ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي پئسي جو واپار
الطاف شيخ
ملائيشيا ۾ مئرين اڪيڊمي جتي مون اَٺ سال پڙهايو،
ايئن آهي جيئن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو- آبادي ۽ شهر کان پري ٿري. پيٽارو ڳوٺ به ڪاليج
کان ٽي چار ميل پري آهي. تيئن اڪيڊمي به ويجهي ڳوٺ ڪئالا سنگائي بارو کان چار ميل
کن پري آهي. اهڙي ريت ڏهه يارهن ميل پري حيدرآباد وانگر مسجد تاناح شهر آهي پر
مسجد تاناح حيدرآباد وانگر وڏو شهر ناهي جو ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي آدمشماري تمام گهٽ
آهي. ملاڪا رياست جو ملاڪا شهر ٽيهه ميل پري آهي. مسجد تاناح شهر جو نالو اتي جي
هڪ جهوني مسجد تان پيو آهي.
مسجد تاناح جي بس اسٽاپ وٽ هڪ چيني زال مڙس جي
هوٽل آهي. هوٽل چينين جي آهي پر کاڌن جا سڀ ڊش ملئي آهن جو بقول انهن جي سندن گهڻي
ڪمائي ملئي ماڻهن مان آهي جيڪي کائڻ پيئڻ ۽ کارائڻ جا مڙس ماڻهو آهن. ٻيون به
ڪيتريون ئي چينين جون هوٽلون آهن جن ۾ ملئي کاڌا هلن ٿا ۽ انهن هوٽلن وانگر هنن به
رڌپچاءَ لاءِ ملئي ماڻهو رکيا آهن جيئن ان کاڌي کي حلال چئي سگهجي.
مٿئين چيني هوٽل واري جي ماني سستي ۽ سوادي آهي
هوٽل جو هي چيني مالڪ در وٽ ئي بيهي آئي وئي کي کيڪار کڙي پيو ڪندو آهي. گراهڪن کي
ماني ڏيڻ لاءِ هڪ ملئي ڇوڪري ۽ هڪ چيني عورت رکي اٿس. گراهڪن جو تعداد وڌي ويندو
آهي ته مڙس پئسن جو دخل ڇڏي پاڻ ماني کارائڻ ۾ لڳي ويندو آهي پر جي اڃا به گراهڪ
وڌي ويندا آهن ته سندس زال پنهنجي سال کن جي ٻار کي اسپرنگ ۾ لڙڪيل پينگهه ۾ وجهي،
لوڏو ڏيئي، اچي مدد ڪرائيندي آهي.
هتي جي گهڻي ڀاڱي دڪانن توڙي هوٽلن سان لڳو لڳ گهر
آهن جن جو در پٺئين پاسي پڻ ٿئي ٿو. رستي وارو پاسو دڪان ۽ پويون پاسو گهر ٿئي يا
هيٺ دڪان مٿي گهر. صبح جو مرد ماڻهو دڪان کولين. پوءِ عورتون گهر ۽ ٻارن جو ڪم
لاهي، دڪان ۾ اچي مڙسن کي مدد ڪرائين. يا باقي رهيل گهر جو ڪم دڪان ۾ ويهي ڪن.
پوءِ ڪا بصر پيئي ڇليندي ته ڪا ڪپڙن ۾ چتيون ۽ ٽانڪا ويٺي هڻندي. جيئن ئي ڪو گراهڪ
دڪان ۾ گهڙندو ته ڀاڄي بصر ڪـَـٽڻ ڇڏي، هن جي مدد ڪنديون. پوءِ جي ڪو ڄاڻ سڃاڻ
وارو آهي ته ڀاڄيءَ مان هٿ ڪڍڻ، يا ٻار کي ٿڃ ڏيڻ بند ڪرڻ بنا رڙ ڪري چوندس ته مکڻ
جي چڪي فريزر مان ڪڍي ڏيڍ ڊالر مٿان رکي وڃ يا ڪپڙي جو دڪان آهي ته چوندس گز ڪنڊ ۾
پيو اٿئي، گهربل چار وال ماپي پئسا ٽيبل تي رکي وڃ.
"کـُـلا پئسا ڪو نه آهن. صبح سان ڪٿان آڻيان؟"
"ته پوءِ ڀاجي مارڪيٽ مان ٿي اچي ٿو
ڏيان”." گراهڪ چوندو.
"ڀاڄي ٿو وٺڻ وڃين؟" دڪاندار مائي
پڇنديس.
"نه مڇي وٺڻ جو ارادو اٿم."
"سٺي هجي ته منهنجي لاءِ به اڌ ڪلو وٺيو
اچجان”."
ڪنهن چيني دڪاندار کي پوڙهي ماءُ آهي ته اهو
خوشنصيب ٿيو، جو پوڙهيون چينياڻيون پنهنجي پيري پـِـٽَ پاراتا ڏيڻ يا اوڙي پاڙي جي
گلا غيبت ۾ وڃائڻ بدران اهو رٽائرمينٽ جو زمانو دڪانن تي ئي گذارين. واپار وڙي ۾
نئين ٽهيءَ کان به هوشيار ٿين.
"ماسي اسٽرابيري جئم گهڻي جي؟"
"ستن ڊالرن جي."
"مون وٽ ته پنج ڊالر وڃي بچيا آهن."
"مڙيئي خير آهي. باقي ٻه ڊالر سڀان ڏجانءِ يا پهرين تاريخ پگهار ملڻ تي."
"چڱو ماسي لکي ڇڏ."
"نه ابا. الله وڏي حياتي ڏيند”."
هاڻ ڏي منهن! ڄڻ توهان مرو ٿا ۽ توهان کي شل وڏي
حياتي ملي ۽ هوءَ پنجهتر ڇاهتر ورهيه جي پوڙهي هميشه جيئري ئي رهندي.
سڄي ملائيشيا جي آدمشماري گهٽ آهي ۽ هر ڳوٺ ۽
گهٽيءَ ۾ هر ڪو هڪ ٻئي کي سڃاڻي. پهرين مهيني ڏيڍ ۾ ئي اسان کي ڪئالا سنگائي بارو
ڳوٺ ۾ ته ڇا پر ڀر واري شهر مسجد تاناح جا به دڪاندار، پيٽرول پمپ ۽ هوٽلن وارا،
بئنڪ ۽ پوسٽ آفيس وارا، اسپتال ۽ ميوي بازار وارا سڃاڻڻ لڳا. اسان کي هنن تي تعجب
لڳندو هو ته ڪيئن سڃاڻن ٿا ۽ هاڻ اسان کي پنهنجو پاڻ تي اچرج لڳي ٿو ته اٺن نون
مهينن بعد اسان به هڪ هڪ کي ايترو سڃاڻڻ لڳا آهيون جو مسجد تاناح ۽ ڪئالا سنگائي
باروءَ ۾ ڪو نئون ماڻهو اچي ٿو ته اسان کي به خبر پئجيو وڃي. ايتري واقفيت ته شايد
پنهنجي ڳوٺ ۾ به نه هجي.
مسجد تاناح جي پوليس اسٽيشن جي سامهون سيڌي جو
دڪان "ڪيدائي ڪم چانگ" (Kedai
Kam Chong) آهي. ملئي زبان ۾ دڪان کي ڪيدائي چئجي ٿو. ڪيدائي
دراصل تامل زبان مان جڙيو آهي. يعني ڪم- چانگ چينيءَ جو دڪان. ڀر وارو دڪان، اسان
جي اڪيڊمي جي انگريزي جي ليڪچرر ڌنيش ڪمار بابو لال جي ڀاءَ جو آهي. هو هندو
گجراتي آهي. سندن دڪان ۾ فرنيچر، گلم، پلاسٽڪ جا تڏا، مصلا ۽ ٽوال چادرون وڪامن.
