خدا جو خوف آهي يا صحت کاتي جو موچڙو
پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ملڪن: انڊيا، بنگلاديش وغيره جو هڪ عام مسلمان نائن اليون واري حادثي يا دهشتگردي بعد اهو ئي سمجهي ٿو ته آمريڪا ۾ مسلمانن لاءِ زمين تنگ ٿي وئي آهي. مسلمانن جي، مذهب جي حوالي سان، آزادي ختم ٿي وئي آهي. پر هتي آمريڪا ۾ پهچي وڏن شهرن توڙي ننڍن ڳوٺن ۾ ديسي عورتن (يعني انڊيا پاڪستان جي عورتن) توڙي ايراني، عرب ۽ مڪاني مسلمان عورتن کي حجاب ۾ هلندو ڏسي، جتي ڪٿي مسجدن مان ۽ عام جاين تي ڏاڙهي ۽ آر جي ٽوپي ۾ مسلمانن کي آزاد نموني سان ايندو ويندو ڏسي پهرين حيرت ضرور ٿئي ٿي. "نيوهالا کان نيويارڪ" سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته نيويارڪ جهڙي شهر ۾ جتي اڄ کان ٽيٽيهه سال اڳ آئون فقط ٽي مسجدون ڏسي ويو هوس اتي اڄ هڪ سئو کان مٿي آهن ۽ نمازين سان ڀريل رهن ٿيون. ان رفتار سان ته حيدرآباد ۽ هالا جهڙن شهرن ۾ به مسجدون نه ٺهيون آهن. ٻارهن تيرهن سالن جي عـُـمر ۾ پنهنجي ڳوٺ جي مشهور مسجدن: متقين جي مسجد، سونارن جي مسجد، خليفن جي مسجد ۽ آخوندن جي مسجد وغيره ۾ فجر نماز تي ويندو هوس ته گهٽيءَ جا فقط چند پوڙها هوندا هئا جن سان پهرين صف به نه ڀربي هئي ۽ اڄ پنجاهه سالن بعد جڏهن هالا جي آدم شماري 25 هزارن مان ٻه لک ٿي وئي آهي ته به فجر نماز تي پهرين صف مس ٿي ڀرجي ۽ هيڏانهن آمريڪا جي مسجدن ۾ پوڙهن سان گڏ نوجوان ۽ ننڍن ٻارن کي ڏسي تعجب ٿو لڳي. ان ڪري ته آئون ڪڏهن ڪڏهن ان ڳالهه جي وڪالت ڪندو آهيان ته آمريڪا حڪومت جي غلط پاليسين تي تنقيد ضرور ڪريو پر هتي جي عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ۽ هتي عوام جنهن کي پاڻ "آمريڪن" سڏيون ٿا اهو ڪنهن خاص نسل جو جانور نه آهي پر دنيا جي ڀانت ڀانت ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو آهن جن ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جا هندو ۽ مسلمان ڀائر آهن ته غريب ۽ لاوارث فلسطيني مسلمان ۽ ڏتڙيل ۽ دربدر سومالي عيسائي به آهن. ڪرد ۽ پارسي آهن ته بنگالي ۽ بلوچ به آهن جيڪي مجبور ٿي پنهنجو وطن ڇڏي هتي پهتا“ اڄ هو "آمريڪن" آهن. هو ان نئين ديس ۾ نه فقط خوش گذارين ٿا پر پنهنجيّ ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو پنهنجن ملڪن ڏي پنهنجن مائٽن کي به موڪلين ٿا. آمريڪا جي اصلي باشندن جو جيڪو هڪ ننڍڙو انگ آهي اهو وِرلي ڪو نظر اچي ٿو ۽ اهي پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ قابليت موجب خوش آهن، سڪون ۾ آهن. هنن مان ڪنهن سان به اهي ظلم ستم نٿا ٿين جيڪي اسان جي ديس جي اصلي باشندن باگڙي ڀـِـيلن سان ٿين ٿا. هنن جو ڪو به "منوڀيل" ڪنهن شهر جي پريس ڪلب اڳيان انصاف لاءِ پريشان نظر نٿو اچي.
