Sunday, February 20, 2011

انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون...-الطاف شيخ



انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون...

الطاف شيخ
انڊيا جي رستن تي سڀ کان گهڻي موروتي (Maruti) نالي ڪار نظر اچي ٿي جيڪا انڊيا  ۾ اسيمبل ٿئي ٿي ۽ جاپاني سوزوڪي  مني ڪار، مني وئن ۽ فور ويل ڊرائيور (4WD) ڪار جو مڪسچر آهي. موروتي ڪارن کان علاه انڊين جي رستن تي ٻيون ڪارون جيڪي عام نظر اچن ٿيون اهي آهن: فورڊ ايسڪورٽ، Peugeot 309, فياٽ Uno، دائيوو سيلو، اوپل ائسٽرا ۽ مرسڊيسز 220. اهي سڀ گاڏيون هتي انڊيا جي فيڪٽرين ۾ Assemble ٿيل آهن ۽ انهن پويان ٻه ٻيون گاڏيون ميدان ۾ اچي ويون آهن، اهي آهن هونڊا ۽ اسڪوڊا.

 
1950 ۾ لنڊن ۾ جڏهن مورس آڪسفورڊ گاڏين وارن اهي ڪارون ٺاهڻ بند ڪري نئون ماڊل ٺاهڻ شروع ڪيو ته ان پراڻي ماڊل جون ڪارون ٺاهڻ واري فيڪٽري ڪلڪتي شفٽ ڪرائي وئي ۽ اتي اڄ ڏينهن تائين ”هندستان ائمبسڊر“ جي نالي سان ڪارون ٺهن پيون. 1960ع ۾ پراڻي  فياٽ 11OOD ۾ ڪجهه تبديليون آڻي ”پال پدمڻي“ نالي ڪار ٺاهي وئي. ڪجهه عرصي بعد فياٽ 124 ڪار متعارف ڪرائي وئي. 1970ع ۾ واڪس هال ڪار جا حق ۽ واسطا خريد ڪري انڊيا ۾ ”هندستان ڪانٽيسا“ جي نالي سان ٺاهڻ شروع ڪئي وئي پر انڊيا ۾ سڀ کان گهڻي ڪامياب ڪار موروتي ثابت ٿي آهي. موروتي ڪار جي قيمت اڍائي لک روپين کان شروع ٿئي ٿي. ائمبسڊر ڪارون (سيٽ بيلٽ سميت) ساڍن ٽن لکن جون آهن ۽ ”مرسڊيز 220“ جي قيمت ٽيويهه لک روپيا آهن.
انڊيا ۾ ٽرڪن جي انڊسٽري  ڪافي اڳتي نڪتل آهي ۽ ٽاٽا ۽ اشوڪ ليلئنڊ ٽرڪون نه فقط انڊيا  ۾ پر دنيا جي ڪيترن ملڪن، ملائيشيا ۽ سنگاپور کان برطانيه ۽ فرانس ۾ ڪامياب ثابت ٿيون آهن. انهن ٻن ڪمپنين کان علاوه ڪجهه جاپاني ٽرڪون مڪس نالن سان هندستان  ۾ ٺهڻ شروع ٿيون آهن ۽ رستن تي نظر اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: ”موروتي، سوزوڪي،“ ”هندستان ايسوزو“ آلون نسان، ”سواراج مزدا“ ۽ ”هونڊا ڪائنيٽڪ“.
موٽر سائڪلن ۽ اسڪوٽرن جي انڊسٽريءَ ۾ به وڏو واڌارو آيو آهي. انڊيا جي رستن تي هلندڙ موٽر سائيڪلن ۾ هڪ ته Enfield India نالي آهي جيڪا هوبهو برطانيه جي پراڻي سنگل سلينڊر 35OCC رايل بليٽ انفيلڊ جي 1950ع واري ماڊل جي ڪاپي آهي. اسڪوٽرن ۾ لئمبرٽا ۽ ويسپا جون ڪاپيون مشهور آهن. اٽليءَ ۾ جڏهن انهن موٽر سائيڪلن ٺاهڻ جو ڪم بند ڪيو ويو ته انڊيا هنن جي سڄي فيڪٽري ڦلن مٺ قيمت ۾ خريد ڪري انڊيا ۾ لڳائي ۽ موٽر سائيڪلون ٺاهڻ شرع ڪري ڏنيون. ڪيترائي ماڻهو انهن فيڪٽرين ۾ روزگار کي به لڳي ويا ته ساڳي وقت غريب عوام کي گهٽ قيمت تي سواري مهيا ٿيڻ لڳي. انهن کان علاوه ڪجهه ڦيرڦار سان هوندا، سوزوڪي ۽ ياماها موٽر سائيڪلن جا ماڊل پڻ انڊيا جي رستن تي نظر اچن ٿا.

No comments:

Post a Comment