اڄ پکي وري نڌڻڪا ٿي ويا آهن....
الطاف
شيخ
سنڌ ۾ اندازن اڍائي سؤ کان مٿي ننڍيون وڏيون ڍنڍون آهن. 200 ڪلو ميٽر سامونڊي پٽي آهي ۽ 250 ڪلو ميٽرن جو رڻ آف ڪڇ جو ڌٻڻ وارو علائقو آهي جتي سياري جي موسم ۾ يورپ جي اتراهن ملڪن ۽ سائيبيريا جي برفاني ۽ ميداني علائقن مان لکين آبي ۽ شڪاري پکي هزارين ميلن جو فاصلو طئه ڪري قدرت جي مقرر ڪيل اصولن هيٺ پنهنجي مقرر رستن تان ٿيندا، مهيني کن جي اڏام ڪندا اچي سنڌ جي آبگاهن تي پناهه وٺن ٿا، جتي هزارين سالن کان سندن وڏڙا ايندا ۽ ويندا رهيا آهن. پاڪستان ايندڙ پکين جو تعداد ڏهه لکن کان به مٿي هو پر هاڻ انهن جو تعداد هر سال وڃي گهٽجندو. بقول نواز ڪنڀر جي هنج ته جهڙوڪر ختم ٿي ويو آهي. هنج جي خاتمي جي شروعات شايد شاهه لطيف اڳ ۾ ئي محسوس ڪري ورتي هئي جو چيائين:
ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيرن جو.
هن ڀيري ته سنڌ جون ڪيتريون ئي ڍنڍون پکين کان خالي ٻُڌجن پيون. ڪٿي ڪٿي آڙي ۽ چيڪلو نظر اچن ٿا باقي ٿيو خير ڀلو- پکين جي نفسيات جا ماهر ٻڌائين ٿا ته هيٺين سببن ڪري پکين اڳ وارين مشهور ڍنڍن تي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي: شڪارين جي انگ وڌڻ سبب، بندوقن جي ٺڪائن ۾ اضافو ٿيڻ، ملڪ ۾ پئسو وڌڻ ڪري ڪارتوسن ۽ گاڏين تي وڌيڪ خرچ ڪيو وڃي ٿو، ڪيترائي ماڻهو سياستدان، ڪامورن، پيرن، رانديگرن ۽ ٻين نالي وارن ماڻهن کي شڪار ڪرائي پاڻ به خوش ٿين ٿا ته انهن کي به خوش ڪن ٿا ۽ واسطا وڌائي ڪم به ڪڍن ٿا ته اوڙي پاڙي وارن وڌڻ، اتي بجلي پهچڻ ڪري پکين کي گهربل ماحول ميسر نه ٿيڻ، سانگهڙ، کپرو ڀرسان انڊيا جي بارڊر پريان پکين کي مناسب ماحول ۽ تحفظ ملڻ سبب پکين جو اوڏانهن هليو وڃڻ، وغيره.
واوڙي ڳوٺ مان “پرهه سنڌو” جو خط ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هوم، جنهن جو عنوان هو “پرديسي پکين جي پارت اٿو.” ۾ ان هوءَ (يا شايد هو) لکي ٿي ته هزارين ڪوهن جو پنڌ ڪري، ڪوهه قاف کان ڪهي ايندڙ پرڏيهي پکيئڙن لاءِ سنڌ ڌرتيءَ جون ڍنڍون ڍورا زهر قاتل بڻجي پيا آهن. ڪارخانن جو زهريلو پاڻي ڍنڍن ۾ پوڻ سبب هي امرت زهر ۾ بدلجي چڪو آهي. آب جي آس ۾ اڃايل هنن پرديسي پکين کي ڪهڙي ڪل ته سدائين سنڌوءَ جو آب حيات پي نئون جيون ماڻيندڙ اهي ڍنڍون ۽ ڍورا هنن لاءِ سورن جو سامان بڻجي پيا آهن. ڌرتيءَ سان دل رکندڙ انهن پکين صديون اڳ لاکيڻي لطيف جي چيل انهن سدا سچين سٽن جي صدا شايد ڪانه ٻڌي هئي، جن ۾ هن کين هدايت فرمائي هئي ته چيتاري چڻيج!
ڪن شڪارين ڍنڍون ته ٺهيو پر ٿر تائين باهه ٻاري ڇڏي آهي. پرهه سنڌو پنهنجي خط ۾ لکي ٿي ته هاڻ توهان کي ٿر جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ اَسر ويل مورن جا اهي ٽهوڪا ٻڌڻ ۾ نه ايندا. ٿر ۾ ته مورن سان گڏ هرڻن جي به ڀينگ ٿي رهي آهي.