سندس زال، ويجهرائيءَ ۾ انڊين فلمن جا ڪئسٽ پڻ رکڻ شروع ڪيا آهن. ٻئي پاسي چيني
فوٽوگرافر جو دڪان آهي. ڪجهه ڏينهن کان ان دڪان ۾ وارن ٺاهڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي. رستي تي ئي گاڏي بيهاري
هارن ڏبو آهي ته فوٽوگرافر پاڻ يا سندس زال فوٽن جو لفافو ڪڍي، ڊوڙ پائي ڏيئي
ويندي. ڇا جي رسيد ڇا جو ان وقت ئي پئسا ڏيڻ.
"فوٽوگرافيءَ سان گڏ باربر شاپ خير ۾ ڪڍيو
اٿئي؟" هڪ ڏينهن مون پڇيومانس.
"اسان ڪو نه ڪڍيو آهي. منهنجي ڀيڻ پينانگ ۾
رهي ٿي ان جي ڌيءَ هن سال گرئجوئيشن ڪئي ۽ هاڻ هتي حجامڪو ڪم ڪري ٿي."
"ملائيشيا اهڙو ملڪ آهي جتي ٿوري پڙهيل کي به
نوڪري مليو وڃي پر هن نوڪريءَ بدران ڌنڌي کي ترجيح ڏني آهي؟"
"اسان سڀ چيني ڌنڌي ۽ واپار ۾ فائدو ڏسون ٿا." فوٽوگرافر عورت وراڻيو.
"پر سڄي ڏينهن ۾ مون کي ته هڪ يا ٻه گراهڪ مس
ٿا نظر اچن." مون چيومانس.
"ان جو مدار هن جي ڪم تي آهي. سٺي طرح وار
ٺاهيندي ته هڪ بدران ٽي سؤ سمجهه."
هن پاسي، يعني ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا پاسي،
اچڻ سان هڪ قوم سان واسطو پوي ٿو، جنهن کي توهان وياج خور، پئسي جا واپاري، اوڌر
ڏيندڙ، ناڻو مَٽي ڏيندڙ يا Money
Changer چئي سگهو ٿا. ان ۾ گهڻي ڀاڱي تامل نظر ايندا. تامل
اهي ماڻهو آهن جن جو واسطو هندستان جي ڏاکڻي صوبي تامل ناڊو سان آهي. تامل گهڻو
ڪري شڪل جا سادا ۽ رنگ جا ڪارا ٿين ٿا (منجهن ڪي سري ديويون ۽ ريکائون به ضرور ٿين
ٿيون). تامل هندو به ٿين ته مسلمان به، ته عيسائي به. سندن مادري زبان تامل جيڪا
هندستان جي مشهور زبانن مان هڪ آهي. اڇي ڌوتيءَ ۾، هڪ هٿ ۾ وڏي ڌوپ ڇٽي، ٻئي ۾
مختلف ملڪن جي نوٽن جي ٿپي جهلي، سنگاپور جي چئنج ايلي (جتان جهازين جو لنگهه ٿئي
ٿو)، Cecil Street، عرب اسٽريٽ ۽ سرنگون روڊن تي، ڪوالالمپور جي جالان پتالنگ جايا
(گهٽيءَ ۾، پينانگ جي عام رستن جي ڪنڊن تي بيٺل نظر ايندا. پاسي کان لنگهندڙ ٽوئر
سٽ ڏي نوٽن وارو هٿ وڌائي پڇندا: "Hello! Friend! Change Money?" پئسو مٽائڻو
اٿانوَ؟
ظاهر آهي ڌارئين ملڪ کان آيل ماڻهو پهرين پئسا
مٽائڻ جو ڪم ڪري ٿو جيئن پرائي ملڪ ۾ پنهنجو خرچ پکو هلائي سگهي. بئنڪون ڪڏهن بند
آهن ڪڏهن کليل. بئنڪن تي وڃي فارم ڀري، پاسپورٽ ڏيکاري پئسا مٽائڻ جي کٽراڳ کان
هنن کان پئسا مٽائڻ سولو ڪم ٿئي ٿو ۽ دنيا جا ڪيترا ملڪ آهن جن جو ناڻو بئنڪون
نٿيون وٺن پر مني- چئنجرن کي اهو فخر آهي ته هو (افغاني جي سڪي) کان زلوتي (پولنڊ
جو سڪو)، وقت تي پيدا ڪري ڏين ٿا. ان کان علاوه هنن جو اگهه بئنڪن کان به سٺو رهي
ٿو. مثال طور اڄڪلهه سنگاپوري بئنڪن تي چار هزار پنج سؤ رپيا ڏيڻ تي سنگاپوري هڪ
سؤ ڊالر ملن ٿا. پر هي ناڻو مَٽي ڏيندڙ هلندڙ چلندڙ بئنڪون چار هزار رپين ۾ هڪ سؤ
ڊالر ڏيندا. يعني نفعو ٿورو رکي گراهڪ جيتين ٿا. اهڙي طرح هنن جو سالن کان ناڻي جي
مٽاسٽا جو ڌنڌو هلندو رهي ٿو. ڪوشش ڪري هي ڪنهن کي دوکو به نٿا ڏين. ”ڇو جو اسان
جو سڄو ڪم ساک تي هلي ٿو. ان معاملي ۾ اسان جا پنهنجا اخلاقي قانون ٺهيل آهن ته
گراهڪ کان ڪوڙو نوٽ نه وٺجي نه ڏجي. ڇو جو هڪڙي گراهڪ کي ڦُرڻ سان سوين گراهڪ بد
دل ٿيو وڃن“، سنگاپور جي هڪ مني چئنجر ٻڌايو. پر ڪڏهن ڪڏهن دوکي بازي به ٿيو وڃي.
ان ڪري پرديس ۾ هميشه سوچي سمجهي ناڻو مٽائجي ۽ ڏسي وائسي نوٽ وٺجن ۽ ڳڻجن.
حاصل ڪرڻ ۾ سڀ کان ڏکيو ناڻو نيوزيلئنڊ جو ڊالر،
ڪوريا جو وان، ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جا ڪرونا ۽ يونين ڊراڪما آهن ۽ ٿورو گهٽ
ڏکيو تائيوان جو ڊالر ۽ اٽليءَ جا ليرا آهن. ٻئي پاسي انگلنڊ جو پائونڊ اسٽرلنگ ۽ جرمنيءَ جو مارڪ سڀ ۾ آسانيءَ
سان ملي ٿو. هونءَ مني چئنجر قوم اهڙي آهي جن جي پاڻ ۾ چڱي ٻڌي ۽ ڀائپي آهي. هڪ وٽ
ڪنهن ملڪ جو ناڻو نه هوندو، يا گهٽ هوندو ته هو ٻئي کان وٺي به گراهڪ جي ضرورت
پوري ڪندو. ڪجهه ملڪ اهڙا آهن جن جو سڪو قيمتي هوندي به مني چئنجر پاڻ وٽ نٿا رکن.
”ان ڪري جو ان ملڪ جي ناڻي جي ڊمانڊ بلڪل نٿي رهي. جيئن ته سائوٿ آفريڪا جو رئنڊ
آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڀليل ڀٽڪيل مسافر ان ملڪ جي نوٽن لاءِ اچيو نڪري نه ته الا الا
خير سلا.“ سنگاپور جي پاڪستاني اسٽريٽ ۾ رهندڙ هڪ بنگالي دڪاندار ٻڌايو، ”اهڙي
ملڪن جي نوٽن تي فائدو وڏو آهي پر خبر ناهي ڪڏهن ان لاءِ گراهڪ اچي! گهڻو وقت
ساڳيو ناڻو سيڙائڻ ۾ نقصان هڪ طرف آهي ته ٻئي طرف ان ناڻي جو اگهه به ڪِري سگهي ٿو.“
هن پاسي، ڪنهن زماني ۾ ناڻي جي مٽاسٽا ۽ ناڻي کي
وياج تي ڏيندڙ چيتيار (Chettiars) ايترا ته هئا
جو ڪوالالمپور جي رڳو ائمپنگ گهڻي (Lebuh- Ampong) ۾ هڪ سؤ کان مٿي چيتيار رهيا ٿي ۽ اها گهٽي سڏبي
ئي چيتيار اسٽريٽ هئي. پر هاڻي بنهه گهٽجي ويا آهن ۽ گهٽبا وڃن.
