Friday, February 11, 2011

توهان بدران دعا گهرندڙ...! - الطاف شيخ

توهان بدران دعا گهرندڙ...!
الطاف شيخ
اسلام ۾ قبر کي پڪو ڪرائڻ يا گنبذ اڏائڻ جي اجازت آهي يا نه. قبر کي سهڻو بنائڻ ۽ مٿان پڙ (چادرون) چاڙهڻ سان اندر دفن ٿيل جا گناهه ۽ ڏوهه معاف ٿي وڃن ٿا يا نه. قبرن مٿان هٿ گهمائي پنهنجي منهن کي مَلڻ سان ثواب ۽ خوشحالي ملي ٿي يا نه. ڪنهن بزرگ ۽ دين اسلام جي عالم جي پوئواري ڪرڻ بدران ان جي قبر جو مجاور ٿي وهڻ، ان نيڪ ولي اولياءَ وانگر نماز روزي جو پابند ٿيڻ بدران لوهه جي پيتي اڳيان رکي، آئي وئي کان چندو اوڳاڙڻ وغيره، ڪيتري قدر صحيح آهي يا سخت بدعت. ان جو اسان ننڍي کنڊ (Sub-Continent) جي ماڻهن کي احساس نٿو ٿئي، تڏهن ڳوٺ ڳوٺ ۾ ته ڇا پر هاڻ سپر هاءِ وي تي به قبرون، گنبذ ۽ انهن قبرن جا خذمتگار مجاور نظر اچن ٿا ۽ ننڍپڻ کان ڏسي ڏسي اهي ڳالهيون ڄڻ ذهن لاءِ قابل قبول ٿي ويون آهن. قبول هڪ تبليغي عالم جي: “اسان جا ڪيترائي ڳوٺاڻا توڙي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو صحيح علم کان اڻ واقف آهن. هو شرڪ جي حد تائين قبرن ۽ جهنڊن کان ڏک سور لاهڻ جي گُهر ڪن ٿا ۽ جڏهن اسين مسلمان ڪلمو پڙهي چئون ٿا ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو به نه آهي ته پوءِ ان هستيءَ سان اسان ٻئي کي ڪيئن شريڪ ڪريون ٿا. اسلام ئي هڪ اهڙو مذهب آهي جنهن ۾ بندي ۽ رب جو سنئون سڌو تعلق آهي ۽ جڏهن ڪنهن ٻائي ٻانڀڻ، پادري پنڊت جهڙي ٽياڪڙ جي ضرورت ناهي ته پوءِ ڇو ان رب سان سنئون سڌو نينهن لاهڻ بدران هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪون ٿا.

منهنجو هڪ ملائيشيا جو ملئي دوست، جنهن کي شاهه جي شاعريءَ مان گهڻو ڪجهه ترجمو ڪري ٻڌايو هوم، سو مون وٽ هالا آيو. واپسيءَ تي ڀٽ شاهه وٽان لنگهندي اندر وٺي آيوسانس ۽ شاهه لطيف جي مقبري ويجهو اچي بيهاريومانس. ان وقت ڪجهه ٻهراڙيءَ جا ڳوٺاڻا مرد ۽ عورتون قبرن کي هٿ لاهي چمي رهيا هئا. مون انهن ڏي ڏسي ملئي پروفيسر ڏي داد وصول ڪرڻ وارين نظرن سان ڏٺو-  يعني ڏس ته هي ڪيڏو وڏو بزرگ آهي جنهن وٽ عقيدتمندن جي رش لڳي پئي آهي، جيئن ڪنهن سٺي ڊاڪٽر وٽ مريضن جا انبار هوندا آهن. پر هو ان وقت ماٺ ۾ هو. پوءِ ڪوالالمپور پهچي چيائين: “شاهه لطيف جيڪو سڄي عمر وحده لاشريڪ لہ جي تلقين ڪندو رهيو، اڄ جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته هن کي اهو ڏسي ضرور ڏک ٿئي ها. هو جيڪا ڳالهه سمجهائيندي هن جهان مان هليو ويو ان تي ڄڻ ٺٺولي ٿي رهي آهي.
