ٽائٽانڪ جھاز
ويھين صديءَ جي شروع ٿيڻ وارن ڏينهن جي سامونڊي نظاري جو تصور ڪجي ته، ڪاٺ جي وڏين ٻيڙين سان گڏ ڪيترا ئي وڏي سائيز جا لوھي جھاز، دنيا جي سمنڊن ۾ ھلڻ شروع ٿي ويا ھئا ۽ سامان (Cargo) وارن جھازن کان علاوه مسافر کڻڻ وارا “پئسينجر جھاز” به ھلڻ شروع ٿي ويا ھئا، جيڪي مسافرن کي يورپ کان يورپ کڻي وڃڻ کان علاوه آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي سير ۽ تفريح لاءِ کڻي ويندا ھئا. ھوائي جھاز ته اڃا نڪتا نه ھئا، جن ۾ ماڻھو ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ وڃن. ان ڪري غريب توڙي وڏا ماڻھو پاڻيءَ جي جھازن ۾ سفر ڪندا ھئا ۽ سچ ته انهن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي جھازن (Passenger Ships) جو وڏو اوج ھو ۽ انهن جھازن تي سير ڪرڻ وڏي ڳالھ (Status Symbol) سمجھيو ويو ٿي. دنيا جا امير ماڻھو، حسين فلم ائڪٽريسون، حاڪم، راجا، ڳائڻا، رانديگر، ھيرن جا واپاري، وڏا جاگيردار پنهنجين محبوبائن يا آل عيال سان گڏ پاڻيءَ جي جھاز تي سفر ڪندا ھئا. انهن جھازن کي ھلائڻ وارن جي به وڏي لئه ھئي، جو انهن کي سفر دوران وڏين ۽ اھم شخصيتن سان ملڻ جو موقعو مليو ٿي. (اسان ته جڏھن جھاز ھلائڻ شروع ڪيا ته ھوائي جھاز ايترا گھڻا، ايترو وڏا، ايترو تيز رفتار ۽ گھٽ ڀاڙي وارا ھلڻ لڳا جو آھستي آھستي مٿي ذڪر ڪيل اھم شخصيتن پاڻيءَ جي جھاز تي چڙھڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ وقت پوري ٿيڻ تي ڳريل يا ٻڏي ويل جھازن جي بدران نون جھازن جنم وٺڻ ڇڏي ڏنو. ظاھر آھي، مالڪن ڏٺو ته وڏا (امير) ماڻھو ھاڻ پاڻيءَ جي جھاز ۾ چڙھن ئي ڪونه ٿا، وڌيڪ مسافر جھاز ٺھرائڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ۽ ھاڻ ته اھڙي حالت آھي جو ڪراچي ۽ ڪلڪتي جي بندرگاھ ۾ ڪم ڪندڙ ڌمالي يا نيوڪئسٽل ۽ ڪيپ ٽائون جي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ به ھوائي جھاز ۾ ئي سفر ڪن ٿا) بهرحال! ويھين صديءَ جي شروعات ۾ پاڻيءَ جي جھازن جي بلي بلي ھئي. ڪنهن ڪمپنيءَ جو ھڪڙو جھاز ھليو پئي ته، ھن ٻئي جھاز کي به ٺھرائڻ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو ٿي. ھڪ پراڻو ٿي پنهنجي مقرر حياتي ختم ڪئي ٿي ته، مالڪن ان ھڪ بدران ٻه مسافر ٺھرايا ٿي، جو ڏينهون ڏينهن سير يا سفر ڪرڻ وارن سياحن ۽ مسافرن جو تعداد وڌي رھيو ھو. وڏيءَ ڪمائيءَ کان علاوه جھازران ڪمپنين ۽ مالڪن جي وڏي لئه ۽ ناموس ھئي. جھاز سڙھن (Sails) تي ھلڻ بدران ٻاڦ تي ھلندا ھئا. يعني ھوا ۽ سامونڊي لھرن جي رحم وڪرم تي ڀاڙڻ بدران، جھاز ھلائڻ واري طاقت ٻاڦ ھٿ ۾ ھئي. جھاز جي جنهن وقت وڻي رفتار گھٽائي وڌائي سگھجي ٿي ۽ جھاز کي ساڄي کاٻي موڙڻ پڻ آسان ٿي پيو ھو.
جھاز جو پنکو (Propeller) جنهن جي ھلڻ سان جھاز اڳتي وڌي ٿو، ٻاڦ تي ھلندڙ اسٽيم انجن (يعني پسٽن ۽ سلينڊر واري انجن) يا ٽربائين (ججھن پرن واري پنکي تي ٻاڦ جو ڦوھارو ھڻي ھلائڻ واري مشين) ذريعي ھلايو ويو ٿي. (پوءِ ٻن ٽن ڏھاڪن سالن بعد ڊيزل انجڻ به عام ٿي وئي، جنهن ۾ تيل سنئون سڌو سلينڊر اندر وجھي ساڙيو ويو ٿي ۽ ڌار ٻاڦ ٺاھڻ وارن بئالرن جي تڪليف کان بچاءُ ٿي ويو.)
ويھين صديءَ جي انهن شروعاتي سالن ۾ (جڏھن ٽائٽانڪ جھاز جنم ورتو ھو) پئسينجر (مسافر) جھاز کان ٻه ڪمپنيون تمام مشھور ھيون: وائيٽ اسٽار (سفيد تاري واري) ڪمپني ۽ ڪنارڊ (Cunard) جنهن جا راڻي ايلزبيٿ ۽ ميري نالي جھاز ھينئر به ھليا پئي.
ٻئي جھازران ڪمپنيون انگلينڊ جون ھيون ۽ ٻنهي جو پاڻ ۾ وڏو مقابلو ھليو ٿي. ھر ھڪ چاھيو ٿي ته ھن جا مسافر کڻڻ وارا جھاز ٻي ڪمپنيءَ کان وڏا ھجن، سھڻا ھجن، تکا ھلندڙ ھجن ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ ته وڏيءَ سلامتيءَ وارا ھجن ۽ ھر وڏو ماڻھو ان ڪمپنيءَ جي جھازن ۾ چڙھي. جھاز تي پھرين فقط مسافرن جي رھڻ لاءِ ھنڌ بسترا ھئا. ھنگڻ مٽڻ لاءِ جھاز جي ڇيڙي تي تڏھن تونئرين جي اڏاوت ھوندي ھئي، جتي وڃي ھرڪو فارغ ٿي ايندو ھو. نه ڪموڊ، نه پائيپ، نه گٽر سسٽم، نه ڇڪڻ جي زنجير، ھر ڪم ڊائريڪٽ ھو. يعني مٿي مسافر سوراخ واري تختي تي ويٺو آھي ۽ ھيٺان سمنڊ پيو وھي. پر پوءِ ته سائين جيئن جيئن مسافرن جو معيار ۽ ٽڪيٽ جو اگھ وڌندو ويو ته جھاز به ان مطابق اعليٰ کان اعليٰ ٿيندا ويا. سڀني مسافرن کي ڳاھٽ ڪري ھڪ ڊيڪ تي رھائڻ بدران، جھازن تي ٽي ٽي چار چار ماڙيون ٺھي ويون، جن تي اڪيلن لاءِ، جوڙن جوڙن لاءِ ۽ ٻارن ٻچن سان رھڻ وارن لاءِ خوبصورت ڪمرا ۽ اٽيچڊ باٿ ٺھي ويا. مسافرن جي سھوليت ۽ وندر لاءِ جھازن تي ڪلب، سئمنگ پول، راندين جا ميدان ۽ ڪمرا، ھوٽلون ۽ انهن ۾ ناچ گاني جي بندوبست لاءِ خوبصورت ڳائڻيون ۽ خذمتگار ڇوڪريون رکيون ويون. فرانس، اٽلي، اسپين وارن جا جھاز پڻ دنيا جي سمنڊن تي ھليا پئي، پر وڏي لئي انگلينڊ وارن جي ھئي، جنهن جي بادشاھ يا راڻي جي حڪومت ڌرتيءَ جي چوڌاري ھئي ۽ جنهن جي حڪومت جي سج لھڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. ٻيا مسافر ته ٺھيو، سندن ملڪ جا انگريز ئي ايترا ھئا، جو ھنن جا جھاز مسافرن سان ھر وقت ٽٻ ٿي ٿي ھليا. ھر ڪمپنيءَ جڏھن نئون جھاز ٿي ٺھرايو ته پھريان کان بهتر ٿي ٺھرايو ۽ خاص ڪري سندس مقابلي جي ڪمپنيءَ جي جھازن کان ته ھر صورت ۾ گوءِ کڻي وڃڻ ٿي چاھيو.
