مٿرا ۾ تين بندر
الطاف شيخ
“هاڻ اسان جي گاڏي ڪٿي هلي بيهندي؟” جيئن ئي گاڏيءَ فريد آباد جي اسٽيشن ڇڏي ته مون پنهنجي سامهون ويٺل ٽيهه پنجٽيهه سالن جي هڪ مسافر کان پڇيو.
“هاڻ اسان جي گاڏي ڪٿي هلي بيهندي؟” جيئن ئي گاڏيءَ فريد آباد جي اسٽيشن ڇڏي ته مون پنهنجي سامهون ويٺل ٽيهه پنجٽيهه سالن جي هڪ مسافر کان پڇيو.
“اسان جي گاڏي اتر پرديش جي ريلوي اسٽيشن مٿرا تي هلي بيهندي”. هن وراڻيو. هي همراهه به مون وانگر ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو جنهن تي خاڪي پني جو ڪور چڙهيل هجڻ ڪري ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ نالي جي خبر نٿي پيئي ۽ رکي رکي هو پنهنجي زال کي فون ڪندو ٿي رهيو ته هوءَ ڪٿي پهتي آهي. هوءَ کيس دهليءَ اسٽيشن تي ڇڏڻ آئي هئي. سٿڻ قميص ۽ پوتيءَ ۾ هجڻ ڪري مون سمجهيو ته هيءَ ڪا سک فئملي آهي، جيتوڻيڪ هو هندي يعني اسان واري اردو ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ مڙس کي ڏاڙهي به نه آهي پر اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي. اڄڪلهه ڪيترائي سک ڏاڙهي ڪوڙائي پيا هلن، پر پوءِ بعد ۾ وڌيڪ کيڪار کڙي ٿيڻ تي هن ٻڌايو ته هن جي زال هن کي دهلي جي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي، هاڻ واپس پنهنجي ڳوٺ بلند شهر پئي وڃي جيڪو دهليءَ کان 80 کن ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. “سو رکي رکي سندس خيريت جو پيو پڇان جو هوءَ اڪيلي ڪار هلايو پئي وڃي”. پاڻ جيڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو ان جي پٺ مون ڏي هئي ۽ اهو ڏسي مونکي تعجب ئي لڳو ته هن کاٻي کان ساڄي پنا پئي اٿلايا جيئن اردو، عربي يا سنڌي ڪتابن ۾ ڪبو آهي.
“توهان ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟” مون پڇيومانس.
“ڪمال آهي توهان کي اردو اچي ٿي مون سمجهيو فقط مسلمان پڙهن ٿا”.
“دراصل آئون مسلمان ئي آهيان، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته نه فقط مسلمان پر هتي جا-خاص ڪري دهلي، هريانا ۽ اترپرديش جا هندو به اردو پڙهن ٿا”.
هن ٻڌايو ته سندس نالو ڊاڪٽر محمد سعيد عالم آهي. سندس زال جو شهر “بلند شهر” آهي پر سندس ڳوٺ نيپال وٽ هماليا جبلن جي قدمن ۾ پورنپور آهي. پاڻ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪئي اٿس ۽ اتي ئي نوڪري ڪري ٿو. هن وقت هو به اسان سان گڏ بڙودا شهر ۾ لهندو جتي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ هو ٽن ڏينهن لاءِ ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو آهي.
“مسلمان جي حيثيت سان توهان کي هتي ڪيئن ٿو لڳي؟” مون پڇيومانس.
“بلڪل صحيح ٿو لڳي. اسان هن ڌرتيءَ تي ڄاوا آهيون ۽ هي ئي اسان جو ديس آهي. هتي ئي اسان جو گهر آهي ۽ اسان جڏهن پاڪستان جي حالتن کي پنهنجي ملڪ انڊيا سان ڀيٽون ٿا ته رب پاڪ جا شڪر ٿا ڪريون ته پاڪستان جي مقابلي ۾ اسان وٽ سڪون آهي، اسان وٽ آزادي آهي، اسان وٽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جو معيار بيحد بلند آهي ۽ اسان جي پاسپورٽ کي دنيا عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي”. هن وراڻيو.
“پر تڏهن به حڪومت ته هندن جي آهي”. مون چيومانس.
