Tuesday, February 08, 2011

ڪتا ۽ اسان جو معاشرو ۽ مذهب

ڪتا ۽ اسان جو معاشرو ۽ مذهب

ملائيشيا ۾ گهڻي ڀاڱي ملئي ۽ چيني رهن ٿا. انڊين- جن ۾ پاڪستان جا پنجابي، پٺاڻ، سنڌي هندو ۽ انڊيا جا گجراتي، سک ۽ تامل اچي وڃن ٿا، اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. شهرن ۾ چيني گهڻا آهن، ڳوٺن ۾ ملئي. ملئي سڀ مسلمان آهن، چينين جو ٻڌ ڌرم سان واسطو آهي. ڪي دهريا ۽ ڪرسچن پڻ آهن.

ڳوٺن ۾ ڪي ڳوٺ چينين جا به آهن، پر انهن ۾ ملئي ماڻهو نظر نه ايندا. ملئي ماڻهن جي ڳوٺ ۾ چيني ضرور هوندا. ٻيو نه ته گهڻي ڀاڱي دڪان چينين جا هوندا. چينين جي ڳوٺن يا پاڙن ۾ ملئي رهڻ پسند نٿا ڪن. ان جو وڏو سبب اهو آهي جو چيني غير مسلم آهن. هنن جو ڪلچر ۽ ريتون رسمون پنهنجون آهن. وڏي ڳالهه ته هو سوئر کائين ٿا. سوئر کان علاوه چيني ماڻهو ڪتو پڻ پالين، جنهن سان پڻ ملئي ماڻهن کي نفرت آهي. ملئي مسلمانن جي گهر ۾ ته ڇا، گهٽيءَ ۾ به ڪو ڪتو نظر نه ايندو. ملئي ماڻهن جا ڳوٺ توڙي گهر گهٽيون صاف نظر اينديون جو هو اسلام موجب صفائيءَ کي اڌ ايمان سمجهن ٿا. هر ملئي جو گهر ٿورو مٿڀرو هوندو ۽ ٽئاليٽ، جنهن کي ملئي ماڻهو ٽنڊاس سڏين ٿا، ڪمري ڀرسان هجڻ بدران گهر کان ٿورو پري، ڌار ۽ هيٺ ڀرو هوندو. سڄي ڳوٺ ۾ ڪو ڪتو يا کليل گٽر نظر نه ايندو. ناليون ضرور آهن پر اهي مينهن جي شفاف پاڻي وهڻ لاءِ. ان ڪري ملئي ماڻهو، اسان جا ڳوٺ- يعني اسان پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگلاديشي مسلمانن جا ڳوٺ ڏسي، خوش ٿيڻ بدران هو افسوس ڪن ٿا ته ننڍي کنڊ جا ماڻهو ڪهڙي قسم جا مسلمان آهن جن جي گهرن ٻاهران نالين ۽ گهٽين ۾، ماڻهن ۽ ڪتن جا گونهه پيا آهن. گدلا ۽ مريض ڪتا ائين ئي گهٽين ۽ گهرن ۾ پيا اچن وڃن. چَڪڻ کان علاوه نالين مان پسايل پڇ لوڏي وتن ڪپڙا پليت ڪندا. ماڻهو تعليم يافته هوندي به اهو نٿا سمجهن ته ڪتي جي زبان توڙي جسم مان بيماريون لڳي سگهن ٿيون. دنيا جا سڌريل ملڪ ۽ قومون، جيڪي ڪتي جهڙي جانور کان پاسو ڪرڻ جو چتاءُ اڄ پيون ڏين، ان بابت اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ اسلام، خبردار ڪري چڪو آهي.

هڪ ملئي پير مرد کي چيم ته توهان جي ڳوٺن ۾ ڪتن جو آزار بنهه ناهي. هرڪو ٻار ٻچو، زال مڙس توڙي پوڙهو جوان، بي فڪر ٿي هلي ٿو. ان تي هن مون کي هڪ حديث ٻُڌائي:
”هڪ دفعي حضرت جبرائيل عليه السلام، رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم سان هڪ خاص وقت تي ملڻ جو واعدو ڪيو هو. پر هو وقت تي نه آيو، جنهن ڪري حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن کي پريشاني ٿي ته حضرت جبرائيل ته سچار آهي هو ڪيئن ٿو واعدي خلافي ڪري سگهي. هن جي نه اچڻ جو ضرور ڪو سبب هوندو. پاڻ ڏٺائون ته کٽ جي هيٺان هڪ ڪتي جو پونگڙو ويٺو هو. ان کي پوءِ اٿاريو ويو ۽ ان جاءِ کي ٻهاري ڏئي صاف ڪري، پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪئي ويئي. ان کان پوءِ حضرت جبرائيل عليه السلام تشريف فرما ٿيو ته پاڻ ڪريم جن مقرر وقت تي نه اچڻ جي شڪايت ڪئي. حضرت جبرائيل عليه السلام جن عرض ڪيو: يا رسول الله! توهان جي کٽ هيٺان ڪتو ويٺو هو ۽ اسين ان گهر ۾ نٿا اچون جنهن ۾ ڪتو يا تصوير هجي.“