تاملن کان علاوه سک، سنڌي هندو ۽ هاڻي چيني به
ناڻي جي مٽاسٽا ڪن ٿا. رستي تي بيهي پئسا بدلائڻ بدران، ان ڪم لاءِ، گذريل ويهن
سالن ۾ ڪيترائي دڪان ۽ پيڊيون ٺهي پيون آهن، جن تي چاڪليٽ، بسڪيٽ، سگريٽ، چيغمن
سان گڏ غير ملڪي ناڻو بدلائي ڏيڻ جو ڪم پڻ هلي ٿو. پاڪستان ۾ غير ملڪي ناڻي (Foreign
Exchange) جي آڻڻ ۽ کڻي وڃڻ تان پابندي هٽڻ ڪري هاڻ ڪراچيءَ
جي بولٽن مارڪيٽ ۾ ناڻو مٽي ڏيڻ جا پڻ واپاري پيدا ٿي رهيا آهن. اهو ڪم ڪراچيءَ ۾
گهڻو ڪري ميمڻ گجراتي ڪن ٿا. بهرحال سنگاپور ملائيشيا پاسي، ان ڌنڌي تي صديءَ جي
شروعات کان تاملن جو قبضو آهي ۽ پئسي جي انهن واپارين کي هتي جا چيني، ملئي،
انڊونيشي ۽ ٻيا ماڻهو چيتيئر (Chettiar) سڏين ٿا، جيڪو شايد تامل لفظ آهي.
اهي چيتيئر رڳو ناڻي جي مٽاسٽا وارو ڌنڌو نه ڪن پر
ناڻي جا ٻيا به ڪيترائي ڌنڌا ڪن. جيئن ته وياج تي پئسا ڏيڻ، انعامي بانڊ وٺي انهن
جا نمبر وڪڻڻ وغيره. هنن جي دڪان تي جنهن خاص وکر جي خريداري ۽ وڪري جو ڪم ٿئي ٿو،
اهو ’ناڻو‘ آهي. هنن دڪانن تي فقط هڪ ٽيليفون نظر ايندو، ٻي ٽجوڙي ۽ ٽين ڪاٺ جي
ڊيسڪ. اوڌر وٺڻ واري کان چيتيئر پني تي صحيح وٺي، پوءِ ٽجوڙيءَ مان نوٽ ڪڍي ڏيندو
آهي. پهرين مهيني جو وياج ان وقت ئي وٺندو اٿس. پوءِ ڊيسڪ جو ڍڪ کولي، صحيح ٿيل
ڪاغذ ان ۾ رکندو آهي. هيءَ ڊيسڪ به هڪ خاص ڪاٺ ۽ ڊيزائن جي ٿئي، جيڪا چيتيئر گهڻو
ڪري هندستان مان ٺهرائيندا آهن. ان ٽنگن بنا، قد ۾ بندري، ڊيسڪ جي پويان هو پٿر ماري
وهندا آهن.
ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾، ان ڌنڌي ۾، تاملن بعد
ٻيو نمبر گجراتين ۽ سکن جو اچي ٿو. ائين ته سنڌي هندو به ڪنهن زماني ۾ ان ڌنڌي ۾
گهڻو Active هئا.
بلڪ هي ڌنڌو جيڪو اڄڪلهه ماڊرن زماني ۾ ’بئنڪنگ ۽ فنائنس‘ جي نالي سان سڏجي ٿو، ان
۾ سنڌي هندن جو وڏو ۽ اهم حصو آهي- خاص ڪري شڪارپورين جو، جن هنڊي سسٽم (اڄ ڪلهه
جي Pay- oder ۽
ڊرافٽ) کان وٺي اوور ڊرافٽ، گروي رکڻ جا اصول ۽ ٻيا ڏيتي ليتيءَ جا ڪيترائي طريقا
۽ قاعدا قانون ايجاد ڪيا. پر هاڻ هن پاسي (ڏور اوڀر جي ملڪن ۾) رهندڙ سنڌي هندو سڀ
۾ امير ليکيا وڃن ٿا. هو اهڙن ننڍن ۽ کٽراڳن وارن ڌنڌن بدران وڏا واپار، هول سيل،
شپنگ، انڊسٽري ۽ زمينن ۽ جاين جڳهين جا سودا Real- Estate ۾
وڌيڪ جنبي ويا آهن ۽ بين الاقوامي مشهوريءَ جا مالڪ سڏجن ٿا. موٽواڻي، تان سري
ڪشو، ڀوڄواڻي، سيتل، موهن، هري ليلا، چوٽرمل، واسواڻي وغيره وغيره ملائيشيا،
سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جا فقط چند نالا آهن. بهرحال اڄڪلهه سنڌي واپاري ناڻي جي ڏيتي
ليتيءَ ۾ ايترو ناهي جيترو تامل، گجراتي يا سک آهي.
ملاڪا، جتي منهنجو رهڻ ٿئي ٿو، ان جي ڀر واري ڳوٺ
۾ هڪ پنجونجاهه سٺ کان سالن جو هڪ گجراتي دڪاندار رهي ٿو. سندس گهر ۽ دڪان گڏ آهن.
دڪان ۾ وڪڻڻ لاءِ ڪجهه نه اٿس، سواءِ ٿوري گهڻي اسٽيشنريءَ جي. ڪڏهن صبح جو سوير
دڪان کوليندو ڪڏهن ڏهين يارهين، ڪڏهن ته منجهند کانپوءِ. ڪچهريءَ جو شوقين مڙس
آهي. هڪ ڏينهن پڇيومانس: ”دڪان ۾ وڪڻڻ لاءِ ته ڪابه اهڙي اهم شيءِ ناهي پوءِ ڪيئن
ٿو ڪمائين؟
وراڻيائين: ”اهو دڪان ته فقط نموني خاطر ۽ وقت
گذارڻ لاءِ آهي. اصل ڌنڌو ناڻي جو اٿم. منهنجا هڪ لک کن ڊالر، مختلف ماڻهن وٽ وياج
تي ڦرندا رهن ٿا. هڪ سؤ ڊالرن تي مهيني ۾ پنج ڊالر وياج وٺندو آهيان. ڪيترائي
ضرورتمند مهيني ٻن لاءِ وٺي ويندا آهن. مڙيئي هڪ لک ڊالرن تي سال ۾ پنجاهه سٺ هزار
رپيا مليو وڃن.“
”پوءِ ڀلا ماڻهو اوڌر وٺي واپس ڪن؟“ مون کانئس
پڇيو.
”ها، پر ڪي ڪي ڦٻائي به ويندا آهن. هي ڪم گهڻي
ڀاڱي ساک تي هلي ٿو. جيڪي ماڻهو نوان يا اوپرا اچن ٿا، يا اهي ماڻهو جيڪي وهنوار
جا سٺا نه آهن، انهن کي بنا ڪنهن شيءِ گروي رکڻ جي پئسو نه ڏيندا آهيون. ڪونه ڪو
سونو ڳهه يا ريڊيو، ٽي وي گرويءَ طور رکي پوءِ کين پيسا ڏيندا آهيون ۽ پوءِ مقرر
وقت اندر پئسو نه ڏيڻ تي سندن اها شيءِ وڪڻي اوڌر پوري ڪندا آهيون.“
”پوءِ هو دانهن فرياد نه ڪن؟“ پڇيومانس.