سن ۱۹۰۷ع ۾ ڪنارڊ ڪمپنيءَ ٻه تمام وڏا ۽ تيز رفتار مسافر جھاز ھلائڻ شروع ڪيا. ھڪ ٻٽيھ ھزار ٽن وزني (ھڪ ٽن ۾ اٺاويھ مڻ ٿين ٿا) “لوسيتانيا” نالي ۽ ٻيو ٽيٽيھ ھزار ٽن وزن جو “موريطانيا” نالي جھاز. ٻنهي جھازن تي ٻاڦ وارا ٽربائين لڳل ھئا. جھاز ٺھرائڻ وقت مالڪن پنجويھ ناٽ رفتار لاءِ آرڊر ڏنو ھو، پر پوءِ ٺھي راس ٿيڻ مھل ورتل چڪاس (Trial) ۾، توڙي بعد ۾ ان کان به گھڻي رفتار سان ھليا ٿي. ڪنارڊ (Cunard) ڪمپنيءَ جي انهن جھازن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ، مخالف ڪمپني “وائيٽ اسٽار” ان کان به وڏا اٽڪل چاليھ ايڪيتاليھ ھزار ٽن وزن جي ٽِن جھازن جو آرڊر ڏنو، پر ھنن جي رفتار ٿوري گھٽ ٻاويھ ناٽ کن رکرائي. اھي ٽي جھاز ھئا: اولمپڪ، ٽائٽانڪ ۽ جائگئنٽڪ (Giagantic). جائگئنٽڪ جھاز جو نالو بعد ۾ بدلائي برٽانڪ (Brittanic) رکيو ويو. برٽانڪ جھاز ٺھڻ بعد وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ پاڻ ھلائڻ بدران وڪڻي ڇڏيو ۽ مسافر جھاز ٿي ھلڻ بدران اسپتال ٿي ھليو ۽ ڪجھ سالن بعد ڀؤنج سمنڊ (Mediterranean) ۾ مائين (Mine) يا ٽارپيڊو لڳڻ ڪري ٻڏي ويو.
اولمپڪ جھاز جنهن 1911ع ۾ ھلڻ شروع ڪيو، ڇھ ست مھينن بعد (1912ع جي شروع ۾) انگلينڊ نيوي جي ھڪ جنگي جھاز سان ٽڪرائجڻ ڪري ڌڪجي پيو ۽ مسافر کڻڻ بدران خشڪ گوديءَ ۾ مرمت لاءِ ڇھ مھينا کن اچي بيٺو. ھي اھو وقت ھو جو جھاز جي مرمت پوري ٿيڻ تائين جھاز جي مالڪن، ھن جھاز تان ڪئپٽن (اي، جي، سمٿ)، چيف آفيسر ۽ ٻين کي اولمپڪ جھازن تان بدلي ڪري ٽائٽانڪ جھاز ھلائڻ لاءِ موڪليو، جن بدقسمتيءَ سان پھرين ئي سفر ۾ جھاز کي ٻوڙيو ۽ ٻڏڻ وقت اولمپڪ جھاز جي مرمت مڪمل ٿي چڪي ھئي ۽ ٽائٽانڪ جھاز جي مسافرن کي جن جھازن بچايو، اولمپڪ انهن مان ھڪ ھو.
ھر نئون جھاز ٺھي راس ٿيڻ مھل چڪاس خاطر کلئي سمنڊ ۾، ھر رفتار ۽ ھر نموني سان ھلايو ويندو آھي ته، ڪٿي ڪو نقص ته نه رھجي ويو آھي. انگلينڊ جي “ھارلئنڊ ۽ وولف” جھازساز ڪمپنيءَ بيلفاسٽ شھر ۾ 3 مئي 1911ع تي ھن جھاز يعني ٽائٽانڪ جھاز جو لوھي ڍانچو مڪمل ڪري، خشڪي تان ترڪائي پاڻيءَ ۾ آندو. ان بعد ڏھ يارھن مھينا کن ان ۾ جھاز جو پنکو ھلائيندڙ انجڻ ٽربائين ۽ ٻيون مشينون لڳنديون رھيون. ڪمرا، ھوٽلو ۽ ان ۾ استعمال ٿيڻ جو فرنيچر ۽ ٻيو سامان ٺھندو رھيو. ٻي اپريل 1912ع تي صبح جو ڇھين بجي ٽائٽانڪ آخري چڪاس (Sea Trial) لاءِ جھاز جي مالڪن، جھاز ھلائيندڙن ۽ جھاز ٺاھيندڙن سان گڏ بيلفاسٽ بندرگاھ مان نڪتو. ھر شيءِ کي چيڪ ڪيو ويو ۽ شام جو وري بندرگاھ ۾ آيو، جتي جھاز ٺاھيندڙ مستري مزدور لٿا ۽ جھاز مالڪن حوالي ڪيو ويو.
نئون جھاز مالڪن حوالي ڪرڻ بعد به ھڪ ٻه ماڻھو، جھاز ٺاھيندڙ ڪمپني، ان جھاز تي سال کن لاءِ رکندي آھي، جيئن ڪا ڪمي پيشي ھجي ته اھي درج ڪندا رھن. سو ھارلئنڊ ۽ وولف جھاز ساز ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿامس (جنهن ھي جھاز ٽائٽانڪ ڊزائين ڪيو ھو) جھاز تي ئي ترسي پيو، جنهن کي ھاڻ مسافر کڻي نيويارڪ وڃڻو ھو. (جھاز جي حادثي ۾ اھو ايم ڊي ۽ ڪجھ ٻيا شپ يارڊ جا انجنيئر پڻ فوت ٿي ويا)
بيلفاسٽ مان نڪرڻ بعد جھاز سائوٿمپٽن جي بندرگاھ ۾ پنهنجي پھرين سفر (Maiden Voyage) جي تياري لاءِ آيو. ظاھر آھي جھاز ٺاھڻ وارا فقط جھاز ٺاھي ڏيندا – تيل پاڻي، کاڌو پيتو، ھنڌ بسترا ته نه ڏيندا. اھي شيون مالڪ يا انهن جا نمائندا: جھاز ھلائيندڙ آفيسر يا جھاز جو ڪاروبار ھلائيندڙ ايجنسي وٺندي آھي. انهن ڏينهن ۾ جھاز تي ٻارڻ لاءِ تيل بدران ڪوئلو استعمال ٿيندو ھو. انگلينڊ ۾ ڪوئلو جام آھي پر ٽائٽانڪ جھاز جي بدقسمتي چئجي، جو انهن ڏينهن ۾ ڪوئلي وارن جون اسٽرائيڪون ھلي رھيون ھيون ۽ پوءِ بندرگاھ ۾ بيٺل وائيٽ اسٽار جھازران ڪمپنيءَ جي ٻين جھازن کان ٿورو ٿورو ڪوئلو اوڌر تي وٺڻو پيو. پوءِ به جيترو ڪوئلو کتو ٿي، اوترو ملي نه سگھيو ۽ ٽائٽانڪ کي گھٽ ڪوئلو کڻي Sail ڪرڻو پيو.
جھاز جي لنگر کڻڻ ۽ سائوٿمپٽن بندرگاھ ڇڏڻ جي تاريخ اربع ڏينهن 10 اپريل (1912ع) مقرر ڪئي وئي ھئي ۽ وقت اندر مسافر ۽ مال جھاز تي چڙھي ويو. ڪابه اھڙي تهڙي ڳالھ نه ٿي. جملي ٻه ھزار ٻه سؤ پنجٽيھ مسافر چڙھيا، جن ۾ 337 فرسٽ ڪلاس جا، 271 سيڪنڊ ڪلاس جا، 712 ٿرڊ ڪلاس جا ۽ جھاز ھلائيندڙ ۽ ٻيو عملو 915 ڄڻا ھئا. مسافرن ۾ چون ٿا ته ڪيترا ئي امير ماڻھو ھئا. ڏھ کن ته ڪروڙ پتي آمريڪن ھئا، جيڪي انگلينڊ گھمڻ بعد ھاڻ پنهنجي ملڪ آمريڪا موٽي رھيا ھئا. باقي ماڻھو مشھور شخصيتون ائڪٽر، ائڪٽريسون، سياستدان، وڏين نوڪرين وارا، سرڪاري ڪامورا ۽ واپاري ھئا. انهن مسافرن ۾ اولمپڪ جھاز جا به مسافر ھئا، جنهن جو جنگي جھاز سان ٽڪر ٿي پيو ھو ۽ مرمت ھيٺ ھو ۽ ڪجھ مسافر ساڳيءَ ڪمپنيءَ جي ھڪ ٻئي جھاز “اوشنڪ” جا به ھئا، جنهن جھاز ڪوئلو نه ملڻ ڪري پنهنجو نيويارڪ وڃڻ جو سفر ڪئنسل ڪري ڇڏيو ھو. مسافرن کان علاوه جھاز تي ٽپال جا ٽي ھزار کن ٿيلھا، ڇھ ھزار ٽن ٻارڻ ۽ ٻاڦ ٺاھڻ لاءِ ڪوئلو ۽ مسافرن جو ھزار کن ٽن سامان ۽ ڪارگو ھو. چيو وڃي ٿو ته جھاز تي چڙھيل مسافرن جي سامان ۾ ڪيترا ئي قيمتي ھيرا جواھر ۽ ڳھھ ڳٺا ھئا. (پر سخت ڳولا بعد به ايتري مال ملڻ جي پڪ ٿي نه سگھي آھي، جو ٻڏل جھاز کي سمنڊ جي تري مان ڇڪائي ٻاھر ڪڍائڻ جو خرچ ڪجي)
ٽائٽانڪ جھاز جو سائوٿمپٽن مان نڪرڻ به حادثي کان خالي نه رھيو. ٽگن کيس ڇڪي بندرگاھ کان ٻاھر ڪڍيو ۽ ھاڻي پنهنجي انجڻ ذريعي رفتار وڌائي رھيو ھو ته (اتي چئنل ۾ ئي آمريڪن لائين ڪمپني جو “نيويارڪ” نالي بيٺل جھاز ڀرسان اچي لنگھيو. سوڙھي چئنل مان ٻن جھازن جي چوچ ۾ اٿيل لھرن “نيويارڪ” جھاز کي ڍڪي طرف کڻي ڌڪو ڏنو ۽ ھن جا پويان رسا ڇڄي پيا. ٽائٽانڪ جھاز يڪدم کڻي پنهنجي انجڻ بند ڪئي ۽ “نيويارڪ” جھاز سان ٽڪرائجڻ کان بچي ويو. بهرحال! اتان نڪرڻ بعد ٽائٽانڪ جھاز چربورگ ۽ پوءِ ڪئنس ٽائون (آئرلينڊ) پھتو، جتي ڪجھ مسافر لٿا ۽ ڪجھ چڙھيا ۽ پوءِ خميس ڏينهن (11 اپريل 1912ع) منجھند جو ٻي وڳي ڪئنس ٽائون (Queens Town) کان نيويارڪ ڏي روانو ٿيو.