ملئي ماڻهن وٽ نه ڪتو نظر ايندو نه وري گهرن ۾ ڪنهن جانور، ماڻهو يا ساهه واري جي تصوير هوندي. فريمن ۾ قرآن پاڪ جون آيتون ٽنگيل هونديون يا وري گلن جا فوٽا. ملئي ماڻهن جو ننڍو ٻار به توهان کي ان جو سبب ٻڌائيندو ته اسان ۾ ان جي جهَل ٿيل آهي، ۽ جنهن گهر ۾ ڪتو يا تصوير آهي ان ۾ رحمت جو فرشتو نٿو اچي.

مٿئين ملئي پير مرد وڌيڪ ٻڌايو ته اسلام ۾ ڪتي پالڻ جي شوق کي ننديو ويو آهي ۽ ڪتو فقط هنن مجبورين/ ضرورتن کان رکڻ جي موڪل آهي.

گهر، ٻني ٻاري يا مال وهٽ جي حفاظت لاءِ يا وري شڪار جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪتو رکي سگهجي ٿو.

پاڪائي، پليتائي جي خيال کان اهو چيو وڃي ٿو ته ڪتي جي بدن تي جيڪڏهن گندگي لڳل ناهي ته انجي ڇهڻ سان ڪپڙا ناپاڪ نه ٿيندا. باقي ڪتي جي ڄڀ نجس به آهي ته زهردار به. ان ڪري جنهن جاءِ تي ڪتي جي ڄڀ يا ان جي گِگ لڳي وڃي ته ان کي صاف ڪرڻ ضروري آهي.

ڪتا، جنهن گدلي ۽ رول قسم جا اسان جي ننڍي کنڊ جي ملڪن ۾ نظر اچن ٿا، اهڙا شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجن. عرب رياستن ۽ اتر آمريڪا جي مسلمان ملڪن: لبيا، الجيريا، ٽيونيسيا، موراڪو وغيره ۾ ته ڪتا ان ڪري نه آهن جو اسلام ڪري اتي جا ماڻهو انهن کان پاسو ڪن ٿا پر آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ به ائين رول ڪتا نظر نه ايندا. پاليل ڪتا ضرور ڏسڻ ۾ ايندا جن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل پٽي تي ميونسپالٽي طرفان مليل نمبر اڪريل هوندو. جيئن ڪتي کان تڪليف رسڻ جي صورت ۾ ان جي مالڪ جي وٺ پڪڙ ڪئي وڃي. گورا پنهنجن ڪتن کي باقاعدي دوا درمل ۽ سيون هڻائيندا رهن ٿا جيئن انهن مان ڪنهن به قسم جي بيماري، عوام کي نه لڳي. اجايو سجايو ڀونڪڻ، چڪ هڻڻ ۽ گندگي پکيڙڻ تي ته وڏيون سزائون آهن.

سنگاپور حڪومت ته گذريل سال کان ڪتا پاليندڙ شهرين کي چتاءُ ڏنو آهي ته مهرباني ڪري ڪتن کي گهرن ۾ ئي ڪاڪوس ڪرائي پوءِ کين واڪ لاءِ وٺي هلو ۽ پاڻ سان پلاسٽڪ جي ٿيلهي ضرور کڻو متان وري هو هنگي وجهي. ٻي صورت ۾ هزار ڊالر ڏنڊا! ڇو جو ڪتن جي ڪاڪوس ۽ پيشاب مان بيماريون پکڙن ٿيون.

پاڪستان ۾ حڪومت طرفان ڪتن جي خاتمي لاءِ اشتهار ته گهڻا ئي اچن ٿا. پر انهن جو تعداد ڄڻ اتي جو اتي بيٺو آهي. تازو ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اخبار ۾ خبر آئي ته ڪراچي شهر جي اسپتالن ۾ سڀ کان گهڻا مريض ڇتن ڪتن جا چڪيل آهن جن جو روزانو انگ سراسري طور هڪ سؤ کان مٿي آهي.

No comments:

Post a Comment