نيوجرسي رياست جي جنهن ننڍڙي ڳوٺڙيAvenal۾ آئون رهان ٿو اتي جا مسلمان، شاپنگ ايريا جي هڪ هوٽل شيزان ۾ جماعت سان نماز پڙهن ٿا يا ٿورو پري هڪ عرب طرفان ٺهيل مسجد ۾ وڃن ٿا. پر هاڻ سال اندر هنن جي پنهنجي مسجد تيار ٿي ويندي ۽ کين شيزان هوٽل جي بئنڪٽ هال ۾ نماز پڙهڻي نه پوندي جيڪو نمازين جي تعداد وڌڻ ڪري سوڙهو ٿو لڳي. ان نئين مسجد بابت لکي چڪو آهيان ته هتي جي مسلمانن چندا گڏ ڪري مسجد لاءِ زمين ورتي آهي جيڪو دراصل عيسائين جو هڪ پراڻو گرجا گهر (Church) هو. هتي چرچ ماڻهن جي ذاتي ملڪيت ٿين جيڪي انهن جا مالڪ وڪڻي سگهن ٿا. ان گرجا گهر کي هاڻ ڊاهي ان تي مسجد جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اوسي پاسي ۾رهندڙ عيسائين توڙي يهودين ڪو گارگند نه ڪيو، ڪو اعتراض نه ڪيو. هر هڪ کي خبر آهي ته هتي رهندڙ مسلمان هر ڪم قانون جي دائري اندر ڪري رهيا آهن ۽ انهن مسلمانن ۾ پاڪستان جا پنجابي به آهن ته انڊيا جا گجراتي ۽ تامل مسلمان به، پٺاڻ به آهن ته اسان جي ڪراچي جا اردو ڳالهائڻ وارا ۽ سنڌي به. سڀ پيار محبت ۾ هلن پيا ۽ ڪو آسمان نٿو ڪـِـري. ڪٿي به اسلام کي خطرو نٿو اچي جنهن جو ڊپ اسان وٽ هر ڳالهه ۾ محسوس ڪيو وڃي ٿو، بلڪه ڪـَـرايو وڃي ٿو. نماز کان اڳ يا نماز پڙهي ٻاهر نڪرڻ وقت ، ياڪار پارڪنگ ۾ نديم جوڻيجو سان ته هر وقت ملاقات ٿيندي آهي جو جنهن "حبيب آمريڪن" بئنڪ جو هو مئنيجر آهي اها ڀر ۾ ئي آهي، ڪڏهن ڪڏهن نواب شاهه جو مقبول ڏاهري يا دادو جو خالد چنا ۽ مسعود چنا نظر ايندا آهن.
نيوجرسي ۾ جتي آئون رهان ٿو، ويجهڙائيءَ ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ انجنيئر رميش ٿارواڻي به رهي ٿو. هونوڪريءَ کان علاوه ماڻهن جا ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي ٿو. سندس سنڌي هندن کان وڌيڪ مسلمانن جي مدد ڪرڻ ۾ وقت گذري ٿو. هفتي ۾ هڪ دفعو نيوجرسي جي واسواڻي سينٽر ۾ ويندو آهي ته مونکي به وٺي هلندو آهي يا مون لاءِ اتان ڪتاب ۽ رسالا کڻي ايندو آهي. مختلف مندرن ۽ آمريڪا جي هندو سوسائٽين طرفان ٿيندڙ فنڪشن بابت مونکي به ٻڌائيندو آهي. اڳ ۾ اهڙين فنڪشنن، دعوتن ۽ گڏجاڻين لاءِ سـِـڪبو هو ۽ پنهنجو وطن ياد ايندو هو. اڄ پنهنجي وطن کان وڌيڪ هتي پرديس ۾ خوشين جا جشن ٿين ٿا ۽ بيحد سهڻي نموني سان ٿين ٿا. نه رڳو هندو، سکن ۽ يهودين جا پر مسلمانن جا پڻ. ڪنهن به فنڪشن ۾ بم نٿو ڦاٽي، ڪنهن به گڏجاڻي ۾ پوليس جي لٺ بازي نٿي ٿئي، ڪنهن به جشن کي سياسي طرح سبوتاز نٿو ڪيو وڃي. اهو ڪو هفتو نٿو گذري جنهن ۾ اسان ديسين جو ڪو جشن، ڪا گڏجاڻي، ڪو مذهبي، سماجي يا ثقافتي ڪاڄ نٿو ٿئي.