برطانيه ۽ نيويارڪ (آمريڪا) جي وچ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آھي ۽ اڄ به ان رفتار وارا جھاز چئن پنجن ڏينهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪريو، ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃيو نڪرن. دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته نيويارڪ ۽ انگلينڊ (برطانيه) آمھون سامھون لڳن ٿا، پر اھو ائين ڪاغذ جي نقشي تي لڳي ٿو. ڌرتي ڪاغذ وانگر سڌي ناھي، پر بال وانگر گول آھي. ان ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪرڻ لاءِ ڪجھ گولائي وٺڻي پوي ٿي. حقيقت ۾ ٽائٽانڪ جي ڏينهن کان وٺي – بلڪ ان کان به اڳ کان انگلينڊ کان آمريڪا وڃڻ لاءِ، ٻه ٽي رستا عام ھئا، ۽ اڄ به اھي ئي اختيار ڪيا وڃن ٿا. انهن مان ھڪ Great Circle وارو رستو سڏجي ٿو، جنهن ۾ ٿورو اتراھون پاسو ڏئي، سمنڊ پار ڪرڻ ۾ سمنڊ اندر ڇوليون (ڪرنٽ)، ڪن ۽ سمنڊ مٿان لڳندڙ ھوائون جھاز لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿيون ۽ بهتر رفتار ۽ گھٽ لوڏن سان جھاز دنيا جي ٻئي پاسي کان وڃيو نڪري. ٽائٽانڪ جھاز به اھو ئي رستو “گريٽ سرڪل” وارو ورتو ۽ جنهن رستي جھاز Fastnet Rock نالي ٻيٽ (42oN, 47oW) کان لنگھي Nantucket ٻيٽ وٽان ٿي، نيويارڪ پھچي ٿو. اھو روٽ اتر قطب واري برفاني علائقي کان ٻاھر آھي، پر بهرحال ڪن ڪن ھنڌن تي سال جي ھنن ڏينهن ۾ برف جون ڇپون Ice berg نظر اچن ٿيون.
خميس ڏينهن ٻي بجي ڌاري ھي ٽائٽانڪ جھاز آئرلينڊ جي شھر ڪئنس ٽائون مان نڪتو. شام جو ڊنر تي سڀني مسافرن کي ھڪ ٻئي سان ملڻو ھو. وائيٽ اسٽار ڪمپني اعليٰ مسافرن ۽ اوچي کاڌي کان مشھور ھئي. سڀ مسافر سٺا ڪپڙا پائي، رات جي مانيءَ تي آيا. کاڌي جي دوران ملڪ جي بهترين بئنڊ ميوزڪ وڄائيندي رھي. جھاز جو ڪئپٽن ۽ ٻيا آفيسر مسافرن سان مليا ۽ خبر چار ڪيائون. کاڌي بعد شراب ۽ ڊانس پارٽي ھلندي رھي. موسم صاف سٿري ھئي، سو جھاز کي لوڏا نه پئي آيا. پر جي اچن به ھا ته به مسافرن جي خوشين ۾ ڪو فرق نه اچي ھا، ڇو جو جھاز ھلائيندڙن ۽ جھاز ۾ چڙھيل مسافرن کي خبر ھئي ته، وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ پنهنجي ڪمپني ۽ ملڪ جو نالو ۽ ساک مٿاھين رکڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري ھي جھاز اھڙو ٺھرايو آھي، جنهن جي ست اٺ مختلف حصن مان ڪنهن ۾ به جيڪڏھن پاڻي ڀرجي وڃي، ته به ھي جھاز ھرگز ٻڏي نٿو سگھي. ھڪ حصو ته ٺھيو، پر ٽي حصا ڦاٽي پون ۽ پاڻي انهن سڀني ۾ ھليو وڃي (جيڪو آھي ته ناممڪن ڇو جو ڪو ٻيو جھاز پاسي کان اچي ٽڪر ھڻندو ته به فقط ھڪ حصو ڦاٽي پوندو ۽ ان ۾ ئي پاڻي ڀرجي سگھندو. سو جي ٻه ٽي حصا به ڦاٽي پون) ته به جھاز ٻڏي نه سگھندو ۽ واقعي اھا حقيقت آھي جو ان ۾ بيانسي (Bouyancy) جو حساب ڪتاب ڪجھ ان ريت رکيو ويو ھو. (اھو حساب ائين آھي، جيئن لوھي دٻي جي تر ۾ ھڪ وڏو ڦوڪڻو ھوا سان ڀري ٻڌي ڇڏجي، پوءِ ان کي ڪنن تائين پاڻيءَ سان تار ڪبو، ته به اھو دٻو پاڻيءَ ۾ اندر ٻڏي نه سگھندو. سو ٽائٽانڪ ۾ به اھڙو حساب رکيو ويو ھو ۽ ٻه ٽي حصا پاڻي ڀرجڻ تي اھو ڪجھ ھيٺ ٿي سگھيو ٿي، پر ٻڏي نٿي سگھيو. شايد ان “حد کان وڌيڪ” ڀروسي ڪري (يا اڃا پھريون ڏينهن ھجڻ ڪري) جھاز ٻڏڻ تي جھاز ۾ رکيل Life Boats (ٻيڙيون) به چڱيءَ طرح نه ڏٺيون ويون ھيون ۽ اھو ئي سوچيو پئي ويو ته جڏھن جا مينهن تڏھن جون چڪون. جڏھن جھاز ٻڏندو، تڏھن ڏٺو ويندو ۽ ھينئر ڪھڙو ٿو ٻڏي.
ڪنهن کي ڪھڙي خبر ته قسمت ۾ ڇا لکيل آھي؟ اھو جھاز جنهن جي ٺھڻ وقت کان سڄي دنيا کي ٻڌايو پئي ويو ته، ھي جھاز ٻڏي نه سگھندو، ٻين لفظن ۾ ٽائٽانڪ جھاز Unsinkable آھي، اھو ائين ٻڏي ويو ڄڻ ڪو خواب ھجي. ھو ڇا چوندا آھن ته قدرت چاھي ته ٻڏا ٻيڙا به پار اڪاري ڇڏي. پن ٻوڙين پاتال ۾ پھڻ تارين تون وارو حساب آھي. ڪنهن کي خبر ته جھاز جو ھڪ نه ٻه پر ذري گھٽ سڀ حصا ڦاٽي پوندا ۽ جھاز ڏسندي ئي ڏسندي ٻڏي ويندو. جان بچائڻ لاءِ ٻيڙين جو وڏو تعداد ھوندي به مونجھاري ۾ انهن جو چڱيءَ طرح استعمال ٿي نه سگھندو ۽ ڪيترا مسافر مرڻ گھڙيءَ تائين ٽائٽانڪ جو ٻڏڻ چرچو سمجھندا رھندا. شايد ھڪ اھو به سبب آھي جو ٽائٽانڪ جو ٻڏڻ ھڪ اھم خبر ۽ واقعو چيو وڃي ٿو ۽ ٽائٽانڪ کي وڏي اھميت ڏني وئي آھي، نه ته پاڻيءَ وارا جھاز ته اڄ ڏينهن تائين ڪيترا ئي ٻڏندا رھن ٿا.
