Friday, February 11, 2011

امرجليل رائيس


امرجليل رائيس

امر جليل فون ڪري پڇيو ته؛ ”اڄ جي اخبار پڙهي اٿم يا نه.“
”اخبار نه پڙهي اٿم پر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال فون ڪري ٻڌايو آهي ته سنڌي ادبي سنگت وارا پاڻ ٻنهي کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ٿا ڏين“.
امرجليل کلندي چيو؛ ”لڳي ٿو هو ڏاڙهين وارن کي پڪو مسلمان بنائڻ ٿا چاهين.
اڄ کان پورا ويهه سال اڳ ۱۹۸۹ع ۾ ملائيشيا حڪومت منهنجي ادبي خذمتن ڪري مون کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن بابت ملاڪا صوبي جي چيف سيڪريٽريءَ ايوارڊ ڏيڻ کان فقط ٻه ڏينهن اڳ مون کي فون ڪري ٻڌايو هو. ڏهاڪو کن سال ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز هلائڻ بعد ملائيشيا جي هڪ خوبصورت شهر ملاڪا ۾ رهي پيو هوس، جتي جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي سرپرست جي حيثيت سان پنج ڇهه سالن کان نوڪري ڪري رهيو هوس. درس و تدريس جي ڪم سان گڏ پنهنجو لکڻ پڙهڻ جو شوق به جاري رکيم. ملائيشيا بابت ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون عبرت ۽ هلال پاڪستان اخبارن ۾ لکندو رهيس، جن کي نيو فيلڊس پبليڪيشن جو مالڪ فيروز ميمڻ صاحب گڏ ڪري ڪتاب ڇپيندو رهيو. چيف سيڪريٽريءَ فون تي ئي ٻڌايو ته هنن کي پاڪستان ۾ موجود سندن سفارتخاني ۽ قونصل خاني کان معلوم ٿيو آهي ته آئون ملائيشيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بهتر تعلقات پيدا ڪرڻ خاطر ملائيشيا ملڪ ۽ ان جي ادب، ڪلچر ۽ ثقافت کي پاڪستانين سان متعارف ڪرائي رهيو آهيان.
بهرحال مون ته سوچيو به ڪونه هو ته منهنجي سفرنامن ڇپجڻ ڪري پڙهندڙن جا سيکاٽ، ميهڙ، تلهار ۽ بدين کان ايندڙ خطن کان علاوه مفت ۾ مون کي هيڏو وڏو انعام ملي ويندو. پر هينئر ٿو اهي ڏينهن ياد ڪريان ته مون کي ان ايوارڊ جو ٻڌي ڪا خاص خوشي نه ٿي هئي، جيتري هينئر سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ جو ٻڌي ٿيم. جيتوڻيڪ ملائيشيا وارن مون کي هڪ خوبصورت سرٽيفڪيٽ کان علاوه ٽن تولن جو سونو ٻلو (Medal) به ڏنو هو ۽ هن ايوارڊ (PJK) Pingat Jasa Kebaktian جي اهميت جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وڏا وڏا سرجن، انجنيئر، پروفيسر وغيره هن ايوارڊ ملڻ بعد پنهنجي سڃاڻپ واري ڪارڊ تي نالي بعد مختلف ڊگريون لکڻ بدران فقط PJK لکرائي ڇڏيندا آهن. ۽ هيڏانهن ڪنهن مون کي ٻڌايو ته سنڌي ادبي سنگت وارا ايوارڊ طور هڪ پلاسٽڪ جي شيلڊ ڏيندا. پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي خوشي ۽ excitement محسوس ٿي. ڇو جو هي ايوارڊ مون کي پنهنجن ماڻهن طرفان ملي رهيو هو. هونءَ ته اسان جي ملڪ جو اهو حال آهي جو سرڪاري انعام اڪرام گهڻو ڪري سرڪاري ڪامورن کي ملن ٿا يا وري انهن کي ملن ٿا جيڪي سرڪاري ڪامورن ۽ حاڪمن جي خذمت چاڪري ۽ ٽهل ٽڪور ڪن ٿا، جنهن کي “لابي” به سڏيو وڃي ٿو. ڪنهن مون کي چيو ته توهان کڻي ڪيترو به لکو پر توهان کي سرڪاري يا نيم سرڪاري اداري طرفان ايوارڊ ملڻ مشڪل آهي، جو توهان جي ڪا به لابي ناهي. ٻين اکرن ۾ لکڻ وارو ماڻهو لکڻ يا ان جي Quality کي بهتر بنائڻ لاءِ محنت ڪرڻ بدران وتي وقت جي حاڪمن جي چمچاگيري ڪندو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ جي خوشخبري ٻڌائي ته مون يڪدم پڇيومانس ته اهو ايوارڊ مون کي واقعي ميرٽ تي ڏنو پيو وڃي يا دوستي ياري ۾.
سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري دڙي شهر جو يوسف سنڌي آهي جنهن نه توهان کي ۽ نه توهان هن کي ڪڏهن ڏٺو آهي جو دوستي ياري جو شڪ ڪجي ۽ ٻي ڳالهه ته ايوارڊ لاءِ سنڌي ادبي سنگت وارا سڄي سنڌ جي نمائندن کان راءِ پڇندا آهن ۽ وڏي ميجارٽيءَ امرجليل ۽ توهان لاءِ ووٽ ڏنو آهي.
بهرحال امرجليل ته سنڌي توڙي اڙدو ۽ انگريزي ادب ۾ بيحد قدآور هستي آهي. اسان ڄامڙا هن اڳيان ڪا به حيثيت نٿا رکي سگهون. امرجليل منهنجو ننڍپڻ کان دلپسند ليکڪ رهيو آهي. سنڌي لکڻين ۾ هو منهنجو استاد ۽ رهنما پڻ رهيو آهي. سٺ واري ڏهي جا ٻه سال کن جيڪي مون ڪراچي شپ يارڊ ۾ ڪم ڪيو ان ۾ هر هفتي نوردين سرڪي صاحب جي آفيس ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ميڙاڪي ۾ جڏهن اسين پنهنجيون لکڻيون پڙهندا هئاسين ته امرجليل درستيون ڪندو هو. هن جا ادب بابت ڏاهپ وارا قول مون کي هميشه ياد رهن ٿا ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. بهرحال مون لاءِ اها ڊبل خوشي جي ڳالهه هئي ته مون کي هڪ ته ايوارڊ ڏنو ٿو وڃي ۽ ٻيو ته اهو ايوارڊ سنڌ جي عظيم هستي امرجليل سان گڏ ڏنو وڃي ٿو، جنهن جي مقابلي ۾ آئون ڪا به حيثيت نٿو رکان. بلڪ ڪجهه ڪجهه شرمندگي جو احساس ٿي رهيو اٿم ته ڪٿي هو ڪٿي آئون، جنهن جو گذر سفر مهاڻن، ماڇين ۽ ساٽين جهڙي “جينٽري” سان ٿو ٿئي ۽ منهنجيون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون ”وقت گذاري“ خاطر آهن. عجيب اتفاق آهي جو اهو ساڳيو احساس اڄ کان چاليهه سال اڳ ۱۹۶۹ع ۾ به ٿيو هوم، جڏهن پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس سنڌي ادب ۾ ان سال امرجليل جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”دل جي دنيا“ ۽ منهنجي سفرنامي ”منهنجو ساحل منهنجو ساگر“ کيBest Book of the year  قرار ڏنو هو ۽ ان وقت نظر ڏنڀاڻي خاطر جيڪا رقم (جملي رپيه ۸۵۰) علائقائي ادب لاءِ رکي وئي هئي، ان جي اڌ جو چيڪ مون کي مليو هو ۽ اڌ جو امرجليل کي.
مون کي ياد ٿو اچي ته ان ڏينهن امرجليل، تاج بلوچ، پي ٽي وي جو مئنيجر عبدالڪريم بلوچ ۽ آئون صدر ۾ الفا نالي هڪ ريسٽورنٽ ۾ چانهه ۽ سمبوسا کائي پوءِ اڄ واري پاسپورٽ آفيس جي سامهون هڪShanty Town نموني جي سرڪاري بئرڪن مان هڪ ۾ شمشير حيدري وٽ آيا هئاسين، جيڪو انهن ڏينهن ۾ نئين زندگي جو ايڊيٽر هو. شمشير وٽ بنا کير جي ”کير واري“ چانهه پي-يعني چانهه ٺاهڻ واري جي چوڻ مطابق هن کير وڌو آهي پر هو ”نه“ برابر-اسان ٻاهر نڪري هاڻ روانا ٿي ٿياسين ته سامهون هڪ فوٽوگرافر جو دڪان ڏسي مون چيومان ته هلو ته گروپ فوٽو ڪڍرايون. اسان چارئي ڄڻا اسٽوڊيو ۾ پهتاسين. مرحوم عبدالڪريم بلوچ ڏندن ڀڳل ۽ مَر لڳل ڦڻي کڻي پنهنجا وار سيٽ ڪيا ۽ پوءِ قطار ۾ ٿي بيٺاسين. اٺن ڪاپين جو آرڊر ڏنوسين، جيئن هر هڪ کي ٻه ملي سگهن. ٻن ڏينهن بعد آئون پنهنجي حصي جون ٻه ڪاپيون وٺي جهاز تي روانو ٿي ويس. انهن مان هڪ ڪاپي لورپول (انگلينڊ) پهچي خيرپور جي لعل جوڻيجو کي ڏنم ۽ ٻي ڪاپي فريم ڪرائي جهاز جي ڪئبن ۾ ڀت تي ٽنگي