غزني جو بت شڪن
يورپين ۾ پورچوگالي پهريان هئا جيڪي گجرات ۾ آيا ۽ گجرات صوبي جي سامونڊي ڪناري تي مختلف بيٺڪون(Enclaves) ٺاهيون جن ۾ دامان ديو (Dui) دادرا ۽ ننگر حويلي پڻ آهن. ان بعد ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن (جيڪي انگريز هئا ۽ انگلينڊ کان آيا هئا) 1614 ۾ گجرات جي شهر سورت ۾ فيڪٽري قائم ڪئي جيڪو سندن انڊيا ۾ پهريون Base هو ۽ انهن ڏينهن ۾ سورت اڄ جو سنگاپور ۽ دبئي ٿيندو پئي ويو پر پوءِ 1668ع ۾ انگريزن جيئن ئي پورچوگالين کان ممبئي/ بمبئي حاصل ڪئي ته پوءِ سورت ۽ واسي پاسي جي ٻين شهرن جو شان شرڪت ممبئي کي ئي نصيب ٿيندو رهيو ۽ اڄ گجراب، مهاراشترا، تامل ناڊو پاسي سڀ ۾ وڏو شهر آهي.
گجرات تي انگريزن جي حڪومت دوران ڪيترن ئي مڪاني حاڪمن انگريزن سان ظاهر ظهور يا لڪ ڇپ ۾ معاهدا ڪري پنهنجيون ننڍيون ننڍيون سلطنتون قائم رکيون جن جي بدلي ۾ هو انگريزن کي مقرر ڪيل مال پاڻي پهچائيندا رهيا. انهن ئي حاڪمن ۾ بڙودا (جيڪو ودودارا Vadodara به سڏجي ٿو) جو مرهٽو حاڪم گئيڪواڊ هو. سڄي گجرات کي بعد ۾ سياسي طرح ببمئي پريزيڊينسي سان ملايو ويو ته به بڙودا رياست کي الڳ رکيو ويو جنهن جو انڊي اجي گورنر جنرل سان سڌو واسطو رهيو ٿي. 1818ع کان 1947ع تائين انگريزن جي دور ۾ گجرات صوبي ۾ جهونا ڳڙهه، ڪاٺياواڙ جهڙيون ڪئين ڊزن ننڍيون وڏيون نوابي رياستون هيون جن کي انگريزن آزادي ڏئي ڇڏي هئي ته انهن جا حاڪم پيا موج مزا ڪن ۽ انگريزن کي به گهر ويٺي عيش ڪرائين ۽ سلامي ڀرين. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد انڊيا حڪومت سگهوئي انهن شهزادن کي لائين حاضر ڪري ڇڏيو جيڪي اڄ ڏينهن تائين انگريزن کي ياد ڪندا رهن ٿا. انگريزن به هڪ طرف هنن رياستي نوابن کي شراب، ڪواب ۽ شباب جي کلي آزادي ڏئي ڇڏي ته ٻئي طرف پنهنجا ڇاڙتا ۽ جاسوس رکي هنن جي ٺڙڪو عيش عشرتن ۽Fantasies جون ڳالهيون نوٽ ڪري، ثبوت سوگها ڪري کين دل وٽان بليڪ ميل ڪيو ۽ ڦريو لٽيو ۽ اڄ تائين انهن شهزادن ۽ حاڪمن جي ڪهاڻين جا ڪتاب ڇپبا رهن ٿا. افسوس اهو آهي ته اڄ به اسان جي ملڪن ۾ ان قسم جون اٽڪلون هلنديون رهن ٿيون ۽ اسان جا ڪيترائي نمائندا، وزير ظاهري طرح ته قوم جي خدمت ڪرڻ جون هامون ڀريندا رهن ٿا پر پنهنجين عياشين ۽ ڪڌن ڪرتوتن ڪري پاڻ کي مٿين حاڪمن وٽ وڪاميا پيا آهن. هنن جي ڳچيءَ ۾ رسو اهڙو سوگهو آهي جو مجال آهي جو پنهنجي حاڪم جي نافرماني ڪري ڏيکارين. اڳ زماني ۾ ته رڳو اکين ڏٺا شاهد هئا هاڻ ته آواز به ٽيپ آهن ته ڪڌا ڪرتوت به فلمايل آهن. گاڏيءَ جي رفتار گهٽجڻ لڳي آهي معنيٰ هاڻ ڪنهن اسٽيشن اچڻ جا آثار آهن. اسان به اچي چڙهيا آهيون ڄاڻ ته منزل واري شهر بڙودا ۾ پهتاسين.
”سائين چانهه لاءِ هيٺ نه لهبو؟”؛ منهنجي اڳيان لنگهندي هڪ گهوٽيتي چيو.