پکي امن جا سفير ۽ محبتن جا نشان هوندا آهن. شايد انهن محبتن جي سفيرن ۽ امن جي اهڃاڻ پکين کي اها ڪَل ڪانه رهي ته جنهن مٽيءَ جي موهه کين جڳن کان سڪ جا سفر ڪرايا هئا، اتي هاڻي ڪيترائي ميرا من پاڻيءَ کي زهر بڻائڻ ۾ مصروف آهن. روايتون، ريتون ۽ رواج بدلجڻ ٻي ڳالهه آهي. پر بي زبان مهمانن لاءِ زهريليون مهمانيون ڪرڻ هن مٽيءَ جو مرڪ ته ناهي؟ اسان جيءَ جهريل ۽ اڻهوند جي آڙاهن ۾ ٻرندڙ ماڻهو ٻه سٽون لکي پکين جي ڏک تي ٻه لڙڪ ته هاري سگهون ٿا، پر اسان جي بي پهچ هٿ بي موت مرندڙ پکين کي ان ڊوهه کان بچائڻ کان شايد قاصر آهن. پوءِ به پرڏيهي پکين کي لطيف سائينءَ جو هي نياپو ته ضرور پهچائڻ گهرجي:
آءُ اڏامي هنجڙا، سر ۾ سارينئي
متان مارينئي، پاريهڙي پهه ڪري.
اسان وٽ هنن پرديسي پکين ۽ ٻين جانورن ۽ مقامي پکين جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ جيڪو جهنگلي جيوت Wild Life نالي سرڪاري کاتو آهي، ان جي ڪارڪردگي کان ته هرهڪ واقف آهي. يورپ پاسي، جيڏانهن منهنجي اڌ زندگي گذري آهي، اتي جو نه فقط عوام هنن پکين جو خيال ڪري ٿو پر ڪيترائي غير سرڪاري ادارا آهن، جيڪي ماڻهن کان چندا حاصل ڪري هنن پکين جي زندگي بهتر بنائڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪن ٿا. اهڙن ئي ادارن مان هڪ بين الاقوامي شُهرت جو کاتو World Wide Fund for Natur آهي، جيڪو ڊبليو ڊبليو ايف (WWF) به سڏجي ٿو. هن اداري کي شروع ۾ ورلڊ وائيلڊ لائيف فنڊ جي نالي سان سڏبو هو ۽ اهو نالو اڃا تائين ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ مشهور آهي. هن اداري جون 90 ملڪن ۾ شاخون آهن. هو ناياب پکين ۽ جانورن جي سلامتي، تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ ڪيترائي پروجيڪٽ هلائين ٿا، جيئن هيءَ ڌرتي قدرت جي اهڙين ناياب شين کان خالي نه ٿي وڃي. انهن ڪمن لاءِ هو اڌ کان وڌيڪ پئسو خيرات طور رضاڪارن کان حاصل ڪن ٿا ۽ باقي چاليهه سيڪڙو آمريڪا، برطانيا ۽ نيدر لئنڊ ڏئي ٿو. هن اداري WWF جو بنياد 1961ع ۾ سئٽزرلئنڊ ۾ رکيو ويو. هن اداري جو 14 سال کن نيدرلئنڊ جو شهزادو برن هارڊ صدر ٿي رهيو. اهڙا 15 سال کن 1996ع تائين شهزادو فلپ، ڊيوڪ آف ايڊنبرگ صدر ٿي رهيو. پاڪستان جي به اها خوش نصيبي آهي ته هن بين الاقوامي اداري جي صدارت 1996ع کان 1999ع تائين هڪ پاڪستاني جناب سيد بابر علي کي سونپي وئي.
حق جي ڳالهه ڪبي ته هن قسم جا غير سرڪاري ادارا وري به پنهنجو فرض بهتر نموني سان نباهين ٿا. باقي سرڪاري ادارا توڙي اسان جي ملڪ جا زوراور جن ۾ سرڪاري ڪامورا، سياستدان، وزير ۽ انهن جا ماڻهو، نواب جاگيردار، وڏيرا ۽ انهن جا ماڻهو هنن پکين پويان هٿ ڌوئي اچي پيا آهن. پر يارو انهن ۾ به ڪي اهڙا ماڻهو ٿي گذريا آهن جن هنن پکين کي پنهنجن ٻچن وانگر سمجهي هنن جي ساهه ۽ سک لاءِ گهڻو ئي ڪجهه ڪيو آهي ۽ سندن نالا تاريخ ۾ ڳايا وڃن ٿا. انهن مان هڪ سانگهڙ جو گيم وارڊن ڪريمداد جوڻيجو به ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ڪنهن خان جي پٽ کي به اجائي ۽ اجازت کان مٿي بندوق هڻڻ نه ڏني. بقول “نواز ڪنڀر” جي اڄ جا پرديسي پکي پنهنجن وڏن کان ڪريمداد جوڻيجو جون ٻڌل ڳالهيون ضرور ورجائيندا هوندا ته ڪاش ڪريمداد جوڻيجو وري اچي يا ان جهڙو ڪو ٻيو پيدا ٿي پوي جيئن هنن کي جيئڻ جي ضمانت ڏئي سگهي.