عام طرح جھازن جي ٻڏڻ جا ڪجھ سبب ھي آھن:
1. جھاز پراڻو ٿي وڃي. ڏھ پندرھن سال سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ رھڻ ڪري ڪٽ لڳڻ سبب ان جون لوھي پليٽون ڳري سڙي وڃن ۽ پوءِ ھڪ ڏينهن اوچتو سمنڊ جي تکي ڇول ۾ جھاز جي پاسن يا تري جون ڳريل چادرون اکڙي وڃن ۽ سمنڊ جو پاڻي اندر گھڙي وڃي. ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ کان پوءِ جيڪي سخت قائدا ٺاھيا ويا، انهن موجب جھاز جون لوھي چادرون ٿلھيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون ۽ ھر پنجين پنجين سال ھڪ ھڪ پليٽ جي چڪاس ڪئي وڃي ٿي ۽ ٿورو ئي ڳرڻ تي ان جو وڏو حصو ڪٽي، نئين پليٽ لڳائي وڃي ٿي. اڄڪلھ ان سبب ڪري گھٽ جھاز ٻڏن ٿا، پر ٽائٽانڪ وارن ڏينهن ۾ اھي حادثا عام ھئا.
2. جھاز جو ٽڪر ٿيڻ تي ڀڄي پوڻ ۽ پاڻيءَ جي اندر گھڙي اچڻ ڪري ٻڏي وڃڻ. اھو ٽڪر سامھون ايندڙ ٻئي جھاز سان به ٿي سگھي ٿو. کاٻي يا ساڄي کان ايندڙ جھاز پاسو چيري سگھي ٿو. سامھون ڪنهن ٻيٽ تي جھاز چڙھي وڃي ۽ سندس سڄو ترو رھڙجي وڃي. سامھون سمنڊ اندر يا ڪجھ ٻاھر نڪتل ٽڪريءَ سان وڃي لڳي. برف جي ڇپن سان لڳڻ ڪري جھازن جو ڀڄي پوڻ پڻ ھڪ عام ڳالھ ھئي، جيئن ٽائٽانڪ جھاز جو سمنڊ ۾ ترندڙ برف جي ڇپ (Ice berg) سان ٽڪر ٿيڻ ڪري حادثو ٿيو ۽ قسمت جي بدنصيبي اھا ته ان برف جي ڇپ جي موجودگيءَ جي اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي ھئي ۽ جھاز ھلائڻ واري نيويگٽر (فرسٽ آفيسر) ٽائٽانڪ کي ان ترندڙ برف جي جبل کان جھاز کي ذري گھٽ پاسو ڪرائي ورتو ھو. پر پري ٿيندي ٿيندي جھاز جو سڄو ساڄو پاسو (جنهن کي جھازي زبان ۾ اسٽار بورڊ سائيڊ سڏجي ٿو) برف جي ڇپ (Ice berg) سان اھڙو ته بريءَ طرح رھڙيو، جو ٽائٽانڪ جھاز جي ان پاسي جون سموريون لوھي چادرون ڇوڏن وانگر چيرجي ويون ۽ پاڻيءَ اندر ڌوڪي پيو.
جھاز ھلائيندڙ جيتوڻيڪ سمجھي ويا ته جھاز جي پاسي کي نقصان رسيو آھي، پر ھنن کي ايڏي پرواھ نه ھئي جو جھاز جيڪو ڇھن ستن حصن ۾ ورھايل ٿئي ٿو، ان جي ھڪ حصي ۾ پاڻي اچڻ ڪري ٿورو چٻو (پاسيرو) ته ضرور ٿئي ٿو، پر ٻڏي نٿو ۽ ٽائٽانڪ جھاز ته اھو اڻ ٻڏندڙ (Unsinkable) جھاز ٺاھيو ويو ھو جنهن کي اھڙا برف جا جبل يا جھاز ھڪ بدران ٻه ٽي اچي پاسي کان ٽڪر ھڻن ۽ جھاز جا اھي ٻه ٽي حصا پاڻي سان ڀرجي وڃن، ته به جھاز ٻڏي نه سگھي! پر قدرت کي ته ڪجھ ٻيو ئي منظور ھو. جيئن چوندا آھن ته، ‘بندي جي من ۾ ھڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي’ يعني Man proposes God disposes وارو حساب ھو. جھاز ٺاھيندڙن يا ھلائيندڙن اھو سوچيو به نه ھو ته، ھڪ ئي برف جي ڇپ جھاز جي پاسي سان اھا ويڌن ڪندي جو ٻه يا ٽي بم به نه ڪري سگھن. جيئن جيئن جھاز ۾ پاڻي ڀربو ويو، جھاز سمنڊ ۾ ويو ٻڏندو. جھاز ھلائيندڙن توڙي مسافرن جا ھوش خطا ٿي ويا. بلڪ سندن ھوش ته پھرين ئي خطا ٿيل ھئا، جو شام واريءَ پارٽيءَ ۾ سڀ پي اھڙو مست ۽ بي اونو ٿي ويا ھئا جو کين سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڇا وھي واپري رھيو آھي ۽ پوءِ جيئن جيئن حالتن جو جائزو وٺڻ لڳا ته ڊيڄاريندڙ صورت سندن اکين آڏو اچڻ لڳي ته مار! جھاز جو ھڪ يا ٻه حصا نه، پر پنج ڇھ ئي حصا ڦاٽي پيا آھن ۽ جھاز پيو وڃي سمنڊ اندر گھڙندو. الو رک ڌڻي!
انهن ڏينهن ۾ پري جي شيءِ ڏسڻ لاءِ فقط دوربين (Telescope) ھوندو ھو. اڄ وانگر رڊار يا ٻيون اھڙيون شيون نه ھيون، جن سان بند ڪمري اندر ويھي، ٽيھ چاليھ ميل پري جون شيون، نه فقط سمنڊ جي مٿان، پر سمنڊ اندر پڻ ڏسي سگھجن ٿيون. انهن ڏينهن ۾ ھڪ يا ٻه خلاصي جھاز جي اڳ واري کوھي (Mast) تي مٿي چڙھي، اتان وڃي ڏسندا ھئا ته سامھون ڪا اھڙي شيءِ ته نه اچي رھي آھي، جنهن سان جھاز لڳي ٽڪرائجي پوي. ان کوھي جي چوٽيءَ تي مينهن، جھڙ ۽ سيءَ کان بچڻ ۽ ويھڻ لاءِ ٿوري اڏاوت ٿيل ھوندي آھي، جنهن کي ڪانگ جو آکيرو (Crow’s Nest) سڏبو ھو. ٽائٽانڪ جھاز جي ان “ڪرو نيسٽ” تي ھڪ نه، پر ھر وقت ٻه ٻه ڄڻا Look out (جانچ لاءِ) بيٺا ٿي، جن برف جي ھن ڇپ کي چڱو اڳواٽ ڏسي ورتو ۽ سيٽيون ۽ بيوگل وڄائي “برج” تي بيٺل ھمراھن کي سامھون موجود خطري کان آگاھ ڪيو. (جھاز کي جنهن ھنڌ تي بيھي نقشن موجب ھلائجي ٿو، ان کي برج سڏجي ٿو) پاڻيءَ جي جھاز جي اھا خرابي آھي ته ان کي اڳيان يا پويان ته ھلائي سگھجي ٿو، پر بريڪ نه ھجڻ ڪري يڪدم ھڪ ھنڌ بيھارڻ يا اڳيان ھلندڙ جھاز کي بيھاري يڪدم پٺيان نٿو ھلائي سگھجي. ويندي ساڄي يا کاٻي پاسي موڙڻ ۾ به وڏي ڪاريگريءَ جي ضرورت پوي ٿي، جو ھڪ آفت جيڏي جھاز کي جيڪو اڌ پاڻيءَ ۾ آھي، اڌ ٻاھر، ان کي موڙڻ وقت رفتار ۽ Momentum کي ڌيان ۾ رکڻو پوي ٿو ۽ ٻيو سمنڊ مٿان ۽ اندر تکيون سامھونڊي لھرون ۽ ھوا جي ڦرندڙ گرندڙ رخ کي پڻ خيال ۾ رکڻو پوي ٿو. جھاز جو ڪئپٽن اي. جي. سمٿ تمام جھونو ڪئپٽن ھو ۽ ھو ھن کان اڳ ٽائٽانڪ جيڏو ئي اولمپڪ نالي جھاز ھلائي چڪو ھو، پر ھن دفعي ماڻھن جو موت لکيل ھو، سو برف جي ڇپ کان بچائيندي بچائيندي به، ان سان اھڙو گھڪو ڏياري ويو جو جھاز جي ٻڏڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيو. اھڙيءَ طرح وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ جي ٻيڙي (ٽائٽانڪ) ٻوڙي ڇڏيائين.
