آئي ايم فرام يُوڪي
سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ ۾ پهتس ته ان وقت يارهن ۾ پنج منٽ ٿيا هئا. خوشي ٿي ته پوري وقت تي پهچي ويس هاڻ فنڪشن ڀلي کڻي دير سان شروع ٿئي. ٻاهر آڌرڀاءُ لاءِ چار کن سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن هئا جن ۾ هاڻوڪو چونڊيل جنرل سيڪريٽري يوسف سنڌي پڻ هو. يوسف سنڌي سان منهنجي ادبي ناتي سان ڄاڻ سڃاڻ اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ ٿي جڏهن نيو فيلڊس پبليڪيشن جي مالڪ فيروز ميمڻ حيدرآباد مان سندس اداري طرفان ڇپايل ڪتاب “سنڌي ادب جا سرچشما” موڪليو. يوسف سنڌيءَ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي زندگي ۽ انهن جي ادبي پورهئي بابت لکيو آهي. هر وقت سفر ۾ رهڻ ۽ جهاز تي توڙي جپان ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾، هر ماڻهو لاءِ مختصر رهائش هجڻ ڪري، مون ڪڏهن پنهنجن ڪتابن جو به سيٽ نه رکيو پر يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب مون سان هميشه گڏ رهي ٿو. ان ڪري نه ته هن ڪتاب ۾ يوسف صاحب مون تي ٽي چا صفحا لکيا آهن پر ان ۾ ٻين به ڪيترن ئي ادبين ۽ شاعرن جو احوال لکيو اٿس. ۽ مون لاءِ اهڙا ڪتاب جنهن ۾ منهنجي ديس جي اهم ماڻهن جو احوا ل ملي ٿو بيحد گهڻي اهميت رکن ٿا ۽ ريفرنس خاطر اهڙن ڪتابن کي هميشه پاڻ سان رکان ٿو. مون سان گڏ رهندڙ ڪتابن جي کوکي ۾ پير علي محمد راشدي جي “اهي ڏينهن، اهي شينهن” جي ٽن جلدن، حسام الدين شاهه راشدي جي “هو ڏوٿي هو ڏينهن” ۽ “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون”، جي. ايم. سيد صاحب جو “جنب گذاريم جن سين” کان وٺي ويجهڙائي ۾ ڇپيل “پائي پٽ ڪڻا” (ڊاڪٽر نورافروز)، سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ (تاج جويو)، سوجهرن جا سفير (بلوچ صحبت خان)، دادو منهنجيون يادون (ڌڻي بخش مگسي)، مارو جي ملير جا (خادم حسين چانڊيو) جهڙا پنجاهه کن ڪتاب گڏ رهن ٿا…. ان ڪري (شايد) انهن ڪتابن جا ليکڪ هميشه دل تي رهن ٿا.
سنڌي ادب جا سرچشما ڪتاب ۾ يوسف سنڌي صاحب امر جليل، اياز قادري ۽ ابراهيم منشي کان نسيم کرل، نورالهديٰ شاهه ۽ نوردين سرڪي تائين 50 کن ادبين ۽ شاعرن جو احوال ته ڏنو آهي پر سندس (ليکڪ) بابت هڪ سٽ به ڪٿي لکيل نه آهي. آئون هر وقت هن شخص بابت سوچيندو هوس ته ڪير ٿي سگهي ٿو! ٿي سگهي ٿو اسان وانگر پوڙهو هجي، گنجو هجي، گڪو هجي…. پر اڄ يوسف سان ملي خوشي ٿي. هو ته فلمي هيرو وانگر جوان، سمارٽ ۽ هئنڊسم لڳي رهيو هو. ڊاڪٽر نبي بخش هال ۾ گهڙي خبر پئي ته آيل مهمانن ۾ آئون ٻيو هوس. مون کان اڳ ملتان پاسي کان آيل هڪ پنجابي اديب نذير پهوڙ صاحب هو. ٺهيو مڙيئي خير آهي! آئون هونءَ به ادبي فنڪشن گهٽ اٽينڊ ٿو ڪريان. اڄ گهڻي کان گهڻن ادبين ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ماڻهن سان ملاقات هڪ طرف ٿي ويندي ته هن عمارت (سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي) جي ڀتين تي لڳل ڪاشي ۽ چٽسالي جو ڪم ڏسڻ لاءِ پڻ موقعو ملي ويندو.