“ڇا مطلب؟ ظاهر آهي اهي ئي هن ملڪ ۾ ميجارٽي ۾ آهن پر تنهن هوندي به هتي صحيح ڊيموڪريسي آهي. ان جو مثال ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هوندو ته ملڪ جو صدر، وزيراعظم ۽ ويندي آرمي چيف ملڪ جي هندو ميجارٽي بدران Minority )اقليت) مان آهي؟ پر اسان لاءِ ڪو فرق نٿو پوي. کڻي ڪير به هجي هن کي ملڪ جيConstitution ۽ قانون جي پوئواري ڪرڻي آهي. هن ملڪ ۾ هر رهندڙ کي پنهنجي مذهب جي آزادي آهي، چاهي هو مسلمان هجي يا سک، عيسائي. يهودي هجي يا جين، پارسي ڪنهن کي به ڪو سندس مذهب يا مندر مسجد ۾ وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي. انڊيا هر فيلڊ ۾ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اڄڪلهه دنيا جا طاقتور ۽ امير ملڪ انڊيا جي ماڻهن کي نوڪريون ڏين ٿا. دنيا جا ماڻهو تعليم، ٽوئرزم ۽ طبي علاج لاءِ اسان جي ملڪ ۾ اچن ٿا جو هنن کي پئسو خرچ ڪرڻ جي بدلي ۾ بهتر ۽ زياده Value جي شئي ملي ٿي”.
ڊاڪٽر محمد سعيد عالم ٻڌايو ته جنهن ڳوٺ ۾ هو ڄائو آهي اڄ به هو پنهنجن پاڙيسري هندو دوستن سان گڏ هولي ملهائي ٿو ۽ هو به هن وٽ عيدن جي مبارڪ ڏيڻ اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي ماڻهن ۾ چاهي ڪو ڪهڙي به مذهب يا زبان سان واسطو رکندڙ هجي هن ۾ برداشت جو وڏو مادو آهي. اسان وٽ ته ڏينهون ڏينهن جهڙي زيرو Tolerance ٿيندي وڃي. معمولي معمولي ڳالهين تي هڪٻئي جا سر ڪپيو ويٺا آهيون ۽ اڄ جي دور ۾ جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا تيز ٿي وئي آهي دنيا جي ماڻهن کان ڳالهه نٿي لڪي ۽ هي اسان وٽ ٿيندڙ اغوائن، ڪاروڪاري جي چڪرن ۾ مائرن ڀينرن جي قتلن، خونريزين، بيروزگاري وگهي خودڪشين، ناڪاره ڪرندڙن عمارتن، گٽرن ۾ ٻڏندڙن بيگناهه ٻارن جو جڏهن ڪو ڌاريون اخبار ۾ پڙهي ٿو يا ريڊيو، ٽي وي تي ٻڌي ۽ ڏسي ٿو ته هن کي عجب لڳي ٿو. هندستان ۾ ته پاڪستان کان به وڌيڪ مسلمان رهن ٿا پر هو ته اسان وانگر بم ڦاڙيو پنهنجن مسلمانن کي نٿا مارين، هو بيگناهه عورتن جو Cangraep نٿا ڪن ۽ نه Sodomy جون وارداتون ٿا ڪن.
ريل گاڏي مٿرا اسٽيشن تي پهتي ته اسان جا جواري ڀائر چادر ڇنڊي اٿي کڙا ٿيا.
“هاڻ هلڻ کي هلو ٿا يا وري موٽندائو؟” مون پڇيومان.
“نه بس، هاڻ هلون ٿا” مون پيتين کي سيٽن هيٺان ڌڪي رستو صاف ڪري ڇڏيو. دريءَ جي ٻاهران دودو مونکي هيٺ لهي اچي پليٽ فارم تي چانهه پيئڻ جو اشارو ڪري رهيو هو. آئون اخبارون، پنا پينون پاسائيون ڪري هيٺ لٿس. پلاسٽڪ جي گلاس ۾ چانهه وٺي جلدئي مٿي چڙهيس. گاڏي هلڻ ۾ اڃا ٽائيم هو پر مون هيٺ بيهي چانهه نٿي پيئڻ چاهي نه ته هر اسٽيشن تي هيٺ لهي هلڻ چلڻ ۽ گاڏيءَ جي چرڻ وقت دڪاندار کي چانهه يا شربت جا پئسا ڏئي هلندڙ ٽرين ۾ ٽپ ڏئي چڙهڻ ان وقت جي پراڻي هابي رهي آهي، جڏهن تعليم دوران پڪنڪ تي وڃبو هو يا موڪلن ۾ ڳوٺ وڃبو هو. مونکان ڪڏهن به ٽرين مس نه ٿي، آخري دٻي ۾ به چڙهي پوندو هوس. پيٽارو جي منهنجي ڪيترن ڪلاس ميٽن کان اڪثر ڪوئيٽا يا لاهور پاسي ڪاليج ٽرپ تي ويندي ٽرين ڇٽي ويندي هئي، پوءِ ٻي ٽرين ۾ ڌڪا کائي اچي منزل تي پهچندا هئا. اسان جا ٽيچر جيڪي ان وقت چاليهه پنجيتاليهه ورهين جي وڏي عمر جا هئا اهي هميشه ان ڳالهه تان دڙڪا ڏيندا هئا. ظاهر آهي هو پوڙها ۽ ڪمزور جو ٿيا. اڄ آئون سٺ ٽپي چڪو آهيان ۽ انهن ٽيچرن کان به گهڻو گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان. بيٺل گاڏيءَ ۾ به گوڏن تي زور ڏئي لهان چڙهان ٿو سو ڪيئن ٿو هلندڙ ٽرين ۾ اهي ننڍپڻ واراAcrobatic Feats ڪري سگهان ۽ اهو به تڏهن جڏهن ٽڪيٽ ته کڻي مون وٽ کيسي ۾ آهي پر سڀني جا پاسپورٽ حفاظت لاءِ اسان جي گروپ ليڊر وٽ آهن. ٽرين ڇڏائي وڃڻ تي پوليس پهرين پاسپورٽ جي گهر ڪندي.