”نه. ان ڪري جو پوءِ هو ان کي پنهنجي بيعزتي سمجهن
ٿا. مثال طور دوست يارن، مٽن مائٽن تي لئه رکڻ لاءِ ڪو ملئي ڪجهه قرض کڻي ٿو. قرض
نه ڏيڻ تي سندس گروي ٿيل شيءِ ضبط ڪرڻ تي جي هو ڪجهه ڪڇندو ته هرڪو چوندو ته صفا
ڪو کٽل هئين. اهو ٽوڪ طعنو هتي جو حساس ملئي برداشت نٿو ڪري سگهي. نتيجي طور هو چپ
ئي رهي ٿو.“
هوءَ هند سنڌ ۽ هتي ملائيشيا سنگاپور ۾، هنن وياج
تي رقم ڏيندڙن جون ڪيتريون ئي ظلم واريون ڳالهيون پڻ عام آهن ته ڪيئن هو اڻ پڙهيل
۽ اٻوجهه عورتن کي بنا سمجهائڻ جي قرض ڏيئي سندن سمورو مال ملڪيت هڙپ ڪن ٿا. هنن
غريب بيواهن جي مجبوريءَ جو فائدو وٺن ٿا، جيڪي اولاد جي دوا درمل يا ڪنهن ٻي
ضرورت لاءِ سؤ سوا سؤ ڊالرن جيتري معمولي رقم وٺن ٿيون پر ڳرن وياجن ڪري اها رقم
هزارن ۾ تبديل ٿيو وڃي ۽ کين الهه تلهه ڏيئي جان ڇڏائڻي پوي ٿي.
”ڀلا پنج سيڪڙو مهيني تي معنيٰ سٺ سيڪڙو سال جو
ٿيو. جيڪو بئنڪن کان تمام گهڻو وياج ٿيو، جيڪي فقط پنڌرهن سيڪڙو مس ٿيون وٺن“
مٿئين دڪاندار کان مون پڇيو.
”ان ڪري جو ڪيترا دفعا اسان جو مور به نٿو موٽي ۽
اوڌر وٺڻ وارو ڀڄيو وڃي. هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بئنڪن ڪري اسان جي ڌنڌي کي وڏو
ڌڪ رسيو آهي. پر ان هوندي به ماڻهن کي اسان کان قرض وٺڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي. بئنڪ تان
قرض وٺڻ لاءِ ڪاغذي ڪارروائي، شاهدن جو هجڻ ۽ ٻيو گهڻو کٽراڳ آهي. اسان وٽ کين چپ
چاپ آڌيءَ مانجهيءَ مليو وڃي.“
وياج تي پئسا ڏيندڙ ملاڪا جي هڪ سک ٻڌايو:
”هاڻ مون اهو ڌنڌو گهٽائي ڇڏيو آهي. اولاد کي به
ان ڌنڌي جي سکيا ڏيڻ بدران ڊاڪٽر انجنيئر ٿيڻ لاءِ اعليٰ تعليم ڏياري رهيو آهيان.
پر جيسين هو وڃي روزگار کي لڳن تيسين مهيني ۾ فقط ٽن چئن همراهن کي قرض ڏيان ٿو،
جيڪي پراڻا گراهڪ ۽ سڃاڻا آهن.“
”ان جو ڪهڙو سبب آهي؟“ مون پڇيومانس.
”اهو ئي آهي جو اڄڪلهه هن ڌنڌي ۾ اهو Charm نه
رهيو آهي. اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جڏهن مون هي اباڻو ڌنڌو شروع ڪيو هو ته ان
وقت آمدرفت جا سٺا طريقا ۽ رستا نه هجڻ ڪري، ڪو ڀر واري ڳوٺ ۾ به ورلي ويندو هو.
هاڻ جتي ڪٿي پڪا رستا ۽ تکيون ڪارون، لاريون ۽ هوائي جهاز ٿيڻ ڪري صبح جو قرض
کڻندڙ منجهند تائين سنگاپور يا شام تائين ٿائلنڊ جي ڪنهن ڏورانهن ڳوٺ کان وڃيو
نڪري. هاڻ ان لاءِ ڪنهن وٽ دانهيون ڪوڪاريون يا ملائيشيا جي ڪهڙي پوليس يا قاضي ان
کي جهلي ڪيس هلائيندو.“
هن وڌيڪ ٻڌايو: “اڄڪلهه قرض واپس وٺڻ ڏکيو ٿي پيو
آهي. دڪان تي ويهي گراهڪن جو انتظار ۽ انهن سان مٿي ڪُٽَ ڪجي يا ڪلهي تي بوڇڻ رکي
قرضين جي لڪي وڃڻ جون جايون ڳولجن ۽ کانئن وياج سميت مور وصولي ڪجي؟”
هن مضمون جي تياريءَ لاءِ پينانگ جي تامل چيتيار
سان پڻ ان بابت گفتگو ٿي. هُن ٻڌايو:
“ناڻو اوڌر تي ڏيڻ وڏو جوکي جو ڪم آهي، خاص ڪري
جيترو گهڻو اوترو وڌيڪ ڊپ ته متان اوڌر وٺندڙ کائي نه وڃي. هونءَ وڏي اوڌر لاءِ
اسين ڪانه ڪا شيءِ گروي ضرور رکون ٿا- خاص ڪري ڳهه ڳٺو. پر ڪيترا ضرورتمند اهڙا
آهن جن وٽ گروي رکڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. هو سُڪي پگهار يا سال تي زمين مان لهندڙ
فصل تي ڀاڙين ٿا. هاڻ انهن کي ڪهڙو زور زبردستي ڪجي ته قرض کڻڻ کان اڳ ڪجهه گرويءَ
طور رکي وڃو، جيئن مُور ۽ وياج نه ڀرڻ تي، ۽ مقرر مدو پورو ٿي وڃڻ تي اهو مال
پنهنجو ڪيو وڃي.
“And so Begins the vicious cycle- No collateral, No loan; No loan,
No customer, No customer, No business.”
ملاڪا ۾ هڪ ٻئي گجراتيءَ جو ڪپڙي جو دڪان آهي. هو
صبح جو سوير دڪان کوليندو آهي ۽ صبح ساڻ گاڏي تي ڀاڄي ۽ فروٽ وڪڻڻ وارا غريب ملئي
توڙي چيني هن جي دڪان وٽ اچي پوءِ ڀاڄي مارڪيٽ ويندا آهن. “هر هڪ ضرورت موجب مون
کان سؤ يا ٻه سؤ ڊالر وٺي پوءِ سڄو ڏينهن پنهنجي ڀاڄي ڀُتي وڪڻي شام جو اڌارو ورتل
سؤ تي هڪ ڊالر وڌيڪ رکي واپس ڪندو آهي.” دڪاندار ٻڌايو. ڀر ۾ ويٺل تامل دڪاندار
کِلي چيو: “هي گجراتي اسان جا به چاچا آهن. اسان مهيني ۾ سؤ تي فائدو وٺون چار پنج
ڊالر، هي گجراتي روزانو سؤ تي هڪ ڊالر- يعني مهيني ۾ ٽيهه ڊالر وٺن، سال ۾ وڃي ٿيا
ٽي سؤ پنجهٺ ڊالر. سال اندر ئي هنن جو لک ٽيڻو چؤڻو ٿيو وڃي ۽ جاهل ڀاڄين وارا
اهوئي چوندا وتن ته هي سستي اگهه تي اوڌر ڏئي ٿو.”
مٿي ڪٿي ڪٿي ’وياج‘ جو لفظ استعمال ڪيو اٿم. پر
هتي ان کي ڪي وياج سمجهن ۽ سڏين ٿا، ڪي ان کي فائدو، يا حصو، يا ڪميشن جو نالو ڏين
ٿا. ان بابت مٿئين گجراتيءَ هي نقطو ٻڌايو:
“هڪ ماڻهو گهران هٿين خالي فقط گاڏو کڻي نڪري ٿو.