يوسف سنڌي سان ڪچهري دوران خبر پئي ته سندس واسطو ٺٽي ضلعي جي دڙو شهر سان آهي. يوسف دڙي شهر ۾ پهرين آڪٽوبر 1967 تي جنم ورتو. پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ دڙو مان ئي حاصل ڪيائين. مئٽرڪ بعد فرسٽ ييئر ۽ انٽر سجاول جي ڪاليج مان ڪري بي-اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. پاڻ ڪافي عرصي کان سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن رهيو آهي. 2006ع کان جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري هو ته يوسف “پبليڪيشن” جو ڪم سنڀاليو ۽ سنڌي ادبي سنگت جا تيرهن هڪڙا ۽ ڇهه ٻيا پرچا ڪڍيا. يوسف سنڌيءَ جي ان ڪوشش کي ٻيا به ساراهي رهيا هئا. پبليڪيشن ۾ يوسف سنڌي جي ڪاميابي جو سبب سندس اخباري دنيا سان واسطو ۽ تجربو به چئي سگهجي ٿو. يوسف سنڌي 2003ع کان 2006ع تائين هلال پاڪستان اخبار سان به وابسته رهيو جتي هو “ڏاهپ” نالي سنڌي ادب جو صفحو ڪڍندو هو.
يوسف سنڌي جي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب “سنڌي ادب جا سرچشما” کان علاوه ٻيا ڪتاب به آهن جيڪي مختلف ادارن ڇپرايا آهن:
· پسي تنهنجي تجلي
· دڙي جا شاعر اديب ۽ تاريخ
· نجم عباسي……. سندس فن ۽ شخصيت
· تو ڇو پيار ڪيو. (ناول)
ٿي سگهي ٿو سندس هڪ ٻه ٻيو به ڪتاب هجي پر هن وقت اهي ئي ياد اچي رهيا آهن.
سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي عمارت جا ورانڊا ۽ بُڪ اسٽور جو چڪر هڻي اندر هال ۾ اچي ويٺاسين. مهمانن جي آمد جي رفتار ايتري سُست هئي جو منجهند جا ٻارهن ٿي ويا پر ڪي ويهارو کن مس آيا. اهي به سنڌي ادبي سنگت جا ئي ميمبر ڪارڪن هئا. پر اسان نٽهه اُس ۽ گرمي جو تاءُ نه جهلي اندر هال ۾ اچي پناهه ورتو. هونءَ ته هتي ئي ڄاواسين نپناسين پر هاڻ وڏو عرصو ٻاهر رهڻ بعد يا وڏي عمر جو ٿيڻ ڪري، جسماني resistance گهٽجي ويو آهي ان ڪري حيدرآباد جي گرمي برداشت نه پئي ٿي. منهنجي خيال ۾ ان ڏينهن گرمي به ڪجهه وڌيڪ ئي هئي جيئن يورپ ۾ سخت سردي ڪري ميلا ملاکڙا، فنڪشن ۽ ڪاڄ اونهار ي ۾ ٿين ٿا تيئن سنڌ جي سخت گرميءَ ڪري حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد وغيره ۾ ان قسم جون محفلون مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جهڙن اُلا وسائيندڙ مهينن بدران سياري ۾ ٿين. اهو به شڪر جو اسان وٽ ملائِيشِيا وانگر فقط هڪ موسم نه پر چار موسمون آهن ان ڪري اسان وٽ ميلا ملاکڙا ۽ محفلون ۽ مجلسون اونهاري بدران ٻين مهينن ۾ ٿين ٿا ۽ ٿيڻ به ايئن کپي تڏهن ته امر جليل پنهنجي تقرير ۾ گرميءَ جي شڪايت ڪندي چيو ته
“بابا ههڙي گرمي ۾ ڏينهن تتي جو توهان فنڪشن رکيو آهي، سنڌ ۾ ٻيون به ته موسمون ٿين ٿيون.”
بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جو اونهارو ڪو وڻندڙ ناهي. خاص ڪري جن ڏينهن ۾ لائيٽ نه هئي تن ڏينهن ۾ ڇا حالت هوندي هئي. خاص ڪري ٿڌن ملڪن کان آيلن لاءِ اونهاري ۾ سنڌ ۾ رهڻ ڪو سولو ڪم نه هو. تڏهن ته 1843 ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد سرچارلس نيپيئر ڏنوته حيدرآباد ۾ گرمي ايڏي آهي جو سندن اتي رهڻ سندن وس جي ڳالهه ناهي. سو هن پهريون ڪم اهو ڪيو جو پنهنجي فوج جي ٻن ڪئپٽنن کي حڪم ڏنو ته اوسو پاسو جاچي اچن ته حيدرآباد جي هن گنجي ٽڪر کان علاوه ٻيو ڪهڙو علائقو رهڻ لاءِ بهتر آهي. هُنن ٺٽو، بدين ۽ ڪراچي پاسو چڪاسي آخري رپورٽ ڏني ته ڪراچي سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري بهتر آهي ۽ اهو ميرن جو حيدرآباد وارو تخت گاهه ڇڏي ڪراچي کي گادي وارو شهر بڻايو وڃي.
ان ڏينهن جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ به سخت گرمي هئي پر حيدرآباد ته جهڙو کورو لڳي رهيو هو. ڪراچي کان ان وقت آيل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به اها ئي ڳالهه ڪئي. پر ٿوري دير کان پوءِ مون کي حيرت ٿي جڏهن منهنجي پٺيان واري قطار ۾ ويٺلن مان ٻن ڄڻن کان جڏهن ذوالفقار سيال سفر جو ۽ حيدرآباد جو احوال پڇيو ته هنن شڪر جو ڪلمو پڙهي چيو ته هتي وري به فرحت آهي!
