Friday, February 11, 2011

بئنڪاڪ جي عورتن طرفان نياپو - الطاف شيخ

بئنڪاڪ جي عورتن طرفان نياپو
الطاف شيخ
بئنڪاڪ ۾، هڪ دفعي ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ٻارهن ڏينهن رهڻو پيو. رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ ايترا ته گهٽ پئسا مليا جون مون سان گڏ ملائيشيا ۽ سنگاپور کان هلندڙ ڪيترن ساٿين آخري وقت تي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آءٌ ويس پر هوٽل ۾ رهڻ بدران، هڪ سستي Paying Guest هائوس ۾ وڃي رهيس. اهو مسواڙي گهر هڪ پراڻي اڏاوت وارو، شهر کان چڱو پري، ٻهراڙيءَ ۾ هو. ائين سمجهو ته سيمينار پرل ڪانٽينينٽل يا شيرٽن ڪراچيءَ ۾ هلي رهيو هو ته رهائش لاءِ هي گهر ملير لانڍي يا ماريپور پاسي ڳولهيو هوم. رهائش پري هجڻ ڪري صبح جو گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ کن اڳ ۾ اٿڻو پيو ٿي. جيئن سيمينار واري جاءِ تي وقت پهچڻ لاءِ “ٽُڪ ٽُڪ” ۾ ويهڻ لاءِ جاءِ ملي وڃي. بئنڪاڪ ۽ ٿائلنڊ جي ٻين شهرن ۾، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وٺي هلڻ لاءِ سوزوڪي ٽائيپ پڪ اپ هلن ٿيون، جن کي ٽُڪ ٽُڪ چون ۽ شهر مان لنگهندڙ درياهه ۽ ڪئنالن مان، ڀاڙي تي هلندڙ لانچن/ ٻيڙين کي، ٽئڪسي چون. ان قسم جي ڏورانهين ۽ پراڻي گهر ۾ رهڻ ڪري، سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ مليل معمولي رقم مان، گذارو ٿي سگهيو هو.

منجهند جي ، سيمينار وارا کارائيندا هئا. صبح جي نيرن، بس اسٽاپ واري ڪئنٽين مان، چانهه بسڪيٽن تي ڪندو هوس. رات جي ماني، هڪ گاڏي واري ملئي وٽ کائيندو هوس، جيڪو ڪڪڙ جا پيس، سورج مکيءَ جي تيل ۾ تريندو هو ۽ هتي جي اسپيشلٽي، لئيءَ جهڙو ڀَتُ، رڌيندو هو- جيڪو ڀَتُ گهٽ، هالا ۾ تاڃين ۽ ڳنڍڻين ۾ استعمال ٿيندڙ پيڻ (لَئي) وڌيڪ لڳو ٿي.
ان جاءِ کي ٽي ڪمرا مٿي هئا ۽ هيٺ هڪ وڏو هال، ورانڊو ۽ اڱڻ هوس. مٿين ٽن ڪمرن مان، ڪُنڊ وارو ڪمرو مونکي مليل هو جنهن ۾ ريڊيو به هو. پر آواز ڇت جي پکي مان ايندو هو. ريڊيو ماٺ ۾ رهندو هو. منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ ڪمپوچيا جا مسلمان رهندا هئا. زبان ته خبر ناهي ڪهڙي ڳالهائيندا هئا. رڳو ‘اسلام عليڪم’ منهنجو سمجهند ا  هئا ۽ سندن ‘وعليڪم السلام’ چوڻ، آئون سمجهندو هوس. ٻيو مڙيئي خير.
