Sunday, February 20, 2011

دنيا جا خوبصورت مسافر جھاز - الطاف شيخ

دنيا جا خوبصورت مسافر جھاز

الطاف شيخ
گذريل صديءَ ۾ پئسينجر جهازن، سڀ کان گهڻا مسافر، يورپ ۽ آمريڪا وچ ۾ ڍوئيا. ٽائٽينڪ جهاز کان وٺي نارمنڊي ۽ “ڪُئين مئري ٽو” تائين ڇا ته اهي جهاز ٺهيا! اهي جهاز State of Art جي عڪاسي ڪن ٿا. اهي جهاز سترهين ارڙهين صديءَ جا عقوبت گهر نه هئا، جن ۾ آفريڪا جا شيدي غلام پورهئي خاطر آمريڪا، جانورن کان به خراب حالت ۾ ڍوئيا ويا ٿي. گذريل صديءَ جا پئسينجر جهاز جن مان ڪجهه اڃا به هلي رهيا آهن يا پراڻن کي ڊاهي ساڳي نالي سان نوان ٺاهيا ويا آهن، سمنڊ تي ترندڙ “فائيو اسٽار هوٽلون” آهن، جن ۾ مسافرن لاءِ اهڙين هوٽلن جهڙا ڪمرا، سئمنگ پول، انڊور ۽ آئون ڊوٽ راندين جا ميدان، شاپنگ سينٽر، ريسٽورنٽون ۽ پب ۽ ڊانس هال آهن. اهڙن سهڻن جهازن ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ جرمني، اٽلي، فرانس ۽ برطانيه اڳيان اڳيان رهيا آهن. هتي اسان انگلينڊ جي هڪ ٻن مسافر بردار جهازن جو ذڪر ڪنداسين، جو اسان جو ان ملڪ سان واسطو هجڻ ڪري، ان سان گهڻو لهه وچڙ ۾ آهيون ۽ انهن جا جهاز ڪڏهن ڪڏهن ننڍي کنڊ جي بندرگاهن: ڪراچي، ممبئي (بمبئي)، ڪولمبو، پينانگ ۽ سنگاپور به ايندا رهيا آهن.

 
ڪُئين مئري (Queen Mary) مسافر جهاز، 1936ع کان وٺي 1967ع تائين مسافرن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪارائيندو رهيو- يعني انگلينڊ ۽ نيويارڪ جي وچ ۾ هلندو رهيو. هي جهاز 1020 فٽ ڊگهو، 120 فٽ ويڪرو ۽ 180 کن فٽ اتاهون- يعني هر ماڙ 12 فٽ کن وٺجي ته به 10 ماڙ اتاهين عمارت جيڏو ٿيو، جنهن مان 40 فٽ کن سمنڊ اندر رهيو ٿي. جهاز کي هلائڻ لاءِ اسٽيم ٽربائين هئا ۽ جهاز جي رفتار 30 کن ناٽ (Knot) هئي، معنيٰ ڪلاڪ ۾ 30 کن ناٽيڪل ميل هليو ٿي، جيڪي پنهنجي خشڪيءَ جا 55 ڪلوميٽر ٿيندا. پاڻيءَ جي جهاز لاءِ اها تمام گهڻي رفتار مڃي وڃي ٿي. ان جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اَسي واري ڏهاڪي ۾ مون جيڪي جپان ۽ جرمنيءَ جا ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ جهاز هلايا انهن جي به 25 ناٽن کان مٿي رفتار نه هئي ۽ اڄ به عام جهازن جي اهائي رفتار رهي ٿي. فقط نيول (فوجي) جهاز ئي، انهن پئسينجر جهازن جي رفتار سان مقابلو ڪري سگهن ٿا.
