دهلي کان سورت
دهلي -900 ڪلو ميٽر:
دهلي نه فقط اڄ جي حڪومت جي گادي جو هنڌ آهي پر صدين تائين مختلف بادشاهن ۽ حڪومتن جي گادي جو شهر ٿي رهيو. دهلي هڪ پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي. “هيٺ ڏکڻ ڏي ويندي وقت هتي جي هڪ ڪلب ۾ يورپ جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي مدهوشي جي عالم ۾ سڄي رات ڊانس ڪندو ڏسندو رهيس.” هن ٻڌايو .
جيپور-1170 ڪلو ميٽر
ويهه لک آدمشماري جو هي شهر راجستان صوبي جو گادي وارو شهر آهي ۽ دهلي کان پورا 270 ڪلو ميٽر پري آهي. هي شهر گلابي رنگ جي گهرن ڪري pink city به سڏجي ٿو. هي شهر هتي هي جنگجو ۽ علم نجوم(Astronomy) جي ماهر مهاراجا جئسنگهه ٻئي 1727 ۾ ٻڌرايو. مهاراجا جئسنگهه ٻيو سن 1693ع ۾ ڄائو ۽ 1743ع ۾ گذراي ويو. هي اهو شخص آهي جنهن سن 1728ع ۾ مشهور observatory جنتر منتر ٺهرائي جيڪا اڄ به ڏسڻ وٽان آهي. شهر ۾ ٽي اهم روڊ هڪ ٻئي سان ملن ٿا: مرزا اسماعيل روڊ، اسٽيشن روڊ ۽ سنسار چندرا مارگ. هنن ٽن رستن ۽ انهن مان ڦٽندڙ گهٽين ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون آهن.
جيپور جي هڪ عمارت حوا محل هن شهر جي خاص نشاني آهي. پنج ماڙ هي بلڊنگ سن 1799ع ۾ مهاراجا سواج پرتاپ سنگهه ٺهرائي. جيپور جي راج مندر سئنيما ۾ فلم ڏسڻ وٽان آهي جيڪو سئنيما هال انڊيا جو مهانگو ترين ۽ خوبصورت سئنيما هال آهي.
اجمير-1300 ڪلو ميٽر
اجمير به راجستان صوبي جو شهر آهي ۽ جيپور کان فقط 130 ميل پري آهي. اجمير اهو شهر آهي جتي مغلن جي انگريزن سان پهريون دفعو ملاقات ٿي هئي، جڏهن سر ٿامس رو 1616ع ۾ جهانگير سان مليو.
اجمير صوفي درويش خواجا معين الدين چشتي جي درگاهه کان به مشهور آهي. هو ايران کان 1192ع ۾ اجمير آيو هو، سندس مقبرو همايون مڪمل ڪرايو ۽ درگاهه جو گيٽ حيدرآباد جي نظام ٺهرايو. شهنشاهه اڪبر هر سال آگري کان اجمير خواجه معين الدين چشتي جي درگاهه جي زيارت تي ايندو هو.
اجمير انگريزن جي Mayo college کان مشهور آهي. اجمير 1818ع ۾ انگريزن جي حوالي ٿيو ۽ هي ڪاليج 1875ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو فقط انگريزن ۽ انڊيا جي نوابن جي ٻارن لاءِ هو-جيئن لاهور جو ايڇيسن ڪاليج.
اڌيپور-1570 ڪلو ميٽر
انگريز چوندا هئا ته راجستان ۾ اڌيپور جهڙو ٻيو ڪو رومانوي شهر ناهي. بردرس گرم(Grimm) ۽ ٻين فرينچ آرٽسٽن لاءِ هي شهر دلپسند شهر رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي شهر ان جي لائق رهيو هو هن کي “Venice of the east” سڏيو ويو ٿي.
