهگل جيڪو سائوٿ آفريڪا ۾ رهندڙ انڊين آهي، ان جو The Crisis of India پڻ پڙهڻ جوڳو ڪتاب آهي. جيڪو هن انTheme هيٺ لکيو آهي:
Spirituality is not always more important than a full stomach.
”ايم جي وساڻ جي“ جو انگريزي ڪتاب The Gunny sack انهيءَ ئي Theme تي آهي، جنهن ۾ انڊيا جي گجراتي ڪٽنبن جي سوچ ويچار ڏنل آهي، جن انگريز راڄ ۾ انڊيا مان ڏکڻ آفريڪا لڏ پلاڻ ضرور ڪئي پر دلي طرح پنهنجو ڳانڍاپو پنهنجي وطن جي شهرن: احمد آباد، بڙودا، مهيسانا، گوڌرا، ڊسا، سورت، پالنپور وغيره سان رکيو. اهو ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي ۽ فقط گجرات رياست گهمڻ وارن کي، رياست گجرات جي ماڻهن ۽ انهن جي مسئلن، خواهشن، سوچن ويچارن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
انڊيا بابت ويد مهتا جا به ڪيترائي دلچسپ ڪتاب آهن. جن مان سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب پينگئن پبلشرس ڪمپنيءَ جوWalking the Indian Streets آهي. گهڻو عرصو ولايت ۾ رهڻ بعد پنهنجي ملڪ انڊيا موٽڻ تي جن ڳالهين تي کيس حيرت لڳي ٿي، ان ڪلچرل شاڪ جو احوال هن ڪتاب ۾ ڏنو اٿائين. ويد مهتا جو هڪ ٻيو ڪتاب Protrait of India به ان عنوان تي آهي. هڪ ٻي انڊين ليکڪا گيتا مهتا جو ”ڪرما ڪولا“ نالي انگريزي ڪتاب آهي جنهن جو هڪ چئپٽر ”دي مارڪيٽنگ آف مسٽڪ ايسٽ“ انڊيا ۽ مغرب جي هڪ ٻئي لاءِ اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. انڊيا ٽيڪنالاجي ۽ ماڊرن طريقن لاءِ مغرب ڏي ڏسي ٿو ۽ مغرب ڏاهپ ۽ دل جي سڪون جي ڳولا لاءِ انڊيا ڏي نهاري ٿو.
اليگزينڊر فراٽر جو انڊيا بابت هڪ خوبصورت سفرناموChasing the Monsoon آهي. جنهن ۾ هن ڪيرالا جي شهر ۾ ڪووالام کان دنيا جي سڀ کان آلي شهر يعني ميگهالا رياست جي چيراپونجي شهر تائين جو احوال لکيو آهي. ياد رهي ته دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مينهن چيراپونجيءَ ۾ پوي ٿو.
انڊيا جي عورتن جي هتي جي سوسائٽيءَ ۾ ڇا پوزيشن آهي ان جي بهترين عڪاسي ايلزبيٿ بوميلر پنهنجي ڪتاب May you be the mother of one hun dred sons ۾ ڪئي آهي. مصنفا هي ڪتاب لکڻ لاءِ انڊيا ۾ ساڍا ٽي سال کن اتي جي هر قسم جي عورت سان هر قسم جي مسئلي تي خيال اوريو ۽ انٽرويو ورتو. انهن مان ڪجهه عام مسئلا هي آهن: ڏيج گهٽ ملڻ ڪري ڪنوارين جو موت، مڙس جي مرڻ تي عورت جو پاڻ ساڙي ستي ٿيڻ، Arranged شاديون ۽ Female Infanticide يعني نياڻي ٻار ڄمڻ تي ان کي گهٽو ڏيئي ماري ڇڏڻ.
انڊيا جي صوبي بهار ۽ اوڙيسا جي قبيلائي ڳوٺن جو احوال پڙهڻو هجي ته نارمن ليويس (Lewis) جو ڪتاب (Goddess in the Stones) پڙهجي. مٿي ٽرنيڊاڊ جي انڊين ليکڪ وي ايس نيئپال جي ڪتاب تي لکيو اٿم. ڪجهه دير اڳ پراڻي دهلي جي دريا آباد وارن اسٽالن تان هڪ ليکڪ جو هڪ ڪتابA Million Mutinies Now مليو اٿم، جيڪو نائيپال جو ويجهڙائيءَ ۾ لکيل ڪتاب لڳي ٿو ۽ اهو پڻ انڊيا بابت لڳي رهيو آهي. ان کان علاوه ڪجهه ٻيا ڪتاب پڻ ان مارڪيٽ مان اڌ قيمت تي ملي ويا اٿم، جيڪي پنهنجي ملڪ پهچي پڙهڻ چاهيان ٿو. اهي ڪتاب هن ريت آهن:
1. Death of Vishnu by Manil Suri
2. Clear Day Light by Anita Desai
3. Jasmine by Bharti Mukherjee
4. Untouchable by Mulk Raj Anand
5. The great Indian novel by Shashi Tharoor
6. Deep river, by Shusaky Endo
7. The long silence by Shashi deshpande
8. A River of sutra by Gita Mehta
9. The book of shadows by Namita Gokhale
10. The Solitude of surabhi by Deepa Shah
11. Memories of rain by Sunetra Gupta
12. The Calcutta Chromosome by Amitav Ghosh
13. Beach boy by Ardashir Vakil
14. All for love by Ved Mehta
15. City of Joy by Dominique & Lapirre
No comments:
Post a Comment