ان وقت، اها ڳالهه، هندستان جو هڪ مسلمان پروفيسر به ٻڌي رهيو هو. هن منهنجي چهري تي پيدا ٿيل اڻ وڻندڙ تاثر پڙهي ورتا. ملئي همراهه جي وڃڻ بعد هن مون کي سمجهايو:
“پاڻ پاڪستانين يا هندستانين کي ان بابت ڪجهه حقيقت پسند ٿيڻ کپي ۽ ان غلطيءَ جو اعتراف ڪرڻ کپي. اهو ئي سبب آهي جو حج دوران، حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي روضي تي، عرب پوليس وارا اسان هندستان ۽ پاڪستان جي مسلمانن کي چهبڪ هڻن ٿا. ڇو جو اسان اُتي به قبر ۽ در دريون چمڻ شروع ڪريو ڏيون، جيڪا ڳالهه شرڪ ۾ شمار ٿئي ٿي. اتي جي عربن کي ان تي چڙ لڳي ٿي. پر اسان جي مسلمانن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي. آخر تائين، اسان جا ماڻهو اهو ئي چوندا رهندا آهن: عربن جو ڀڀ ڀريو آهي. اسان کي قبر به چمڻ نٿا ڏين.
بهرحال، ملئي– جيڪي شافعي فرقي سان تعلق رکن ٿا، انهن جي مرڻي پرڻي ۾، سالن جا سال رهي، اهو ڏٺو اٿم ته هو ڪوشش ڪري لاش کي جلد دفن ڪن ٿا. وفات ڪري ويندڙ جا مائٽ ظاهري طرح روڄ راڙو ۽ منهن مٿو پٽڻ کان گريز ڪن ٿا. اندر جو ڏک اندر ۾ ئي رکن ٿا يا ڳوڙها ڳاڙڻ تائين محدود رکن ٿا. دعا درود پڙهندا رهن ٿا ۽ وقتائتي توڙي اڻ وقتائتي موت کي رب جي رضا سمجهي، صبر کان ڪم وٺن ٿا. ان کان علاوه لاش کي هيڏانهن هوڏانهن ٽلڪائڻ بدران، جيڪو جتي گذاري وڃي ٿو ان کي ان ئي ڳوٺ ۾ دفنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
سڄي ملائيشيا ۾ مسجدون جام آهن پر ڪنهن به مسجد، (نماز پڙهڻ واري هنڌ تي) قبر، مقبرو، گنبذ، درگاهه ۽ ان تي ويٺل مجاور ۽ چندي جي پيتي نظر نٿي اچي.
ملائيشيا ۾ ملئي ۽ چينين کان علاوه ڪجهه پاڪستاني ۽ هندستاني پڻ رهن ٿا، جن مان ڪي، رکي رکي، اهڙا ڪم ڪن ٿا، جيڪي غير شرعي ثابت ٿين ٿا ۽ پوءِ سرڪار انهن جو سختيءَ سان نوٽيس وٺي، اهي ختم ڪرائي ٿي. ان ڪم لاءِ هتي الڳ کاتو آهي– ڊپارٽمينٽ آف رليجس افيئرس– جنهن جو ڪم غير شرعي ڳالهين جي جاچ رکڻ آهي.
ويجهڙائيءَ ۾ ان کاتي کي خبر پيئي ته ڪوالالمپور جي مسجد بابل جناح جي ڪمپائونڊ ۾ جتي نماز پڙهي وڃي ٿي، ڪنهن مقبرو ٺهرايو آهي. ان جي خبر پوڻ تي، هتي جي قاعدي قانون موجب ان کي هڪدم ڊهرايو ويو. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ به آيو ته اهو مقبرو سيد لعل شاهه جو هو جيڪو 1918ع ۾ گذاري ويو. پاڻ ڪوالالمپور جي پودو- جيل جو وارڊر هو. کيس تن ڏينهن جي انگريز سرڪار هي زمين ڀور الاٽ ڪيو هو. جنهن تي پاڻ مسجد ٺهرائي هئائين. ان بعد سندس وفات تي سندس اولاد کيس اتي ئي دفن ڪيو. ۽ پوءِ آهستي آهستي اها قبر پڪي ۽ وڏي ٿيندي ٿيندي هاڻ ماڳهين مقبري جي شڪل اختيار ڪري ويئي ۽ ڪوالالمپور ۾ رهندڙ ڪيترائي پاڪستاني ۽ هندستاني ان جا پوئلڳ ٿي، قبر تي پڙ چاڙهڻ لڳا هئا.
“اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن جي اجازت اسان جو کاتو نٿو ڏئي ۽ اسان ان کي غير اسلامي سمجهون ٿا.” مذهبي کاتي جي ملئي ڊپٽي ڊئريڪٽر حاجي اسماعيل عيسيٰ ٻڌايو.