هي شهر مٿرا جنهن جي ريلوي اسٽيشن تي اسان جي گاڏي اچي بيٺي آهي ۽ جتان چانهه وٺي پيتي اٿم هندن جي ستن اهم شهرن مان هڪ آهي. هن کان اڳ توهان به مون وانگر هن شهر جي فقط تاريخ پڙهي هوندي يا وري هن شهر جو نالو هڪ انڊين فلم جي مشهور گاني ۾ ٻڌو هوندو:
مٿرا مين تين بندر
جاتي ٿي روز مندر...
حياتي رهي ته هن شهر کي ڏسڻ لاءِ هلي ملي اچبو جو هي شهر روم، ٺٽي، قسطنطنيه (استنبول Istanbul) لاهور، شيراز، قم، آگري، دهليءَ وانگر آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڏينهن کپن. هي اهو شهر آهي جتي تيرٿ لاءِ هندو، سک، ٻڌ ۽ جين اچن ٿا. مٿرا هندن لاءِ بيحد پاڪ ۽ مانوارو شهر آهي، جتي هندو ڌرم موجب هنن جي ڀڳوان ڪرشنا جنم ورتو. هي شهر ننڍي کنڊ جي پراڻن شهرن مان هڪ آهي. دهليءَ کان 140 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ جمنا نديءَ جي ڪناري تي هي شهر عيسوي سن کان 600 سال اڳ براج ڀوميءَ جي نالي سان مشهور هو. هن شهر ۾ لارڊ ڪرشنا (جيڪو وشنو ڀڳوان جو اوتار چيو وڃي ٿو) پنهنجو ٻالڪپڻ گذاريو ۽ هن شهر جو ذڪر هندو ڌرم جي جهوني ڪتاب مهاڀارت ۾ به آهي.
مٿرا بعد ۾ موريا سلطنت جو حصو ٿي رهيو ۽ موريا گهراڻي جي بادشاهه اشوڪا هن شهر ۾ ٽي صدي قبل مسيح، ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا ڪتبا ۽ Monuments ٺهرايا. حضرت عيسيٰ عه جي ڄم کان هڪ سئو سال اڳ ۽ هڪ سئو سال پوءِ وارو عرصو هي شهر (مٿرا) آرٽ جو مرڪز هو، جتي پٿر جي ٽڪ جو ڪم ٿيو ٿي. اڄ به انهن شين لاءِ مٿرا اسڪول آف آرٽس جو حوالو ڏنو وڃي ٿو. بهرحال هي شهر موريا گهراڻي جي حاڪمن اشوڪا کان وٺي چوٿين صديءَ جي حاڪم گپتا جي ڏينهن تائين سياسي طاقت جو مرڪز رهيو ۽ ٻڌ ڌرم جو اُڀار ٿيو ۽ ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا عبادتگاهه Monasteries ٺهيون جن جو ذڪر پٽولمي (Ptolemy) ۽ چين جي مشهور سياح فاحيان Fa-Hianجيڪو هتي سن 401 کان 410 تائين هو ۽ هيئن سانگ Hiuen Tsang جيڪو هتي سن 634 ۾ آيو، پنهنجن سفرنامن ۾ ڪيو آهي ته مٿرا جي اردگرد ٻڌن جون ٻه هزار کان مٿي Monasteries آهن. فاحيان جو ذڪر مون پنهنجي هڪ سفرنامي “هي ٻيٽ هي ڪنارا” ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.(هلندڙ)
موريا خاندان جي حڪومت بعد ٻڌ ڌرم هندستان کان ٻاهر سريلنڪا، سيام (ٿائلينڊ)، برما ويندي چين، ڪوريا ۽ جپان تائين ته وڌندو رهيو پر هندستان ۾ ان جي جاءِ وري هندو ڌرم والاري ورتي.
