Tuesday, February 08, 2011

ڄامشورو جي پُل مٿان

ڄامشورو جي پُل مٿان

اوساڪا جي ايئرپورٽ تي لهي ٻئي جهاز ذريعي جپان جي هڪ ڏاکڻي شهر فڪوڪا (صحيح لفظ فڪوئوڪا) ۾ پهچان ٿو. اتان بس ذريعي موجي (Moji) شهر ۾ اچان ٿو. جپان جو هي شهر “موجي” جيڪو بندرگاهه به آهي، مون لاءِ نئون نه آهي. 1988ع تائين، يعني اڄ کان پاءُ صدي اڳ تائين، هتي ڪيترائي دفعا پاڻيءَ واري ڪنهن نه ڪنهن جهاز کي وٺي اچڻ ٿيندو رهيو. هي بندرگاهه موجي ۽ سامونڊي درياهه جي ٻئي پار وارو بندرگاهه شمونوسيڪي جيڪي اڄُڪلهه ڪيمان پُل ذريعي ڳنڍيل آهن، ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهن: انچان ۽ پوسان کي ائين ويجھو آهن، جيئن مورو ۽ دادو جا شهر هالا ۽ ڄامشوري کي. وچ ۾ رڳو سمنڊ جو ڪجهه حصو لتاڙڻو پوي ٿو.

اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جا جهاز جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ سامان لاهي پوءِ ڏکڻ ڪوريا وڃڻ کان اڳ، جپان جي هن بندرگاهه موجي يا شمونوسيڪيءَ مان ٿيندا ويندا هئا. شمونوسيڪيءَ ۾، وڏا شپ-يارڊ هجڻ ڪري، واپسيءَ جي ڊگھي سفر لاءِ جهاز جي ضروري مرمت، ھتان ئي ڪرائبي هئي. نه ته به سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ هفتو ٻه ته ضرور بيهبو هو. هنن بندرگاهن ۾، نه فقط مڪاني ماڻهن سان ملاقاتون ۽ دوستيون وڌيون پر پنهنجن جهازي دوستن، ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن ۽ ڌارين جهازي آفيسرن سان پڻ ڪچهريون ٿيون. چو جو هتان هر جهاز جو لنگھه رهي ٿو ۽ هر وقت ڪيترن ئي ڄاڻ سڃاڻ وارن جا جهاز بيٺل ملن ٿا. هنن بندرگاهن جي هڪ هڪ رستي توڙي گھٽيءَ مان اسان جو اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي.

موجي بندرگاهه ۾ هڪ دفعو مون کي باءِ ايئر به اچڻو پيو. موجيءَ ۾ بيٺل اسان جي ڪمپنيءَ جي هڪ جهاز جو چيف انجنيئر بيمار ٿي پيو هو ۽ جهاز جي اتي مهينو کن مرمت هلڻي هئي. آ هڪ ٻئي جهاز تي جپان جي اتراهين بندرگاهه وڪاياما (Wakayama) ۾ هوس. مون کي اهو جهاز ڇڏي هن جهاز جي مرمت تي نظر رکڻ لاءِ موجي اچڻ لاءِ چيو ويو. آ فئمليءَ سان هئس ۽ مون موجي شهر ۾ هوٽل ۾ رهڻ بدران ڪنهن ننڍڙي گھر، (مسافر خاني) ۾ رهي پئسو بچائڻ ٿي چاهيو. ان سلسلي ۾ مون وڪاياما مان ئي موجي بندرگاهه جي مقامي آفيس وارن کي فون ڪيو، جن هڪ مسافر خاني جي پوڙهي مالڪڻ سان مون کي ڳالهرايو.

