اهي سومناٿ جا سونا ڏينهن هئا
هونءَ سومناٿ مندر اهڙي هنڌ تي آهي جو اسان جا ڪيترا جهازي دوست جيڪي انڊيا جي ممبئي ۽ ڀر وارن بندرگاهن ۾ ايندا رهيا اهي باءِ Sea يا باءِ روڊ خاص ڪري دوارڪا کان ايندا رهيا. هونءَ به هي سومناٿ مندر يا جهونا ڳڙهه شهر، ڪاٺياواڙيا ڀوڄ وغيره اسان جي ڪراچي، حيدرآباد يا بدين کان پري نه آهن. جهاز کي ڪراچي بندرگاهه مان ڪڍي ٻاهر ڪري جيسين سسٽم کي ڊيزل آئل مان هيوي فيوئل تي چئنج ڪر ۽ فل اسپيڊ تي آڻي آٽو تي رکي انجن روم مان ٻاهر ڊيڪ( عرشي) تي اچ ته انڊيا گجرات جا مانڊوي ۽ مُندرا بندرگاهه به گذريو وڃن ۽ شام تائين دوارڪا، پوربندر ۽ سومناٿ وارو بندرگاهه ويراول به گذريو وڃي. يعني پاڻي وارو جهاز انهن کي لتاڙيو وڃي جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار بنهه گهٽ گڏهه يا خچر جيتري آهي. اسان جي شهرن بدين، ميرپورخاص يا عمر ڪوٽ کان ته سکر ۽ جيڪب آباد به پري آهن پر مانڊوي، ڀوڄ، موٿالا، فتح ڳڙهه، پالنپور ۽ پوربندر ۽ سومناٿ ويجها آهن. ٻه ڪانگ يا ڪي ٻيا پکي، هڪ ميرپورخاص مان جيڪب آباد لاءِ نڪري ۽ ٻيو سومناٿ لاءِ ته سومناٿ وارو گهڻو اڳ منزل تي پهچي ويندو. اهو هينئر سياسي بارڊرن جا چڪر آهن ۽ ڪاريون بسون ۽ هوائي جهاز نڪري پيا آهن پر جڏهن ماڻهو پنڌ ۽ اٺن تي هلندا هئا ته لاڙ ۽ وچولي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هي گجرات، مهاراشٽرا ۽ راجستان جا شهر وڌيڪ ويجها هئا. اسان جو والد صاحب ۽ سندس ڪلاس ميٽ وغيره مئٽرڪ جي امتحان لاءِ ممبئي ويندا هئا يا وڪالت لاءِ جهوناڳڙهه ته ٿرپارڪر مان اٺن ذريعي سفر ڪندا هئا ۽ اسان سنڌين کي هي شهر ڪوئيٽا، ملتان، لاهور کان ويجها پيا ٿي. ڪيترا ته سفر جا شوقين پيرين پنڌ نڪري پوندا هئا ۽ منزلون هڻندا بيڪانير، جيسلمير، ڀوڄ، ڄام نگر کان وٺي نڪرندا هئا ۽ هونءَ به اڄ کان اڍائي يا ٽي سؤ کن سال اڳ ڪٿي هيون ريل گاڏيون ۽ بسون موٽرون، ماڻهو پنڌ ۽ اٺن تي سفر ڪندا هئا. شاهه لطيف به انهن مان هڪ آهي جنهن ان دور ۾ ضرور اهي علائقا گهميا هوندا تڏهن ته انهن جا چٽا حوالا ڏئي ٿو.
