ڀارت ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا
دهليءَ ۾ مسلمان ڪافي رهن ٿا پر هو مختلف علائقن ۾Pockets ۾ رهن ٿا يعني هنن جون ننڍيون ڪالونيون آهن جن جي وچ ۾ ڪا مسجد پڻ نظر اچي ٿي. هونءَ گهڻائي (ميجارٽي) غير مسلم خاص ڪري هندن جي نظر اچي ٿي جيڪي هونءَ به اڄ جي انڊيا ۾ اڪثريت ۾ آهن بزنس توڙي نوڪري ۾ هندو نالا نمايان نظر اچن ٿا. مسلمانن جا نالا ننڍن ننڍن ۽ پرائيويٽ نوڪرين ۾ نظر اچن ٿا، هنن جو بزنس به ننڍي پيماني تي آهي. فٽ پاٿن تي ٺڪر جون ڪونڊيون يا جانمازون وڪڻندي يا ٽوپين ۽ ڏاڙهين مان لڳندو ته هي مسلمان آهن. جمع جي ڏينهن قطب مينار وٽ مسجد حاجي علي خان نالي مسجد ۾ جمع نماز تي ڪافي مسلمانن سان ملاڪات ٿي. اهڙي طرح دهلي گولف ڪلب جي ويجهو عبدالله شاهه پوري شاهه جي مزار تي جيڪا بدر پور روڊ تي آهي ۽ قطب مينار کان آل انڊيا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ويندي رستي تي هڪ مسجد ۽ مدرسي ۾ پڻ مسلمانن سان عليڪ سليڪ ٿي. هن جو سڄو نالو ”لجامعه سليمانيه مدرسه زينت القرآن رحمتيه مسجد رياض الجنت سعديه“ آهي جيڪو اردو ۾ لکيل آهي.
ڪالڪا جي مندر واري علائقي ۾ جتي آئون رهان ٿو اتي ماءُ آنند مائي مارگ (روڊ) گووندا پوري واري علائقي ۾ جامع مسجد آهي جنهن مان لائوڊ اسپيڪر تي آيل بانگ پهرين ڏينهن ئي ٻڌم ۽ پوءِ شام جو سانجهي نماز تي ويس. هيءَ هڪ تمام وڏي مسجد ۽ مدرسو آهي جنهن ۾ پاسي واري ڪالوني ۾ رهندڙ مسلمان ۽ ٻيا آس پاس جا نماز پڙهڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هتي ننڍا ٻار قرآن جو ناظره ۽ حفظ پڻ ڪن ٿا. مسجد جي معلم استاد محمد روحيل جيڪو ٻارن کي قرآن پڙهائي ٿو تنهن ٻڌايو ته هيءَ مسجد ٽيهارو کن سان پراڻي آهي ۽ هتي هن شهر دهليءَ جا توڙي اوس پاس جي رياستن جا به ٻار اچن ٿا. خاص ڪري بهار صوبي جا.
”ڇو ڀلا؟ اتي بهار ۾ ڪنهن مسجد مدرسي ۾ قرآن پڙهائڻ جو بندوبست نه آهي ڇا؟“ مون پڇيو.
”آهي پر اتي غربت وڌيڪ آهي هتي سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست سولائيءَ سان ٿيو وڃي.“
مسجد جو مٿين ماڙ جي اڏاوت جو ڪم ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي ۽ هاڻ مڪمل ٿيڻ جي ويجهو نظر اچي ٿو.
”هن مسجد جي Maintenance ۽ مدرسي جي ٻارن جو خرچ پکو ڪير ڏئي؟“ مون مولوي محمد روحيل کان پڇيو.
اسان هر جمعي نماز تي نمازين کان مسجد لاءِ الڳ ۽ مدرسي لاءِ الڳ چندو جمع ڪندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهرين ملڪن، خاص ڪري عرب ملڪن کان آيل ٽوئرسٽ به مدد ڪن ٿا.“
مسجد سان لڳو لڳ گهڻو پري پري تائين ڪچا پڪا، سادا ۽ ڪجهه بهتر گهر ۽ فليٽ هئا. مولوي صاحب ٻڌايو ته هيءَ سڄي مسلمانن جي ڪالوني آهي.