آئون ان کي سؤ ڊالرن جي ڀاڄي وٺي کيس وڪڻڻ لاءِ ڏيان ٿو ۽ هو ويهه پنجويهه ڊالر
ڪمائي ٿو. ڇا منهنجو ان ۾ هڪ ڊالر به حق ناهي-؟”
“۽ جي نقصان پئجي وڃيس-؟” مون پڇيومانس.
“اهڙي ڌنڌي ۾ نقصان ورلي ڪو پوي ٿو. نه ته هرڪو
سوچي سمجهي جيتري جو مال وٺي ٿو ان کان مهانگي اگهه تي وڪڻي ٿو ۽ سؤ تي هو ويهه
پنجويهه ڊالر ضرور ڪمائي ٿو ۽ ان فائدي ۾ اسان کي جيڪو هڪ معمولي حصو آهي. اها ٻي
ڳالهه آهي ته سؤ ڊالرن جي ڀاڄي ڏيڻ بدران هن کي سؤ ڊالر ڪئش ڏيون ٿا ته پنهنجي
مرضيءَ جي ڀاڄي يا فروٽ خريد ڪري وڪڻي. هاڻ ان کي توهان وياج ڪيئن چئي سگهو ٿا؟”
ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ رهندڙ چيني، واپار وڙي ۾
توڙي بچت ۾ سڀ کان تکا آهن. هو نه گهڻي رسم و رواج جي چڪر ۾ پون نڪي اجايا خرچ ڪن.
رڳو بچت ئي بچت ڪن. ملئي ويچارا سادي طبيعت جا آهن. پئسي ڏوڪڙ ۾ پڻ غريب. وري جيڪو
پئسو هٿ ايندن، ان کي بچائي ۽ بچت کي واپار ۾ لڳائڻ (Investment) ڪرڻ
بدران جهٽ پٽ خرچي، هٿين خالي ٿي ويهي رهندا. (اها ٻي ڳالهه آهي ته ملئي ماڻهن کي
صبر ۽ شڪر جهجهو آهي. ان ڪري اڻ هوند ۾ به خوش رهن ٿا.) مثال مشهور آهي ته وڏي شهر
جي رونق ۽ سامانن سان ڀريل دڪان ڏسي ملئي ٻار توڙي وڏو اهوئي سوچيندو ۽ خواهش ڪندو
ته هي به وٺان هو به وٺان. يعني پئسو خرچ ڪندو. پر ان جاءِ تي چيني اهڙو حال ڏسي
ڪجهه وڪڻڻ جي سوچيندو جيئن پئسو ڪمائي سگهي. ملئيءَ کي ڪا ٿوري خوشي نصيب ٿيندي ته
ڪپڙن ۾ نه پيو ماپندو. چئبس ادا مٺائي کاراءِ، ته ماني هلي کارائيندو. مڱڻو ٿئيس
يا شادي، پٽ ڄميس يا اهو پنڌ ڪرڻ سکي يا اسڪول وڃي، يا پاڻ ڪا ڀڳل سڳل سائيڪل يا
ڪار وٺي. چئبس: “واهه سائين واهه! ان خوشيءَ ۾ ڪجهه کاراءِ.” يڪدم هائوڪار ڪري ان
تي عمل ڪندو. ان جي جاءِ تي چينيءَ کي کڻي ڪيڏي به وڏي خوشخبري ملي يا پئسي ڏوڪڙ
جو فائدو رسيس پر مجال آهي جو کڻي ٽڪو به خرچ ڪري. پهرين ته منهن مان اها لکا ئي
نه ڏيندو جو ٻئي کي خبر پوي. پر جي ٻئي کي خبر پئجي به ويئي ته نڪ جو پڪو ٿي،
مٺائي يا مانيءَ بدران، ٺلهي مُرڪ پيو ڏيندو. بي شرم ٿي گهڻو زور ڀرڻ تي مري مري
کڻي چانهه جو ڪوپ پياريندو. نتيجي ۾ غريب کان غريب چينيءَ وٽ به پئسو ڏوڪڙ آهي ۽
ٻاهرين شان شوڪت رکندڙ ملئي مسلمان، گهڻو ڪري هٿين خالي رهي ٿو. حڪومت طرفان ملئي
مسلمانن کي قرض ۽ ٻيون سهولتون بنا وياج جي ڏنيون وڃن ٿيون. جيئن هو به ٻين وانگر
سُکيو ستابو ٿئي. حڪومت جي ان اسڪيم مان ملئي فائدو ضرور وٺي رهيا آهن پر تمام گهٽ
باقي گهڻي ڀاڱي ملئي، سرڪار کان فئڪٽري يا دڪان جي پرمٽ وٺي، چند ڏوڪڙن تي چينين
کي وڪڻيو ڏين. يا ڪيترا ملئي ڌنڌي ڌاڙيءَ جي بهاني، سرڪار کان قرض کڻي، پنهنجي يا
اولاد جي شادي مراديءَ تي، يا وري گهر جي بناوٽ سجاوٽ تي، يا گاڏيءَ جي مرمت ۽ ان
جي ڊيڪوريشن تي وڃائي، وري هٿين خالي ٿي ويهندا آهن. پوءِ جولاءِ يا ڊسمبر ۾ قرض
واپس ڪرڻ لاءِ في الحال هن هُن کان وياج تي پئسو وٺي قرض موٽائيندا آهن. ان بعد
وري نئون قرض کڻن. پوءِ جون يا ڊسمبر جو مهينو ٿيندو ته ڪيترائي قرض لاءِ منٿون
ڪندا رهندا. “هزار يا ٻه هزار ڊالر هڪ مهيني لاءِ اوڌر ڏيو جيئن اهي بئنڪن کي واپس
ڪري پراڻو حساب چڪتو ڪيون ۽ پوءِ وري نئينءَ سنئيءَ قرض کڻون.”
پهرئين سال ئي هتي رهندڙ انڊيا جي ڪئپٽن مون کي
چيو:
“يار بزنيس جو شوق اٿئي؟”
“ڪهڙو بزنيس-؟” مون پڇيومانس.
“هڪ هزار ڊالر ڏي. مهيني بعد هڪ هزار هڪ سؤ ڪري
ڏيندو سانءِ.” هن ٻڌايو.
“اهو ڪهڙو بزنيس آهي؟” مون پڇيومانس. ان تي پاڻ
مٿئين ڳالهه ڪري ٻڌايَئين. مون کيس ٻڌايو ته اسان پاڪستانين مان شايد ئي ڪو اهو ڪم
ڪري جو ان کي اسان وٽ وياج جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو.”
“ساري يار! مون کي خبر نه هئي. هتي رهندڙ، اسين
انڊين ته اهو ڪم عام ڪريون ٿا.”
بهرحال ان معاملي ۾ مون ڏٺو ته انڊين به خوش ته
ملئي قرضدار به خوش. انڊين هڪ مهيني ۾ ڏهه سيڪڙو وياج ڪمايو ۽ ملئيءَ جو في الحال
قرض لهي ويو ۽ ڏنڊ کان بچي پيو. (اها ٻي ڳالهه ته اصل قرض اوتري جو اوترو.) نه
سرڪار کي فائدو نه ملائيشيا جي اصل رهاڪو ملئيءَ کي فائدو. حڪومت کڻي ڪيتريون به
اسڪيمون ٺاهي فائدو ساڳيو چيني ۽ انڊين کي. ملئي ماڻهن جا هي حال ڏسي اسان جي
درٻيلي واري يار احمد مخدوم کي سنڌين جا حال ياد ايندا آهن. “ايوب توڙي يحيٰ، ڀٽو
توڙي ضياءَ جي ڏينهن ۾ ڪيترن وڏيرن، ميمبرن ۽ ٻين اهم سنڌي ماڻهن کي ڪارخانن ۽
فئڪٽرين جون پرمٽون مليون پر ڪاروبار ڪرڻ بدران، هنن اهي اهم ڪاغذ ڀور (پرمٽون)
هنن ملئي ماڻهن وانگر ٻين کي وڪڻي، پاڻ مهينو ٻه ان پئسي مان عيش ڪري، وري اهڙي جا
اهڙا. هوڏانهن ٻيا وڃن هوشيار ۽ ڪارخانيدار ٿيندا. نتيجي ۾ پاڪستان ٿيڻ کان وٺي اڄ
تائين سنڌ جا ڳوٺ بنا ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جي آهن، جن ۾ اتي ٻي صورت ۾ غريب عوام
پورهيو ڪري سُکي زندگيءَ لاءِ پئسو ڪمائي سگهي ٿا. هاڻ مڙيئي ڪٿي ڪٿي ڪا شگر مل يا
ڪاٽن جننگ فئڪٽري کُلڻ جي خبر پڙهجي ٿي.”
