ڇا ڇا کائجي پيئجي ۽ بيمار ٿيڻ کان بچجي
دهلي جي هوائي اڏي تي فلائيٽ جو انتظار ڪرڻ دوران ڀر ۾ ويٺل انگريز سان خبرون ڪندو رهيس جيڪو ڪجهه ڏينهن دهلي گهمڻ بعد هاڻ باءِ ايئر بمبئي ٿي ويو. هو منهنجي اڳيان بار بار بئگ ٺاهيندو رهيو جنهن ۾ ڪيتريون ئي دوائن جون شيشيون ۽ گوريون هيون.
“توهان هيتريون دوائون کنيون آهن، ڏسڻ ۾ ته توهان بلڪل صحيح ٿا لڳو ؟” آخر پڇي ويٺو سانس ٽهڪ ڏيئي وراڻيائين: “بلڪل صحيح ٿا چئو. هي سڀ دوائون مون احتياط طور کنيون آهن.” هن ٻڌايو همراهه گهمڻ ڦرڻ جو شوقين ٿي لڳو بلڪ عادي سياح (مسافر) ٿي لڳو جنهن کي گهر ۾ سک نه اچي. پنهنجي تجربي بابت دوائن لاءِ ٻڌايائين ته مسافري ۾ کڻڻ ضروري آهن، خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ گهمڻ دوران جتيHygienic conditions صحيح نه آهن، نه پاڻي صحيح آهي نه هوا، مڇر،منگهڻ ۽ ٻيا ڏنگ هڻڻ وارا ڪيترائي جيت ۽ سرڻا آهن، جتي ڪٿي ڊاڪٽر يا صحيح دوائون نه آهن.
هن جيڪي دوائون کنيون هيون انهن ۾ بخار ۽ سور جي لاءِ ائسپرين ۽ پيرا سٽامول هئي. ٿڌ، زڪام ۽ نڪ بند ٿيڻ جي علاج لاءِ بيناڊرل ۽ ٻيون Antihistamiدوائون هيون جن مان جيتن جي چڪن يا ڏنگن کان به فرحت ملي سگهي. ڪجهه Antibiotics هيس جن لاءِ هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ هندستان جهڙن ملڪن ۾ ته کڻي سگهجن ٿيون باقي ملائيشيا، هانگ ڪانگ ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ ڊاڪٽر جي prescription هجڻ ضروري آهي. منهنجي خيال ۾ ساڳيو قانون آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ به آهي. انهن ملڪن ڏي ويندي يا سعودي عرب ۽ ايران جهڙن ملڪن ۾ ان قسم جون اهم دوائون ضرور کڻي وڃجن جو ٻاهرين ملڪن ۾ دوائون تمام مهانگيون آهن. پر انهن سان گڏ پنهنجي ملڪ مان ڪنهن ڊاڪٽر کان اهو ضرور لکائي وڃجي ته توهان لاءِ اهي دوائون ضروري آهن، نه ته اهي دوائون ڌارين ملڪن جي ايئر پورٽ تي توهان لاءِ مسئلو پيدا ڪري سگهن ٿيون.
ان کان علاوه هن انگريز وٽ دستن Diarrhoea ۽ الٽي جي علاج لاءِ stemetil ۽ مئڪسالان هيون. اسان جي ملڪ ۾ خبر ناهي اهي دوائون آهن يا نه پر Lomotil ته آهي جيڪي گوريون آئون به احتياط طور کڻي آيو آهيان. هن انگريز Antiseptic ۾ پاڻ سان بيٽاڊين کنئي هئي ۽ ريهئڊريشن مڪسچر پڻ. مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ موسپيل جهڙو لوشن پڻ هوس ۽ پاڻي کي صاف ڪرڻ جون گوريون پڻ. چوڻ لڳو:Number one rule is be careful of the water and specially ice
شهرن ۾ وري به پاڻي صاف ٿو ٿئي پر ڳوٺن ۾ خيال سان پاڻي پيئجي، گهٽ ۾ گهٽ اوٻاريل پاڻي پيئجي.اهڙين حالتن ۾ ٿي سگهي ته Mineral water وٺجي.
انڊيا ۾ ڪيتريون لوڪل ۽ ولائتي نالن واريون منرل واٽر جون بوتلون ملن ٿيون. انهن مان ڪجهه برانڊ نالا هي آهن: بسليري، انڊيا ڪنگ، آفيسرس چئائس، هني ڊيو ۽ اڪئا سيف وغيره.
“ دل ۾ نه ڪرين ته هڪ ڳالهه ٻڌائين،” انگريز سياح چيو.
انڊيا ۾ توڙي توهان جي ملڪ پاڪستان ۾ اهو سڄو فراڊ جو ڪم آهي. انهن ۾ ڪو به صحيح قسم جو منرل واٽر ناهي. نل جي پاڻي ۾ ڪيميڪل وجهي منرل واٽر جي نالي ۾ پيا پئسو ڪمائين.سندن خرچ فقط پلاسٽڪ جي بوتلن تي آهي جنهن ۾ پاڻي ٿا وجهن ۽ ٻيو اشتهارن تي. اهي بوتلون ٻارهين کان ويهين رپئي دڪانن تي ۽ ويهين کان پنجاهه رپئي توهان جي ملڪ جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ٿيون وڪامن. مزي جي ڳالهه اها ته انهن مان ڪن بوتلن ۾ ايڏو گندو ۽ پاروٿو پاڻي آهي جو ان کان نلڪن جو پاڻي پيئجي.
انڊيا ۾ ڪنهن زماني ۾ ڌارين ملڪن جا شربت ڪوڪا ڪولا، پيپسي يا سيون اپ جهڙا نه ملندا هئا پر هاڻ اهي سڀ ملن ٿا ۽ ان کان علاوه انڊيا جا مڪاني مشروب به اوترائي سٺا ۽ پاپيولر آهن جهڙوڪ ڪمپوا ڪولا، ٿمس اپ،Limca گولڊڻ اسپاٽ ۽ ڊبل سيون.
هن انگريز سياح کان کاڌي جي شين جو پڇيم ته ڇا کائڻ کپي، خاص ڪري انڊيا، پاڪستان يا بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾.
“اسان جي ملڪ جا انگريز هنن ملڪن ۾ حڪومت دوران رهي ويا انهن جي هڪ چوڻي مشهور آهي ته:
If you can cook it, boil it or peel it you can eat it…otherwise forget it…. يعني هر اها شيءِ توهان کائي سگهو ٿا جيڪا رڌي سگهو يا اوٻاري سگهو يا صوف، ناسپتي جهڙو فروٽ جيڪو ڇلي سگهو يعني جنهن جي کل لاهي سگهو. آئيس ڪريم کان ته اصل خبردادر رهجي. خاص ڪري اها جيڪا گهٽين ۾ وڪامي ٿي.”
بهرحال هاڻ اسان انگريزن وانگر ته خبردار رهي نٿا سگهون. اهڙو خبردار رهڻ کان ته بهتر آهي ته گهران ئي نه نڪرجي. منهنجي خيال ۾ هڪ هوٽل تان يا گاڏي واري کان به کاڌو وٺي کائجي جيڪڏهن اهو ڏسڻ ۾ اچي ته اهو کاڌو، ٿانوَ تپا ۽ surrounding صاف سٿري آهي ۽ کاڌو وڪڻڻ وارو به صاف سٿرو آهي.
No comments:
Post a Comment