ٽئين نمبر- يعني آخري ڪمري ۾- جيڪو ڪمرو گهٽ اونداهي ڪوٺي وڌيڪ هو، هن ڀوت بنگلا گهر جو لئنڊ لارڊ پوڙهو ٿائي مالڪ ۽ سندس، کانئس وڌيڪ پوڙهي، زال رهي ٿي. عورت جي ٻي شادي هئي. سندس پهرين شادي سن 1940ع ۾ ٿي هئي. اها شادي گهٽ، تعدي وڌيڪ چئجي. ڇو جو مائٽن، وڏي عمر جو گهوٽ، پرڻايو هوس. اهو مڙس، ٻي وڏي لڙائيءَ بعد، سگهو ئي وفات ڪري ويو. کيس ان جو ڪو گهڻو ڏک نه ٿيو جو ان پوڙهي ۽ اگهي سان شادي ڪرڻ بعد، راڻي ٿي رهڻ بدران نوڪرياڻي ٿي، سندس خدمت چاڪري ڪئي هئائين.  مري ويو سون ٿيو. پر وري ساڳي غلطي  ورجائڻ بدران ‘جوان مڙس’ جي ڳولا ۾ رهي. ان ڪري ڪجهه سال بي اوهي بي واهي ٿي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ چنگ مائيءَ ۾ ڀرت ڀريندي رهي يا اسڪول  جي ڇوڪرين جي مٿن مان جُوئون ڪڍندي رهي. آخر سن 1955ع ۾ سندس جملي حق ۽ واسطا  هن مڙس سان قائم ٿيا. هاڻ زندگيءَ جا آخري ڏينهن هوءَ هتي، ان غيبات واري گهر ۾ گذاري ٿي. جنهن جو ڪجهه حصو مسواڙ تي ڏنو اٿس. جنهن مان سندن پيٽ گذر ٿئي ٿو. کين اولاد نه  ٿيو يا شايد هئو ته کين ڇڏي ٿائلنڊ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ پنهنجي منهن وڃي رهيو. هن وقت چڱيءَ طرح ياد نه اٿم جو اها ڳالهه مسواڙ تي هي ڪمرو وٺي ڏيندڙ دلال جنهن کي انگريزيءَ ۾ اسٽيٽ ايجنٽ سڏجي ٿو، ٻڌائي هئي. باقي هي پوڙها، باوجود ڪوشش ۽ چاهڻ جي، نه مون سان ڳالهائي سگهيا ٿي نه ڀر وارن مسواڙي ڪمپوچيني ماڻهن سان. ان ڪري جو هي به انگريزيءَ کان ته اڻ واقف هئا، پر ٿائي زبان به خبر ناهي ڪهڙي اتر ٿائلنڊ جي جابلو علائقن جي ڳالهايائون پئي. جن ۾ لائوسني ۽ برمي زبانن جا گهڻا لفظ آهن. بس رڳو صبح جو کنگهندي کنگهندي، مون سان انگريزيءَ ۾ ايتري سا گفتگو ڪندا هئا:
“ون مور ڊي؟” يعني اڄ گهر ڇڏيندين يا هڪ ٻيو ڏينهن به رهندين؟ آئون هائوڪار ۾ “ييس” چئي، ڏهاڙيءَ جي مقرر ٿيل مسواڙ، چار سو ڀات کين ڏيندو هوس. مسواڙ تي هيءَ جاءِ وٺي ڏيندڙ ايجنٽ، پهرئين ڏينهن ئي ٻڌايو هوم ته هتي رهڻ جي لاءِ مسواڙ روز ڏيڻي پوندءِ. جيئن پاڻ وٽ ايراني هوٽلن ۾ نوڪرن کي پگهار ڏيھاڙي ڏنو وڃي ٿو.