بهرحال ناڻي جي مٽاسٽا، اوڌر ۽ وياج تي ناڻو ڏيڻ
جو ڌنڌو، سڄي ڏور اوڀر ۾، جتي جتي هندو ۽ سک آهن، سالن کان هلندو اچي. هندستان جي
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ به اهو ڪاروبار عام هو، ۽ ان ڳالهه جو پاڪستان ۾ زباني توڙي
اخبارن رسالن ۾ رکي رکي ذڪر ٿيندو آهي ته چڱو جو پاڪستان ٿيو نه ته سنڌي هندو سنڌ
جي مسلمانن کي فقير بنائي ڇڏين ها. ڇو بنائي ڇڏين ها- جو سنڌي مسلمان زميندار هو ۽
سنڌي هندو هن کي وياج تي قرض ڏيئي ڏيئي ويو زمين هڙپ ڪندو.
هڪ ان قسم جو مضمون پڙهي ڪرشن نالي سنگاپور ۾
رهندڙ هڪ هندو سنڌي نوجوان مون کي سنجيدو ٿي چيو: “ڀاءُ! اسين مڃون ٿا ته تن ڏينهن
۾ بئنڪون نه هيون ۽ ڪجهه هندو سيٺ ۽ واپاري، ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ
کين وياج تي اوڌر ڏيندا هئا. هاڻ جي وياج تي پئسو ڏيندڙ سٺو ماڻهو نه آهي ته وٺندڙ
کي به سٺو نه چئجي. هونءَ به قرض وڏو مرض آهي.” هو تمام پڙهيل ڳڙهيل ۽ اتي جي هڪ
ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ ليڪچرر آهي. مون سان هڪ سيمينار ۾ سندس اوچتي ملاقات ٿي ۽
آخري ڏينهن تي خبر پئي ته هو سنڌي آهي. پاڻ ڄائو نپنو سنگارپور ۾ هو. سندس پيءُ
ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏي بمبئي ۽ ڪلڪتي کان ٿيندو، روزگار خاطر هتي پهتو هو. هو سنڌ
۾ به غريب هو ته سنگاپور ۾ به سڄي عمر پاپڙ، بيضا، ڊبل روٽيون وڪڻي پنهنجو ۽
پنهنجي اولاد جو پيٽ پاليو ۽ کين تعليم ڏياري. ڪرشن چيو: “هڪ ڳالهه ضرور ڏکوئيندڙ
آهي ته سنڌي هندوءَ کي هروڀرو حد کان وڌيڪ به بدنام ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ هر
هندو امير ۽ وياج خور ته نه هو جو سڄي سنڌي- هندو ڪميونٽيءَ کي ان لاءِ ننديو وڃي.
سنڌي هندن ڪيترائي چڱا ڪم به ڪيا. ٻي ڳالهه ته اهو وياج جو ڪم واپار جي لحاظ کان
نه فقط سنڌ ۾، پر اڄ تائين هنن ملڪن توڙي هانگ ڪانگ کان افغانستان تائين هلندو
اچي. ويندي بئنڪون به اهو ڪم ڪن ٿيون. پوءِ ان ڪم لاءِ فقط سنڌي هندوءَ کي ڇو
ڏوهاري ليکيو وڃي ٿو. ٻي ڳالهه ته اهو وياج تي قرض، ڪو Gun- Point تي
ته نه ڏنو ويو ٿي. زميندار وڏيرو پاڻهي، پنهنجي مرضيءَ تي اچي وٺندو هو. نه فقط
سنڌي مسلمان پر سنڌي هندو پڻ وياج تي اوڌر وٺندو هو. فرق فقط اهو هو ته هندو ماڻهو
پئسو وڃائڻ بدران واپار ۾ لڳائيندو هو. محنت ڪندو هو ۽ وياج چڙهڻ جي فڪر ۽ ڊپ ۾،
پئسو بچائي بچائي قرض کان نجات حاصل ڪندو هو. ٻئي پاسي سنڌي وڏيرو وياج تي قرض کڻي
پوءِ ٻي يا ٽين شادي ڪندو هو، يا رَنون وهاريندو هو، يا پُٽن جا ڀري ڪاڄ ڪندو هو
يا گهمڻ ڦرڻ ۾ ضايع ڪندو هو. جنهن تان ته مثال مشهور ٿيو ته هندو کي پئسو ايندو ته
کُڏ مٿان کُڏ اڏيندو. مسلمانن کي پئسو ملندو ته.... وغيره. منهنجي خيال ۾ ته سنڌ
جي تباهيءَ جو ڪارڻ تڏهن به ۽ اڄ به اهوئي جاهل وڏيرو آهي. اڄ به ملائيشيا،
سنگاپور توڙي انڊونيشيا ٿائلنڊ وغيره ۾ به اوڌر وٺي جيڪو ائين پئسو وڃائي ٿو اهو
تباهه ٿيو وڃي. پر جيڪو ماڻهو پئسي کي پئسو سمجهي، تڪليفون سهي، محنت ۽ مزدوري
ڪري، سچائيءَ سان ڌنڌو ڌاڙي ڪري ٿو، اهو ڏسندي ئي ڏسندي سُکيو ستابو ٿيو وڃي.”
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ ڪيئي
اهڙا دور آيا جن ۾ هنن ناڻي جي واپارين ۽ چيتئرن ملڪ کي ڏيوالي کان بچائي ورتو. ان
ڪري حڪومت جتي بئنڪون ۽ قرض ڏيڻ جا سرڪاري ادارا وڌائي رهي آهي، اتي هنن واپارين
کي به ان ڌنڌي لاءِ، اڃا موڪل ڏيندي اچي ته ڀلي اهو ڪاروبار هلائيندا رهن. اها ٻي
ڳالهه آهي ته ناڻي جو واپار ڪندڙ ڏينهون ڏينهن گهٽبا وڃن جو ان ۾ جتي فائدو آهي
اتي قرض واپس نه ملڻ ڪري سخت نقصان پڻ آهي ۽ قرضدار تي زور ڏيڻ سان دشمني نصيب ٿئي
ٿي. ان کان علاوه هانگ ڪانگ، تائيوان وانگر سنگاپور، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا جون
حڪومتون واپار جون اهي سهوليتون مهيا ڪري رهيون آهن جو هنن ناڻي جي واپارين کي ٻين
لفظن ۾ وياج تي پئسو ڏيندڙن کي اوترو ئي فائدو هوٽل کولڻ، جاءِ وٺي مسواڙ تي ڏيڻ،
ڪنهن به قسم جو دڪان کولڻ، بس يا ٽئڪسي وٺي هلائڻ يا مسواڙ تي ڏيڻ، اسڪول يا ڪلينڪ
اسپتال کولڻ مان ملي ٿو. ان ڪري هاڻ ڏينهون ڏينهن وياج يا سود يا مسواڙ يا ڪميشن
يا فائدي تي ڏوڪڙ ڏيڻ جو ڪم بئنڪن حوالي ٿيندو وڃي.
بئنڪن کان علاوه پلاسٽڪ ڪارڊ پڻ اهي سڀ گهرجون
پوريون ڪن ٿا. ڪو زمانو هو بارٽر سسٽم هلندو هو. مال جي بدلي ۾ مال ڏنو وٺبو هو.