موجي شهر ۾ پوڙهيءَ جي مسافر خاني طور استعمال ٿيندڙ گھر جي ڳالهه مون کي هر لحاظ کان وڻي. بندرگاهه جي ويجھو هجڻ کان علاوه هي مسافرخانو شهر جي ٻين مسافرخانن جي مقابلي ۾ گھٽ  مسواڙ تي به هو. پوڙهيءَ نيرن تي جپاني کاڌو گوهان (ڀَتُ) ۽ ميسو شيرو (ڀاڄين ۽ ڳڙ جو سوپ، جيڪو هتي عام طرح نيرن تي ملي ٿو) ڏنو ٿي. گھر ڀرسان بس اسٽاپ به هو. پوڙهيءَ ٻڌايو ته سندس گھر اڳيان ندي (ڪاوا) به وهي ٿي. جپاني لفظ “ڪاوا” ندي ۽ درياهه لاءِ ئي استعمال ٿئي ٿو. جيئن نيل ندي، سنڌو درياهه، تيئن جپان ۾ سميدا گاوا وغيره آهن. (جپانيءَ ۾ ڪاوا اڳيان ڪو به لفظ لڳائڻ سان اهو گاوا ٿئي ٿو.)

“واهه جي Location آهي، پوڙهيءَ جي گھر جي!” مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ خيالن جي دنيا ۾ پاڻ کي ڄامشوري جي پل وٽ ٺهيل “المنظر” هوٽل ۾ محسوس ڪرڻ لڳس. (هيءَ 1974ع ڌاري جي ڳالهه آهي، جڏهن المنظر هڪ بيحد خوبصورت ۽ رومانٽڪ Spot سمجھيو ويو ٿي.) ماڻهو هن هوٽل ۾ چانهه يا ماني کائڻ کان وڌيڪ هتان سدا شاداب ۽ جوش ۽ اٿلون کائيندڙ سنڌو جو نظارو ڪرڻ ايندا هئا. هي اهو درياهه آهي، جنهن سان دنيا جي پراڻي ترين تهذيب وابسته آهي. هيءَ اها ندي آهي، جيڪا صدين کان وهندي اچي، تڏهن ته اسان جي ڳوٺ جي هڪ شاعر پروفيسر عبدالفتاح ابڙي (عبد هالائيءَ) پنهنجي دل کي سنڌوءَ سان تشبيهه ڏيندي چيو آھي:

“دل ناهه ڪا ڪئمپ فلسطيني،
جا جلندي رهي ۽ ٻرندي رهي.
دل ناهه ڪا شام بيروتي،
جا دونهين ۾ ڪاري ٿيندي رهي.
دل ناهه ڪا بيوهه جي چوڙي،
جا پرزا پرزا ٿيندي رهي.
دل آهي اسان جي سنڌو ندي،
جا عبد صدين کان وهندي رهي.”

“خبر ناهي موجي شهر مان هي ڪهڙو درياهه وهي ٿو، جنهن جي ڪپر تي هن پوڙهي جپانڻ جو گهر آهي، جنهن کي هوءَ مسافرخاني طور هلائي ٿي!” مون دل ۾ سوچيو هو. بهرحال هوندو ڪو درياهه. مون سڄي جپان جي جاگرافي ته نه پڙهي آهي، جو مون کي هن ملڪ جي هڪ هڪ درياهه، ندي، جبل ۽ ماٿريءَ جي خبر هجي. وڌ ۾ وڌ هتي جي بندرگاهن جي ڄاڻ رکڻ منهنجو فرض آهي.

آ ضروري سامان کڻائي، پوڙهيءَ جي گھر پهتس. پهچڻ سان جهاز جي ڪم ۾ اهڙو جنبي ويس جو صبح جو پوڙهي مالڪڻ طرفان مليل نيرن (سوپ ۽ ڀتُ) کائي نڪرندو هوس ته چانهه به اچي جهاز تي پيئندو هوس. هڪ ئي وقت جهاز جي ڏهن حصن تي ڪم هلي رهيو هو. مٿي کنهڻ جي فرصت نه هوندي هئي. شام جو ستين بجي شپ-يارڊ جي مزدورن جي موڪل ٿيڻ بعد آ جهاز تان گھر موٽندو هوس ته اونداهه ٿي چُڪي هوندي هئي. جهاز جون مشينون کليل هجڻ ڪري جنريٽر وغيره، سڀ بند هئا. بجلي ۽ پاڻي نه هجڻ ڪري، اسين سمورا، جهاز جا آفيسر توڙي خلاصي، جهاز جي ڪمپنيءَ طرفان، ٻاهر ڪناري تي هوٽلن ۽ جپاني اسٽائيل مسافرخانن ۾ رهياسين ٿي. ٻن ٽن ڏينهن بعد جيئن ئي جهاز جي ڪمن مان ٿوري واندڪائي ملي ۽ هوش ٺڪاڻي آيا ته مون کي درياهه جو خيال آيو. پوڙهيءَ چيو هو ته؛ “واتا  شينو اي اي نو (ايئينو) مائيوا ڪاوا گا اري  ماس” (منهنجي گھر جي اڳيان ندي وهي ٿي) ۽ هتي ڪا اهڙي ڪهاڻي نظر نه پئي آئي.

