مالديپ ٻيٽن تي حملو
مالديپ جي سڀني ٻيٽن جي ايراضي جوڙ ڪئي وڃي ته ٽي سئو کن چورس ڪلو ميٽر ٿيندي. ملڪ جو سڪو فريو Rufiyaa آهي جيڪو پڪ ننڍي کنڊ (هندستان پاڪستان ۽ سلون) جي رپئي مان نتڪل لفظ آهي. بهرحال هتي جي رپئي ۾ اسان وانگر سئو پئسا يا سري لنڪا جي رپئي وانگر سئو سينٽ هجڻ بدران سئو لاريون (larees) آهن. مڪ جو نالو Islamic republic of Maldives آهي. 1968ع واري آئين مطابق پنجن سالن لاءِ ملڪ جو صدر چونڊيو ويو آهي جيڪو حڪومت ۽ رياست جو مک مڃيو وڃي ٿو. هن جي مدد لاءِ ڪابينا هوندي آهي. ڪابينا جا وزير مجلس اڳيان جوابده هوندا آهن. مجلس ۾ 48 ميمبر ٿين ٿا جن مان 8 صدر صاحب چونڊيندو آهي باقي عوام ذريعي چونڊيا ويندا آهن.
مالديپ ٻيٽن جي ماڻهن جا خاص ڌنڌا مڇي مارڻ، جهاز سازي (ڪاٺ جون ٻيڙيون ٺاهڻ)، جهاز راني (سندس به جهاز آهي ۽ ڌارين ملڪن جي جهازن تي به نوڪريون ڪن. هتي جا رهاڪو بنگالين وانگر سٺا ۽ چئيوارن آهن)، ڪپڙي ۽ فرنيچر جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪن، زمين جي کوٽ هجڻ ڪري ڪا خاص پوک نٿي ٿئي سواءِ ناريلن ۽ بصر پٽاٽي جي. کاڌي جون شيون سري لنڪا ۽ انڊيا مان درآمد ڪيون وڃن ٿيون.
مشهور سياح ابن بطوطه چوڏهين صدي ۾ هنن ٻيٽن تي پڻ آيو ۽ هتي ڪافي عرصو جج ٿي رهيو. سندس سفرنامي مطابق انهن ڏينهن ۾ هنن ٻيٽن تي الدين (ديدي) خاندان جي سلطان جي حڪومت هئي.
يورپي قومن ۾ پورچوگالي پهريان هئا جيڪي هتي آيا. هنن 1518ع ۾ پنهنجي بيٺڪ قائم ڪئي جيڪا ڏهه سال کن هلي. ان بعد سترهين صدي ۾ مالديپ جا ٻيٽ ڊچ حاڪمن جي حفاظت هيٺ هئا جن جي سري لنڪا (سلون) تي به حڪومت هئي. 18 صدي جي آخر ڌاري سري لنڪا ۽ مالديپ انگريزن حوالي ٿي ويو جن هنن جا سلون ۽ مالديو نالا رکيا. ڏاهن انگريزن هندستان وانگر هتي به جيڪي وڻيو ٿي اهو ڪيائون ٿي پر ظاهري طرح هنن اهوئي اعلان ڪيو ٿي ته مالديپ ٻيٽ اتي جي سلطان جي هٿ هيٺ آهن. 1953 ۾ سلطانپائي ختم ڪئي وئي پر هڪ سال بعد اهو سلسلو وري شروع ڪيو ويو 1956ع ۾ انگريزن گان (Gan) نالي ٻيٽ تي هوائي بيس قائم ڪيو.
مالديپ ٻيٽن جي جهڳٽي مان هڪ ٻيٽ هولولي تي فقط ايئرپورٽ آهي.
24 جولاءِ 1965ع تي مالديپ کي برطانيه طرفان خود مختياري ملي. هي ڏينهن هتي نئشنل هاليڊي طور ملهايو وڃي ٿو. 1966ع ۾ مالديپ UNO جو ميمبر ٿيو ۽ 1982ع م برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شامل ٿيو.