گذريل هفتي ورجينيا ۾ منهاج القرآن ڪميٽي جي اهتمام هيٺ عيد ميلادالنبي صه جو جشن ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قرآن پاڪ ۽ نعتِ رسول پيش ڪيو. منهاج القرآن ڪئناڊا" جو ڊائريڪٽر علاما صادق قريشي خاص مهمان هو. هتي جي دوستن ٻڌايو ته هي جشن هتي هر سال ملهايو وڃي ٿو. هن دفعي روٽ ون تيBest westernهوٽل ۾ رچايو ويو جنهن جي هالن کي بئنرن ۽ رنگارنگ جهنڊين سان سـَـجايو ويو هو. چيف گيسٽ جي تقريرن کان علاوه ڊاڪٽر علامه ظفراقبال نوري ۽ ميان عبدالرشيد به تقرير ڪئي. وچ ۾ سانجهي ۽ سومهڻي جي نماز اتي ئي پڙهائي وئي جنهن بعد پاڪستاني ماني جو بندوبست ڪيو ويو جيڪو منهاج القرآن ايڊيوڪيشنل ۽ ڪلچر اڪيڊمي ورجينيا جي جنرل سيڪريٽري ۽ مشهور نعت خوان محمد تنوير چشتي جي چوڻ موجب ڪجهه هتي جي ديسي هوٽل تان ۽ ڪجهه گهرن ۾ ڪيو ويو.
مهمان خصوصي سان گڏ عثمان خان نوري، الحاج نور محمد جرال، ميان عبدالرشيد ۽ خرم يوسف زئي سان پڻ ملاقات ٿي جيڪي هاڻ آمريڪا جا شهري آهن ۽ هو آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن جي نوجوان ٽهيءَ کي ديني تعليم ڏيڻ ۾ سرگردان آهن ۽ هن قسم جي ڪانفرنس ڪرائيندا رهن ٿا.
هنن ئي ڏينهن ۾ بروڪلن (نيويارڪ) جي ڪوني آئيلينڊا ايوينيو تي "مدينا ريسٽورنٽ" نالي هڪ نئين هوٽل جو افتتاح ٿيو. هن علائقي (ڪوني آئيلينڊ ايوينيو) کي ننڍڙو پاڪستانLittle pakistanبه سڏيو وڃي ٿو جيئن سنگاپور جي سرنگون روڊ تي انڊين دڪانن ۽ هوٽلن جي ميجارٽي هجڻ ڪري ان علائقي کيLittle Indiaسڏيو وڃي ٿو. هن پاسي ڪنهن ديسيءَ جي هوٽل، دڪان يا اسٽور کـُـلندو آهي ته هتان نڪرندڙ اردو اخبارن ۾ ان بابت خبر ۽ اشتهار پڻ ايندو آهي. اشتهار ۾ ان هوٽل يا دڪان جي تصوير هوندي آهي يا وري ان اهم شخصيت جي ربن ڪپيندي تصوير ايندي آهي جيڪو افتتاح ڪندو آهي. تصوير جي مٿان يا تصوير تي "ماشاءَالله،" "هاذا فضل من ربي" يا وري "يه سب تمهارا کرم هي آقا" ضرور لکيل هوندو آهي. هڪ ته ان خيال کان به ته آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن کي احساس ٿئي ته هيءَ هوٽل ڪنهن مسلمان کولي آهي ۽ هن ۾ هر شيءِ حلال ملي ٿي جيئن ٿائلنڊ جي ڏکڻ وارن شهرن پٽاني، سونگڪلا، حاديا وغيره ۾ گاڏن تي کاڌو رکي وڪڻڻ وارا مسلمان پنهنجي گاڏي مٿان "بسم الله" پينٽ ڪرائي ڇڏين يا ان عبارت جو فوٽو فريم ڪرائي هڻي ڇڏين جيئن پاڙي واري ملڪ ملائيشيا کان آيل مسلمان ٽوئرسٽ سمجهي وڃن ته هتي حلال شيءِ وڪامي ٿي. هونءَ آمريڪا توڙي يورپ ۾ اهي هوٽلون جتي نان، چپاتي، پوريون، برياني ۽ ٻوڙ ملن ٿا، انڊين هوٽلون سڏيون وڃن ٿيون پوءِ اهي چاهي ڪنهن بنگلاديشيءَ جون هجن يا پاڪستاني مسلمان جون. ان معاملي ۾ هڪ پاڪستاني پنهنجي هوٽل جي ٻاهران پاڪستاني هوٽل لکرائيندي ڪيٻائيندو جو هن کي خبر آهي ته هتي جا کائڻ جا شوقين گورا "انڊين" کاڌي يا هوٽل جو پـُـڇائين ٿا ۽ هتي اهو "انڊين" لفظ پاڪستاني ، ڪشميري ۽ اتر انڊيا جي کاڌن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ڪيترا يورپي ۽ آمريڪي ٽوئرسٽ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي انڊين هوٽلن جو کاڌو ڏسي مايوس ٿي ويندا آهن جو انهن ملڪن ۾ ڏکڻ هندستان جا تامل، مليالم، ملباري، تيلگو ۽ ڪانڊا ٻوليون ڳالهائيندڙ رهن ٿا ۽ انهن جي اڊلي ڊوسا ۽ مرچن وارن ٻوڙن لاءِ انگريز ۽ يورپين جو ٽيسٽ اڃاDevelope نه ٿيو آهي. هو اڦراٽا،نان، برياني ۽ پاڻ وارا بصر تي رڌل گهٽ ، مرچن وارا ٻوڙ پسند ڪن ٿا.
