ڪلاچيءَ جو ڪن ۽ مورڙو ميربحر
بهرحال پاڻ منهوڙي ٻيٽ تي اچون، ڪياماڙي ۽ منهوڙي وڃڻ وارن شايد اهو نه سوچيو هجي ته نه فقط منهوڙو “ٻيٽ” آهي پر ڪياماڙي به هڪ ٻيٽ آهي جيڪو هينئر جناح پل سان ۽ ان کان اڳ نيٽي جيٽي ذريعي ڪراچي سان ڳنڍيل هو سو ڪنهن زماني ۾ ڪياماڙي به منهوڙي وانگر هڪ ٻيٽ هو. ماڻهو ٻيڙن ذريعي ڪراچي جي کارادر علائقي کان ڪياماڙي ۽ منهوڙي ويندا هئا. 1843ع کانپوءِ سر چارلس نيپيئر (سنڌ جي پهرين گورنر) ڪياماڙي ٻيٽ کي نيپيئر ڪازوي (mole) ذريعي ڪراچي جي سرزمين سان ڳنڍي هڪ ڪيو. منهوڙي ۽ ڪراچي جي ڪا ڌار ڌار تاريخ نه آهي. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي ان بابت ڪجهه لکڻ بي مهل نه ٿيندو. هون ته هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جهڙن ٻيٽن جي مقابلي ۾ منهوڙو ۽ ڪراچي پراڻو ٻيٽ ۽ شهر آهي پر ابن بطوطه ۽ محمد بن قاسم جي ڏينهن جي ڳالهه ڪبي ته ڪراچي به ڪالهه جو ڄاول ٻار لڳندو جو انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جو ڪنهن کي ڪو انت به نه هو. اڄ جو سوڀو ديرو، چنبڙ ۽ پريالوءِ به وڏا ڳوٺ آهن. انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه هو ديبل ٺٽو ۽ لاهور بندر جهڙا هنڌ اهم ۽ بلي بلي شهر هئا.
ڪراچي ڪنهن زماني ۾ مهاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو جيڪو ڪلاچي جو ڳوٺ سڏبو هو، اهو مڇين مارڻ واري هڪ جاءِ جي ويجھو جو جيڪو سمنڊ جو حصو ڳوٺ جي نالي جي لحاظ سان “ڪلاچي جو ڪُن” سڏيو ويندو ويو ٿي. مڇين مارڻ واري هن گھاٽ جي باري ۾ راجا دلورائي جي زماني جي هڪ ڪهاڻي به مشهور آهي جنهن ۾ مورڙو ميربحر نالي هڪ شخص جي مهاڻن ڀائرن کي مانگر مڇ ڳهي ويو. جيڪا دراصل وهيل مڇي ئي هوندي، مورڙو جنهن لاءِ چون ٿا ته جيتوڻيڪ عذر وارو هو پر عقل کان ڪم وٺي هن مانگر مڇ يعني whale کي ماري وڌو ۽ سندس پيٽ چيري پنهنجن ڀائرن جا لاش ڪڍيا، مورڙي ميربحر ۽ سندس ڀائرن جون قبرون کارادر کان ماڙيپور ويندي رستي تي گل بائي واري چونڪ تي آهن جتان ٽرئفڪ شير شاهه ۽ سائٽ ڏي وڃي ٿي. سامهون لوڪل ٽرين جي وزير مينشن نالي ريلوي اسٽيشن به آهي. موڙي جا اڄ به ڪيترائي مائٽ ڪراچي جي مختلف سامونڊي ڪنارن وارن ڳوٺن، بابا ڀٽ، شمس پير، رهڙي ۽ ابراهيم حيدري وغيره ۾ رهن ٿا. شاهه لطيف جي هڪ سر (سرگھاتو) ۾ موڙي ميربحر جو داستان آهي.
جيڪس جھليا مڇ گھاتو گھر نه آئيا
ڪاهي وڃو، ناکئا!، ڪريو بُري تي بڇ
ڪاٿي سندين ڪنڊيون؟ ڪاٿي سندن رڇ؟
ڪن ڪڙڪو ڏاڍو، اٿو اڳيان اڇ
اديون عبداللطيف چئي، سڀ لنگهيندا ڇڇ؟
(جيڪس- شايد مڇ- مانگر مڇ ڪا به وڏي مڇي، سامونڊي آفت، گھاتو- شڪاري، مهاڻا، ناکئا- ٻيڙي هلائيندڙ، بُري تي- بڇڙي تي (مانگر مڇ تي)، ڪنڊيون- مڇي ڦاسائڻ جا ڪنڍا Hooks، رڇ- ڄاريون ڪن-سامونڊي واچوڙو ۽ under currents، اڇ- پاڻي جي اڇاڻ، گجي، جنهن کي اسين جهازي وائيٽ هارسز کي سڏيون ٿا. White horses خراب سمنڊ جي نشاني آهي. شاهه لطيف موڙي کي پڪي عزم، بهادري ۽ همت جي علامت قرار ڏنو آهي. شاهه جي رسالي جو هڪ مهتم ڪلياڻ بولچند آڏواڻي لکي ٿو ته انسان جو من به هڪ مردود مڇ آهي، جنهن کي مارڻ لاءِ ڪو مورڙي جهڙو مرد کپي.
شاهه کان علاوه اسانجي ٻين به ڪيترن ئي شاعرن مورڙي ۽ مڇ بابت لکيو آهي، تاجل بيوس جا ان سلسلي جا هڪ ٻه شعر ياد اچي رهيا آهن.
هلو هلو، ڪن تي، ڄار کڻي ڄاڻو
ڪجي مانگر مڇ کي، سائر ۾ ساڻو
ٽريو جو ٽاڻو، برو ايندو بود ۾،
هلو هلو ڪُن تي، ٻڌي مولهيا مير
جتي جوکو جيءَ جو، سا پڻ لنگهو سير
مٿان واڪو وڄ جو، هيٺان چڙهي وير
ڪالهه به اچن ڪن تي، باهيو هو بي پير
ڪلا ٺوڪي ڪير، ڪن ڀاڱا ڀور جا.
تاجل بيوس جو هڪ ٻيو خوبصورت شعر:
مانگر ٿا مڙن، ڪلاچيءَ جي ڪن تي
سون مياڻي سڏ ٿيو، مڙني ملاحن
اهي پڻ اچن، جيڪي جر جڏا ڪيا.
No comments:
Post a Comment