ملائيشيا اهو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪنهن به پير فقير، مريد مجاور جو اهو وجود ناهي جيڪو اسان وٽ عام آهي. ملائيشيا جي دور دراز ڳوٺن ۾ رهندڙ اٻوجهه مهاڻن ۽ هارين کان وٺي نئين ٽهيءَ کي ريڊيو، ٽي وي ۽ مسجدن ۾ واعظ ذريعي بار بار اهو سمجهايو وڃي ٿو ته قيامت جي ڏينهن هر هڪ جي جزا ۽ سزا جو مدار هن پنهنجن اعمالن تي آهي. ۽ ڪو به مُلون مولوي، پير فقير، ٻائو ٻانڀڻ يا پادري پنڊت ڪنهن کي سندس ڪيل گناهن کان نجات نٿو ڏياري سگهي ۽ اها قبر پرستي ۽ غلط پيري مريدي اوڙاهه ۾ وجهي ٿي.
مٿئين پيغام کان هتي جا ماڻهو ڀليءَ ڀَتِ واقف آهن. مون سان گڏ رهندڙ هڪ پاڪستاني دوست هن ملڪ ملائيشيا بابت ٻڌايو:
“ملائيشيا ۾ وڏن عالمن ۽ مولوين جي کڻي گهڻائي نه آهي پر عام طرح، هتي جي ٻهراڙي توڙي شهر جي ماڻهن کي، اسان جي ماڻهن کان وڌيڪ ديني علم ۽ معلومات آهي. هو عبادت ۽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت آتا رهن ٿا. پاڪستان ۽ هندستان مان دين جي تبليغ ڪرڻ لاءِ جيڪي جماعتون ملائيشيا ۾ اچن ٿيون انهن جي هي عزت ڪن ٿا.
ڪراچيءَ جي مڪي مسجد ۽ رائِونڊ کان آيل تبليغي جماعتون ملائيشيا جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ نظر اچن ٿيون جن جو بيحد قدر ڪيو وڃي ٿو. انهن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، پر وچ وچ ۾ رکي رکي، اسان پاسي جا ڪي ڪي ماڻهو ڪنهن پير يا درگاهه لاءِ خيرات يا چندو وٺڻ لاءِ اچن ٿا. ملئي ماڻهو جهيڙاڪ طبيعت جا نه آهن. سو منهن تي ڪنهن کي چئي ڏکوئڻ کان گريز ڪن ٿا پر دل ئي دل ۾ اهڙن ماڻهن ۽ ادارن کي سٺو نٿا سمجهن ۽ ان سان پاڪستان يا هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن جي پڻ گلا ٿئي ٿي.
ڪي جماعتون وري چندو اوڳاڙڻ لاءِ خط لکن ٿيون ته فلاڻي درگاهه/ فلاڻي بزرگ جي ختمي درود لاءِ چندو موڪليو ۽ ان سان گڏ پنهنجن دوستن عزيزن جا به نالا موڪليو ته انهن جي حق ۾ دعا گهرون. پوءِ دعا گُهري وڃي يا نه اها سندن نيت. ساڳي وقت ملئي ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته دعا اها اگهامي ٿي جيڪا ماڻهو پاڻ گهُري پر ائڊريس موڪلڻ جو اهو اثر ٿيندو آهي ته ڪجهه ڏينهن بعد وڌيڪ خط انهن دوستن/ مائٽن ڏي چندي لاءِ اچي ٺڪاءُ ڪندا آهن.
اهڙو ئي هڪ خط اسان جي اڪيڊميءَ جي بس هلائيندڙ ملئي ڊرائيور کي هڪ ڏينهن اجمير کان پهتو. خط انگريزي ۽ تامل زبان ۾ هو. اهو ڇپيل خط پڙهي، ڊرائيور عبدالله پڙهي پوءِ ڪاوڙ مان ڦاڙيو ٿي ته مون کانئس ورتو.
اهو خط خواجه جي درٻار جي گادي نشين طرفان ڪجهه هن ريت هو:
پيارا معتقدو!