هن جهاز ۾ جهاز هلائيندڙن ۽ ڪم ڪندڙن کان علاوه 2200 مسافرن جي سفر جي گنجائش هئي، جن مان 776 فرسٽ ڪلاس ڪئبن وارا ٻيا ٽوئرسٽ ڪلاس ۽ ٿرڊ ڪلاس جا مسافر سفر ڪري سگهيا ٿي. هي جهاز ڪُنارڊ (Cunard) جهازران ڪمپنيءَ اسڪاٽلينڊ جي جان برائون ڪمپنيءَ کان 1934ع ۾ ٺهرايو ۽ 1936ع کان هن سفر جي شروعات ڪئي. نه ته ان کان اڳ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ ماڻهن جرمنيءَ جي جهازن “بريمين” ۽ “يورپا” تي سفر ڪيو ٿي. انگلينڊ وارن “ڪُئين مئري” جهاز کان پوءِ يڪدم هڪ ٻيو جهاز “ڪُئين ايلزبيٿ” پڻ هلايو ۽ ٻئي جهاز گڏجي، هر هفتي ۾ ٻه دفعا ايڪسپريس سروس سرانجام ڏيڻ لڳا. يعني هڪ جهاز انگلينڊ کان آمريڪا روانو ٿيو ٿي ته، ان وقت ٻيو جهاز آمريڪا کان انگلينڊ لاءِ نڪتو ٿي. هي سلسلو ٻي وڏي لڙائي شروع ٿيڻ تائين هلندو رهيو. ان بعد هي ٻئي جهاز رنگ بدلائي آمريڪي فوجين کي انگلينڊ ڍوئيندا رهيا، پر هي سڀ ڪم لڪ ڇپ ۾ هلندا رهيا. جرمنيءَ جي اڊولف هٽلر ڪُئين مري جهاز کي ٻوڙڻ لاءِ اڍائي لک ڊالر انعام رکيا ۽ يو بوٽ جي ڪمانڊر کي “آئرن ڪراس” جو ايوارڊ ڏيڻ جو وعدو ڪيو، پر ڪنهن نموني سان هي پئسينجر جهاز بچندو رهيو ۽ جنگ جي خاتمي بعد هڪ دفعو وري ڪُئين مري انگلينڊ ۽ آمريڪا وچ ۾ مسافر کڻندو رهيو، پر پوءِ 1958ع کان جيئن ئي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ جيٽ هوائي جهاز جي شروعات ٿي ته، هنن پاڻيءَ جي جهازن ۾ مسافرن جو تعداد گهٽجڻ لڳو ۽ سٺ واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾- خاص ڪري سياري جي موسم ۾ ته اها وڃي حالت ٿي، جو ڪيئن مئري جهاز تي مسافرن جي تعداد کان گهڻا ته جهاز جي عملي جا ماڻهو نظر اچن لڳا. آخر 1967ع ۾ هن جهاز جو سفر بند ڪيو ويو، ڇو جو چڙهندڙ مسافرن جي ڀاڙي مان جهاز جي تيل پاڻي ۽ جهاز تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جا پگهار به نٿي نڪري سگهيا. جهاز کي وڪري لاءِ اعلان ڪيو ويو ۽ ڪيترين ئي اسڪرئپ ڪمپنين وڏا وڏا واڪ ڏنا- خاص ڪري جپان جي ڪمپنين، جن کي لوهه، ٽامي، پتل ۽ ٻين ڌاتن جي سخت ضرورت هئي. بهرحال آمريڪا جي هڪ ڪمپنيءَ جي هن نيلام ۾ جيت ٿي، جنهن هن جهاز کي ان وقت کان لانگ بيچ، ڪئليفورنيا ۾ اچي بيهاريو. هن جي مرمت ۽ تبديليون ڪري منجهس ريسٽورينٽون، ميوزم ۽ ڪئسينو ٺاهيا ۽ 1971ع کان اڄ تائين دنيا جا ٽوئرسٽ، هن “هڪ هنڌ بيٺل” جهاز تي گهمڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. منجهس W6RO (وسڪي سِڪس روميو آسڪر) نالي FM ريڊيو اسٽيشن به آهي.