جاءِ جي هيٺين منزل تي يعني گرائونڊ فلور تي ڪا آفيس هئي. سنڌي رسالي “اديون” جي ايڊيٽر عمرالدين بيدار جي آفيس جهڙي. يعني ان آفيس جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو ڪو مقرر وقت نه هو. ٿائلنڊ جي ٻهراڙيءَ پاسي جون عورتون، ان آفيس ۾ اچي ويهنديون هيون. پهريان ٻه ٽي ڏينهن ٽين بجي ڌاري، سيمينار تان موٽيس ته ان آفيس ۾ ڪا چرپر يا ماڻهو ڇيڻو نه هو. پوءِ ٽئين يا چوٿين ڏينهن شام جو، مانيءَ لاءِ نڪتس ته زالن جو چڱو خاصو تعداد هو، جن مان ڪن تقريرون به ڪيون ۽ پوءِ ڪجهه بحث مباحثو ڪري بورڊ تي ڪجهه مطالبا لکيا. اهو سڀ ڪجهه ٿائي زبان ۾ ٿي رهيو هو، ان ڪري مون کي سمجهه ۾ ته ڪجهه به نه آيو. پنهنجي ئي سوچ موجب راءِ قائم ڪري سگهيس ٿي ته هي عورتون ڪو ڏينهن ملهائڻ جي تيارين ۾ آهن. پوءِ اهو ڏينهن ٿي سگهي ٿو، ڪو مذهبي هجي يا قومي يا ‘پهرين مئي’ نموني جو پورهيتن جو ڏينهن، جنهن ۾ عورت جي حقن جي گهُر ڪئي وڃي. يا مارئي فورم ۽ سرتين سٿ جهڙي تنظيم جون هي ميمبر هجن، جيڪي سماجي ڪمن جي نالي ۾ ڪٿي گهمڻ يا پڪنڪ ملهائڻ جو پروگرام ٺاهي رهيون هجن.
پنجين ڏينهن، ان کان به وڌيڪ عورتون اچي مڙيون. ڇهين ڏينهن اڃا به گهڻيون ۽ سندن تقريرون به وڌيڪ جوش اختيار ڪرڻ لڳيون. ستين ڏينهن هڪ آرٽسٽ اچي ٻن ٻن والن جي ڪيترن اڇن ڪپڙن تي عورتن جون تصويرون ٺاهيون، جن مان ڪن ۾ هُو ٻارن کي ٿڃ پياري رهيون هيون. هڪ سوزوڪيءَ ۾ بانس جا ڪيترائي لڙها اچي ويا. جيڪي مار/ڪٽ ۽ جهيڙي لاءِ بنگلاديش برما کان بئنڪاڪ تائين،هٿيارن طور استعمال ٿين ٿا.
ان مان اهو حساب لڳايم ته هن جلسي يا هنگامي ۾ عورتن جي حقن لاءِ ضرور ڪجهه مڃرايو ويندو. ٿي سگهي ٿو آمريڪا ۾ ڪنهن زماني ۾ هلندڙ ‘Women lib’ (عورتن جي آزاديءَ جي تحريڪ) جهڙي ڪا هلچل هجي ۽ پوءِ جلوس ڪري هلڻ وقت، ماڻهن کي پنهنجن مطالبن بابت آگاهه ڪرڻ بدران، مردن کي کُلي عام گاريون ڏيڻ ۽Male Chauvinist pig ‘مرد حرامخور سوئر’ آهن، جا نعرا هڻن.
بهرحال اهو ئي سوچيم؛ “جي اهڙو هنگامو ٿيو ته ويجهي ۾ ويجها ۽ پهرين موچڙا کائڻ وارا مرد، اسين مٿين ماڙ تي رهندڙ ٿينداسين.” ڇو ته بقول هڪ انگريز فيلسوف جي؛ “خيرات (۽ شايد مار موچڙو پڻ.) گهر کان شروع ڪرڻ گهرجي”.
اٺون ڏينهن موڪل جو هو. اهو سوچي هيٺ انهن عورتن وٽ سندن اوچتي وڌندڙ چرپر جو معلوم ڪرڻ ويس؛ “جي ڪا خطري واري تحريڪ هجي ته ڀڄي جان ڇڏائجي.” ڇو جو بقول هڪ چيني ڏاهي جي: ويڙهه جي ٻٽيهه طريقن مان سڀ ۾ سٺو طريقو ‘ڀڄي جان ڇڏائڻ’ آهي. هتي هن ڌارئين ديس ۾ جتي آمريڪن ۽ برٽش ايمبسيءَ وارن جي ئي نٿي هلي، اتي بقول هڪ سنڌي درويش جي: جت پڄڻ ناهي ڪم، ات ڀڄڻ ڪم وريام جو.