نيٺ گھر جي مالڪڻ کان نديءَ جو پڇيم ته هن سامهون اشارو ڪيو. ڪراچيءَ جي برنس روڊ تي وهندڙ گندي پاڻي جي نالي جيڏو ويڪرو هڪ نالو وهي رهيو هو. هي به گندي پاڻيءَ جو نالو هو، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ وانگر هتي جي نالين ۽ گٽرن مان فقط مينهن جو ۽ وهنجڻ جو پاڻي لنگھي ٿو. (ڪاڪوس وغيره جو سسٽم بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ زمين دوز آهي) ان ڪري ان نالي جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ نه گند ڪچرو هو ۽ نه ڪک پن ۽ نه وري پلاسٽڪ جون ٿيلهيون. پاسن کان وڻن ۽ گلن جون قطارون هيون.

“تو، لڳي ٿو ته درياهه نه ڏٺو آهي.” مون پوڙهيءَ کي چيو ۽ پوءِ ڪجهه ٽيڙي ۽ فخر مان مون کيس پنهنجي ملڪ جي سنڌوءَ جو احوال ٻڌايو: “ڪيڏي ويڪري، ڪيڏي اونهي ۽ ڪيڏي تکي وهڪري واري ندي آهي. اسان جو سنڌو ڪاوا (درياه) هماليه جبلن تان گجگوڙ ڪندو پنجاب ۽ سنڌ کي سيراب ڪندو عربي سمنڊ جي پيٽ ۾ هليو وڃي ٿو. سمنڊ وانگر سنڌوءَ ۾ لهرون ۽ ڪُنَ ٿين ٿا. ٻيڙيون ۽ بتيلا هلن ٿا.....” آ ٽانءِ ۾ ڀريل سامبر وانگر ويس پنهنجي سنڌوءَ جي تعريف ڪندو ۽ پوڙهيءَ جو ويو وات ڦاٽندو، ويو ڦاٽندو! ظاهر آهي ڪٿي هي گٽر جهڙو “نالو” جنهن ۾ ٻه مينهون به نه بيهي سگھن ۽ ڪٿي اسان جو سنڌو درياهه جو ويڪرو پيٽُ ۽ تکو وهڪرو جيڪو وڏن ٻيڙن کي به لوڙهي ڇڏي. ان سال ڳوٺان جهاز لاءِ ڪراچي ايندي ڄامشوري جي پُل وٽ ڪار مان لهي ڪا دير درياهه جي موجن کي ڏسندو رهيو هوس. شاهه لطيف هن درياهه جي ضرور هيءَ ارڏائي ڏسي چيو هوندو:

“دهشت دم درياهه ۾ جت لُڙ، لهرون، لسَ، ليٽ
آڻي اوڀارن ۾، پانڌي ٻوڙي ٻيٽ،
جِت چڪنئي چيٽَ، اُت ساهڙ سير لنگھاءِ تون.”