اسان ته جئين ئي هوش سنڀاليو ته انڊيا جي ورهاڱي ۾ ٿيندڙ خونريزين جون ڳالهيون ٻڌيونسين جن ۾ اهو ئي هاءِ لائيٽ ڪيو ويو ته هندن مسلمانن سان ڇا ڇا نه ظلم ڪيا. اسان جا مسلمان جان ۽ مال جون قربانيون ڏئي نئين ملڪ پاڪستان ۾ آيا جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو جتي مسلمان سڪون سان رهي مسجدن ۾ نمازون پڙهي سگهن ٿا. هندستان ۾ ته هڪ مسلمان کي آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي پرئڪٽس ڪرڻ ۾ به دقت هئي. اڄ به اخبارن ريڊين ۽ ٽي وي چئنلن ذريعي، يعني اسان جي پياري پاڪستان جي ميڊيا ذريعي (خاص ڪري جنهن تي سرڪار سڳوريءَ جو هٿ آهي) اهوئي ٻڌاندا رهون ٿا ته هندو وڏي ظالم قوم آهي هو ڪشمير ۽ هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن سان ڇا ڇا ته ظلم ڪندا رهن ٿا وغيره وغيره.
ظاهر آهي صبح شام ان قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارو ته اهوئي سمجهندو ته اسان مسلمانن لاءِ خاص ڪري پاڪستانين لاءِ انڊيا جا هندو ڪات ڪهاڙا کنيو ويٺا آهن ۽ اتي رهندڙ اسان جا مسلمان ڀائر ته وڏي ظلم ۾ آهن. هنن پاڪستان ۾ نه اچي ۽ انڊيا ۾ رهي هڪ عظيم غلطي ڪئي. سو ظاهر آهي ان قسم جي معلومات منهنجي ذهن ۾ به جيڪو نقشو ٺاهيو هو ان موجب مون هتي دهلي ۾ رهندڙ هن مولوي صاحب کان پڇيو ته هندن جي چوڌاري رهندي توهان کي ڊپ نه ٿو لڳي. اڪثر هندن جا توهان مسلمانن خلاف هنگاما ته ضرور ٿيندا هوندا؟
مولوي صاحب ڪا گهڙي مونکي ائين حيرت مان ڏٺو جيئن آني مان تازي نڪرندڙ ڪڇون يا واڳونءَ جي ٻچي کي ڏسبو آهي ۽ پوءِ جواب بدران ويتر سوال ڪيائين:
”ڇو ڀلا؟ ڊپ ڇو لڳندو؟ هتي اڄ ڏينهن تائين ڪو اسان مسلمانن خلاف هنگامو نه ڏٺوسين. هندو توڙي اسين پنهنجا خوشيءَ جا ڏينهن ۽ تهوار سڪون سان گذريون ٿا ۽ سڪون سان رهون ٿا. هينئر به عيدون ٿيون ۽ هاڻي عاشورو گذريو آهي. اسين سڀ هن ملڪ جا شهري آهيون. ڪنهن کي به هتي جو قانون اجازت نٿو ڏئي ته ٻئي جي جان يا مال کي نقصان پهچايون.“
آئون چپ ٿي ويس. منهنجي ذهن ۾ اڳهين کان هڪ سوالن جي جيڪا لسٽ هئي سان پهرين جواب بعد Negate ۽ Null ٿي وئي پر تنهن هوندي به چئي ويٺس:
”توهان جي دل انڊيا ڇڏي پاڪستان اچڻ تي نٿي چوي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي.“
مولوي صاحب هڪ دفعو وري مونکي گهورڻ لڳو ۽ هو پڪ آني مان واڳونءَ جو تازو نڪتل ٻچو نه ته شتر مرغ جي تازي ڦٽل ٻچي کي ڏسڻ واري تعجب جي ليول تي مونکي نهارڻ لڳو ۽ وري سواليه جواب ڪيو:
”هتي جو رهندڙ مسلمان ڇو پاڪستان اچڻ چاهيندو؟! سڪون لاءِ!؟ حيرت آهي توهان ڪهڙي سڪون جي ڳالهه پيا ڪيو. توهان پاڪستاني هندن عيسائين کي ته پيا اغوا ڪريو ۽ اسلام جي نالي تي ڦين تي چاڙهيو پر پنهنجا مسلمان پاڻ ۾ به نٿا ٺَهو. شيعا سني ته هڪ ٻئي کي مارين پر سني به ڏهه فرقا ٺاهيو هڪ ٻئي کي پيا ڪُهن. ٻاهر ته ٺهيو پر مسجدن ۾ به نمازي پنهنجو پاڻ کي سلامت نٿا سمجهن. ڪرد ته ٺهيو پر زالون ۽ ٻار پيون ڍڳن ڍورن وانگر اغوا ٿين ۽ ڀنگ تي وڪامن.“
آئون چپ ٿي ويس پر تپندڙ باهه تي ڇنڊو هڻڻ لاءِ هڪ سوال مون وٽ ضرور هو جيڪو روزگار جو هو. انڊيا ۾ مسلمان بک پيا ڪرن، هندن جي حڪومت هنن کي نوڪريون نٿي ڏئي. پاڪستان خوشحال ملڪ آهي. اڄ به هندستان جا مسلمان نوڪرين ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ پاڪستان لڪيو لڪيو پيا اچن… پنهنجي ملڪ جي اخبارن ۽ ماڻهن کانٻڌل ڳالهين جو اظهار مون مولوي صاحب سان ڪيو جنهن کي هن رد ڪندي چيو:
نه اها ڳالهه ناهي. ڏسو نه نوڪريون ملڻ جو مدار تعليم ۽ تجربي يا هنر جي ڄاڻ سان آهي اسان مسلمان هونءَ به ماضيءَ جي خوبصورت ڪارنامن ۾ مدهوش رهون ٿا. محنت ۽ پورهيو اسان کي گهٽ ٿو پڄي، پوءِ ظاهر آهي نوڪريون به ان حساب سان ملنديون. پر ان هوندي به اسان کي هتي ڪا نه ڪا نوڪري يا ڪرت مليو وڃي جو انڊيا جي ايڪانامي تيز رفتار سان مٿاهين ٿي رهي آهي. ولايتن ۾ رهندڙ انڊين توڙي غير ملڪي هتي پئسو لڳائي رهيا آهن. توهان کي تعجب لڳندو ته ويندي توهان جي ملڪ جا ڪيترا بوري، ميمڻ اسماعيلي ۽ قاعدي جي سختي آهي، سيفٽي ۽ سڪيورٽي آهي. ان کان علاوه اسان جي ملڪ انڊيا کي دنيا ۾ پاڪستان کان وڌيڪ عزت سان ڏٺو وڃي ٿو. هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان سنگاپور ملائيشيا توڙي آمريڪا ۾ گهمڻ لاءَ وڃڻ به آسان ناهي. پر هڪ انڊين پاسپورٽ رکندڙ کي دنيا جي هر ملڪ ۾ نوڪري مليو وڃي، چاهي هو هندو هجي يا مسلمان. دنيا کي خبر آهي ته انڊيا ۾ تعليم جو معيار بلند آهي. انڊيا جو اهاڪو هنگامو نٿو ڪري، انڊيا جو ماڻهو دل جان سان نوڪري ڪي ٿو. اهوئي سبب آهي جو توهان جي ملڪ جا بزنس مين جن جون فيڪٽريون توڙي جهاز ولايت ۾ آهن پنهنجن پاڪستانين کي رکڻ بدران انڊيا جي ماڻهن کي رکن ٿا. اڄڪلهه جي دور ۾ انڊيا جو پاسپورٽ هجڻ هڪ سگهاري ڳالهه آهي ۽ پاڪستان جو پاسپورٽ هجڻ بدنامي ۽ خواريءَ جي علامت ٿي پيو آهي. سو انڊيا جو هڪ مسلمان ڪيئن پنهنجو وطن ۽ پاسپورٽ ڇڏي پاڪستان ايندو. هتي جي امن جو توهان ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن مسجد کي چار گيٽ آهن. جڏهن کان ٺهي آهي اڄ ڏيهن تائين ان جو هڪ در به بند نه ڪيو ويو آهي. ڏينهن رات کلي پئي آهي جيتوڻيڪ چوڌاري هندن جون آباديون آهن
No comments:
Post a Comment