ههڙي گرمي ۽ هي پيا چون ته فرحت لڳي پئي آهي! مون کي پنهنجي دادو واري ماسي ۽ اڄ کان اڌ صدي اڳ وارو زمانو ياد اچي ويو جڏهن گذريل صديءَ جي پنجاهه واري ڏهي جي شروعاتي سالن ۾ اسان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته اونهاري جي موڪلن ۾ اسين ڀائر ڀينرون ماءُ سان گڏ هالا کان حيدرآباد پنهنجي ناني جي گهر ايندا هئاسين. هالا ڳوٺ هو- حيدرآباد شهر هو. ان ڪري حيدرآباد وڻندو هو. هالا ۾ اڃا اليڪٽرسٽي نه آئي هئي پر اسانجوگهر ٿلهين ڀتين ۽ منگهن وارا هجڻ ڪري ناني جي حيدرآباد واري سرن سيمنٽ جي ڪمرن واري گهر کان ٿڌو هو. حيدرآباد اچي اسانکي آراڙيون به ٿي پونديون هيون. انهن ڏينهن ۾ دادوءَ کان اسان جي ماسي به ٻارن سميت حيدرآباد نانا جي گهر ۾ اچي لهندي هئي ۽ هوءَ هميشه اهو چوندي رهندي هئي ته هتي حيدرآباد ۾ فرحت آهي. ۽ پوءِ گهڻو گهڻو پوءِ، جڏهن اسين مئٽرڪ ۾ هئاسين ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو طرفان اسان کي جون جي مهيني ۾ دادو ۽ لاڙڪاڻي وٺي ويا هئا ته خبر پيئي ته انهن ڏينهن ۾ اتي جيڪا چِٽَ واري گرمي ٿئي ٿي ان جي مقابلي ۾ حيدرآباد جي گرمي ڪجهه به نه آهي.
مون پٺيان مُڙي هنن کان پڇيو ته هو ڪٿان آيا آهن؟ هڪ ٻڌايو ته هو قمبر کان آيو آهي ۽ ٻيو لاڙڪاڻي کان. چئبو ته هن فنڪشن ۾ فقط حيدرآباد جا نه پر سڄي سنڌ جا اديب آيا آهن….. بلڪ اڃا ته اچي رهيا آهن. هڪ ويهه ٻاويهه سالن جو سنهڙو نوجوان منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. هن مون سان فوٽو ڪڍرائڻ ٿي چاهيو.
“توهان ڪٿان آيا آهيو؟” مون ساڻس هٿ ملائي سنڌيءَ ۾ پڇيو پر هن عجيب Accent سان انگريزيءَ ۾ وراڻيو ته “آءِ ايم هنس راج فرام يوڪي!”
“پر آهيو ته سنڌي نه؟” مون وري سنڌيءَ ۾ پڇيومانس پر هن وري انگريزي ۾ جواب ڏنو:
“Yes I am Sindhi but from U.K”
مون به ديسي انگريز گهڻائي ڏٺا پر ههڙو نه جيڪو انگريزي جي جان نه پيو ڇڏي ۽ مونکي به انگريزي ڳالهائڻ تي مجبور پيو ڪري.
پر پوءِ خبر پيئي ته هو چرچا پيو ڪري ۽ هن جو U.K سان مطلب يونائٽيڊ ڪنگڊم (انگلنڊ) نه پر عمرڪوٽ آهي. هيءَ ڳالهه ايئن ٿي جيئن الهاس نگر (انڊيا) جو سنڌي بزنيس مين سندن ڪارخانن ۾ ٺهندڙ شين تي “ميڊ ان انڊيا” جو ٺپو هڻڻ بدران “ميڊ باءِ USA” جو هڻندا آهن ۽ سندن USA مان مراد “يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا نه پر الهاس نگر سنڌي ايسوسيئيشن” هوندو آهي. اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس ته اتي جي ڪنهن کاتي لاءِ هنن پاڪستانين کي رکڻ ٿي چاهيو ۽ اميدوارن جي انٽرويو وٺڻ لاءِ مون سان گڏ هڪ ملئي آفيسر به هو. انٽرويو کان هڪ ڏينهن اڳ اسان جڏهن اميدوارن جون C.Vs (بايوڊاٽا) پڙهي رهيا هئاسين ته هڪ اميدوار انٽر ته حيدرآباد جي سٽي ڪاليج مان ڪئي هئي۽ سندس ايم اي ايڪانامڪس جي ڊگري جي سامهون U.S لکيل هو.اسان ٻنهي کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ان جو مطلب ڇا آهي ۽ جي آمريڪا (يونائٽيڊ اسٽيٽس) مان M.Aڪئي اٿس ته ڪهڙي يونيورسٽي مان. ٻئي ڏينهن خبر پئي ته U.S مان هن جو مطلب “يونيورسٽي آف سنڌ” آهي.
No comments:
Post a Comment