سن ۱۹۶۷ع ۾ ڪُئين مري جهاز جي سروس بند ڪرڻ بعد، سندس ٻئي ساٿي جهاز “ڪُئين ايلزبيٿ” کي به ٻئي سال (1968ع) کان سروس مان ڪڍيو ويو. پر ڪُئين ايلزبيٿ پراڻي جهاز جي سروس ختم ڪرڻ بعد، ساڳي نالي سان نئون جهاز ٺاهي 1969ع کان شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين هلي رهيو آهي. پراڻو ايلزبيٿ فلڊلفيا (USA) جي هڪ سوداگرن جي ٽولي خريد ڪري، ان کي فلوريڊا جي بندرگاهه Port Everglades ۾ اهڙيءَ طرح هوٽل ڪري رکيو، جيئن ڪئليفورنيا ۾ ڪُئين مئري آهي. پر بدقسمتيءَ سان ايلزبيٿ جهاز تي باهه جا ڪجهه اهڙا حادثا ٿيا جو مالڪ گهٻرائجي ويا ۽ 1970ع ۾ هانگ ڪانگ جي هڪ تمام امير چيني سيٺ C.Y.Tung کي وڪڻي ڏنائون. هانگ ڪانگ جو هي چيني همراهه مسٽر ٽُنگ “اورينٽ اوور سيز لائين” جهازران ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر به آهي، هُن هِن جهاز کي هلندڙ چلندڙ يونيورسٽي ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ۽ هن جهاز جو نالو ڪُئين ايلزبيٿ ڊهرائي Sea wise University رکيو.
جهاز ۾ ليڪچر روم، لئبرريون ۽ ٻيون شيون ٺهڻ دوران، هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هن مرمت هيٺ آيل جهاز کي مختلف هنڌن تي باهه اچي لڳي، جيڪا باهه بعد ۾ دهشتگردي (Arson) سمجهي وئي. جيتوڻيڪ هي جهاز تانگهي پاڻيءَ ۾ بيٺو هو، پر باهه جي ڪري اونڌو ٿي ويو. هيءَ 1972ع جي ڳالهه آهي. جهاز سال ٻه ان اونڌيءَ پوزيشن ۾ ئي رهيو. 1973ع ۾ ٻه ٽي دفعا اسان جي ۽ اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي ٻين جهازن جو به هانگ ڪانگ ۾ اچڻ دوران، هن اونڌي ٿيل ڪُئين ايلزبيٿ جي ڀرسان بيهڻ ٿيو ۽ اسان هن جهاز جي زنگ لڳل جسم (Hull) ۽ ان تي ٽهيل سپن، کيکڙن ۽ ڪيترن سامونڊي ڪينئن ماڪوڙن جي ٺهيل گهرن ۽ سامونڊي گاهه (Sea growth) کي ڏسي، ننڍپڻ جو پڙهيل اهو شعر ياد ايندو هو ته: “کھنڈرات بتاتے ہیں عمارت عجیب تهی” هي اهو شان شوڪت وارو جهاز هو جنهن تي سڄي برطانيه کي فخر هو ۽ فقط ڏهه سال اڳ 1963ع ۾ تعليم دوران “مئرين اڪيڊمي، چٽگانگ” جي ڪلاس روم ۾ Ship construction جي پيرڊ ۾، انگريز پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن، هن جهاز جي بناوت ۽ شان بابت ليڪچر ڏيندو هو. “اڄ اهو جهاز ٽنگون ٽيڙي اونڌو ٿيو پيو آهي. رات جي وقت ته هن تي ڪا ميڻ بتي به نٿي ٻري. روشنين جي شهر جهڙي هن سمنڊ تي ترندڙ جهاز تي، هاڻ رات جي وقت اهڙي ته اونداهه ڪارونڀار رهي ٿي، جو ان جي ڀرسان ٻيڙيءَ ۾ لنگهندي ڊپ ٿو ٿئي.” مٿيون سٽون منهنجي 1973ع واري ڊائري جي هڪ صفحي تي لکيل آهن، جيڪي سٽون مون هانگ ڪانگ ۾ لنگر انداز ٿيل جهاز ايم وي چناب تي لکيون هيون. سن ۱۹۷۵ع جي شروع وارن مهينن ۾ هن جهاز کي اتي ئي اسڪرئپ ڪيو ويو يعني سندس لوهي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري، رديءَ جي اگهه تي ڪباڙين کي وڪيو ويو.
توهان جي جيمس بانڊ جي فلم The man with the Golden gun ڏٺي آهي ته ان ۾ هن اونڌي ٿيل “راڻي ايلزبيٿ” جهاز کي ضرور ڏٺو هوندوَ. هيءَ فلم 1974ع ۾ ٺهي هئي ۽ هن جهاز کي MI6 جو هيڊ ڪوارٽر ڏيکاريو اٿن.