مٿي ٻڌايل سببن کان علاوه جھاز ٻڏڻ جا ڪجھ ٻيا به ڪارڻ آھن، جھڙوڪ: صحيح طرح سامان نه رکڻ. ھڪ ٽرڪ کي سڄو به سان ڀري پوءِ مٿان ڪار يا ٽريڪٽر جھڙي ڳري شيءِ رکبي ته ڇا ٿيندو؟ تيز رفتار ۾ موڙڻ سان ٽرڪ وڃي پٽ تي ڦھڪو ڪندي. اھڙي طرح پاڻيءَ جي جھاز ۾ به ھيٺان ھلڪو سامان رکي مٿان ڳرو رکڻ بعد جيڪڏھن سمنڊ يا موسم خراب ملي ته جھاز وڏي لوڏي بعد واپس سڌو ٿيڻ بدران، اونڌو ٿي ليٽي پوندو يا سامان کي چڱيءَ طرح نه ٻڌڻ سان به جھاز ٻڏي سگھي ٿو. ھونءَ ته جھاز وارا سامان کي رسين، ڪوڪن ڪلن، ڪاٺ جي چپرن سان اھڙو سوگھو ڪري ٻڌن ٿا، جيئن لڏي نه سگھي ۽ پوءِ به سمنڊ تي صبح شام ان جي چڪاس ڪندا رھن ٿا ۽ ڪابه رسي يا ڪلو ڍرو ٿيڻ تي سوگھو ڪن ٿا، پر ان معاملي ۾ ٿوري سستي ڪرڻ ۽ ويتر جي سخت طوفان تي رسا ٽٽڻ تي سامان جو ته نقصان ٿئي ٿو، پر ڪڏھن جھاز به ھڪ طرف جھڪي ٻڏيو وڃي، جو سامان جون ھزارين پيتيون، کوکا، دٻا، ڳٺڙيون، ڊرم پنهنجين جاين تان اڇل کايو ھڪ پاسي وڃيو ڍير ٿين ۽ جھاز ان پاسي جھڪيو ٻڏيو وڃي. ٽائٽانڪ جھاز به جڏھن سمنڊ ۾ اندر وڃڻ شروع ڪيو ته گھڻي جھڪاءَ ڪري سامان کلي ان پاسي ھليو ويو ۽ پوءِ ٻڏڻ ۾ وڏي جلدي ڪيائين.
جھاز تي ڪڻڪ، چانور يا ڪو ٻيو ان کڻڻ سان به جھاز ٻڏڻ جو خوف رھي ٿو. اناج ۾ پاڻي چوسڻ جي خاصيت آھي ۽ نه فقط چوسي ٿو، پر اڀامي به پوي ٿو. (ٿورا چانور رڌڻ سان ڪيترو گھڻو ڀت ٿئي ٿو) جھازن ۾ ٿورو به سيمو (Leakage) ٿيڻ تي سمنڊ جو پاڻي اندر وڃي گڏ ٿيڻ بدران (جنهن کي ٻيءَ صورت ۾ پمپن ذريعي ڪڍي سگھجي ٿو) اناج ۾ جذب ٿيو وڃي ۽ پوءِ اھو اناج ڏينهن ٻن اندر ايڏو اڀاميو پوي، جو ھيڪاندي دٻاءَ ڪري جھاز جون ڀتيون ڦاٽيو پون ۽ جھاز ٻڏيو وڃي.
باھ لڳڻ ڪري به جھاز تباھ ٿيو وڃي، پر افسوس جي اھا ڳالھ ته گھڻا جھاز باھ کان نه، پر باھ وسائڻ کان ٻڏندا آھن. باھ لڳڻ تي ان کي پاڻيءَ جي ڦوھارن سان وسايو وڃي ٿو. جھاز جي چوڌاري پاڻي ته جام آھي، سو ٿوري ئي ھمت ڪرڻ سان باھ وساميو وڃي ۽ پاڻيءَ کي پوءِ تري مان پمپ ذريعي ڇڪي ٻاھر سمنڊ ۾ واپس اڇلايو ويندو آھي، پر پمپ خراب ٿيڻ يا پائيپ چوڪ ٿيڻ تي اھو باھ جو وسايل پاڻي، اتي ئي رھجي ويندو آھي، جيڪو ھزارين ٽن وزن جو ٿئي ٿو ۽ موسم خراب ٿيڻ تي جھاز جي ٿوري ئي لوڏي تي اھو پاڻي لوڏي واري پاسي لڙھي، جھاز کي ان پاسي اھڙو جھڪائي ڇڏيندو آھي، جو وري مٿي اڀو ٿيڻ بدران اونڌو ٿيڻ لڳندو آھي.
ھونءَ پاڻيءَ جو جھاز ھوائي جھاز وانگر يڪدم ڦاٽي تباھ نٿو ٿئي. پاڻيءَ وارو جھاز ڪڏھن ڪڏھن ٻڏڻ ۾ ھفتو ھفتو يا مھينو به وٺي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ته ڏينهن اڌ ۾ ٻڏيو وڃي. جھاز جي ٻڏڻ تي ماڻھن جي بچاءَ لاءِ ھر جھاز تي ٻيڙيون ٿين ٿيون، جن ۾ اھڙن موقعن تي چڙھي پنهنجي جان بچائي سگھجي ٿي. مثال طور: ڪنهن جھاز ۾ مسافرن ۽ ھلائڻ وارن جو ڪل تعداد ٽي ھزار آھي ۽ ھر ٻيڙي ٽي سؤ ماڻھن واري آھي، يعني سڀ ماڻھو چڙھڻ لاءِ ڏھ ٻيڙيون گھرجن، پر جھاز تي ڏھ بدران ويھ ٻيڙيون رکبيون آھن. ڏھ ھڪڙي پاسي ته ڏھ ٻئي پاسي. ڇو جو ٻڏڻ مھل جھاز جنهن پاسي جھڪندو آھي، ان پاسي جون ٻيڙيون استعمال نه ڪري سگھبيون آھن، ان ڪري ھر جھاز تي مسافرن جي گھرج کان ٻيڻي تعداد ۾ ٻيڙيون رکيون وڃن ٿيون ۽ ھر ٻيڙيءَ ۾ مسافرن مطابق پاڻي، کنڊ، بسڪيٽ رکيا ويندا آھن، جيڪي ماڻھن لاءِ ٻه ٽي ڏينهن ھلي سگھن، جيسين ٻڏل جھاز جي سگنل تي اوسي پاسي کان ويندڙ جھاز بچاءَ لاءِ اچي سگھن.
بهرحال ماڻھن مطابق ٻيڙين جي تعداد تي اڄڪلھ سختي آھي. باقي ٽائٽانڪ وارن ڏينهن ۾ ڪو قائدو قانون يا وٺ پڪڙ نه ھئي. جھازن جي مالڪن جي مرضي تي ڇڏيل ھوندو ھو ته جيئن وڻين تيئن ڪن. ٽائٽانڪ جھاز تي مسافرن جي ٻچاءَ لاءِ ٻيڙيون ضرور ھيون، پر خوف ۽ ھراس ۾ مسافرن توڙي جھاز وارن کي ھوش ئي نه پئي آيو ته، ڪھڙي ٻيڙيءَ ۾ ڪيترن مسافرن جي ويھڻ جي قوت (Capacity) ۽ کاڌو پيتو (راشن) آھي؟ ھيڏي ھل ھنگامي تي به مسافرن کي پھرين سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڇا ٿي ويو آھي ۽ ڇا ڪرڻ کپي؟ ڪيترن کي ته خبر ئي نه پئي ته بوٽ ڊيڪ (جتان ٻيڙيءَ ۾ چڙھجي) ڪٿي آھي؟ ۽ شروع جون جيڪي ٻيڙيون لاٿيون ويون، انهن ۾ سؤ يا ڏيڍ سؤ ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش ھئي، پر پنجويھ ٽيھ کن ماڻھو مس ويٺا. اڄڪلھ ھر ٻيڙي (Life boat) تي لکيل ٿئي ٿو ته، ان ۾ ڪيترن ماڻھن جو راشن آھي ۽ اوترا ويھي سگھن ٿا، پر انهن ڏينهن ۾ ائين نه ھو. ويندي جھاز جي آفيسرن کي به خبر نٿي پئي ته ڪھڙي ٻيڙيءَ ۾ ڪيترا ماڻھو ويھن؟ جھاز کي به بندرگاھ مان نڪتي اڃا ڪو ڏينهن ٻه ٿيو ھو، سو جھاز جي آفيسرن اڃا نه ڊيوٽيون مقرر ڪيون ھيون (ته ڪھڙن جھازين کي ڪھڙي ٻيڙي ھلائڻي آھي؟) ۽ نه مسافرن کي مشق ڪرائي وئي ھئي ته ڪھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڪھڙا مسافر ويھندا؟ دراصل ھڪ ته جھاز نئون ٺھيو ھو ۽ ڪنهن ٿي سوچيو ته پھرين سفر جي شروع ٿيڻ تي ئي ٻڏي ويندو؟ سو به ھي جھاز ٽائٽانڪ جيڪو سامونڊي تاريخ ۾ اڻ ٻڏندڙ يعني Unsinkable جھاز ٺاھيو ويو ھو.
