اسان جي ٽيچر جو شهر ۽ ڪمڀ ميلو
دهليءَ کان مون سان گڏ سفر ڪندڙ پوليس آفيسر مٿرا ۾ ڪجهه ٻيون شيون جيڪي ڏسڻ لاءِ چيون اهي هن ريت آهن:
چئن منارن واري جامع مسجد جيڪا 1661ع ۾ ابو نبير خان ٺهرائي. وشرام گهاٽ جتي چون ٿا ته ڪانسا ظالم کي مارڻ بعد ڪرشن ڀڳوان اچي آرام ڪيو هو. دوراڪا ديس مندر جيڪو 1814ع جو ٺهيل آهي ۽ شهر جو اهم مندر آهي جيڪو هولي،ڏياري جنما شتامي جي موقعن تي زبردست طريقي سان سينگاريو وڃي ٿو. گيتا مندر وغيره وغيره.
“توهان کي خبر آهي ته هندستان جا سڀ کان اهم شهر هن صوبي اتر پرديش ۾ آهن؟” هن رٽائرڊ پوليس آفيسر مونکي سندس ڳالهه جي صداقت بابت ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هو ڇو مونکي هندستان جو هي اتراهون صوبو اتر پرديش جيڪو اتر ۾ نيپال سان ٿو وڃي لڳي، گهمڻ لاءِ چئي رهيو آهي.
مون هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. آ صوبي جي جاگرافيءَ کان واقف هوس ته هن ۾ اسان مسلمانن توڙي هندن جا اهم شهر آهن، نه فقط اسان جا پر انگريزن جا به جيڪي گهڻو تڻو اتر پرديش ۾ رهيا ۽ هن صوبي جي شهرن جي پسمنظر ۾ هنن ناول ۽ پنهنجيون ڪهاڻيون لکيون. مٿرا کان علاوه لکنؤ، آگرو، فيروزآباد، مراد آباد، فتح پور سڪري، جانپور، ڪانپور، جهانسي، رام نگر، سڪندريا، سروستي، بنارس (جنهن کي هاڻي واراناسي سڏين ٿا)، اعظم ڳڙهه، بلرام پور، پيلي ڀيٽ، امروها، سهانپور ويندي الهه آباد هن صوبي ۾ آهن. الهه آباد هن دفعي ڏسڻ جو ارادو هوم پر هاڻي ڪو هفتو سوا مس وڃي بچيو آهي ۽ شادي اٽينڊ ڪرڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن بڙودا ۽ گجرات جي اوسي پاسي وارن شهرن ۾ گذري ويندا ۽ باقي ڏينهن وري واپس دهليءَ ۾، الهه آباد نه ڏسڻ جو ڏک ضرور اٿم جو اهو شهر اسان جي هڪ پياري ٽيچر ڪمانڊر اسرار الله جو ڳوٺ آهي جنهن اسان کي نه فقط ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آلجبرا، ٽرگناميٽري ۽ ڪئلڪيولس پڙهائي پر مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ دوران مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ نيول آرڪيٽيڪٽ ۽ نيويگيشن جا حساب ڪرايا. پيٽارو ڇڏڻ وقت هن جي به چٽگانگ بدلي ٿي هئي. ان ريت هي اهو ٽيچر آهي جنهن مون جهڙن کي گهڻي کان گهڻو عرصو پڙهايو. سندس سڄي عمر پڙهائڻ ۾ گذري. هينئر هو اسي سالن کان مٿي هوندو ته به پنهنجو واسطو ٽيچنگ سان رکندو پيو اچي. اڄڪلهه سعودي عرب جي حڪومت هن کي مديني جي انگريزي ميڊيم وارن اسڪول جو ائڊوائيزر ڪري مديني ۾ رکيو آهي، سندس گهر واري پڻ اتي جاب ڪري ٿي ۽ گائنا ڪالاجسٽ آهي. اولاد ۾ کيس فقط هڪ ڌيءَ آهي جيڪا (سعديه) ۽ سندس مڙس ٻئي ڊاڪٽر آهن ۽ ڪراچيءَ ۾ پرئڪٽس ڪن ٿا.
ڪمانڊر اسرار الله اسان کي هميشه پنهنجي هن شهر الهه آباد جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو آهي جتي هو ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. انڊيا اچڻ کان اڳ هو مونکي مديني پاڪ مان فون ڪندو رهيو ته آ الهه آباد گهمي ان تي ڪجهه لکان ۽ شادي وارن ڏينهن تي ٻنهي گهوٽن جي پيئرن کي هن پاران سندس پٽن جي شاديءَ جون مبارڪون ڏيان جيڪي پڻ مون وانگر هن جا شاگرد رهي چڪا هئا. ڪاليج وارن ڏينهن ۾ 1960ع يا شايد 1961ع واري سال ۾ سنگم فلم جو هي گانو بناڪا گيت مالا يا ٻين ريڊيو اسٽيشنن تان تمام گهڻو ايندو هو:
تيري من ڪي گنگا،
اور ميري من کي جمنا ڪا
بول راڌا بول سنگم هوگا ڪه نهين.
ڪمانڊر اسرار ٻڌائيندو هو ته انهن ندين گنگا ۽ جمنا جو ميلاپ الهه آباد آهي ۽ اتي هر سال وڏو ميلو لڳي ٿو.
هندن لاءِ هي هنڌ تمام وڏي اهميت رکي ٿو جتي گنگا، جمنا ۽ اڻ نظر ايندڙ سرسواتي نديون اچيو ٿيون ملن. هتي هر ٻارهين سالين کنڀ ميلي نالي تمام وڏو ميلو لڳي ٿو ۽ نه فقط هندستان مان پر دنيا جي دور دراز ملڪن کان هندو عقيدتمند اچن ٿا ۽ هتي درياهه ۾ وهنجن ٿا. ان کان ننڍي پيماني جو اردها کنڀ (ڪمڀ) هر ڇهين سال لڳي ٿو ۽ ان کان علاوه هر سال به ميلو لڳي ٿو جيڪو ماگهه ميلو سڏجي ٿو.