اڌيپور 1568ع ۾ مهارانا اُڌئي سنگهه ٻئي ٻڌرايو. اڌيپور محلاتن، مندرن ۽ حويلين جو شهر آهي. هن شهر جي چوڌاري ڍنڍون هجڻ ڪري پاڻي جي کوٽ نه رهي آهي ۽ شهر ۾ ڪيترائي پارڪ ۽ باغ آهن. ڪنهن زماني ۾ هن شهر جي چوڌاري ڀت هئي اڄ اها ڊهي چڪي آهي پر ان جا ڪجهه حصا ۽ گيٽ اڃا به موجود آهن. شهر جي چوڌاري پچولا نالي چار ڪلوميٽير ڊگهي ۽ ٽي ڪلو ميٽر ويڪري ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ آهي جيڪو جگمندر ٻيٽ سڏجي ٿو جنهن تي مهاراجا ڪرن سنگهه (1652ع -1628ع)جي نالي ٺهرايو هو. ٻيو مشهور محلات ان ساڳي ڍنڍ ۾ جگ نيواس ٻيٽ تي سن 1754ع ۾ مهارانا جگت سنگهه ٻئي ٺهرايو هو. اڄ اهو محلاتlake palace hotel جي نالي هوٽل طور استعمال ٿئي ٿو، جنهن جي ڪمرن جي مسواڙ تمام گهڻي رکيل آهي. هي محلات (ليڪ پئلس هوٽل)، شِو نيواس پئلس ۽ مون سون پئلس جيمس بانڊ جي فلم octopussy ۾ سيٽن طور استعمال ٿيا هئا. شهر جي وچ ۾ (هوٽل بڙي حويلي ۽ هوٽل انجاني جي ڀرسان) هتي جو مشهور ۽ جهونو مندر “ جگديش مندر” آهي جيڪو 1651ع ۾ مهارانا جگت سنگهه ٺهرايو. منجهس ڪري پٿر جو وشنو جي (جگن ناٿ جي روپ ۾) مورتي آهي، جيڪو هندو ڌرم مطابق ڪائنات جو مالڪ سمجهيو وڃي ٿو. ان کان علاوه پتل جي مورتي گودا جي به آهي. (گرودا انساني پکي جي شڪل جي وشنو جي سواري آهي.)
اڌيپور جون ٻيون مشهور جڳهون ڏسڻ وٽان آهن: گلاب باغ ۽ ان جي ڀرسان سجن نيواس گارڊنس، نهروپارڪ ۽ شهر جي اتر ۾ هڪ خوبصورت باغ آهي جنهن جو نالو آهي “ سهيليون ڪي باري” اڌيپور شهر ۾ رهائش لاءِ سستيون هوٽلون تمام گهڻيون آهن، خاص ڪري جگديش مندر وٽ ۽ بس اسٽاپ وٽ. دهلي گيٽ ۽ليڪ پئلسپ روڊ وٽ به جام هوٽلون آهن. هڪ سو کان ٽي سو روپيا مسواڙ واريون ڪجهه هوٽلون هن ريت آهن:
هوٽل بڙي حويلي، لال گيٽ گيسٽ هائوس، جگ نيواس گيسٽ هائوس، انجاني هوٽل، ليڪ شور هوٽل، هوٽل اپسرا ۽ جيڪڏهن توهان شهر کان ٿورو پرڀرو رهڻ پسند ڪريو ٿا ته پرتاپ ڪنٽري ان (inn)۽ ميوار ان(Mewar inn) جهڙي سستي رهائش ٿي نٿي سگهي. سئو سوا سئو رپيا روز جي مسواڙ مس آهي ۽ شهر اچڻ لاءِ بس جو ڀاڙو ڏهن رپين کان به گهٽ آهي. بهر حال هي سڀ سستين هوٽلن جا پار پتا ۽ اگهه آهن، اوچيون ۽ مهانگيون ته جتي ڪٿي آساني سان نظر اچيو وڃن.