پوڙهيءَ کي اهڙا شعر ترجمو ڪري نه ٿي ٻڌائي سگھيس. باقي اسان جي سنڌو درياهه جي Colossal هجڻ جو Impression ڏيڻ لاءِ مون کي جپانيءَ ۾ جيڪي صفتون ياد  آيون ٿي اهي ٻُڌائي ورتم.
اڄُ پاءُ صديءَ بعد هن ساڳئي شهر ۽ ساڳيءَ گھٽيءَ مان لنگھڻ تي هن مسافرخاني جي اڳيان بيهي رهيس. گھر جي مٿان ٻه وڌيڪ ماڙيون ٺهيل هيون، جن جي ٻاهران مسافرخاني جو ئي بورڊ لڳل هو. ياد آيم ته موجي ڇڏڻ کان اڳ پوڙهيءَ پنهنجي پُٽ جي، هتي جي حساب سان، ڌوم ڌام سان شادي ڪئي هئي. جيڪا اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آ درياهه جي ٻيءَ ڀر واري بندرگاهه شمونوسيڪي کان هتي آيو هوس. ڪجهه سالن بعد ٻڌو هوم ته پوڙهيءَ جو اهو اڪيلو پُٽ جنهن سندس ڪاروبار ۾ به مدد ڪئي ٿي، هڪ هوائي حادثي ۾ مري ويو. پوڙهيءَ جي وري خبر نه پئي جو منهنجي دوستن جي جهازن به هنن بندرگاهن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو. آ ڪجهه دير سوچي، در جو بيل وڄائي اندر رسيپشن ۾ گھڙيس. سندس ٻنهي پوٽين، منهنجو مهمان جي حيثيت سان آڌرڀاءُ ڪيو، پر پوءِ مون جڏهن پنهنجو تعارف ڪرايو ته هو مون کي سڃاڻڻ لڳيون. سندن سڃاڻڻ تي مون کي تعجب لڳو.

“ڪمال آهي! توهان ته ڄايون به بعد ۾ آهيو. آ 25 ــ 24 سالن بعد اڄ هتي آيو آهيان.”

“ڏاڏي ٻُڌائيندي هئي ته هتي هڪ مئرين انجنيئر رهڻ ايندو هو، جيڪو باشو (جپاني شاعر) ۽ مشيما (جپاني ناول نويس) جو عاشق هو.” هنن مان هڪڙيءَ ٻُڌايو ۽ ٻي وري منهنجو جپان بابت سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامو، “جپان جن جي جيءَ سان” کڻي آئي. جيڪو مون تڏهن سندن ڏاڏيءَ کي يورپ جي ڪنهن بندرگاه مان پوسٽ ڪيو هو. هنن ٻُڌايو ته هوءَ يعني سندن ڏاڏي، چار سال کن اڳ اسي سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي.

“توهان جي اوباسان (ڏاڏي) عظيم عورت هئي.” مون سندن ڏاڏيءَ کي ياد ڪندي تعريف ڪئي ۽ ڪا دير خيالن ۾ گم ٿي ويس. هن پوڙهيءَ جي قرب ۽ خيال رکڻ جي ڪري آ موجي يا هن پاسي اچڻ تي هميشه هن جي ئي مسافرخاني ۾ رهندو هوس. مونکي ماٺ ۾ ڏسي پوڙهيءَ جي پوٽين مان هڪ ٻُڌايو؛ “اسان جو ڏاڏو هيروشيما ۾ ڪريل بم جو شڪار ٿي ويو هو.”

“وڪاري ماس ــ (مون کي ڄاڻ آهي)” مون ڏکويل آواز ۾ وراڻيو؛ “ان جي اثر ڪري توهان جي ڏاڏي ڪيترين ئي جسماني ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا هئي.”

“پر چون ٿا ته هن وڏي همت کان ڪم ورتو.”

“صحيح ٿيون چئو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي. بيمار هوندي به هوءَ گھر کي هلائڻ لاءِ سخت پورهيو ڪندي رهندي ھئي.” مون کين ٻُڌايو.

“هوءَ قربائتي به ڏاڍي هئي. سندس مري وڃڻ تي اوڙي پاڙي وارن به ڏاڍو ڏک ڪيو....”