رڍ ٻڪري ڏيئي چانور گيهه ڪاٺيون وٺبيون هيون. پوءِ چاندي، ٽامي، سون جا سڪا ايجاد
ٿيا. پوءِ ڪاغذ جي ايجاد بعد نوٽ جاري ٿيا. هاڻ ڪاغذ جا نوٽ کڻي هلڻ بدران پلاسٽڪ
جا ڪريڊٽ ڪارڊ مشهور ٿيندا وڃن. آمريڪن ايڪسپريس ڪارڊ، ڊائينرس ڪلب ڪارڊ، ويزا
ڪارڊ، ماستر ڪارڊ وغيره بين الاقوامي مشهوريءَ جا آهن ۽ دنيا جي هر ملڪ ۾ هلن ٿا.
مختلف ملڪن جا دورا ڪندڙ هڪ واپاري يا ٽوئرسٽ آمريڪن ڊالر، برٽش پائونڊ، جپاني يين
۽ جرمن مارڪ وغيره پاڻ سان کڻي هلڻ بدران پاڻ وٽ فقط هڪ ننڍڙو ڪارڊ رکي ٿو، جيڪو
گم ٿيڻ تي مالڪ جي پئسي جو نقصان نٿو ٿئي.
آمريڪا ۽ يورپ پاسي ته اهو ڪارڊ جو سسٽم ايترو ته
عام ٿي ويو آهي جو ڪيترين هوٽلن، ايئرپورٽن ۽ شاپنگ سينٽرن تي دڪاندار ڪئش بدران
ڪارڊ جي پڇا ڪن ٿا. جو هنن لاءِ به سهوليت رهي ٿي. توهان جيڪي خرچ ڪريو اهو ڪارڊ
ڏيکاري فقط صحيح ڪريو. دڪاندار توهان جي بئنڪ کان پاڻهي پئسا اوڳاڙيندو هو. توهان
کي مهيني تي بئنڪ طرفان بل ملي ويندو ته فلاڻي ملڪ جي فلاڻي فلاڻي دڪان تي توهان
هيءَ خريداري ڪئي. فلاڻي ملڪ جي هوٽل ۾ توهان هي خرچ ڪيو جيڪو توهان جي اڪائونٽ
مان ڪٽيو ويو آهي ۽ باقي بئلنس هيترو. ان ۾ اهو فائدو آهي جو بئنڪ ۾ پئسو نه هجڻ
جي باوجود ضرورت وقت في الحال توهان ڊاڪٽر کي في، سفر لاءِ ٽڪيٽ يا ڪا ضروري
خريداري ڪري سگهو ٿا ۽ پوءِ اها اوڌر بئنڪ وياج سميت توهان کان وٺندي رهي ٿي.
پر جتي اهي فائدا آهن اتي نقصان پڻ
آهن. ٿورو به بي خياليءَ کان ڪم وٺڻ تي توهان اجايو سجايو خرچ ڪري
پنهنجو نقصان ڪري سگهو ٿا. بئنڪ وارن کي يڪدم پئسا نه ڀري ڏيڻ ڪري وياج جا ڍير
چڙهي سگهن ٿا. ان کان علاوه ڪارڊ جي چوريءَ جي اطلاع ۾ دير ڪرڻ سان ٻيو ڪو توهان جي
صحيح بچائي توهان پاران خرچ ڪري سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ اڄڪلهه پلاسٽڪ ڪارڊ عام رواجي هجڻ بدران
اهڙي نموني جا ٺاهيا ويا آهن جو ٻيو ڪو ان جهڙو نقلي ڪارڊ ٺاهي نه سگهي. ڪارڊ جي
اندر سنهين تارن وارا اهڙا اليڪٽرانڪ سرڪٽ (I.C) رکيا
ويا آهن جو فقط ڪارڊ جو حقيقي مالڪ ڳجهي ڪوڊ نمبر سان گڏ استعمال ڪري سگهي. پر
ساڳي وقت اڄ جا چور به پڙهيل ڳڙهيل ۽ استاد ٿي پيا آهن. انهن ڳجهن اليڪٽرڪ جوڙجڪن (Circuits) کي ڊي ڪوڊ ڪري، اهڙا ساڳيا ڪارڊ ٺاهي، پئسو ڦرين ٿا.
آسٽريليا، آمريڪا، ٿائلنڊ، فلپين، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ ته ڪريڊٽ ڪارڊ جو فراڊ
تمام گهڻو ٿي پيو آهي. منيلا ۾ ته انهن ڪارڊن جي چوري ڪندڙ، اهڙا خطرناڪ گروهه آهن
جن جا ڇاڙتا آمريڪا جي پوسٽ کاتي ۾ به گهڙي پيا آهن. هو رجسٽرڊ خطن مان ڪارڊ چوري
ڪري منيلا موڪلين ٿا. جتي صحيحون پچائي هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ خريداريءَ لاءِ
استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ پوءِ اهو خريد ڪيل سامان منيلا موڪليو وڃي ٿو. ٿائلنڊ ۽
نيپال پاسي ڪيترا ٽوئرسٽ ايجنٽ مسافرن کي جبل گهمائڻ جي بهاني سان، سندن سامان،
هوٽل ۾ حفاظت سان رکڻ لاءِ چئي، پوءِ پٺيان سندن پاسپورٽ ۽ پلاسٽڪ ڪارڊ ڪڍي، سندن
نالي تي وڏن دڪانن تان خريداري ڪريو ڇڏين. کين خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن ملڪ پهچڻ تي ۽
مهينو پورو ٿيڻ تي، کين بئنڪ طرطان ڊگهو بل ملي ٿو. ڪيترن هنڌن تي وري هوٽل ۽ گيسٽ
هائوس وارا، مسافرن جا ڪارڊ ۽ پاسپورٽ چوري ڪري، انهن جهڙا هوبهو ٺاهي استعمال ڪن
ٿا. ڪٿي وري دڪاندار به ساڻن شامل ٿين ٿا.
هن پاسي هڪ ٻيو واپار بانڊن ۽ لاٽريءَ جو پڻ هلي
ٿو. چيني ۽ انڊين جوا جا ڪوڏيا آهن پر اها مسلمانن لاءِ حرام آهي. ان ڳالهه
ملائيشيا جهڙي حڪومت کي منجهايو ضرور آهي جنهن ۾ اڌواڌ مسلمان رهن ٿا. پر ان جو
هنن اهو حل ڪڍيو آهي جو جوا خانن ۽ Casino ۾
ملئي مسلمانن کي نٿا وڃڻ ڏين. ٻاهرين ملڪن جي ٽوئرسٽن ۾ به جيڪي مسلمان آهن انهن
کي جيتوڻيڪ اجازت ناهي پر غير ملڪي پاسپورٽ ڏسي اک ٻوٽ ڪريو ڇڏين. بقول هڪ آفيسر
جي ته هي امير عرب ۽ پاڪستان افغانستان جهڙن ملڪن جا ڪيترا مسلمان، ملڪ کان ٻاهر
نڪرن ئي شراب، جوا ۽ رنڊي بازيءَ لاءِ ٿا. کين اسين جهلينداسين ته وڃي ٻئي ڪنهن
ملڪ ۾ ڪارو منهن ڪندا، ۽ پوءِ اسان بدران اهو ملڪ، هنن مان پئسو ڪمائيندو. ان کان
ڀلي هتي ئي ڌوڙ پائين ته اسان جو ملڪ ڪمائي.