”ڪهڙي اسٽيشن آهي؟”؛ مون پڇيو.
”اها خبر ئي ڪانهي”؛ هن وراڻيو. گاڏي ان ئي وقت اسٽاپ ۾ آئي ۽ اسٽيشن جو نالي وارو هڪڙو بورڊ مون واري دريءَ جي ٻاهران به هو. مون نالو پڙهيو انگريزيءَ ۾ Godhra لکيل هو. ٻي زبان ضرور گجراتي ۽ ٽين هندي ئي هوندي. اسٽيشن تي فوٽو ڪڍرائي چانهه پي اچي ويٺس ته پوليس جي رٽائرڊ آفيسر چيو ته اها يادگار تصوير رهندي.
”ڪيئن؟”؛ مون پڇيو.
”ڇو ته هيءَ اها بدنام جاءِ گوڌرا اسٽيشن آهي جتان ٽي سال اڳ 2002ع ۾ هندو فساد ٿيا هئا ۽ هڪ طرف هزارين جانيون تباهه ٿي ويون ته ٻئي طرف دنيا ۾ انڊيا جي حڪومت جي سخت بدنامي ٿي هئي ته اهو ملڪ جيڪو جمهوريت ۽ هر مذهب سان سهپ جو ڪليم ٿو ڪري ان ۾ هن قسم جا جهڳڙا مذهب جي نالي ۾ٿي رهيا آهن”.
”هاڻ مونکي ياد آيو. ڪيترن ڏينهن تائين انهن هنگامن جون خبرون ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اينديون رهيون. حقيقت ۾ ڇا ٿيو هو؟” مون هن رٽائرڊ پوليس آفيسر کان پڇيو.
”ظاهري طرح ته هيئن ٿيو هو جو جيئن سبرمتي ايڪسپريس ٽرين هتي گوڌرا ۾ پهتي ته ان تي حملو ڪيو ويو”. هن رٽائرڊ پوليس آفيسر جيڪو هندو هو، ٻڌايو ”گاڏيءَ کي باهه ڏني وئي ۽ سٺ کن ماڻهو مري ويا جيڪي گهڻو ڪري هندو هئا. ان بعد هندن هن سڄي شهر ۾ باهه ٻاري ڏني ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ٺاپر ٿي ته خبر پئي ته مسلمانن جا چار پنج هزار ماڻهو قتل ٿي ويا. بعد حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن ۾ سماج وادي جو ايم پي راج ببر (مشهور ائٽڪر)، ايم پي شبانه عاظمي (فلم ائڪٽريس) ۽ انڊيا جي مشهور اخبار راشتريه ساحارا جو ايڊيٽر عزيز برني هو. آخر ۾ خبر پيئي ته ان ۾ شروع جي چرچ اسان جي هندن جي هئي. آيوڌا کان هڪ غنڊن جو ٽولو جنهن پاڻ کي رام سيوڪ ٿي سڏايو سڄي واٽ ٽرين ۾ توڙي ريلوي اسٽيشنن تي گوڙ گهمسان ڪندو آيو. هنن هر اسٽيشن تي کاڌي پيتي جي دڪانن تان شيون وٺي پئسا ڏيڻ بدران هنن جا ٿانوَ تپا ٿي ڀڃي ڇڏيا. هنن مسلمانن ۽ انهن جي پاڪ جاين جي خلاف نعرا ۽ غلط لفظ ٿي چيا ۽ ريل گاڏي ۾ چڙهيل مسافرن کي به هيسائيندا ۽ ڊيڄاريندا هليا. جن مسلمان عورتن کي نقاب هو انهن جو اهو لهرائي ڇڏيائون. هڪ فئمليءَ احتجاج ڪيو ته ان کي زوريءَ گاڏيءَ مان لهرائي ڇڏيائون. پوءِ هنن اهي ساڳيا ڪم هتي گوڌرا جي ريلوي اسٽيشن تي ڪيا. هڪ پير مرد مسلمان دڪان واري پئسا نه ملڻ تي احتجاج ڪيو ته هن کي بي درديءَ سان مارڻ لڳا. هن وٽ بيٺل سورهن سالن جي ڌيءُ کين پنهنجي پيءُ کي نه مارڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪيون ته ماڳهين هن کي زوريءَ کڻي گاڏي ۾ بند ڪري ڇڏيائون. گاڏي هلڻ تائين پير مرد پنهنجي ڌيءُ کي ڇڏڻ لاءِ دٻي کي ڌڪ هڻندو رهيو پر اندران ڪنهن به در نه کوليو ۽ پوءِ چون ٿا ته ڪجهه غيرتمند نوجوان آخري دٻي ۾ چڙهي پيا ۽ ريل گاڏي ڪلوميٽر کن اڳتي هلڻ بعد جتي مسلمان جي وڏي بستي آهي اتي ٽرين کي بيهاري هنن سان جهيڙو ڪيائون. اوسي پاسي جا ٻيا مسلمان به اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ ٻئي تي پٿراءُ ٿيندو رهيو. خبر پئي ته هنن رام سيوڪن جو دٻو اڳهين پٿرن سان ڀريو پيو هو ۽ رستي تي به هو پٿر بازي ڪندا آيا هئا. ايتري ۾ ڪنهن هڪ پراڻي سوڙهه کي باهه ڏيئي ريل گاڏيءَ جي هيٺان ڇڏي ۽ ڀنڀٽ مچي ويا جو ريل جي هڪ ٻن دٻن ۾ گاسليٽ جا دٻا ۽ ٻارڻ جي گئس جا سلينڊر هئا جن جي ڦاٽڻ تي باهه وڪوڙي وئي ۽ ان ۾ ڪيترائي ماڻهو سڙي راک ٿي ويا. ان بعد هندو مسلمانن جو قتل عام ڪندا رهيا. بي جي پي (ڀارتيا جنتا پارٽي) وارن جي حڪومت هئي جيڪي هن واقعي کي As Usual پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ته ان ۾ پاڪستانين جو ڳجهو هٿ آهي. بهرحال هن پرسڪون ڌرتيءَ تي هيءَ هڪ افسوسناڪ Tragedy هئي جنهن ڪيترن صحيح سوچ رکندڙ هندن جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ اسان جو ملڪ دنيا جي نظرن ۾ بدنام ٿيو. هندو مسلمانن جي پيار محبت جي وچ ۾ چند شيطان قسم جي انسانن جو هي هڪ وڏو کاٽ هو جنهن سان پيدا ٿيل نفرتون گهٽ ٿيندي ٿيندي وڏو عرصو لڳندو. بقول ان وقت گوڌرا جي پوليس سپرنٽينڊنٽ نانو اتيءَ جي:
“The Provocation was there and reaction was strong. But no one had imagined all this would turn into such a big tragedy”.
اسان جي ريل گاڏي (پشچم ايڪسپريس) هتي گوڌرا ۾ چڱي دير بيٺي ان بعد اسان جي آخري منزل بڙودا ڏي هلڻ لڳي. پروفيسر بسنت اوڏ جيڪو پهرين به انڊيا اچي چڪو آهي تنهن گوڌرا کان چند ميل اڳيان جبلن ڏي اشارو ڪري ٻڌايو ته اهي پاوا ڳڙهه جون ٽڪريون سڏجن ٿيون. انهن جي قدمن ۾ هندن جو هڪ تمام مشهور مندر آهي جيڪو ڪالي ديويءَ جو مندر سڏجي ٿو. گوڌرا ۽ هن کان اڳ آيل اسٽيشن داهود جاڙا شهر سڏجن ٿا. مغل بادشاهه اورنگزيب هن شهر داهود ۾ ڄائو هو.
هونءَ هي صوبو گجرات واپار وڙي، انڊسٽري ۽ پراڻن مندرن کان مشهور چيو وڃي ٿو. ان ۾ حقيقت ئي هوندي جو هن صوبي ۾ پالنيور (نوابن جي پراڻي رياست) جنهن ۾ بلرام مهاديو مندر ۽ ٻيا جا مندر آهن)، پاتان (جيڪو جين ڏرم جي مندرن سان ڀريو پيو آهي)، موڌيرا (جيڪو سورج مندر ۽ ٻين هندو ۽ جين ڌرم جي مندرن کان مشهور آهي)، راجڪوٽ، جهونا ڳڙهه ۽ ڄام نگر جهڙا ڪيترائي شهر مندرن کان مشهور آهن. تاريخ جو مشهور مندر سومناٿ به هن ئي صوبي گجرات ۾ آهي. سومناٿ مندر کان نه فقط انڊيا جو ٻچو ٻچو واقف آهي پر اسلام جي نالي ۾ ٺهيل اسان جي ملڪ جو ٻچو ٻچو پڻ. انڊيا وارا ان ڪري جو سومناٿ مندر ننڍي کنڊ جو تمام مشهور، جهونو ۽ امير ترين مندر آهي (يا گهٽ ۾ گهٽ رهيو آهي) ۽ اسان جي ملڪ جا ان ڪري جو ان تي حملو ڪندڙ افغان محمود غزني کي جيڪو ظاهر آهي هندو، جين ۽ ٻين ڌرمن سان واسطو رکندڙ ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ هڪ ڦورو ۽ ڌاڙيل ئي ٿيو جو هنن جي عبادت گهرن کي تباهه ڪري مال ملڪيت کڻي ويو پر اسان جي تاريخدانن اسان جي لاءِ هن کي وڏو دلير، اعليٰ مسلمان، دولت تي نه وڪامڻ وارو ڪري پيش ڪيو آهي. افغانستان کان هو پنهنجا سپاهي ۽ ٽيهه هزار گهوڙي سوار رضاڪار وٺي سڄو جهان لتاڙي عربي سمنڊ جي ڪناري تي جهونا ڳڙهه صوبي جي وڏي شهر ۽ بندرگاهه ويرا وال جي ڀر ۾ ٺهيل سومناٿ مندر تي حملو ڪيو. هن ان ۾ ٽنگيل بُت کي ڀڃڻ ٿي چاهيو. هو پاڻ سچو مسلمان هو. هن نٿي چاهيو ته ڪنهن بُت جي پوڄا ٿئي سو هن تير ڪمان سان بُت کي ڀڃڻ ٿي چاهيو. مندر جا پوڄاري ۽ ٻاوا سندس قدمن تي ڪري پيا.