هونءَ جيڪر پاڻيءَ جو ننڍڙو جهاز هجي، جهڙا سئو سال کن اڳ تائين هئا ته هن صوبي گجرات جي بندرگاهن جو جواب ناهي. منهنجي خيال ۾ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ گجرات ئي اهو صوبو آهي جنهن جو سڀ کان گهڻو سامونڊي ڪنارو آهي ۽ اهو به کاڌل ڪنارو آهي يعني جتي ڪٿي ننڍا ننڍا بندرگاهه ٺهي پيا آهن. آئون تصور ڪري سگهان ٿو ته انگريزن جي ڏينهن ۾ اهي بتيلي ٽائيپ سڙهن وارا ۽ پوءِ ٻاڦ وارا آگبوٽ هن گجرات واري علائقي ۾ هڪ ٻئي ڀرسان ٺهيل بندرگاهن ۾ فرحتي ويندا هوندا ۽ ٽريڊ ۽ واپار کان هن پاسي ميلو متل هوندو. هاڻ جهاز ايڏي وڏي سائيز جا ۽ اونها ٿي پيا آهن جو هن سموري علائقي جا بندرگاهه انهن لاءِ ننڍا آهن ۽ پاڻي به ايترو اونهو ناهي جيڏي اوچائي جهازن جي ٿي وئي آهي. گذريل صدي تائين سومناٿ مندر جيLocation واقعي ڀٽاري هئي جتي نه فقط خشڪي ذريعي پر سمنڊ ذريعي پڻ پري پري کان تيرٿي ڪَهي آيا ٿي ۽ جيترو پئسو هن مندر کي مليو ٿي اوترو ڪنهن کي نٿي مليو.
هندو ڌرم جي ڪيترن ماڻهن جو اهو اعتقاد آهي ته هي مندر سومراج، چنڊ ديوتا، پاڻ سون سان جوڙايو ۽ پوءِ وري راوڻ نئين سنئين چانديءَ مان ٺهرايو ۽ پوءِ ڪرشن ڪاٺ مان ٺهرايو ۽ پوءِ ان کي ڀيم ديو پٿر مان جوڙايو. سومناٿ جي هونءَ به لفظي معنيٰ آهي اهو جنهن جو نالو چنڊ تان رکيو ويو آهي. سومناٿ مندر ٻين به ڪيترن ئي نالن سان سڏجي ٿو. ديئو پاتڻ، پرڀاس پاتڻ يا پاتڻ سومناٿ. هي مندر سڀ کان گهڻي شان مان وارو ليکيو ويو ٿي جنهن ۾ ٻارهن مان هڪ جوتي لنگس (چمڪندڙ لنگس) هو جنهن هندن وٽ وڏي اهميت ٿي رکي. چون ٿا ته هن مندر جي ٺاهه جوڙ ۽ ٽهل ٽڪور لاءِ ڏهه هزار ڳوٺن مان خرچ حاصل ڪيو ويو ٿي. هڪ ئي وقت ٻه هزار برهمڻ ٻاون هن ۾ رکيل مورتي(Idol) جي خدمت ڪئي ٿي. مندر جو گهنڊ ڊگهي سوني زنجير سان وڄائي پوڄا پاٺ جو اعلان ڪيو ويو ٿي. سومناٿ مندر خبر ناهي ڪيترا دفعو ڦربو ۽ ڊهندو رهيو ۽ عقيدتمند هن کي وري ٺاهيندا رهيا ٿي. هن تي فقط افغان مسلمان محمود غزنيءَ حملو نه ڪيو پر نئين دهليءَ جو جواهر لعل نهرو يونيورسٽيءَ جي مشهور تاريخدان پروفيسر رميلا ٿپر جي چواڻي ته ڪيترا هندو راجا (چوندا ساماس اڀيراس ۽ يادواس) به هن مندر مان مال پاڻي ڪڍندا رهيا هن مندر لاءِ ايندڙ تيرٿين جي به ڦرلٽ ڪندا رهيا جيڪي پاڻ سان پئسو ڏوڪڙ ۽ ڳهه کڻي ان نيت سان نڪرندا هئا ته هن مندر کي Donate ٿا هلي ڪريون. هما چندرا نالي ٻارهين صديءَ جي هڪ ليکڪ اهوئي لکيو آهي ته مندر جي ڦرلٽ ۾ مسلمانن يا ترڪن کان وڌيڪ مڪاني هندو راجا Involve هئا. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سومناٿ مندر وڏي مال ملڪيت جو گدام هو ۽ مندر جي حوالي ايڏو ڌن دولت هو جو تباهيءَ بعد وري ان ٺاهيو ويو ٿي. محمود غزنيءَ هن کي ست دفعا تباهه ڪيو وري وري هن کي ٺاهيو ويو. پهريون دفعو جڏهن محمود غزنيءَ سومناٿ مندر تي 1024ع ۾ حملو ڪيو ته ان وقت مندر ايڏو خوشحال هو جو مندر ۾ 300 ساز وڄائڻ وارا ۽ 500 نچڻ واريون ڇوڪريون هيون ۽ زيارت لاءِ ايندڙ پوڄارين جي ٺوڙهه ڪرڻ لاءِ ٽي سئو حجام هئا. محمود غزني جي بُت ڀڃڻ (بت شڪن ٿيڻ) واري اسٽوري سان ڪيترن ئي تاريخدانن جو اختلاف آهي ته اهي سڀ پوءِ جون نصيحت ڀريون ڪهاڻيون آهن، جيڪي هن جي ڦُر کي Justify ڪرڻ ۽ هيرو بنائڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن. پهرين ڳالهه ته سومناٿ مندر ۾ ڪوبه بُت يا مورتي نه هو پر اهو سون جون Solid لنگا (مردانو عضوو) هو جيڪو شيوا ديوتا جو لنگا سڏيو وڃي ٿو.
محمود غزنيءَ جي حملن بعد علاؤالدين خلجي جي ڪمانڊر افضل خان سومناٿ تي حملو ڪيو. ان بعد هن مندر تي وري 1297ع، 1394ع ۽ آخري دفعو 1706ع ۾ اورنگزيب حملو ڪيو. ان 1706ع واري حملي بعد هن مندر جي وري ٺاهه جوڙ نه ڪرائي وئي. هندستان جي ورهاڱي بعد 1950ع ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل 1875ع ڄم- 1950ع وفات) جي ڪوششن سان ٺهي راس ٿيو ۽ مندر جي مين گيٽ جي سامهون هن جو Statue آهي ۽ 11 مئي، 1951ع تي انڊيا جي صدر ڊاڪٽر راجيندرا پرساد مندر ۾ نئون چمڪندڙ جوتي لنگم رکيو.
ٽرين جي دٻي ۾ هاڻ اسان جي ماڻهن (ڄاڃين) جي چرپر شروع ٿي وئي. هر هڪ پنهنجو سامان سهيڙي ٿيلهن ۾ پئي وڌو. سيٽن هيٺان هيڏانهن هوڏانهن هلي ويل چئمپل هٿيڪا ڪري بئگن ۾ وڌاسين ۽ جوراب بوٽ پائڻ لڳاسين يعني هاڻ اسان جي منزل بڙودا اسٽيشن آئي ڪي آئي. اسان کي بڙودا (اصل نالو ودودرا هو ۽ هاڻ وري ان ئي نالي سان هي شهر سڏجي ٿو) ۾ ڇڏي پوءِ هن ٽرين کي ممبئي وڃڻو هو. رستي تي هن کي گجرات صوبي جي ٽن وڏين اسٽيشنن تي ضرور بيهڻو پوندو يعني ودودرا (Vadodara) بعد ڀروچ ۽ ان بعد سورت جتي اسان سان گڏ سفر ڪندڙ اسٽونٽ ڇوڪريءَ کي لهڻو آهي ۽ ان بعد (Valsad) والسد گجرات صوبي جي آخري وڏي اسٽيشن آهي. ان بعد مهاراشٽرا جو صوبو شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ ’ممبئي‘ آهي. پورچوگالين جي ٻي وڏي ڪالوني گوا آهي جيڪا ممبئيءَ کان گهڻو هيٺ آهي.