جيڪڏھن خطرو ناهي ۽ ڪا چڱي ڳالهه پئي ٿئي. ڪو کاڌو پيتو ورهائڻو اٿن يا تهتي ۽ ونتولو ٻيٽن جي ڇوڪرين وانگر پرديسين کي پيار مان تحفا ۽ سوکڙيون پاکڙيون ڏيڻ چاهين ٿيون ته پوءِ ان ڏينهن تي سيمينار کان غير حاضر رهي به هتي ترسي پئجي ۽ اهڙو سٺو موقعو نه وڃائجي ۽ سڀ ۾ اڳيان اڳيان ٿجي. بقول بنگالي چوڻيءَ جي: کاڌو گرم گرم کائجي، موچڙو ٺاري ٺاري.
هيٺ گڏ ٿيل ٿائي عورتن کان انگريزيءَ ۾ گهڻو ئي پڇڻ جي ڪوشس ڪيم پر سڀني اهڙي ٿائي ۽ علائقي غير جي زبان ڳالهائي جو سمجهه ۾ نه آئي. مطلب ته ڪلاڪ کن مٿو هڻڻ بعد، نه هنن مونکي سمجهيو ۽ نه مون هنن کي. مٿي ۾ سور ضرور ٿيو، البته ايترو مطلب ضرور سمجهيم ته هنن ۾ ڪا انگريزي ڳالهائڻ واري به آهي. اها جيئن ئي ايندي ته مونکي سڏينديون.
شام ڌاري اها اچي وئي ۽ مونکي سڏ ٿيو. آئون پٽڪي جا ور صحيح ڪري، هيٺ پهتس. يعني هونءَ جو ان ڏينهن موڪل ڪري گنجي ۽ نِڪر ۾ ويٺو هوس سو پينٽ قميص پائي، ماڻهو ٿي هيٺ لٿس. ڳوٺاڻين زالن جي وچ ۾ هڪ شهري قسم جي ٿائي عورت ويٺي هئي. سٺي انگريزيءَ ۾ خير عافيت ڪري مونکان منهنجو ملڪ پڇيائين.
“آئون پاڪستان کان آيل آهيان ۽ سفر ناما لکندو آهيان، يعني ليکڪ آهيان.” مون پنهنجو اصلي ڌنڌو مئرين انجنيئرنگ ٻڌائڻ بدران پنهنجو مشغلو يعني وندر ٻڌائي. مونکي خبر آهي ته سواءِ پاڪستان جي ٻين ملڪن ۾ اديب/ليکڪ جو مٿانهون مانُ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٿيو به ائين. هنن هڪ دفعو وري انگريزي ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڀليڪار ڪئي. پوءِ انگريزي ڳالهائيندڙ شهري قسم جي عورت چيو: “خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته توهان اسان جهڙي ملڪ سان واسطو رکو ٿا، جنهن جا پڻ ڪيترائي مسئلا ٿائلنڊ جهڙا آهن ۽ توهان هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ اسان جو پيغام پنهنجي ملڪ جي گهڻي کان گهڻن ماڻهن تائين پهچائي سگهو ٿا.”
“آئون ڪوشش ڪندس.” مون وراڻيو.
“توهان پنهنجي سفر نامي ۾ اسان جون ڳالهيون ضرور ڏجو. جيڪي نه فقط عورت ذات جي ڀلائيءَ لاءِ آهن پر سڄي قوم ۽ ملڪ لاءِ ڪارآمد آهن.”
پاڻ سرڪاري اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر هجڻ سان گڏ، سماجي ڪم پڻ ڪيائين ٿي. يعني هوءَ ٻيو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ رخسانا پريت هئي. هن سڄي ڌماچوڪڙيءَ بابت ٻڌايائين ته هو ٿالئنڊ جي ڳوٺاڻين مائرن کي تربيت ڏيئي رهيون آهن ته ٻارن کي دٻن جو کير پياري بيمار ڪرڻ بدران، پنهنجي ٿڃ پياري کين صحت مند بنائين.