”توهان اسان جي ديوتا جي مورتي کي ڀڃي ڀور ڀور نه ڪريو. اسان توهان کي دولت ۾ توري ڇڏينداسين”.
پر محمود عزني نه مڃيو. ظاهر آهي هو سچو مسلمان هو. هن وراڻيو ”آئون بُت فروش نه آهيان. آئون بُت شڪن آهيان”. (يعني آئون بُت وڪڻڻ وارو نه آهيان پر بُت ڀڃڻ وارو آهيان). ننڍي هوندي حيدرآباد ۾ محمود غزني نالي ڊرامو اسان فقير جي پڙ ۾ ڏٺو هو، جيڪو همراهه ڏاڙهي لڳائي محمود غزني ٿي آيو هو ان جنهن وقت اهي جملا چيا ته ڏسندڙ ڪا دير تاڙيون وڄائيندا رهيا ۽ واهه واهه ڪندا رهيا. ”ڇا ته محمود غزنيءَ ورندي ڏني!” هر هڪ ٿي چيو.
بهرحال اسان جي تاريخن جي ڪتابن ۾ آهي ته محمود غزنيءَ هندن جي مال ملڪيت جي آفر کي ٺڪرائي تير کي ڇڪي ان بت کي هنيو ته اهو ٽڪرا ٽڪرا ٿي اچي پٽ ٿي پيو ۽ محمود کي جيڪا دولت مندر جا ٻاوا آفر ڪري رهيا هئا، ان کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ دولت جا هيرا جواهر بُت جي پيٽ مان نڪري آيا جيڪي ان ۾ لڪايا ويا هئا. محمود غزني ان دولت سان خرجينون ڀري پنهنجي وطن روانو ٿيو.
اها ڪهاڻي ۽ ڊرامو اسان تڏهن پڙهي ۽ ڏٺي جڏهن اسين چوٿين درجي ۾ هئاسين. اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ته محمود جي ڳوٺ غزني کان ٻي ڇيڙي تي جهونا ڳڙهه جي ڪنڊ ۾ هن مندر کان علاوه ڇا ڪو ٻيو مندر ۽ بُت هوئي ڪو نه جو هو ثواب کٽڻ لاءِ ايڏو ڪهي هو سومناٿ جو بت ڀڃڻ آيو ۽ ڇا بت ڀڃڻ سان ٻئي ڏينهن کان اوسي پاسي جي هندو بُتن جي پوڄا ڇڏي مصلا وڇائي نمازون پڙهڻ شروع ڪري ڏنائون ۽ ڇا محمود پاڻ مسلمانن جي لشڪر سان واٽن تي نمازون روزا رکندو، خير خيرات ڪندو پهتو هو؟ مندر جي هن بت مان مليل ۽ سون ۽ هيرا جواهر ۽ ٻيو قيمتي مال اتي جي ئي غريبن ۾ ڇو نه خيرات ڪري ڇڏيو؟ گهٽ ۾ گهٽ ملائيشيا پاسي اسلام ايئن ته نه پکڙيو. اتي عربستان، ايران ۽ ننڍي کنڊ کان آيل ماڻهن اچي نيڪ ڪم ڪيا، ڌنڌي ڌاڙي ۾ ايمانداريءَ جا مثال قائم ڪيا جن مان مڪاني ماڻهو Impress ٿي مسلمان ٿيا. تڏهن ته ننڍي کنڊ جا غيرمسلم اسلام تي اهو الزام هڻن ٿا ته اسلام تلوار جي زور تي پکڙيو
No comments:
Post a Comment