ڪريمداد جوڻيجو لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هو هر سال هنن پکين جي آمد کان ڍنڍن جي ڪنارن تي ساريون ۽ ٻيو اَنُ ڇَٽرائي ڇڏيندو هو. هو وڏي کان وڏي آفيسر کي به اجائي شڪار کان منع ڪندو هو ۽ مٿس ڏنڊ هڻي ڇڏيندو هو. بقول نواز ڪنڀر سنڌي ليکڪ جي، هر سال سياري جي موسم ۾ سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکي پنهنجي دل ۾ ڪريمداد جوڻيجو جي هجڻ جو آسرو ڪري ايندا آهن. ننڍا پکي وڏا پکي ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو پنهنجي جنم ڀومي ڏسڻ لاءِ رات ڏينهن جو سفر ڪري اچي لهندا آهن پر هتي ڪوبه ڪريم داد نه هوندو آهي. هتي شڪاري بندوقون تيار ڪيو سندن خون ناحق ڪرڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن ۽ پکين جو هي آڌر ڀاءُ ڇٽيل اَنَ سان نه پر وڇايل ڄار سان ٿيندو آهي. پکين شايد هاڻ آسرو پکي ڇڏيو آهي ته هاڻ هتي ڪوبه ڪريمداد جوڻيجو ڪونهي، ان ڪري انهن پنهنجا رستا بدلائي ڇڏيا آهن. انهن هتي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. ڪن جو ته شايد نسل ئي ختم ٿي ويو آهي. اهي ڳوليا نٿا لڀجن. اڄ ڪيتريون ئي ڍنڍون پکين کان خالي رهجي ويون آهن!
چون ٿا ته جن ڏينهن ۾ پٽيهل پراڻ ۽ هاڪڙي جو پاڻي سنڌ جي سينڌ سائي ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ ڌرتيءَ جو وڙائتو دلير پٽ بڊاماڻي پنرو راڄ ڀاڳ، جُوءَ ۽ جُوءِ سان گڏ پکين جي نگهباني به ڪندو هو. ڪنهن ماريءَ کي مجال نه هئي جو سندس تَرَ مان ڪنهن مهمان پکيءَ کي ماري سگهي. پوءِ ارغونن جي مڪر سان جڏهن پنرو شهيد ٿي ويو ته ڪوبه هٿ اهڙو ڪونه هو، جيڪو انهن پکين کي پناهون ڏيئي سگهي. تڏهن ته ڀٽ ڌڻيءَ انهن معصوم پکين کي سمجهائيندي چيو هو:
چيتاري چئيج، بڊاماڻي پٽ ۾
نيڻين ننڊ نه ڏيج، جو ڇيڙون ڇپر آئيون
سنڌ جو مشهور ليکڪ ماڪن شاهه رضوي ٻڌائي ٿو ته بڊاماڻيءَ کانپوءِ...... گهڻو گهڻو پوءِ.... صدين کانپوءِ، فضل ڀنڀري لڳ اسان جي برک ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجو جي ڳوٺ جنهاڻ کي صفا ويجهو، مهراڻي پٽ ۾ محمد حيات رند جو نالو ٿيو. اڳوڻي مختيارڪار قادر داد رند جو پٽ محمد حيات رند وڏو زميندار هو. سڀيئي ارڪان وڏيرڪا هئس پر ٻه ڳالهيون منجهس اهڙيون هيون، جن کي نه مڃڻ وڙ ڪونهي. هڪ ته هن ڪڏهن سياست ۾ حصو ڪونه ورتو ۽ سندس تر ۾ ڪنهن کي شڪار ڪرڻ ۽ پکي مارڻ جي همت ڪانه هوندي هئي. مور سئين ڳاٽ پيا هلندا ۽ ڊيلن سان عشق ڪندا هئا. ان ڪري ننگرپارڪر ۽ ويرا واءِ جا مور جڏهن اتي سرڪار جي ماڻهن سرڪاري بندوقن سان ماري کائڻ شروع ڪيا ته مورن ۾ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويو ۽ نيٺ ٿروٽ جي ٿلهي، ساڙدري، مرگهه ڇالا، ڀٽياڻي، گرٽياڻي، ڀوڏيسر ۽ ڪجلا سر جا پَٽ ترڪ ڪري مور آڏاڻا، ڪي جهليا، ڪي وڪيا، ڪي مئا، جيڪي بچيا تن حيات رند جي حدن ۾ اچي پناهه ورتي. پر هاڻي ٻڌو اٿئون ته ٻه ٽي سال اڳ حيات رند به لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس جُوءِ جا پکي وري نڌڻڪا ٿي ويا.
No comments:
Post a Comment