“آئون توهان لاءِ باقاعدگيءَ سان روزانو حضرت خواجه جي درگاهه تي دعا گهرندو رهان ٿو ته توهان کي وڏي حياتي ملي. ڪيترن ڏينهن کان توهان جي ڪا خبر نه ملي آهي سو آئون بيحد پريشان آهيان. توهان جو خط ملڻ سان مون کي قرار ايندو. هزارين ماڻهو هر سال هتي اچن ٿا ۽ خير خيرات ڪن ٿا. جيڪي ڪن مجبورين ڪري نٿا اچيو سگهن، اهي خيرات جا پئسا موڪلين ٿا. اميد ته توهان به هتي ايندائو. ٻي صورت ۾ چندو ضرور موڪلي ڏيو ۽ مهرباني ڪري پنهنجن دوستن عزيزن کي پڻ ان خير جي ڪم لاءِ مدعو ڪريو.
هتي جي ملئي ڊرائيور کي جنهن ڳالهه تي هيڪاندي گهڻي ڪاوڙ لڳي، اها مٿئين خط بعد، ان گادي نشين پي ايم ايس فضل رحمان براقي صاحب جي تعويذ بابت هئي ته مون کان تعويذ لکرايو وغيره.
آخر ۾ وڏن اکرن ۾ سندس سڄو نالو ۽ ائڊريس هن ريت هئا:
پيرزادو مولوي سيد فضل الرحمان براقي
چيف معلم ۽ گادي نشين
براق منزل – درگاهه بازار، اجمير.
مٿئين خط لکندڙ طرفان هڪ اهم اطلاع ۽ چتاءُ به ڏنل هو ته “منهنجو نالو ۽ ائڊريس چڱيءَ طرح ياد رکجو ۽ اجمير مان ڪو ٻيو چندي لاءِ توهان کي لکي ته ان ڏي نه ڌيان ڌرجو ۽ نه چندو ڏجو. ڇو جو آئون ئي توهان جو پراڻو دعاگو آهيان. (ان سٽ جي انگريزي ڪجهه هن ريت هئي: (I am your old Prayerfully) ۽ مهرباني ڪري مون ڏي رجسٽرڊ پوسٽ ذريعي پئسن جو چيڪ يا ڊرافٽ موڪليو.
خط سان گڏ هڪ ٻيو ڊگهو پنو به هو جنهن ۾ پڙهندڙن کي عرض ڪيو ويو آهي ته آمريڪا، انگلنڊ ۽ عرب ملڪن ۾ رهندڙ پنهنجن دوستن ۽ مائٽن جون ائڊريسون لکي موڪليو. (يعني انهن امير ملڪن جون، باقي بنگلاديش، پاڪستان، برما، سري لنڪا ۾ رهندڙن جون نه. انهن غريب ملڪن جي ماڻهن مان ڇا هڙ حاصل!) بهرحال انهن ائڊريسن تي پڻ چندي لاءِ خط ويندا پر چيف معلم ۽ گادي نشين صاحب ائڊريس گهرائڻ جو اهو سبب لکيو آهي ته جيئن هو انهن کي تبرڪات ۽ فاتحه مبارڪ موڪلي سگهي. ائين ڪرڻ سان- (يعني ٻين جون ائڊريسون موڪلڻ سان) توهان کي به ثواب دارين نصيب ٿيندو.
توهان جو
پيرزادو، مولوي، چيف معلم ۽ سجاده نشين...
هاڻ ان قسم جون ڳالهيون يا خط پڙهي، ٿي سگهي ٿو ته هند- سنڌ جي ڳوٺن جا متين موڙهيل متاثر ٿي سگهن باقي هتي جا ملئي ماڻهو عربن وانگر اسان تي ٺٺوليون ئي ڪن ٿا ته اسان ڪهڙا مسلمان آهيون. اسان وٽ هڪ جملو آهي: “مون لاءِ دعا گهرجانءِ”. ملئي ماڻهن کي اهو به صحيح نه لڳندو آهي. هو چوندا ته ڇو؟ هر هڪ کي پاڻ عبادت ڪرڻ کپي. پاڻ درود صلوات پڙهڻ کپي. اهو ڇا ته دعا لاءِ امير گهرن ۾ پاڙي جي زالن کي گهرائي قرآن پڙهايو وڃي ۽ گهر جون مالڪياڻيون پاڻ قرآن يا درود دعا پڙهڻ بدران ويس وڳا ۽ ميڪ اَپُون ڪري آيل مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪن. ملئي توڙي عربن لاءِ دعا اِها آهي جيڪا هر ڪو پاڻ ڪري

No comments:

Post a Comment