“ڏسو نه!” هن جوش ۾ اچي چيو؛ “ڪو زمانو هو سڄي دنيا جون مائرون ٻارن کي ٿڃ تي پالي وڏو ڪنديون هيون، پوءِ آمريڪا ۽ ڪئناڊا پاسي جي عورتن ان کي خراب ڳالهه سمجهي. هنن عورت جي ڇاتين کي کير پيدا ڪرڻ جي شيءِ نه پر اشتهاربازي ۽  sexجو هٿيار سمجهيو. پوءِ اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن، سندن انڌي تقليد ڪندي پنهنجي ٿڃ ۽ پنهنجين مينهن ڍڳين جو کير ڇڏي، آمريڪا ۾ ٺهيل دٻن وارو کير پيارڻ شروع ڪيو! پوءِ ته ڏسندي ئي ڏسندي جپان، ڊئنمارڪ، آسٽريليا جهڙا ملڪ به کير جا دٻا ٺاهي اسان کي وڪڻڻ لڳا. نتيجي ۾ پئسو هڪ طرف ضايع/ زيان ٿيڻ لڳو ته ٻارن جي صحت ٻئي طرف بگڙڻ لڳي. هاڻ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جهڙا ملڪ ڳالهه سمجهي، پاڻ ساڳيو ٿڃ breast-feeding تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ سندن ٻار وڃن صحتمند ٿيندا ۽ اسين ايشيا جي ملڪن جا جاهل رهواسي، ٽي وي ۽ رسالن ۾ ڪوڙا اشتهار ۽ ٿلهن متارن ٻارن جا فوٽا ڏسي وتون پنهنجي ٻارن کي چرين وانگر دٻن جو کير پياريندا. هاڻ اسين ٿائلنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ جون ڊاڪٽرياڻيون ۽ سماجي خذمتگار عورتون، هتي جي ڳوٺ ڳوٺ تائين اهو نياپو پهچائڻ چاهيون ٿيون ۽ توهان جهڙن اديبن، اخبارن نويسين وغيره کي گذارش ڪنديونسين ته پنهنجن پنهنجن ملڪن جي عورتن تائين اهو پيغام پهچايو تهBreast Feeding is the Best ماءُ جي ٿڃ سڀني کيرن ۾ بهتر آهي.
“ڀلا هي بانس جا لڙها ڇو گهرايا اٿانوَ!؟ مردن کي مارڻ ڪُٽڻ لاءِ يا جيڪا عورت ٿڃ نه پياري ان کي سڌو ڪرڻ لاءِ؟” کلندي پڇيومانس.
کلي ٻڌايائين ته؛ “بانس جا ڏنڊا، ڪپڙن مان ٺهيل جهنڊن ۽ بئنرن لاءِ آهن، جن تي اسان نعرا لکيا آهن.
هڪ بئنر ڏي اشارو ڪري کانئس پڇيم؛ “آيا اها ڪا مطالبن جي ڊگهي  لسٽ آهي يا ڪا ٻي شيءِ؟
“اهي ٻار کي ٿڃ پيارڻ جا فائدا آهن، جيڪي توهان اخبارن ۾ ڏيئي دور دراز ڳوٺن جي رهاڪن تائين هيءَ ‘ميڊيڪل معلومات’ پهچائي سگهو ٿا ۽ انهن غريب ڳوٺاڻن کي اها طبي خبر پهچائي سگهو ٿا جن ۾ ايتري  سگهه ۽ پهچ ناهي جو شهرن ۾ اچي ڊاڪٽر يا ڊاڪٽرياڻين کان پڇي سگهن.
ان بعد ٿائي زبان ۾ ٿڃ پيارڻ بابت لکيل اهي فائدا مونکي لکائڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندي ويئي، جيڪي هن ريت آهن:
·         نئين ڄاول ٻار کي خوراڪ پهچائڻ جو سڀ کان سولو طريقو ٿڃ Breast Feeding ذريعي آهي.
·         ٿڃ پيارڻ سان ماءُ جو جسم صحيح رهي ٿو. هوءَ جلد ئي ان ساڳي صورت ۾ اچيو وڃي جنهن ۾ پيٽ سان ٿيڻ کان اڳ هئي.