احمدآباد-1830 ڪلوميٽر
راجستان کان پوءِ هيٺ ڏکڻ ۾ گجرات صوبو آهي ۽ احمد آباد گجرات جو وڏو شهر آهي. هاڻ ته انڊيا جي هر شهر ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽيون ٿي ويون آهن نه ته انگريزن جي راڄ ۾ احمد آباد ئي هڪ اهڙو شهر هو جنهن ۾ سڀ کان گهڻا ڪارخانا هئا جن جون چمنيون پري پري تائين نظر آيون ٿي ان ڪري هي شهر “مشرق جو مانچسٽر “ سڏيو ويو ٿي. شروعات ۾گجرات جي گادي جو هنڌ احمد آباد هو پر هاڻ نئون شهر گانڌي نگرآهي، جيڪو احمدآباد کان فقط 32 ڪلو ميٽر پري آهي.
احمدآباد شهر جو بنياد احمد شاهه 1411ع ۾ رکيو. ٽوڪيو، نيو اورلينس، بئنڪاڪ ۽ لنڊن وانگر هن شهر جي وچ مان به درياهه وهي ٿو، جنهن جو نالو “صبرمتي” آهي. هن ندي مٿان ڪيتريون پليون آهن جيڪي شهر جي ٻن حصن کي ڳنڍين ٿيون. انهن پلين جا نالا هن ريت آهن: سبهاس پل، گانڌي پل، نهرو پل، ايلس پل، سردار پل وغيره. اهي پليون شهر جي مشهور رستن کي ڳنڍين ٿيون. جهڙوڪ:آشرم روڊ، بالو نتراءِ ميهتاروڊ، ڪستوربا روڊ، سنت ثريا داس روڊ، رليف روڊ، سردار پٽيل روڊ، پريتم نگر روڊ وغيره. شهر ۾ 1423ع جي ٺهيل جامع مسجد به آهي جيڪا احمد شاهه ٺهرائي. ان کان علاوه ڊاڪٽر تنڪاريا روڊ تي ٺهيل راڻي روپمتي جي مسجد به مشهور آهي. اها مسجد 1440ع جي ٺهيل آهي ۽ سلطان احمد شاهه جي هندو زال جي نالي پٺيان آهي. انهن مسجدن کان علاوه راني سپري مسجد (جيڪا مسجد نگينه به سڏجي ٿي) 1514ع جي ٺهيل آهي ۽ سلطان محمود بيگدا جي زال ٺهرائي، راج بابري مسجد، دستور خان جي مسجد، هيب خان جي مسجد ۽ ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ ۾ سدي بشير جي مسجد وغيره آهن. اهڙي طرح هتي جا مندر مشهور آهن. جهڙوڪ: هاٿي سنگهه مندر جيڪو 1848ع جو ٺهيل آهي ۽ پندرهين جين ٽيچر (تير ٿانڪر) جي نالي منسوب ٿيل آهي. سوامي نارائڻ مندر جيڪو 1850ع جو ٺهيل آهي. هن مندر جي ڏکڻ ۾ نو قبا آهن جيڪي “نو گز پير” (نو والن جي پير) جي نالي سان مشهور آهي.
رهائش لاءِ سستيون هوٽلون رليف روڊ ۽ ريلوي اسٽيشن وٽ جام آهن پر اهي سڀ گوڙ گهمسان واريون هوٽلون آهن. ڪجهه مهانگين هوٽلن جا نالا هن ريت آهن: هوٽل ساحل، هوٽل بلواس، هوٽلKingsway، ميٽروپول هوٽل، هوٽل Mehul، هوٽل گڊنائيٽ، هوٽل ڪپري، هوٽل سريتا، ايمبسڊر هوٽل، هوٽل الف انٽرنيشنل، توران گيسٽ هائوس وغيره. انهن هوٽلن جي مسواڙ پنج سئو رپين جي لڳ ڀڳ آهي.