بهرحال افراتفري ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي حالت ۾ ٻيڙيون کٽي ويون. ماڻھو رھجي ويا، پر جيترا ماڻھو ھر ٻيڙيءَ ۾ ويھڻا ھئا، اوترا ويھن ھا ته به سڀ مسافر چڙھي نه سگھن ھا، جو اھي ٻيڙيون اڄ جي قانون مطابق مسافرن ۽ جھاز ھلائيندڙن جو تعداد ڌيان ۾ رکي نه رکيون ويون ھيون. اڄڪلھ دنيا جي مسافر توڙي مال بردار جھاز تي جيڪڏھن ٻيڙيءَ ۾ وڌيڪ مسافر ويھڻ جي گنجائش ناھي ته وڌيڪ ماڻھو جھاز تي سفر ڪري نٿو سگھي. ڀلي جھاز تي ڪيترا ئي ڪمرا خالي پيا ھجن، ڀلي جھاز تي ڪيترو به فالتو کاڌو ھجي. ڪناري تي بيٺل جھاز تي ھو ان ۾ رھي ۽ کائي پي سگھي ٿو، پر جھاز ھلڻ مھل فقط اوترا ماڻھو جھاز تي ھلي سگھندا، جيتري Boat Capacity ھجي– يعني جيترا ماڻھو ٻيڙي کڻي سگھي ۽ اوترن ئي ماڻھن جو ان ۾ راشن رکيل ٿئي ٿو، جيڪو ٽئين چوٿين مھيني بدلائي نئون رکبو آھي.
رات جو اٽڪل ساڍي يارھين وڳي ٽائٽانڪ جھاز جو برف جي ڇپ سان ٽڪر ٿيو. اڌ ڪلاڪ ۾ ئي ٻوڙ ٻوڙان جو سلسلو شروع ٿي ويو. سوا ٻارھين بجي کان ٻيڙين ذريعي مسافرن کي سمنڊ ۾ لاٿو ويو. ٻي بجي ڌاري آخري ٻيڙي لاٿي وئي. ڪجھ ماڻھن زوري به ڪئي، نه ته گھڻي ڀاڱي ماڻھن صبر کان ڪم ورتو ۽ عورتن ۽ ٻارن کي پھرين لھڻ جو موقعو ڏنو ويو. ڪيترن مسافرن ۽ جھاز جي ماڻھن وڏي ھمت سان منهن ڏنو. جھاز جي بئنڊ وارا آخر تائين ڊيڪ تي بيھي ميوزڪ وڄائيندا رھيا. آخري ٻيڙي لھڻ کان پوءِ ڪي پندرھن منٽ رکي جھاز پٺ کان ھيٺ سمنڊ ۾ ڍرڪڻ شروع ڪيو ۽ ويو ھيٺ سمنڊ ۾ پيھندو. ٻين لفظن ۾ پاڻي مٿي چڙھندو آيو. بئنڊ وڄائڻ وارا سڀئي ھمراھ ان ئي جذبي سان بئنڊ وڄائيندا رھيا. آخر ۾ ھو ھر وقت Nearer my God to Thee وڄائيندا رھيا. پاڻي ھنن جي پيرن ھيٺان ٿيندو گوڏن تائين پھتو ۽ پوءِ مٿي ڇاتيءَ تائين، ھو اٺ ئي ڄڻا ائين ئي بيٺا رھيا، تان جو پاڻي ھنن جي مٿان وري ويو ۽ جھاز سان گڏ ھي بئنڊ وارا ۽ ٻيا بچيل ماڻھو ٻڏي ويا، جن جو تعداد گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ ھزار ٿيندو.
ٽائٽانڪ جھاز يا ڪوبه پاڻيءَ جو جھاز جڏھن ٻڏي ٿو يا ان کي باھ ٿي لڳي ۽ جھاز ھلائيندڙ اھو سمجھيو وڃن ته ھن جھاز جو ھاڻ بچڻ ڏکيو آھي، ته پوءِ جھاز کي ڇڏڻ (Abandon ڪرڻ) ئي بهتر آھي. ان لاءِ بيوگل، سيٽي يا لائوڊ اسپيڪر ذريعي اعلان ڪيو وڃي ٿو ته، ھاڻي جھاز کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران فقط ضروري ڪاغذ پٽ کڻي گرم ڪپڙن ۽ لائيف جئڪيٽ ۾ جھاز جي Boat Deck تي اچي حاضر ٿيو. جھاز جو “بُوٽ ڊيڪ” اھو آھي، جنهن تي ٻيڙيون رکل ٿين ٿيون، جيڪو Weather Deck (جھاز جي عام ڊيڪ– عرشي) کان ٻه يا ٽي ماڙ مٿي ٿئي ٿو. ان ماڙ تي گھڻو ڪري چيف انجنيئر، چيف آفيسر، ڪئپٽن ۽ جھاز جي مالڪ جون ڪئبنون (ڪمرا) ٿين. ماڻھن جي بچاءَ لاءِ موٽر بوٽ (لانچون) به ٿين ته چپن تي ھلڻ واريون ٻيڙيون به. بلڪ موٽر بوٽن ۾ به چپون رکيل ٿين ٿا، جيئن متان ٻيڙيءَ جي انجن اسٽارٽ ٿي نه سگھي ته چپن کان ڪم وٺي سگھجي. ھونءَ زندگي بچائڻ جون اھي ٻيڙيون جيڪي Life Boats سڏجن ٿيون، مسافري جي خيال کان نه ھوندون آھن جو وچ سمنڊ تي حادثو ٿيڻ تي، اھا ٻيڙي وڏو سفر ڪري ڪناري تائين نٿي پھچي سگھي. اھا وڌ ۾ وڌ اٺ ڏھ ڪلاڪ مس ھلي سگھي ٿي، جو ھڪ ٻيڙيءَ ۾ (ڪار وانگر) ڪيترو پيٽرول رکي سگھجي ٿو. ساڳي وقت ماڻھن جي بار کان علاوه انهن جي ڏينهن ٻن جو راشن پاڻي پڻ رکيو وڃي ٿو، جنهن جو پڻ ڪجھ نه ڪجھ وزن ٿيو. ھنن ٻيڙين جو فقط اھو مقصد ٿئي ٿو ته جھاز کان جان ڇڏائجي ۽ پوءِ سمنڊ ۾ لھڻ تي ان ٻيڙيءَ کي اصل جھاز کان سندس انجڻ يا چپن ذريعي پري رکجي، متان جھاز کي وڪوڙيندڙ باھ جون ڄڀون ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مسافرن کي ساڙي رکن يا اونڌو ٿي ٻڏندڙ جھاز ھيٺان سڄي ٻيڙي اچي، اھا به نه ٻڏي وڃي. ان ڪري بوٽ ڊيڪ تان ٻيڙيءَ ۾ چڙھي، پوءِ رسن کي کولبو آھي ته ٻيڙي اچي ھيٺ سمنڊ جي سطح تي پوندي آھي. ان بعد انجڻ اسٽارٽ ڪري ٻرندڙ يا ٻڏندڙ جھاز کان ميل اڌ پري ٿي بيھبو آھي.
ٻڏندڙ يا ٻرندڙ جھاز کان گھڻو به پري نه وڃجي. جھاز سڄو غرق ٿي وڃي، ته به ان جي ئي پسگردائيءَ ۾ رھجي، جيئن ان ئي ڏينهن يا ٻئي ڏينهن بچائيندڙ جھاز توھان کي ڳولي مٿي کڻي سگھن. جھاز ڇڏڻ وقت ڪيترن ئي قسمن جا سگنل ڏنا وڃن ٿا، جيئن اوسي پاسي جا جھاز سمجھي وڃن ته جھاز ٻڏي رھيو آھي ۽ ان کي مدد جي ضرورت آھي ۽ اھو جھاز ڪھڙي ھنڌ ٻڏي رھيو آھي؟ جيئن ان ھنڌ تي پھچن. انهن سگنلن مان ھڪ ته رنگين ڦٽاڪا ٿين ٿا، جيڪي پستول ذريعي مٿي آسمان ڏي ڇوڙيا وڃن ٿا. مٿي پھچي ان ڦٽاڪي مان رنگين روشني نڪري ٿي ۽ رات جي وقت ڏھاڪو کن ميلن جي گھير ۾ لنگھندڙ جھاز ڏسي سمجھي وڃن ٿا ۽ بچاءَ لاءِ ان ھنڌ ڏي رخ رکن ٿا. جھاز جي وائرليس سيٽ ذريعي به چوڌاري ٽي سؤ ميلن جي فاصلي تي موجود جھازن کي اطلاع ڪري سگھجي ٿو ته اسان جو جھاز ٻڏي پيو ۽ اسان جي جھاز جي ھيءَ پوزيشن آھي. يعني ھيتريون ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ Latitude ۽ ھيتريون ڊگھريون ڊگھائي ڦاڪ Longitude، جيئن ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏن وارو ھنڌ ٻائيتاليھ ڊگريون اتر ۽ ستيتاليھ ڊگريون مغرب ھو. پر جي جھاز اوچتو ٻڏي وڃي ته به ھر جھاز ۾ ھڪ سسٽم ٿئي ٿو، جنهن کي ايس او ايس (Save Our Souls) سڏجي ٿو. اھو جھاز ٻڏڻ بعد جھاز جي ٻڏڻ واري پوزيشن جو سگنل چوڌاري ھلندڙ يا بيٺل جھازن ڏي Transmit ڪري ٿو. اھو سگنل ايس او ايس اھڙو آھي، جو ٻين جھازن جا وائرليس سيٽ کڻي بند ھجن، ته به اھو نياپو انهن تائين پھچي وڃي ٿو ۽ ھر جھاز جو اھو فرض آھي ته اھو نياپو ملڻ سان پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، ٻڏندڙ جھاز جي ماڻھن کي بچائڻ لاءِ ان جھاز جي پوزيشن ڏي رخ رکي. ان ڪري ٻيڙين ۾ ويٺل ماڻھن لاءِ ضروري آھي ته ھيڏانهن ھوڏانهن وڃڻ بدران پنهنجو پاڻ کي ٻڏل جھاز جي ويجھو رکن، جيئن بچائيندڙ جھاز ھنن جي مدد ڪري سگھن، ڇو جو بچاءَ لاءِ ايندڙ جھاز ته اوڏانهن جو رخ ڪندا، جتي جھاز ٻڏو آھي.