1986ع ۾ ملڪ ۾ ريفرنڊم ڪرائي سلطانيت ختم ڪئي وئي ۽ ريپبلڪ جو ڍانچو ٺاهيو ويو. امير ابراهيم ناصر ملڪ جو پهريون صدر 1978ع تائين قائم رهيو. ان بعد عبدالقيوم ٿيو ۽ اڃا تائين هلندو اچي. وچ ۾ عبدالله لطفي نالي واپاري سري لنڪا کا ڀاڙي جا غنڊا وٺي سندس محل تي حملو ڪيو. ڪجهه سپاهي مارجي ويا پر انقلاب ڪامياب نه ٿيو. مالي شهر جي گھٽي ۾ صدر جي دشمن کي انگوڇو پارائي اگھاڙي پير سرگس ڪرائي وئي. هي اسي واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. مون وٽ ان جون تصويرون به هيون. ٿي سگهي ٿو ڪتاب ڇپجڻ تائين ملي وڃڻ ۽ ڇپي سگهجن. انڊيا جا نيول جهاز ان ئي وقت پهچي ويا. سڀني واهه واهه ڪئي ۽ مالديپ ٻيٽن کي هندستان جو ٿورائتو ٿي رهڻو پيو. هندستاني فوج واپس وڃڻ وقت گھڻي انگهه پئي ڪئي. غريب ۽ ڪمزور مالديپ حڪومت ۽ ان جي پوليس ۽ بيحد مختصر فوج هر هر کلي پئي خدا حافظ ڪيو. (دل ۾ پڪ چئي رهيا هوندا ته هاڻ ٽرو، هڪڙن کي ڪڍي وري توهان وهندائو ڇا؟) اتي رهندڙ منهنجو هڪ پاڪستاني دوست هر وقت مونکي ياد ڏياريندو رهيو ته پنجاپي فلمن ۾ به ائين ئي ٿيندو آهي. هيرو صاحب هيروئن کي محلي جي غنڊن کا ضرور بچائيندو آهي پر هو منجھانئس سڄي عمر ڦاسي ويندي آهي. سو هتي به دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. بهرحال انڊيا وارا پنهنجن جهازن تي لڳل بندوقن توبن کي ڍڪي آخر جتان آيا هئا اوڏانهن موٽي ويا پر مالديپ وارا لڪل “نياپو” سمجھي ويا ته هن تر جو ڏاڍو مڙس ڪير آهي جيڪو جنهن کي چاهي هڙپ ڪري سگهي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪشمير جو هڏو سندس ڳچي ۾ ڦاسي پيو آهي. ڪيترن جي وات تي اهو به هو ته مالديپ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ واري لطفي کي ضرور انڊيا طرفان آشيرواد مليل هوندي نه ته ائين ڪيئن همت ڪري سگهي ها. ڪن (انڊيا سان واسطو رکندڙ پريس) هميشه وانگر ان بلوي ۾ پاڪستان جو به هٿ ڏيکايو.
مالديپ تي حملو ڪندڙ هي همراهه عبدالله لطفي جيڪو اصل ۾ هنن ٻيٽن جو ئي رهاڪو آهي، هن کان هڪ دفعو اڳ به صدر کي مارڻ جي رٿ رٿي آيو هو. انهن ڏينهن ۾ مالديپ جو پهريون صدر ابراهيم ناصي هو (جيڪو اڄ ڪلهه سنگاپور ۾ رهي ٿو) پر ان وقت ڪامياب نه ٿيو.
ايئرپورٽ تي سندس سامان مان پستول نڪري آيو جيڪو هو هڪ گڏي ۾ لڪائي آڻي رهيو هو. کيس ان ڏوهه ۾ جيل جي سزا ملي. ان بعد هو ڪولمبووڃي رهيو ۽ هينئر جيڪي 75 کن تامل ڌاڙيل پاڻ سان آندا هئائين انهن لطفي جي ڪولمبو واري پولٽري فارم تي ٽريننگ ورتي هئي. هڪ وڏي “Progress light” نالي مال بردار جهاز ۾ ڪولمبو کان چڙهي مالي ٻيٽ جي ويجهو آڌي رات جو لنگر اچي ڪيرايو. فجر مهل جڏهن جامع مسجد جو ٻانگو مناري جا 67 اڏاڪا چڙهي ٻانگ ڏيڻ وارو هو ته هي ننڍين ٻيڙين ذريعي ٻيٽ تي ڪاهي پيا ۽ جيڪو سامهون آين ٿي ان کي ماريائون ٿي. مسجد جو امام به شهيد ٿي ويو. صدر صاحب جنهن ڳجھي هنڌ تي لڪي ويو ان کي ڳولي نه سگهيا. فرسٽريشن ۾ هنن پنجاهه ماڻهن کي اغوا ڪيو جن ۾ وزير مواصلات احمد مجتبيٰ به هو. انهي دوران انڊيا طرفان ڏيڍ هزار کن فوجي هولولي هوائي اڏي تي انڊين ايئرفور جي جهاز ۾ پهچي ويا. 18 ڪلاڪ وٺ وٺان هلي پر هن ٻيٺ جا ماڻهو ڄڻ ته خواب مان جاڳي پيا ته هي ٻيٽ جيڪو صدين کان سڪون جو علائقو سمجھيو ويو ٿي ان تي ڪنهن به وت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. غريب ملڪ جنهن لاءِ پوليس رکڻ به وڏي خرچ جي ڳالهه آهي ان کي مجبور ٿي بحري فوج (Navy) رکڻ پيئي جيئن اهڙي ايمرجنسي ٿي پوي ته منهن ڏئي سگهجي.
ٻه ڳالهيون هن وقت به ياد اچي رهيون آهن: جھلجڻ بعد لطفي کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا ٿو سمجھيو ٿي ته ستر اسي ماڻهن ۽ ڪجهه بندوقن جي مدد سان تون ملڪ جو تختو اٿلائي صدر ٿي سگهئين ٿي؟ جواب ۾ وراڻيائين (why not) ڇو نه.
18 ڪلاڪن جي ڀڄ ڀڄان ۽ حملي ۾ جنهن به شروع ۾ ته سندن ئي سوڀ نظر اچي رهي هئي لطفي پنهنجي پهرين زال جي گھر پڻ ويو ۽ پنهنجي پٽ کي چيو: فڪر نه ڪر منهنجا پٽ! اڄ کانپوءِ توکي جنهن ملڪ ۾ پڙهڻ جي اسڪالرشپ کپي ها توکي ملي سگهي ٿي. هاڻ نين ٻيٽن جي والي وارث آئون آهيان ۽ واقعي والي وارث لطفي ٿي وڃي ها پر قدرت چونڊيل صدر عبدالقيوم کي بچائي ورتو.
No comments:
Post a Comment