ڇڏيم. هڪ پاسي کان تن ڏينهن جي فلمي هيروئن وحيده رحمٰن جي تصوير هئي ته ٻئي پاسي شرميلا ٽئگور جي. فوٽو ۾ اسان هيرو ٿي لڳاسين. جهاز بدلي ٿيڻ تي اها تصوير ٻين جهازن تي به ٽنگيندو رهيس پر پوءِ سال تي سال گذرڻ تي احساس ٿيو ته اسان چارئي ڄڻا ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل عجيب مسخرا ٿا لڳون. پوءِ هڪ ڏينهن اها تصوير لاهي ڇڏيم ۽ الائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي. اڄ اها هجي ها يا جي ڪنهن وٽ هجي ۽ مون کي ملي وڃي ته ضرور اخبار ۾ ڏيڻ چاهيندس، جيئن اڄ جا نوجوان ۱۹۶۹ع جي بيل باٽم وارن ان وقت جي هيروز جي چال ڍال ۽ پوشاڪ کي ڏسي سگهن!
هڪ ٻي ڳالهه ياد آئي. ۱۹۷۱ع ۾ منهنجي شادي ٿي. اڄڪلهه ته ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان ۲۴ ئي ڪلاڪ رڌ پچاءَ جا طريقا سيکاريا وڃن ٿا، تن ڏينهن ۾ ٻاجهري جي ماني جي ترڪيب ٻڌائيندي به ماڻهن کي ٻرو چڙهندو هو. منهنجي زال کي رڌ پچاءُ صفا نٿي آيو پر چڱو جو جهاز جي نوڪري ڪري سڀ رڌو پڪو ٺهي ملندو هو. بندرگاهن ۾ مهمان ايندا هئا ته ڪمپني طرفان انهن جي ماني به جهاز طرفان هوندي هئي. پوءِ ڪراچيءَ جڏهن به جهاز ايندو هو ته اسان امرجليل جي گهر ايندا هئاسين، جيڪو انهن ڏينهن ۾ سعيد منزل (NJV اسڪول) واري لائين ۾ جميله اسٽريٽ تي هو. امرجليل سان منهنجي ادب ۽ ڪتابن تي ڪچهري هلندي هئي. تيسين سندس گهرواري منهنجي زال کي هر دفعي ٻن ٽن مختلف ڊش جون ترڪيبون ٻڌائيندي هئي. انهن سڀني ۾ اسان لاءِ دلپسند ۽ جهٽ پٽ واري ترڪيب چانور ٺاهڻ جي هئي. اڄ به جڏهن ماڻهو سنڌي برياني، بهاري ڪواب، پنجابي نان پاون جي ڳالهه ڪن ٿا ته اسان جي گهر ۾ ”امرجليل ڀت“ ياد ڪيو وڃي ٿو. بهرحال مون پنهنجي تقرير ۾ به ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته اڄ کان پورا ويهه سال اڳ ۱۹۸۹ع ۾ مون کي ملائيشيا حڪومت طرفان جڏهن ادبي خذمتن ڪارڻ ايوارڊ مليو هو ته ڪوالالمپور ۾ موجود اسان جي سفارتخاني وارا ڏاڍا خوش ٿيا هئا ته ملائيشيا ۾ ان قسم جو ايوارڊ هڪ پاڪستاني expatriate کي مليو آهي. ڌارئين ملڪ جي ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي آهي. اها به ان وقت جي سفير سيد عظمت حسن مون پاران وٺي ملائيشيا جي حڪومت کي اطلاع ڪيو. هو سڀ ڏاڍا خوش هئا. مون کي رکي رکي ائين پيا فون ڪن ۽ خير عافيت پڇن ڄڻ ملائيشيا ۾ ان وقت آيو هجان ۽ ان کان پنج سال اڳ وارو مدو آئون پاڻ نه پر منهنجو پاڇو ملائيشيا ۾ ترسيل هو. سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ جي مقابلي ۾ مون لاءِ ملائيشيا وارو ايوارڊ ڄڻ ”جنگل مين مور ناچا...“ وارو حساب هو. ايوارڊ ضرور مون کي مليو پر ڪهڙا منهنجا سڃاڻا ملائيشيا ۾ هئا جن تي لئه رکجي. مون وٽان پڙهي ويل شاگرد به اتي نٿا رهن، جو منهنجا شاگرد جهازن جا انجنيئر ۽ نيويگيشن آفيسر هجڻ ڪري تعليم ختم ڪرڻ تي پنهنجن پنهنجن جهازن تي ئي هليا وڃن ٿا. پر هتي سنڌي ادبي سنگت جو ايوارڊ حيدرآباد ۾ ملي رهيو هو، جتي جا ماڻهو منهنجا هم زبان ۽ هم وطن ٿيا ۽ جن مون کي سڃاتو ٿي ۽ ڪيترن کي مون به سڃاتو ٿي. ايوارڊ واري فنڪشن تي ته معلوم ٿيو ته آيل مهمان نه فقط حيدرآباد کان پر سڄي سنڌ کان آيا آهن

No comments:

Post a Comment