نيويارڪ جي هن مدينا ريسٽورنٽ جي خبر اشتهار جي شڪل ۾ اردو اخبارن ۾ هن ريت آئي آهي:
"ڪوني آئيلينڊ ايوينيو" بروڪلن (نيويارڪ) جيڪو "لٽل پاڪستان" جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ان تي"مدينا ريسٽورنٽ ائنڊ سوئيٽس" جي نالي سان هڪ نئين ريسٽورنٽ جو واڌرو ٿيو آهي. 563 ڪوني آئيلينڊ ايونيو بروڪلن تي موجود هن هوٽل جو عظيم افتتاح جمع جي ڏينهن ٿيو.
(ڪراچي جي سئنيمائن ۾ نئين چڙهندڙ فلم وانگر هتي جي هوٽل يا دڪان وغيره جو افتتاح به ڪنهن "مبارڪ جمع" تي ٿيندو آهي. اهو ان ڪري به جو جمع ڏينهن شام کان هتي موڪل شروع ٿئي ٿي ۽ پورهيتن کي هفتي جو پگهار ملي ٿو. ٻي ڳالهه ته مٿي "عظيم افتتاح" لفظ مون لکيو آهي نه ته هتي جي انگريزي توڙي اردو اخبار ۾ انگريزي جو لفظ "گرينڊ اوپننگ" ئي لکيو وڃي ٿو ۽ ڳالهائڻ ۾ اهو لفظ ڪجهه پنجابي لهجي ۾ اُچاريو وڃي ٿو. هتي جي ديسين واتان اڪثر ٻڌبو ته "يار ڪالهه فلاڻي شيءِ جي گرينڊ اوپننگ ٿي هئي، اوڏانهن دعوت کائڻ ويو هوس" ) خبر ۾ اڳتي لکيل آهي ته:
"پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي جي معروف سماجي وسياسي شخصيت وڪشميرUSAجي ڊائريڪٽر ڪئپٽن خالد شاهين بٽ مدينا ريسٽورنٽ جي گرينڊ اوپننگ ڪئي. هن تقريب ۾ پاڪستاني آمريڪن ڪيمونٽي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مدينا ريسٽورنٽ خالص کاڌن جي ذائقي ۽ ذلت جي حوالي سان پنهنجو مثال پاڻ آهي، جتي سئو سيڪڙو حلال گوشت کان علاوه صحت جي اصولن کي به ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو.
اهو هڪڙو خاص Formatهتي جي کـُـلندڙ هوٽلن جي اشتهار جو. باقي رهيو سوال صحت جي اصولن کي ڌيان ۾ رکڻ جو، سو خبر ناهي خدا جو خوف آهي يا هتي جي صحت کاتي جو موچڙو آهي. جتي به هن قسم جا سرڪاري کاتا سخت آهن، ڪنهن جي سفارش ۽ رشوت نٿي هلي، اتي ڪڏهن به پاروٿي ۽Unhygenic شيءِ گراهڪن کي کارائي بيمار نٿو ڪيو وڃي ۽ پوءِ اهو ملڪ کڻي آمريڪا هجي، يورپ جو سئيڊن ۽ جرمني هجي يا ايشيا جو ملائيشيا ۽ سنگاپور هجي، تڏهن ته ملائيشيا ويندڙن کي آئون هر وقت اها ئي نصيحت ڪندو آهيان ته ڪنهن وڏي هوٽل ماني کائي اجايو پئسو ضايع ڪرڻ کان ڪنهن گاڏي واري کان ئي ماني وٺي کائيندا ڪريو. ڳالهه ساڳي آهي جو ملائيشيا جو صحت کاتو ۽ پوليس کاتو ايڏوسخت آهي جو ٿائلينڊ جي بارڊر کان وٺي سنگاپور تائين ملائيشيا جي هر شهر، هر ڳوٺ ۾ توهان کي ڪٿي به کاڌي ۾ ملاوت نظر نه ايندي
No comments:
Post a Comment