ٻي ڳالھ ته بچاءَ لاءِ لائيف بوٽ ۾ جھاز جي بوٽ ڊيڪ تان ئي سولائيءَ سان چڙھي سگھجي ٿو. ھڪ دفعو جيئن ئي ٻيڙي ھيٺ لھي سمنڊ تي اچي ٿي ته پوءِ ان ۾ چڙھڻ تمام ڏکيو آھي. اھا سمنڊ جي اڀامندڙ ڇول سان گڏ ويھ ويھ ٽيھ ٽيھ فوٽ وھڪ (Current) سان گڏ وير ۾، ھيڏانهن ھوڏانهن وھيو وڃي ۽ منٽ ٻن ۾ ڪڏھن اڌ ميل ھيڏانهن ته اڌ ميل ھوڏانهن ٿيو وڃي. ھڪ اھو به سبب آھي ته ان کي ٻڏندڙ جھاز کان پري رکيو وڃي ٿو، متان ان سان ٽڪرائجي چڪنا چور ٿي وڃي. بچاءَ لاءِ ايندڙ جھازن کي به ٻيڙين مان ماڻھو ڪڍڻ ۾ وڏي دقت پيش اچي ٿي، پر پوءِ مڙيئي ھڪ ھڪ ڪري ڪڍيو وٺن. ھيليڪاپٽر ذريعي ٻڏندڙن کي مٿي ڇڪڻ ۾ به ساڳي تڪليف ٿئي ٿي. ھيليڪاپٽر ته مٿان ھڪ ھنڌ گھڻو ئي ٽِڪ ٻڏي بيھي ٿو، پر جيسين کن پل لاءِ اڀامندڙ ڇول کي سامت اچي ۽ ٻڏندڙ جا ھٿ لڙڪيل رسيءَ ۾ ڦٻي وڃن، تيسين ٻيڙي ھيڏانهن ھوڏانهن ڊوڙندي رھي ٿي.
ٽائٽانڪ جھاز تان لاٿل ٻيڙين ۾ غلط بندوبست ۽ اڻڄاڻائيءَ ڪري ٿورا ٿورا مسافر چاڙھيا ويا. ڏيٺ سؤ ٻه سؤ Capacity واري ٻيڙيءَ ۾ پنجويھ کان پنجاھ کن مس ويٺا ۽ پوءِ آخري ٻيڙيءَ جي لھڻ بعد به سورھن سترھن سؤ کن ماڻھو جھاز تي بچي پيا ۽ جھاز ٻڏندو رھيو. آخر ۾ جھاز جي ھڪ ڪنڊ وڃي بچي ۽ سڀ ڊوڙي اتي اچي بيٺا ۽ پوءِ اھا ڪنڊ به ٻڏي وئي ۽ سمنڊ جي ڇول ماڻھن کي سمنڊ ۾ کڻي وئي. ھڪ ته رات جو وقت ھو، ڪجھ نظر نه پئي آيو، پر پوءِ به اوسي پاسي ۾ بيٺل ٻيڙين – خاص ڪري جن ۾ ٿورا ماڻھو ھئا، ٻڏندڙن کي مٿي کڻڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر گھڻي ڪاميابي نصيب نه ٿين. ڪيترا ته ٻيڙيءَ جي انڌ سان لڳي زخمي ٿي پيا. ھڪ ٻه ٻيڙي ته ٻين کي بچائڻ جي چڪر ۾ اونڌي ٿي پئي. ھڪ ٻن ٻيڙين ۾ ويٺلن جو ٻين کي بچائڻ جي ذڪر ۾ پاڻ ۾ اچي جھيڙو ٿيو. “ماڳھين اسين به ٿا مرون.” اھڙن موقعن تي ھر ھڪ کي پنهنجي جان پياري ٿئي ٿي. گذريل ھفتي فلپين ۾ ھڪ فيري اونڌي ٿي پئي. ھٿوراڙيون ھڻي پاڻ بچائڻ وارن ۾ ھڪ پيءُ به ھو، جنهن کان جڏھن پڇيو ويو ته تنهنجي ڀر ۾ جڏھن تنهنجو پٽ ٻڏي رھيو ھو ۽ توکي بچائڻ لاءِ ليلائي رھيو ھو ته تو ھن جي مدد ڇو نه ڪئي؟
ھن ٻڌايو ته ھو تمام گھڻو ٿڪل ھو. پٽ کي به پاڻ سان کڻڻ تي ھو تري نه سگھي ھا ۽ پاڻ به ٻڏي وڃي ھا.
صبح تائين جڏھن ٽائٽانڪ جھاز جي ماڻھن جي بچاءَ لاءِ ھتان ھتان کان جھاز اچي گڏ ٿيا ته سمنڊ تي چوڌاري لاش ئي لاش ھئا. ٻيڙين ۾ ويٺلن مان به ڪجھ مري چڪا ھئا، جنهن جو وڏو سبب ھڪ ته خوف ۽ ھراس ھو، جو ڪنهن به مسافر (توڙي جھاز ھلائيندڙ) اھو سوچيو ئي ڪونه ھو ته، ٽائٽانڪ جھاز ٻڏي سگھي ٿو ۽ ٻيو وڏو سبب سيءُ ھو. سمنڊ تي ڪرڻ وارن جا سيءَ ڪري وڏا موت ٿين ٿا – خاص ڪري اتراھن علائقن ۾ ايڏي ته قھر جي ٿڌ ٿي پوي، جو اتي جو رھندڙ ئي اندازو لڳائي سگھي ٿو. ان ڪري ھر جھازي – خلاصي توڙي آفيسر کي جھاز تي وڃڻ کان اڳ جيڪو Survival جو ڪورس ڪرايو ويندو آھي، ان ۾ پڻ ان کي سختيءَ سان سمجھايو ويندو آھي ته جھاز ڇڏڻ مھل جيتري قدر ٿي سگھي، گھڻا گرم ڪپڙا پائي پوءِ ٻيڙيءَ ۾ لھجي. جنهن رات ٽائٽانڪ جھاز ٻڏو ھو، ان رات ته ھيڪاندي گھڻي سردي ھئي ۽ شام کان سخت ٿڌي ھوا پئي لڳي.