الهه آباد شهر هڪ تمام پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي جيڪو آرين جي ڏينهن ۾ پراياگ سڏبو هو. هندو ويدن جي ڪتابن ۾ جيڪي ڏيڍ هزار کن سال قبل مسيح پراڻا چيا وڃن ٿا، ۾ پڻ پراياگ جو ذڪر آهي جتي هندو ديوتا برهما قربانيءَ جي رسم ادا ڪئي.
سن 1193ع ۾ دهليءَ جي سلطان محمد غوريءَ هن شهر تي قبضو ڪيو. هن شهر جو نالو الهه آباد 1584ع ۾ اڪبر مغل بادشاهه رکيو ۽ هتي هڪ وڏو قلعو به ٺهرايو. قسمت جي بدنصيبي جو هن شهر الهه آباد مان شهنشاهه اڪبر جي پٽ سليم (جيڪو پوءِ جهانگير جي نالي سام مشهور ٿيو) پنهنجي پيءُ خلاف بغاوت ڪئي ۽ سندس ٺهرايل هن قلعي ۾ پنهنجي شاهي ڪورٽ هلائي. اها 1602ع جي ڳالهه آهي. 1605ع ۾ اڪبر جهانگير کي پنهنجو جانشين تسليم ڪيو. ان تي جهانگير جي پٽ شهزادي خسرائو بغاوت ڪئي جو جهانگير جي انقلاب آڻڻ وارن ڏينهن ۾ اڪبر بادشاهه پنهنجي مرڻ بعد پنهنجي تخت جون واڳون جهانگير جي هن پٽ جي حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. سو هن جو ڏٺو ته سندس ڏاڏي اڪبر جو سندس پيءُ جهانگير سان صلح ٿيڻ تي ماڳهين سندس هٿن مان تخت ۽ تاج هليو ويو سو وٺي گوڙ ڪيائين. خسرائو جون هي ارڏايون ڏسي سندس پيءُ جهانگير کيس موچڙا هڻائي هٿ ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌرائي ڇڏيو. سال ٻن بعد هن کي انڌو ڪيو ويو ۽ نيٺ 1622ع ۾ کيس هن شهر الهه آباد ۾ مارايو ويو.
الهه آباد اهو شهر آهي جتي 1858ع جي بلوي (Sepoy Mutiny) بعد لارڊ ڪئننگ انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جون واڳون برطانيا جي حڪومت حوالي ڪيون.
ڪمڀ ميلي بابت ٻه سٽون هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪي مون سان گڏ سفر ڪندڙ مٿرا جي هندو پوليس آفيسر ٻڌايون.
“هندو ڌرم جي جنمي مٿ (Myths) مطابق هڪ دفعي ديوتائن ۽ شيطانن (Demons) جي ڪُمڀَ (دکيءَ) تي وڏي ويڙهه هلي جنهن ۾ آب حيات هو، يعني جنهن مڌ کي پيئڻ سان هڪ فاني شئي لافاني ٿي پوي. وشنو ديوتا جا هن دکيءَ ۾ هٿ ڦٻي ويا ۽ ان کي کڻي روانو ٿيو پر اڏام دوران هن مڌ جا چار ڦڙا ڌرتيءَ تي هارجي ويا. الهه آباد، هردوار، ناسڪ ۽ اجئين. زندگي لافاني ڪرڻ جي هن مڌ تي ٻارهن ڏينهن لڙائي هلندي رهي، آخر سوڀ ديوتائن جي ٿي ۽ کين ئي مڌ ملي. ان جو نظارو اڪثر هندو مٿ جي تصويرن ۾ چٽيل نظر اچي ٿو.
مٿين چئني شهرن ۾ ٻارهن سالن ۾ هڪ دفعو وڏو ميلو لڳي ٿو جو هندو مٿ مطابق ديوتائن جي زندگيءَ جو هڪ ڏينهن فاني انسانن جي ٻارهن سالن برابر آهي. هردوار شهر جنهن جو ذڪر شروع ۾ ٿي ويو آهي اتي هي وڏو ميلو (گڏجاڻي) سن 1998ع ۾ ٿيو، ان بعد ٽن سالن کانپوءِ 2001ع ۾ هتي الهه آباد ۾ ٿيو هو ۽ هاڻي الهه آباد ۾ اهڙو وڏو ميلو سن 2013ع ۾ لڳندو. الهه آباد جو ڪُمڀ ميلو سڀ ۾ وڏو، پوتر ۽ ڀلارو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ دنيا ڀر جا هندو جمنا ۽ گنگا نديءَ تي اچيو سنان ڪن. هي اهو ميلو آهي جنهن ۾ اگهاڙا ساڌو ۽ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ جوڳي به اچي نڪرندا آهن. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتان به الهه آباد جي هن ڪُمڀ ميلي لاءِ هندن جا قافلن جا قافلا روانا ٿيندا هئا جن جو بندوبست گهڻو ڪري “تان سري ڪشو” گلوب سلڪ اسٽور جو مالڪ ۽ سرڳواسي وڪيو مل لاکياڻي ڪندو هو.
بي بي سي جي هڪ پراڻي ۽ بيحد مشهور نمائندي مارڪ ٽليءَ هڪ ڪتاب لکيو آهي “No Full Stops in India” ان ۾ هڪ سڄي چئپٽر ۾ الهه آباد جي هن ڪُمڀ ميلي جو دلچسپ احوال لکيو اٿس
No comments:
Post a Comment