احمدآباد کان هي ريل گاڏيون بڙودا، ڀاءُ نگر، ڀوڄ، دوارڪا، ممبئي، دهلي ۽ اڌيپور ڏي روانيون ٿين ٿيون: شاتا بدي ايڪسپريس، گرنار ايڪسپريس،ڀوڄ فاسٽ پئسينجر، سوراسشترا ميل، گجرات ميل، سرووديا ايڪسپريس، اڌيپور ايڪسپريس وغيره.
سورت-2070 ڪلو ميٽر
احمدآباد کان سورت 240 کن ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي. رستي ۾ بڙودا ۽ ڀاروچ جا شهر اچن ٿا. ڀاروچ جنهن کي ڀروچ به سڏين هن پاسي جو تمام جهونو شهر آهي ۽ ٻه هزار سال پراڻي رڪارڊ ۾ ملي ٿو، شهر جي ڀرسان نرمادا ندي وهي ٿي جنهنجي ڪناري تي هڪ بيحد پراڻو مندر پريگو رشي نالي آهي جنهن تان هن شهر جو نالو ڀريگو ڪاچبا پيو جيڪو پوءِ فقط Bharuch سڏجڻ لڳو. هن شهر کان پوءِ هيٺ سگهوئي پنجاهه کن ڪلو ميٽرن تي سورت جو شهر آهي جيڪو تاپني ندي جي ڪناري تي آهي جيڪا خليج ڪئمبي (Bay of comay) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي جيڪو سمنڊ جو حصو عربي سمنڊ جو آهي. ان کان علاوه خليج ڪڇ به عربي سمنڊ جو حصو آهي جنهن جي منهن وٽ مانڊوي، اوکها،دوارڪا ۽ پوبندر جهڙا بندرگاهه آهن ۽ اهي بندرگاهه ڪراچي ۽ پورٽ قاسم جي بلڪل ويجهو آهن. ڪراچي کان حيدرآباد به پري آهي پر هي بندرگاهه ويجها آهن تڏهن ته اسان جا توڙي انڊيا جا مهاڻا خراب موسم ۽ سمنڊ ۾ سامونڊي سرحدون لتاڙيو ڌارين ملڪن کان وڃيو نڪرن پوءِ اتي غير قانون اچڻ جي ڏوهه ۾ جيل داخل ٿيو وڃن. ڪجهه اهڙي ئي ٿيم انڊيا جي فلم انڊسٽري “مين هون نا” فلم ٺاهي آهي، جنهن ۾ انڊيا جي حڪومت غريب قيدين (پاڪستاني) مهاڻن کي آزاد ڪرڻ چاهي ٿي.
سورت اهو شهر آهي جتي ايران جي شهر پارس کان لڏي آيل باهه جا پوڄاري Zoroasters)) ٻارهين صدي ۾ اچي رهيا. جيسيتائين بمبئي وڌيو ويجهيو نه هو ته سورت انڊيا جو مشهور بندر گاهه ليکيو ويو ٿي جتان هندستان جا ماڻهو حج لاءِ مڪي مديني روانا ٿيندا هئا.
سورت شهر ۾ انگريزن جي مشهور قبرستان کان علاوه ڊچن ۽ آرمينين جو به قبرستان آهي. هتي ڪيتريون ئي مسجدون ۽ هندن، جين ۽ پارسين جا مندر آهن. شهر ۾ ٻه اڍائي سئو رپين واريون سستيون هوٽلون ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان آهن جيئن ته روپالي گيسٽ هائوس، شمله گيسٽ هائوس،سروا جانڪ هوٽل وغيره. هوٽل سينٽل ايڪسيلنسي هوٽل يوراج ۽ ايمبسي هوٽل جهڙين جي مسواڙ هزار رپيا کن آهي.
سورت شهر ۾ احمدآباد يا ممبئي کان ريل گاڏي ذريعي به پهچي سگهجي ٿو. ممبئي کان سورت 263 کن ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي ۽ ريل گاڏي پنج ڪلاڪ کن وٺي ٿي ۽ رستي تي وڏي اسٽيشن فقط دمان آهي.
No comments:
Post a Comment