ٻيڙيون ٻاجھارن جون، تاريون طوفانن . . .
الطاف شيخ
اٿاھ سمنڊ ۾ جتي اسانجا وڏا آفت جيڏا ۽ طاقتور انجڻن تي هلندڙ، جھاز به پيا لوڏا کائيندا ۽ اسانجا منهن لٿا پيا هوندا آهن اتي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن چپوءَ يا سڙه تي هلندر ڪمزور ٻيڙيءَ ۾ ويٺل همراهن کي کلندو ڏسي تعجب لڳندو آهي.
ان جو تجربو/ مشاهدو مونکي پهرين ئي سفر ۾ ٿيو. اسان جو جھاز جون ڌاري ڪراچيءَ کان نڪتو ۽ سانوڻيءَ جي سمنڊ ۾ سٽيو خليج بنگال جو ٻن ڏينهن جو سفر پورو ڪري هاڻ ملاڪا نار ۾ گھڙڻ وارو هو. خراب سمنڊ ـــ سو به پهرين ئي سفر ۾ پهرين ئي ڏينهن کان ملڻ ڪري سامونڊي زندگيءَ کان دل کٽي ٿي پيئي هئي. هڪ ڏينهن ملاڪا نار جي منهن وٽان لنگھڻ وقت، ڪمري جي دريءَ وٽ ڪا دير بيهي اهو ڏسي رهيو هوس ته ڪيئن نه اسانجو آفت جيڏو جھاز هڪ ڪمزور ٻار مثل لڳي رهيو هو جنهن کي سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون ايندي ويندي ٿڦڙون هڻي ڌونڌاري ٿي ويون. آئون اهو سوچي رهيو هوس ته ههڙي خراب موسم ۽ سمنڊ ۾ نوڪريءَ جي مجبوريءَ خاطر اسين اڌ چريا هن پيڙا ۾ ولوڙجي رهيا آهيون. ايتري ۾ ڏسان ته هڪ ننڍڙي ڪاٺ جي ٻيڙي جنهن تي ڦاٽل ليڙون ٿيل سڙه چڙهيل، ماڻهن سان ٽٻ، سامهون جھاز جي ڪام کان پئي اچي. سمنڊ جي وڏين ڇولين ۾ ڄڻ بال وانگر سادا کائي رهي هئي. اسان جي جھاز وٽان هيٺين ڊيڪ تي بيٺل جھاز جي خلاصين سيٽيون وڄايائون منجھس ويهارو کن عورتون ۽ ٻار هئا ۽ اوترائي مرد ويٺل هوندا. سڀ کلي رهيا هئا. ڪي زالون ڪچهڙيءَ ۾ مشغول هيون. ڪي ٻيڙي جي اَند تي پنهنجن ٻارن کي هنگائي مٽائي رهيون هيون. مردن جو هڪ جٿو پتي راند ۾ مشغول هو. ڪنڊ ۾ ڪجھ عورتن ۽ مردن دهل وڄائي ڪو راڳ پئي ڳايو. کين سمنڊ، موسم ۽ هيڻي ٻيڙيءَ جي ڪا پرواه ئي نه هئي ـــ رکي رکي سمنڊ جي وڏي اڇل ٿي آئي ته ان مهل هنن فقط ٻيڙيءَ جي هٿئي ۾ هٿ وجھي ڪِرڻ کان پنهنجو پاڻ کي ٿي بچايو ــــ ان بعد وري پنهنجي ڪرت کي لڳي ٿي ويا. اهي سڀ همراه انڊونيشي نسل جا ماڻهو هئا. جھاز تي ڪجھ فلپينو ۽ ملئي خلاصين ساڻن ڪنهن زبان ۾ ٻه چار جملا ڳالھايا، تيسين اسانجو جھاز سندن ٻيڙيءَ کان ڪافي پري نڪري ويو.
ڏينهن اڌ بعد جھاز سنگاپور پهتو. جڏهن سامت آئي ۽ شهر جو چڪر هڻي تازا توانا ٿياسين ــــ ۽ سامونڊي نوڪري وڻڻ لڳي ته اوچتو رستي تي مليل ان ٻيڙيءَ جي ياد آئي. جھاز جي هڪ فلپنو ملاح کي سڏي پڇيم ته اهي ٻيڙيءَ وارا ڪير هئا ۽ ڪيڏانهن پئي ويا. ”سائين اهي همراه هڪ انڊونيشي ٻيٽ جا ماڻهو هئا ۽ پنهنجي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ ڏي ڪا شاديءَ جي دعوت کائڻ وڃي رهيا هئا.“
”شابس هجين“. مون دل ئي دل ۾ سوچيو. اهڙي سمنڊ ۾ جتي اسانجي الٽين ۽ اٻراڪن جو ڦهڪو هو ۽ اڇل تي پيٽ ۾ پيل پاڻيءَ ڍڪ به ٻاهر نڪري ٿي آيو اتي هي همراه اهڙيءَ ڀڳل ڇوڏي جھڙي ٻيڙيءَ ۾ دعوت کائڻ پئي ويا.
