ابن بطوطه کي لاهري بندر ۽ بکر وڻيو
الطاف
شيخ
ان کانپوءِ ابن بطوطه سنڌ جي سامونڊي بندر لاهري جو ذڪر ڪيو آهي. لاهري بابت لکي ٿو ته هي خوبصورت شهر سمنڊ جي ڪناري واقع آهي. ان جي ويجھو سنڌو درياهه سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هي وڏو بندرگاهه آهي جتي يمن ۽ فارس جا واپاري وڏي تعداد ۾ آهن. انهي ڪري هي شهر ڏاڍو شاهوڪار آهي ۽ ان جو محصول به تمام گھڻو آهي. قاضي علاؤالملڪ فصيح الدين خراساني (ان وقت دهلي حڪومت طرفان لاهري بندر جي حاڪم) مون کي ٻڌايو ته هن بندر جو محصول سٺ لک دينار آهي جنهن جو ويهون حصو کيس ملي ٿو.“
لاهري بندر کان پوءِ ابن بطوطه بکر آيو. روهڙي ۽ سکر جي ڀرسان هن ٻيٽ نما بکر بابت ابن بطوطه لکي ٿو ته ” هي ڏاڍو خوبصورت شهر آهي. سنڌو درياهه جي هڪ شاخ هن جي وچان لنگھي ٿي. شاخ جي وچ ۾ هڪ تيار خوبصورت درگاهه آهي، جتي هر مسافرن کي کاڌو ملي ٿو. اها ڪشلو خان تيار ڪرائي هئي. هتي منهنجي ملاقات امام عبدالله حنفي ۽ شهر جي قاضي ابو حنيفه شمد الدين شيرازي سان ٿي. شمس الدين جي عمر هن جي چوڻ موجب 120 سال هئي.“
بکر کان پوءِ ابن بطوطه سنڌ ڇڏي ڏکڻ ڏي اُچ ويو. ضرور روهڙي مان ٻيڙي يا جهاز ذريعي سنڌو ندي مان سامونڊي ڪناري واري بندر لاهري آيو هوندو جتان ساڳي جهاز يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي ٻئي جهاز ذريعي اُچ (گجرات) ڏي مشهور بندرگاهه آهن جتان ڪيترائي ٻيڙا لنڪا ۽ مالديپ ويا ٿي. ابن بطوطه سن 1369ع ۾ پنهنجي ڳوٺ طنج (مراڪش) ۾ گذاري ويو.
ابن بطوطه وانگر هڪ ٻيو جهونو سياح مارڪو پولو نالي تمام مشهور ٿي گذريو آهي جنهن پڻ پنهنجي سفر جو ڪتاب لکيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين وڏي حيراني ۽ دلچسپي سان پڙهيو وڃي ٿو.
ڳالهه هيءَ آهي ته سياح، گھمڻ ڦرڻ وارا، ٽوئرسٽ، رول، Travelers ته هنن کان اڳ ۽ پوءِ به ڪيترائي ٿيا- عرب، چيني، انڊين، انگريز، يورپي وغيره ۽ سفرناما به ڪيترن ئي لکيا پر ابن بطوطه ۽ مارڪو پولو ٻنهي ڄڻن زندگي جو وڏو حصو سفر ڪيو. مختلف ملڪن ۾ رهي اتي جي زبانن، ريتن رستمن ۽ ڪلچر کي چڱي طرح سمجھيو ۽ پنهنجي اهميت ٻين ملڪن ۾ ايڏي مڃرائي جو کين وڏا وڏا عهدا ۽ انعام ملندا رهيا ۽ پوءِ پنهنجي وطن اچي انهن ڏورانهن ڏيهن جون ڳالهيون ۽ تجربا پنهنجي هم وطنين کي ٻڌايائون. ابن بطوطه دنيا جي هڪ ڪنڊ مراڪش ( المغرب) کان نڪتو ( انهن ڏينهن ۾ دنيا ايشيا يورپ ۽ آفريڪا تائين محدود هئي. آمريڪا جو ته نالو نشان به ماڻهن جي دماغ ۾ نه هو) ته ٻي ڪنڊ ملايا، چين، انڊيا وچ ايشيا کان وڃي نڪتو. 12 سالن جو هو ته گھر ڇڏيائين ۽ ٽيهه پنجٽيهه سالن بعد گھر موٽيو. هن اسلامي دنيا جو هڪ هڪ هنڌ ڪري گھميو ۽ ٻين لاءِ معلومات مهيا ڪئي. پاڻ پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻهو هو ۽ انڊيا توڙي مالديپ ۽ ٻين هنڌن تي قاضي جي عهدي تي رهيو ۽ اهو عهدو مالديپ جهڙن هنڌن تي تمام وڏو عهدو سمجھيو ويو ٿي جو ملڪ جي حاڪم کان وڌيڪ قاضي جو حڪم هليو ٿي.
ساڳي وقت مارڪو پولو جو سفر به اڄ تائين اهم مڃيو وڃي ٿو. يورپ جي ماڻهن کي چين ۽ ڏور اوڀر جون تفصيلي خبرون هن شخص ٻڌايون نه ته يورپ وارن کي ته اها به ڄاڻ نه هئي ته جپان جهڙي ملڪ ۾ شهنشاهي راڄ آهي ۽ اتي جو نرالو ڪلچر آهي. چين يورپ کان گهڻو سکيو ۽ ماڊرن آهي. ڀلا انهن ڳالهين جي معلومات ماڻهن کي پوي ته ڪيئن پوي؟ نه ريڊيو نه ٽيليفون، نه انجڻ نه گاڏي، سالن کان پوءِ ته اليڪٽرسٽي ايجاد ٿي بلڪ صدين کانپوءِ سفر ڪرڻ جو آسان طريقو ڪاٺ جا ٺهيل ڪپڙي جي سڙهه تي هلندڙ جهاز هئا جيڪي هوا جي زور تي هليا ٿي يا وري خشڪي تي گڏهه، گهوڙي، اٺ ذريعي سفر ٿيو ٿي. ڦيٿو گھڻو اڳ ايجاد ٿي چڪو هو ان ڪري گڏهه گاڏيون خاص ڪري ڍڳي گاڏيون ضرور هيون جن مسافرن سان گڏ سندن سامان به ڍوئيو ٿي. باقي نه هئي ريل نه ڪار، نه هوائي جهاز نه سائيڪل، اهڙي حالت ۾ جڏهن اخبار به نه هجي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ آيل مسافر علم جو خزانو هوندا هئا ۽ هي ٻئي سياح ٻين کان ڪجهه وڌيڪ ئي ڄاڻو، ذهين ۽ ڊگھو سفر ڪرڻ وارا هئا. مارڪو پولو ابن بطوطه کان به پراڻو سياح ٿي گذريو آهي. ابن بطوطه سن 1304ع ۾ ڄائو ۽ مارڪو پولو هن کان سٺ سال اڳ سن 1254ع ۾ وينس ۾ ڄائو. سترهن سالن جي ڄمار ۾ وطن ڇڏيائين ته 1295ع ۾ جڏهن هن جي عمر 41 سال ٿي پنهنجي ڳوٺ (وينس) موٽيو. وڏو هوشيار ۽ محنتي هو ۽ چين ۾ قبلائي خان جهڙن ڏنگن حاڪمن جي درٻار ۾ اعليٰ عهدا ماڻيندو رهيو.
No comments:
Post a Comment