هونءَ انڊيا ۾ توڙي سريلنڪا، ملائيشيا وغيره ۾ يورپي قومن مان پهرين اچڻ وارا پورچوگالي هئا. هو جهاز راني ۽ جاگرافي ۾ انگريزن، ڊچن ۽ فرينچن کان به تيز هئا پر انتظاميه ۾ صفا ڍڳا هئا. انتظاميه ڇا بلڪ ٺڙڳ ٺڳيون کڻي چئجن جن ۾ انگريز هوشيار هئا ۽ جيتوڻيڪ انگريز جتي ڪٿي پوءِ پهتا پر اٽڪلون ڪري مڪاني حاڪمن ۽ راجائن کان علاوه پنهنجن يورپين کان به حڪومتون کسيندا ۽ صوبن، رياستن ۽ ملڪن تي قبضو ڪندا رهيا. سڄي هندستان تي آخرڪار انگريزن جي حڪومت ٿي وئي. پورچوگالين وٽ آخر ۾ گوا ۽ اهو دمان رهيو جنهن سان گڏ Diu نالي هڪ ٻيٽ ۽ هوڏانهن فرينچن وٽ به انڊيا جو پانڊيچيري-هڪ ننڍڙو علائقو آخر تائين رهيو جنهن ۾ اڄ به فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي جيئن گوا ۾ پورچوگالي، ايتريقدر جو هنن هنڌن تي رهندڙ ماڻهن وٽ پورچوگال ۽ فرانس جا پاسپورٽ هئا ۽ هنن کي اهي سهوليتون مليون ٿي جيڪي انهن ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن کي هيون. 1961ع ۾ انڊيا حڪومت انهن کي به انگريزن وانگر ڀڄائي ڪڍيو. اڄ گوا ۽ دامن تي انڊيا جي حڪومت آهي پر اتي رهندڙ پراڻن ماڻهن کي جن وٽ پوچوگال جا پاسپورٽ آهن کين اڄ به اتان پينشن ۽ بيروزگاري الائونس ملي ٿي جيڪو انڊيا جي ڪنهن وڏي آفيسر جي پگهار کان به گهڻو آهي.
منهنجي خيال ۾ صبح جا ساڍا نو يا ڏهه کن ٿيا ته اسان جي گاڏي خير سان بڙودا اسٽيشن تي اچي پهتي. دريءَ مان ٻاهر ڏٺم ته ريلوي پليٽ فارم تي سيمينٽ جي وڏي بورڊ تي لکيل هوVadodara پهرين ته مون کي ائين لڳو ته شايد بڙودا کان اڳ واري اسٽيشن تي گاڏي پهتي آهي ۽ بڙودا اڃا پوءِ ايندو پر پوءِ خبر پئي ته اها ئي بڙودا اسٽيشن آهي ۽ هن شهر جو اصلوڪو نالو ”ودودرا“ ئي آهي. پر جيئن ته انگريز سرڪار کي ڪيترا ديسي لفظ اُچارڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ان ڪري هنن پنهنجي سهوليت لاءِ هن شهر جو نالو بڙودا رکيو جيئن قاهري جو ڪيرو، شام جو سِريا، انگريزن جي وڃڻ بعد به انهن جا رکيل نالا ڪافي عرصي تائين قائم رهيا پر هاڻ انڊيا حڪومت اهي بدلائي پراڻا رکيا آهن جيئن مدراس جو چنائي، بناسر جو ورناسي وغيره.
سامان کڻي گاڏيءَ مان لٿاسين ته اسان کي وٺڻ لاءِ ڪنواريتا تيار بيٺا هئا. ڪجهه ڪجهه جون شڪليون ڄاتل سڃاتل لڳيون ٿي. ٻاهر نڪري سامان ٽيمپو (ٽرڪ نموني جي ننڍي گاڏي) ۾ رکيوسين ۽ اسان ڪنواريتن طرفان آندل ڪارن ۾ اچي هوٽل ايڪسپريس پهتاسين جتي اسان جي رهائش جو بندوبست هو.
No comments:
Post a Comment