“ڪُئين مئري” جهاز به ڪيترين ئي فلمن ۾ نظر اچي ٿو، خاص ڪري Pearl Harbour نالي فلم ۾. هن جهاز جي سروس مان نڪرڻ بعد هن نالي سان يڪدم ٻيو جهاز نه ٺهرايو ويو. “ڪُئين مئري ٽو” نئون جهاز جيڪو فقط QM2 به سڏجي ٿو، 2003ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ دنيا جو وڏو، ڊگهو ۽ ويڪرو پاڻيءَ جو مسافر جهاز آهي. پئسينجر جهاز QM2 تي سفر ڪندڙن لاءِ 15 ريسٽورنٽون ۽ بار (Bars) آهن. ان کان علاوه پنج سئمنگ پول، هڪ ڪسينو، هڪ ڊانس هال (Ballroom)، هڪ سئنيما هال ۽ ٿيٽر ۽ هڪ Planetarium آهي. جهاز کي هلائڻ لاءِ گئس ٽربائين ۽ ڊيزل انجڻيون ۽ چار پروپيلر آهن. هي جهاز انگلينڊ کان آمريڪا هلي ٿو.
جھاز QM2 پنهنجو پهريون سفر (Maiden Voyage) 12 جنوري 2004ع تي انگلينڊ جي بندرگاهه Southampton کان فلوريڊا ڪيو. هي جهاز اٺاويهين اولمپڪس ۾، جيڪي اٿينس (يونان) ۾ ٿيون، جهاز هوٽل طور يونان جي بندرگاهه Piraeus ۾ وڃي لنگر انداز ٿيو هو، جنهن تي برطانيه جو وزيراعظم ٽوني بليئر ۽ هن جي زال چيري، فرانس جو صدر Jacques Chirac، موجوده بش جو والد جارج ايڇ. ڊبليو بش ۽ آمريڪا جي باسڪيٽ بال ٽيم جا رانديگر ۽ ٻيا اهم ماڻهو، هن جهاز تي اولمپڪ راندين دوران ٻه هفتا رهيا.
گذريل سال QM2 سڄي دنيا جي چوڌاري 81 ڏينهن جي ٽرپ لڳائي. رستي تي سڊني (آسٽريليا) ۾ هن جهاز جي ڪمپنيءَ جي جهاز راڻي ايلزبيٿ سان به گڏجاڻي ٿي. هي پهريون دفعو هو جو هنن ٻن جهازن جي هڪ بندرگاهه ۾ ملاقات ٿي. هن کان اڳ 1941ع ۾ پراڻي مئري ۽ پراڻي ايلزبيٿ جهاز جي ملاقات هڪ بندرگاهه ۾ ٿي هئي، جڏهن هنن جهازن پئسينجر بدران فوجي پئي ڍوئيا.
مٿيان جهاز مئري ۽ ايلزبيٿ ڪنارڊ ڪمپنيءَ جا هئا. ڪنارڊ ڪمپني، انگلينڊ جي هڪ ٻي جهازران ڪمپني وائيٽ اسٽار لائين سان ملي، بزنيس ڪري ٿي. وائيٽ اسٽار لائين 1870ع کان وٺي پئسينجر جهازن کان مشهور آهي. هن جي ڪيترن ئي جهازن جي نالن جي آخر ۾ ic اچي ٿو، جيئن ته Oceanic جيڪو جهاز 1870ع ۾ ٺهيو ۽ ساڳي سال هڪ ٻيو جهاز ائٽلانٽڪ پڻ ٺهيو. اهڙي طرح ڪجهه ٻين جهازن جا نالا هن ريت آهن: ايشياٽڪ، ريپبلڪ، ٽراپڪ، ٽرئفڪ، عرئبڪ، ميجسٽڪ، مئگنيٽڪ، ٽائٽينڪ، برٽيانڪ وغيره وغيره.
انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا ويهين صديءَ جا مشهور ۽ پنهنجي زماني جا سهڻا جهاز، جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ تي هليا ٿي، سي هئا:
ڪئنبرا (1961ع جو جهاز)، ايمپريس آف ڪئناڊا (1960ع)، مائيڪل اينجلو (1965ع)، ماريطانيا (1939ع)، نارمنڊي (1935ع)، ايمپريس آف جپان (1930ع)، يورپا (1930ع)، سئڪسونا (1900ع)، ڪولمبس (1903ع)، لوسيتانيا (1907ع)، آمريڪا (1905ع)، اولمپڪ (1911ع) وغيره وغيره...



No comments:

Post a Comment