مٿرا ٻن مسلمانن جي گاديءَ وارن شهرن دهلي ۽ آگري جي وچ ۾ هجڻ ڪري هر وقت انهن جي حملن هيٺ رهيو. آگرو هتان فقط سٺ کن ڪلوميٽر آهي. سن 1018ع ۾ افغان حملي آور محمود غزنوي هن شهر مٿرا ۾ ڦرلٽ جي باهه ٻاري ۽ هندو ۽ ٻڌ ڌرم جي مندرن کي تباهه ڪيو. سن 1500ع ۾ سڪندر لوڌيءَ هن شهر جي ڀينگ ڪئي. مغل شهنشاهه اورنگزيب اسلام جي خدمت ڪرڻ جي نشي ۾ هن شهر مٿرا ۾ ٺهيل اهم مندرن کي تباهه ڪيو ۽ شهر جي بيک ڪڍي ڇڏي. انهن تباهه ڪيل مندرن ۾ بيحد اهم مندر ڪيساوا ديو مندر به هو جنهن جي جاءِ تي چون ٿا ته هن مسجد اڏرائي ۽ ان کانپوءِ رهيل کهيل ڪسر 1757ع ۾ افغاني حملي آور احمد شاهه ابداليءَ اچي ڪڍي ۽ سڄي شهر کي تيلي ڏئي ساڙيو. 1804ع ۾ هي شهرا مٿرا آخر انگريز حڪومت جي هٿ هيٺ آيو ۽ هڪ دفعو وري بهتر روپ ۾ آيو.
گاڏي مٿرا جي اسٽيشن مان آهستي آهستي ٿي ٻاهر نڪري رهي هئي. پري پري تائين هن شهر جي مندرن، مسجدن ۽ برٽش اسٽائيل عمارتن جا مٿانهان حصا نظر اچي اڏرندڙ ڌوڙ ۽ دونهي ۾ ڌنڌلا ٿيندا ويا. اڄ وقت جو چرخو 600CB کان AD2005 ٿي ويو آهي پر هي پٽ، هي مٽي ۽ ڌوڙ، هي موسم ۽ وهندڙ جمنا (يمنا) ندي ساڳي آهي. ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو هتي پهتا جتان آئون هن وقت لنگهي رهيو آهيان. پٽولمي، فاحيان، هييوئين سانگ، محمود غزنوي سڪندر لوڌي، اورنگزيب احمد شاهه ابدالي، رابرٽ ڪلائيو، رچرڊ ويلسلي، وارن هئسٽنگس حاڪم، سياح، سنت ساڌو، درويش، صوفي، رازا، واڍا، هاري ناري، ڪمي ڪسبي، ڦورو لٽيرا هن آسمان، هن درياهه، هن ڌرتيءَ هڪ انسان جا ٻئي تي ظلم، هڪ انسان جون ٻئي تي ڀلايون. هندو ڌرم ٻڌ ڌرم، جين ڌرم، اسلام، سک ڌرم. هن ڌرتيءَ ڇا نه مذهب ۽ ريتون رسمون، خوشيون غميون ڏٺيون. اهو شهر جيڪو مختلف حاڪمن ڦري لٽي تباهه ڪري ڇڏيو. اڄ اتي هر خوشيءَ جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. اڄ اهو انڊسٽري ۽ ايگريڪلچر جي لحاظ کان انڊيا جي ماڊرن شهرن مان آهي. منهنجي ڀر ۾ ويٺل رٽائرڊ پوليس آفيسر ٻڌايو ته هن نوڪريءَ جو آخري سال مٿرا ۾ گذاريو هو.
“ٻئي دفعي توهان اچو ته ڪيڏانهن به نه وڃجو”. هن کي جڏهن خبر پيئي ته آئون ليکڪ به آهيان ته هن مونکي صلاح ڏني، “فقط هن صوبي ۾ هليا اچجو ۽ پهرين پهرين مٿرا گهمجو”.
هن ٻڌايو ته مٿرا سامونڊي سطح کان ٻه سئو ميٽر مٿي هجڻ ڪري اوسي پاسي جي شهرن کان بهتر موسم اٿس. ريلوي جنڪشن هجڻ ڪري هتي پهچڻ به سولو آهي.
“هيڏي تباهيءَ بعد اڄ به مٿرا مندرن ۽ مسجدن کان مشهور آهي. آرٽ ۽ هنرن کان مشهور آهي”. هن ٻڌايو ۽ ڪجهه جايون ڏسڻ لاءِ آهن جيڪي هن مونکي نوٽ ڪرايون.
No comments:
Post a Comment