·         ٿائي ڊاڪٽرياڻيءَ ميڊيڪل جو هڪ ڪتاب کڻي، ان ۾ ڇپيل شڪليون ڏيکاريندي سمجهايو ته عورت جي ٻچيداني ۽ ڇاتين جي مشڪن (Muscles) ڪنٽرول ڪندڙ تنتي سرشتي (Nerves) جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو آهي. ٻار جي کير پيئڻ ڪري ٻچيداني جلد ئي سُسي Contract پنهنجي نارمل صورت ۾ اچي ٿي. منجھس رهيل گند ڪچرو پڻ نڪريو وڃي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته قدرت پڻ ان ماءُ جي پاسي آهي جيڪا پنهنجي ٻار کي بوتل ۾ کير ڏيڻ بدران پنهنجي ٿڃ پياري ٿي.
·         ماءُ جي ٿڃ پيئندڙ ٻار، گهٽ روئي ٿو. ٻار کي اڪيلو ڇڏي، يا ٻين حوالي ڪري پوءِ وتجي کير جا دٻا، بوتلون، نپلون ۽ پاڻي ڀريندو، ان کان بهتر ۽ جلد ڪم، پنهنجي ٿڃ پيارڻ آهي، جيڪا هر وقت ريڊي ميڊ رهي ٿي.
·         سائنس ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اهي عورتون جيڪي ٿڃ پيارين ٿيون انهن کي ڪئنسر جهڙو موذي مرض گهٽ ٿئي ٿو.
·         ٿڇ ذريعي کير پيارڻ هڪ سستو، سولو، حفاظت وارو ۽ اڇت ڪم آهي. نه بوتلون ڌوئڻ جي گهل، نه پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ چُلهه ٻارڻ جي تڪليف، نه کير ڪوسي يا ٿڌي ڪرڻ لاءِ ديڳڙن يا ريفريجريٽر جي ضرورت. ٿڃ  ڏيڻ واري ماءُ، انهن سڀني ڳالهين کان ڇُٽي پيئي آهي. ٻار رڙ ڪئي نه آهي، کيس کير مليو ناهي ۽ عورت جي هر وقت صحيح ٽيمپريچر تي رهي ٿي.
·         ٿڃ پيارڻ سان ماءُ جي ماهواري، عارضي طرح بند رهي ٿي يا گهٽجيو وڃي. جيڪا عورت لاءِ سٺي ڳالهه آهي ۽ سندس جسم جون ڪيتريون طاقتون اجايو ضايع ٿيڻ کان بچيو وڃن.
·         “ان ۾ ڪا سچائي ناهي”، ٿائي ڊاڪٽرياڻيءَ ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي؛ “جيڪا اسان جيون پوڙهيون ڏاڏيون ٻڌائينديون هيون ته ٿڃ دوران پيٽ ٿي نٿو سگهي. ٿڃ  پيارڻ واري ماءُ کي ٻار ڄمڻ بعد، چاهي ماهواري نه اچي، ته به پيٽ ٿي سگهي ٿو. ان ڪري تڪڙي ٻار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ٻيو ڪو اپاءُ وٺجي. باقي ٿڃ تي هرگز دارومدار نه رکجي. ٻي ڳالهه ته ٿڃ پيارڻ دوران، برٿ ڪنٽرول واريون گوريون (Pills) هرگز نه کائجن.
·         ماءُ جي ٿڃ، ملاوت کان پاڪ آهي. پائوڊر وارو کير يا ڍڳي يا مينهن جي کير ۾ ملاوت به ٿي سگي ٿي پر ماءُ جو کير بلڪل نج ۽ وٽامن ۽ پروٽين سان ڀرپور رهي ٿو. “اسان وٽ ٿائلنڊ جي ڳوٺن ۾ اڪثر اهڙا واقعا عام ٿين ٿا  جو کير ۾ نانگ يا چِچي ڪِرڻ ڪري کير زهريلو ٿيو پوي.
·         ٻار ماءُ جي کير کي جلد هضم ڪري ٿو. ٿڃ پيئندڙ ٻار کي  قبضِي ۽ دست به گهٽ ٿين ٿا.
·         ٿڃ پيارڻ سان بچت پڻ ٿئي ۽ مهانگن ولائتي کيرن وٺڻ کان ماءُ پيءُ هڪ طرف بچي ٿو ته ملڪ جو پرڏيهي ناڻو الڳ بچي ٿو.

No comments:

Post a Comment