“ضرور ڪيو هوندو.” مون وراڻيو؛ “کيس هر انسان لاءِ همدردي هوندي هئي. هن هر هڪ جو ڀلو چاهيو ٿي. ٻئي کي ڏکويل ڏسي پاڻ پريشان ٿي ويندي هئي. آ پهريون دفعو جڏهن هن وٽ آيو هوس ته منهنجي ننڍڙي سال کن جي ڌيءَ کي، تيز طوفاني هوائن ڪري يا شايد وڪاياما کان موجي هوائي جهاز جي سفر ڪري، ڪن ۾ سُور اچي ٿيو. منهنجي زال، نه هن شهر جي واقف هئي ۽ نه اڃا جپاني آيس ٿي. پوءِ توهان جي ڏاڏي پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي، منهنجي ڌيءَ جي علاج لاءِ مختلف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ ڊوڙندي رهي. مون کي چوندي هئي؛ “تون نه گھر جو خيال ڪر نه پئسي ڏوڪڙ جو. جنهن ڊيوٽيءَ لاءِ آيو آهين، يعني جهاز جي Repair لاءِ، ان ڏي توجهه ڏي. جيئن اهو جهاز تو لئه اڳتي هلي سمنڊ تي مسئلو نه بڻجي.”

“ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي، هڪ ڌارئين کان پنهنجن وڏن جي ڳالهه ٻُڌي. سندس پورهئي جي ڪمائي اڄ اسين کائي رهيون آهيون. هوءَ پاڻ غربت ۾ گذاري وئي، پر اسان لاءِ مسافرخاني جي صورت ۾ روزگار ٺاهي وئي.....” ڇوڪرين چيو.
Hi So Desu (صحيح ٿيون چئو).” مون سندن ڳالهه جي حمايت ڪئي ۽ ڪافيءَ جو آخري ڍُڪ پي اٿي کڙو ٿيس ۽ ساڻن هڪ يادگار تصوير ڪڍائي Sayonara (الوداع) چيم.

ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي هلي، سندن گھر اڳيان وهندڙ نالي جي ڪَپر وٽ بيهي رهيس. ڪا دير پنڊ پهڻ ٿي اتي بيٺو رهيس. بارش ۽ گھرن مان ايندڙ پاڻي ان “نالي” مان شپڪا ڏئي وهي رهيو هو. مون کي پوڙهيءَ سان اڍائي ڏهاڪا سال اڳ جو بحث ياد اچي ويو..... “هن کي چئبو آهي درياهه! درياهه ته اسان جو سنڌو آهي....” مون چيو هئومانس. يعني تڏهن چيو هيومانس. چڱو جو اڄُ هوءَ جيئري ناهي نه ته هن کي اڄ ان سنڌوءَ بابت شايد ڪجهه به ٻُڌائي نه سگھان ها. هفتو کن اڳ هيڏانهن جپان ۾ اچڻ لاءِ ڳوٺان (هالا کان) ڪراچي ايندي وقت هن ڀيري ڄامشوري وٽان لنگھندي، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا. اسان جي سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي ڇولين بدران ڌُوڙ اڏامي رهي هئي. ٻيڙيون وچ درياهه ۾ خشڪيءَ تي پاسيريون ٿيون پيون هيون، ۽ ٻارن وچ سير تي ڪرڪيٽ راند پئي ڪئي. سنڌوءَ ۾ ايترو پاڻي به نه هو، جيترو هن موجي شهر جي نالي مان وهي رهيو آهي!

بيٺي بيٺي مونکي وقت جو احساس نه ٿيو. منهنجي اکين اڳيان منهنجي سڪل سنڌو ڦرڻ لڳي. اکين مان لڙڪ ڳڙڻ تي هوش ٺڪاڻي اچي ويا. آ ڏکويل دل سان اڳتي وڌان ٿو. هڪ هڪ وک، ڇپ جهڙي ڳؤري محسوس ڪريان ٿو ۽ پنهنجي هڪ ٻئي ڳوٺائي شاعر ‘حميد شهيد’ جو هي شعر ڌيان ۾ اچي ٿو.

“ڄامشوري جي پُل مٿان بيهي سوچيم؛
ھيءَ سنڌو ناهي، هيءُ هاڪڙو آهي.”

No comments:

Post a Comment