ھونءَ جھاز ٻڌڏڻ وقت جو تصور ڪجي ته ڏاڍي ڏک واري حالت ھوندي. جنهن وقت جھاز پاڻيءَ ۾ ويو آھي ۽ جھاز جا مسافر ۽ جھاز ھلائيندڙ جھاز تي بيھي نه سگھيا آھن ۽ سمنڊ ۾ ڪري پيا آھن، ان وقت انهن جو تعداد سورھن سترھن سؤ کن ھو، جن مان پوءِ ست کن ٻيڙين ڪجھ ماڻھو بچايا، باقي ڏيڍ ھزار کن نه بچي سگھيا. بهرحال! جھاز جي ڊيڪ تان پير ھٽڻ سان ۽ سمنڊ ۾ غوطو کائڻ سان جيڪا ھنن کي تڪليف رسي ھوندي ۽ دل ڏاريندڙ دانهون ڪيون ھوندائون – ڪيڏو غمناڪ نظارو ھوندو. رات جي اونداھي، سخت سيءَ ۾ پاڻيءَ ۾ ڪري پوڻ ۽ ھر ھڪ کي پنهنجو موت اڳيان ھجي ۽ بچڻ جي ڪا اميد نه ھجي. پاڻيءَ ۾ ھڪڙو غوطو اچڻ ڪري (ڦڦڙن ۾ پاڻي وڃڻ ڪري) تڪليف ٿئي ٿي ۽ ھتي لڳاتار غوطا کائڻ، ائين به نه آھي ته سمنڊ ۾ ڪرڻ سان ماڻھوءَ جو ساھ نڪريو وڃي ۽ وڌيڪ تڪليف کان بچيو وڃي. جلد جلد ته به ڪجھ منٽ لڳيو وڃن. بيزاري، بيماري، مايوسي يا ٻين سببن ڪري جيڪي ماڻھو پاڻ کي مارڻ چاھيندا آھن، اھي به پھرين غوطي بعد پنهنجو ارادو بدلائي، موت کان منهن موڙي، ان ڏکيءَ زندگيءَ سان ٺاھ ڪرڻ ۾ بهتري سمجھندا آھن ۽ ھتي ته ڪنهن به مرڻ نٿي چاھيو، ڪوبه زندگيءَ مان بيزار نه ھو. ويتر ھر ھڪ کي پنهنجي زندگيءَ سان پيار ھو ۽ ان زندگيءَ جا مزا ماڻڻ لاءِ ٻڪ ناڻي جا ڏئي گھمڻ لاءِ نڪتا ھئا ۽ ھينئر ھنن لاءِ ڄڻ ته قيامت ھئي. جيڪو انهن مان بچي ويو، اھو ڳالھ ٿو ڪري ته پري پري تائين سوين ماڻھن جون التجا واريون رڙيون ھيون ته خدارا اسان کي بچايو ۽ پوءِ اھي آسمان ڦاڙيندڙ رڙيون آھستي آھستي ٿي جھڪيون ٿي ويون ۽ پوءِ مڪمل ماٺ ٿي وئي. فقط سامونڊي ڇولين جي شپڪي جو آواز ھو ۽ چوڌاري ميلن تائين ماڻھن جا لاش ئي لاش ھئا. درد ڀريو ھي نظارو ڪيترن سالن تائين بچي ويلن جي دل ۽ دماغ تي تاري رھيو. ان رات جي ان سين جو سوچي ھو ڏڪي ٿي ويا. جھاز ٻڏڻ جي انڪوائري (Senate Enquiry) ٿي ته ڪيترن شاھدن حادثي جي ان حصي بابت جواب ڏيڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
بچاءَ لاءِ جيڪو پھريون جھاز پھتو، اھو “ڪارپاٿيا” (Carpathia) ھو، جيڪو پوري چئين بجي حادثي واري ھنڌ پھتو. يعني ٽائٽانڪ جھاز جي مڪمل ٻڏي وڃڻ کان پورو ھڪ ڪلاڪ چاليھ منٽ رکي. رات جي اونداھيءَ ۾ پھرين ته ڪو مسافر يا ٻيڙي نظر ئي نه پئي آئي. پوءِ جيئن جيئن صبح جي ھلڪي روشني ٿي ته ميلن تائين پکڙيل لاش ۽ ٻيڙيون نظر آيون. ڪارپاٿيا جھاز جي ڪئپٽن پنهنجي جھاز جون ٻيڙيون يڪدم لھرايون ۽ پھرين لاشن جي چڪاس ورتي وئي ته متان ڪو جيئرو ھجي ته پھرين ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي ٻيڙيءَ ۾ رکجي. ڪڏھن ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي ته خوف ۽ ھراس ۾ ماڻھو بيھوش ٿي ويندو آھي ۽ سندس جسم نهرو نه ھجڻ ڪري پاڻيءَ مٿان ترندو رھندو آھي. پر افسوس جو انهن ۾ ھڪ به جيئرو نه ھو. (جيئرو ماڻھو پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃي پر پوءِ مرڻ تي لاش اڀامي پوي ٿو ۽ جيڪو پاڻي اھو لاش Displace ڪري ٿو، اھو ان جي وزن (Mass) کان گھڻو ھجڻ ڪري لاش ترڻ لڳي ٿو. اھو ئي اصول سئيءَ جي ٻڏڻ يا جھاز يا ٻيڙيءَ جي ترڻ جو آھي) ڪجھ دير بعد ٻيا جھاز به پھچڻ لڳا، جن ۾ ساڳي ڪمپني جو جھاز اولمپڪ پڻ ھو. اولمپڪ جھاز مرمت ٿيڻ بعد ھاڻ سائوٿمپٽن (انگلينڊ) کان نيويارڪ (آمريڪا) ڏي وڃي رھيو ھو ته کيس ٽائٽانڪ جھاز ٻڏڻ جو سگنل مليو. ھي اھو جھاز آھي جنهن جو ڪئپٽن ٽائٽانڪ جھاز تي ٽرانسفر ٿي آيو ھو. اولمپڪ جھاز وارن به پنهنجيون ٻيڙيون لاٿيون ۽ ترندڙ لاش کنيائون. ٽائٽانڪ جھاز جي ٻيڙين ۾ بچيل سمورا ماڻھو (اٽڪل ست سؤ يارھن کن) ڪارپاٿيا جھاز پاڻ سان کنيا ۽ کين نيويارڪ وٺي ھليو. باقي ماڻھو اولمپڪ ۽ ٻيا جھاز انگلينڊ جي مختلف شھرن ڏي کڻي ھليا.
ھن حادثي کان پوءِ جيڪي قاعدا ٺاھيا ويا ۽ اڃا تائين ھلي رھيا آھن، اھي ھن ريت آھن:
1. ھر جھاز تي جان بچائڻ لاءِ ٻيڙيون (Life Boats) ايتريون ھجن، جن ۾ جھاز جا سڀ ماڻھو (مسافر ۽ جھاز ھلائيندڙ) ويھي سگھن.
2. ھڪ يا ٻه ٻيڙيون انجڻ تي ھلندڙ ھجن.
3. ھر ٻيڙيءَ تي ماڻھن جو تعداد ضرور لکيل ھجي، جيئن خبر پوي ته فلاڻي يا فلاڻي ٻيڙي ڪيترا ماڻھو کڻي سگھي ٿي؟
4. بندرگاھ مان جھاز جي نڪرڻ سان بوٽ ۽ ايمرجنسي ڊرل ڪرائي وڃي ۽ ان بعد ھر ھفتي ڪئي وڃي. گھڻو ڪري دنيا جي ھر جھاز تي ڇنڇر تي ھي مشقون ڪيون وڃن ٿيون. جھاز تي رھندر ھر ماڻھوءَ کي ٻڌايو ويندو آھي ته جھاز ٻڏڻ تي ھن کي ڪھڙيءَ ٻيڙيءَ اڳيان اچي بيھڻو آھي ۽ پوءِ جھاز ڇڏڻ جي فيصلي تي ڪنهن کي ڪھڙو ڪم ڪرڻو آھي؟ مثال طور: ڪنهن کي رسو ڍرو ڪرڻو آھي، ڪنهن کي ڪنڍو کولڻو آھي، ڪنهن کي ٻيڙيءَ جو ڪور کولڻو آھي. ان بعد ٻيڙيءَ جي مسافرن کي ان ۾ ويھي ٻيڙيءَ کي آھستي آھستي ڪري ھيٺ سمنڊ ۾ لاھڻو آھي ۽ جھاز کي ڏنڊي سان ٿيلھو ڏئي، ٻيڙيءَ کي جھاز کان پري ڪرڻو آھي.
اھا مشق (Drill) ھر وقت ان ڪري ڪئي وڃي ٿي، جيئن ھر ھڪ کي خبر ھجي ته خطري جي وقت ھن کي ڪھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙھڻو آھي ۽ ھن جي ڪھڙي ڊيوٽي آھي ۽ جھاز ڇڏڻ وقت اھو سڀ ڪم تڪڙي کان تڪڙو سرانجام ڏيئي سگھجي ۽ ڪنهن به قسم جي افراتفري پيدا نه ٿئي.
ان کان علاوه ٻي مشرق (Drill) باھ وسائڻ جي ڪئي ويندي آھي، جيئن جھاز کي باھ لڳڻ سان ھر ھڪ پنهنجي ڊيوٽي مطابق وٺ وٺان ڪري ڏئي ۽ باھ وسائي سگھجي.
5. جھاز ران ڪمپنين طرفان پنهنجي جھاز ھلائيندڙن کي لکت ۾ اھو حڪم ڏنو وڃي ته، ھنن کي ڪٿي به “برف جون ڇپون” نظر اچن يا ٻين کان معلوم ٿئي ته سمنڊ جي فلاڻي يا فلاڻي ٽڪري ۾ برف جون ڇپون Ice berg آھن ته ان علائقن ۾ جھاز جي رفتار گھٽ رکن ۽ ان علائقي کان ٿورو پرڀرو ٿي ھلن.
ڪمپني طرفان اھو حڪم ضروري آھي، نه ته جھازن جا سيٺ جھاز ھلائڻ وارن تي ڪاوڙ ڪندا رھندا ته جھاز جي رفتار ڇو گھٽايانو يا پرڀرو ٿي وڃڻ ڪري جھاز کي ٻي منزل (بندرگاھ) تي پھچڻ ۾ دير ڇو ڪرايانو؟
بهرحال! پراڻا جھاز يا جنگ جي ڏينهن ۾ ته ڪيترا ئي جھاز ٻڏندا رھن ٿا، پر ٽائٽانڪ اھو جھاز ھو جيڪو پر امن ڏينهن ۾، پر امن موسم ۾ ٻڏي ويو ۽ سو به نئون جھاز پنهنجي زندگيءَ جي پھرئين ئي سفر تي. ھي اھڙو حادثو ھو جيڪو ٿوري ڪوشش ۽ ھمت سان روڪي به سگھجيو ٿي ۽ ايترين زندگين جو نقصان به نه ٿئي ھا– جيڪڏھن ٻيڙين جو تعداد ڪجھ وڌيڪ ھجي ھا ۽ ماڻھو صحيح طرح ويھن ھا.
No comments:
Post a Comment