”سائين هتي جي ماڻهن جو ٻيو ڪم ئي ڪهڙو ــــ چوڌاري هزارين ٻيٽ ننڍا وڏا پکڙيا پيا آهن. هنن لاءِ هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين وڃڻ ائين آهي جيئن پاڻ لاءِ ڪنڊ واري پيڊيءَ تان پان وٺي اچڻ.“
مون نقشي ڏي نهار ڪئي ته واقعي رڳو انڊونيشيا ۽ فلپين جا هزارها ٻيٽ هن سمنڊ جي ٽڪري ۾ پائوبر وانگر ڇٽيا پيا آهن. سوين اهڙا به ٻيٽ جيڪي ايراضي ۽ اوچائي ۾ ايترو ننڍڙا جو سمنڊ جي وڏي اڀام تي پاڻي هيٺ اچيو وڃن. سو واقعي هي جھڙا ٻيٽ تي تهڙا ٻيڙين منجھ. ۽ هيءَ ڳالھ ــــ شاديءَ جھڙي ته تمام وڏي ٿي جڏهن هو پيئڻ جي پاڻي لاءِ يا گاسليٽ تيل لاءِ هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين ايئن هلندا وتن ٿا جيئن ڪراچيءَ جي ڪيترين ڪالونين جا ماڻهو دٻا کني ڪڏهن ڪنهن نل تي ته ڪڏهن ڪنهن تي، يا اسان وٽ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو دوا ۽ ڊاڪٽر جي ڳولا لاءِ شيشو هٿ ۾ کڻي ڪڏهن ڪنهن ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال ڏي ته ڪڏهن ڪنهن ڏي هلندا وتندا آهن.
سخت اونهاري ۾ سنڌ جي رستن تان گاڏيءَ ۾ لنگهندي اهڙن هنڌن تي جتي ميلن تائين آبادي ناهي اتي واٽهڙن کي ڏسي تعجب لڳندو آهي ته هي ههڙي نٽھ اُس ۾ پيرين پيادا ڪيڏانهن پيا وڃن ــــ اڃان به سنڌ ۾ هاڻ ايترو محسوس نٿو ٿئي جو بجلي، رستن ۽ سوارين جي وڌي وڃڻ ڪري هر ميل تي ڪا سواري، آبادي يا پٺاڻ جي هوٽل نظر ايندي ـــــ سواءِ ٿر پارڪر، ٺٽي ۽ دادو ضلعي جي، پر مصر ۾ گاڏيءَ پورت توفيق کان قاهر ويندي، يا السڪندريا کان سئيز ايندي، رڻ پٽ ۾ اوچتو ماڻهو ڏسي تعجب لڳندو آهي ته چوڌاري ريتي ريتي ۽ رڻ پٽ لڳو پيو آهي، نه پيئڻ لاءِ پاڻي، نه ڇانو لاءِ منهه. هي پيرين پيادا همراه، يا ٻارن زالن سميت ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن ـــــ ڪيترو پنڌ اڃان ڪرڻو اٿن ۽ رستي تي اڃ، بک، ٿڪ کي ڪئين منهن ڏيندا ؟؟؟
سپ اهڙي طرح کلئي سمنڊ ۾ جتي ڏنگين ڏائڻين جھڙيون لهرون ۽ سيسر، شارڪ ۽ مڇ مڇيون منهن کوليو ويٺيون آهن. اتي هيئن ڪنهن ڪمزور دنگي کي درياءِ وچ ۾ ٻڏندو اپڙندو ڏسي ان ۾ ويٺلن کي دعا يا داد ڏيڻ بنا رهي نٿو سگھجي ته ملاح تنهنجي مڪڙيءَ کي شل ڪا سٽ نه اچي ۽ ڍينگ ڍرا ٿيو پون اتي هنن ناکئئن ۽ ناخدائن کي رب جو ئي آسرو آهي.
No comments:
Post a Comment