انهيءَ ئي پاليسيءَ تي، شايد، ڪنهن زماني ۾
ڪراچيءَ ۾ به هڪ وڏو جوا خانو (Casino) ٺهڻ شروع ٿيو هو، جيئن عربن جي دولت هيڏانهن
هوڏانهن وڃڻ بدران پاڪستان ۾ اچي. پر پوءِ شايد اهو Economics جو
خواب Cash ٿي نه سگهيو. پر ملائيشيا وارا، ڪٽر
اسلامي سياسي پارٽي P.A.S جي تنقيدن تي به ڪن لاٽار ڪري، في
الحال ڪم هلايو ويٺا آهن. ڪوالالمپور جي ڀرسان، پهانگ رياست جي پهاڙي علائقي Genting- Highlands تي هتي جو هي ڪئسينو دنيا ۾ جوا کان مشهور آهي. سرڪار کي
منجهانئس ٽئڪسن مان ڪروڙها ڊالر فائدو ٿئي ٿو. هڪ ملئي دوست کي چيم ته ڏوڪڙن لاءِ
ڪري توهان جي حڪومت وات بند ڪيو آهي. توهان ڪهڙا مسلمان آهيو-
کلي وراڻيائين: “اي ڀائو توهان جهڙا به بيوقوف نه
آهيون. جو شراب پاڪستان ۾ ساڳيو پيو هلي، پهرين کان به وڌيڪ. پر سرڪار کي ٽئڪس ملڻ
کان آڱوٺو.”
ڪجهه به ٻيا همراهه ويٺا هئا. ماٺ ٿي ويس. ڪيڏو بي
شرم دوست چئبو. ڀريل محفل ۾ راز جي ڳالهه چئي ويو. هاڻ ساڻس رد ڪد به ڪهڙو ڏيان.
گذريل سال کيس سنڌ جو هڪ ٻه ڳوٺ ڏيکاريم ته اتي جي چڱي مڙس به کيس پيئڻ لاءِ شراب
آفر ڪيو هو. ڳوٺ جي ان وڏي ماڻهوءَ جي پٽ کي چيو هوم: “يار تون اڳ ۾ ته شراب نه
پيئندو هئين، هاڻ ڇو-؟”
“بس مڙيئي ڪجهه پيئڻ ڪجهه پيارڻ. ان سان رعب ٿو
پوي.” هن پنهنجو فلسفو ٻڌايو.
“اهو ڀلا ڪيئن-؟” مون پڇيومانس جو شراب جو اهو
فائدو مون نه ٻڌو هو.
“آئي وئي کي خبر پوي ٿي ته پوليس اسان جي هٿ ۾ آهي
۽ مجال آهي جو نالو وٺي. ٻين لفظن ۾ اسان حڪومت جا ماڻهو آهيون ۽ اسان کي شراب
جهڙي ڳالهه تان به ڪو جهلي نٿو سگهي.”
اچون هن پاسي- ملائيشيا، سنگاپور وغيره جي قصي تي.
هتي جوا خانن کان علاوه لاٽريءَ جون ٽڪيٽون پڻ عام جام هلن ٿيون. ملائيشيا حڪومت
پنجٽيهه اهڙين راندين جي اجازت ڏني آهي جن ۾ کٽڻ هارائڻ جي چانس آهي ۽ جوا جي خاني
۾ اچن ٿيون. انهن ۾ لاٽري، شرط لڳائڻ، گهوڙا ڊوڙ، سنئين سڌي جوا، کٽڻ وارن نمبرن
تي شرط هڻڻ، Digit Betting وغيره اچي وڃي ٿا. نمبرن جي جوا هيئن
آهي ته ڪي به چار انگ توهان لکي ڏيو. مثال طور 3568 ۽ ان سان گڏ هڪ ڊالر پڻ. هر
هفتي ڪمپيوٽر مختلف نو نمبر ٻڌائيندو آهي. جيڪي نمبر وار پهريون انعام، ٻيو انعام
۽ ٽيون انعام اچن ۽ باقي ڇهن نمبرن تي چوٿون انعام رکيل آهي. پهريون انعام پنج لک
ڊاڪٽر ٿئي، اهڙي طرح ٻين نمبرن تي ڪجهه گهٽ انعامَ ٿين. هاڻ مثال طور انهن انعام
کٽندڙن ۾ توهان جو مٿيون نمبر اچي ويو ته توهان کي به انعام. ڪي ڌُڪي تي نمبر لکي
ايندا آهن. ڪي پنهنجين يا پراون جي ڪارن جا نمبر لکن. ڪي ته ان سلسي ۾ نجوميءَ کان
به صلاح وٺن. مسلمانن لاءِ جيئن 786 نمبر ڀلارو سمجهيو وڃي ٿو، تيئن چينين لاءِ
8888 نمبر هوندو آهي. (اها تاريخ- يعني اٺين آگسٽ اٺاسي پڻ ڀلاري سمجهي ويندي آهي
۽ سؤ سالن ۾ هڪ دفعو ايندي آهي.) پوءِ هرڪو پنهنجي حساب سان ڪونه ڪو نمبر ڏيندو
آهي. لکين ماڻهن ۾ هر هفتي نوَ ڄڻا انعام کٽن.
مئگنم لاٽري ٽڪيٽون سڀ ۾ گهڻيون وڪامن ٿيون ۽
فائدي جو چاليهه سيڪڙو حڪومت کي ٽئڪس طور ملي ٿو جيڪو گذريل سال سورهن ڪروڙ ڊالر
هو. اهڙي طرح Sport- To To چار انگي Four Digits ۽
ٻين لاٽرين مان حڪومت کي پئسو ملي ٿو. ان قسم جي لاٽرين بابت پڻ هتي جي حڪومت جو
ساڳيو رويو آهي ته ملائيشيا هڪ گهڻ-قوميو Multi-Racial ملڪ
آهي، جنهن ۾ ڪيترين ئي زبانن، مذهبن ۽ قومن جا ماڻهو رهن ٿا. بنهه بندش وجهي ته
پوءِ ملائيشيا جا ماڻهو جرمني ۽ ٻين ملڪن جون لاٽريون وٺندا. ان کان بهتر آهي ملڪ
جو پئسو ملڪ ۾ ئي رهي. ساڳيو حال سنگاپور، انڊونشيا، ٿائلنڊ وغيره جو آهي.
لاٽريءَ کان علاوه هتي بانڊن جو پڻ واپار هلي ٿو.
بانڊن تي پڻ انعام رکيل آهي، جيئن پاڪستان ۾ انعام بانڊ آهن. لاٽريءَ ۾ اهو آهي ته
نتيجو نڪرڻ بعد اهي لاٽريءَ واريون ٽڪيٽون بيڪار ٿيون. پر انعام بانڊن ۾ اهو بانڊ
ڪنهن به وقت ڏئي ان جي قيمت جا پئسا واپس وٺي سگهجن ٿا.
ڪي وري بانڊن بدران بانڊن جا نمبر وٺن. جيڪو ڪم
پاڪستان ۾ به عام ٿي ويو آهي. سياڻا واپاري هڪ سؤ وارا هڪ لک ڊالرن جا هزار بانڊ
وٺي، بانڊ پاڻ وٽ رکندا ۽ انهن جا نمبر سادن پنن تي لکي پنجين ڊالر في نمبر (يعني
اهو پني ڀور) وڪڻندا. انعام ۾ انهن مان ڪو به نمبر نڪتو ته کيس اصل بانڊ ڏيندا ته
وڃي انعام وٺي. جن جو نمبر نه نڪتو ان جا پنج ڊالر ويا. اهڙي طرح لک ڊالر سيڙائڻ
واري کي انعام ملي يا نه ملي پر هڪ مهيني ۾/ يا ٻن مهينن ۾، لک تي پنج هزار ڊالر
ڪمائي ويو. ايترو فائدو ته لک ڊالرن تي ڇهن مهينن ۾ ٿئي ٿو. بهرحال اهو ڪم بيحد
رازداري ۽ ايتري ڪارپت ۽ ساک سان ٿيندو رهي ٿو جو اڄ تائين ڪنهن کان شڪايت ٻڌڻ ۾
نه آئي آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو: “اڄڪلهه قرض واپس وٺڻ ڏکيو ٿي پيو
آهي. دڪان تي ويهي گراهڪن جو انتظار ۽ انهن سان مٿي ڪُٽَ ڪجي يا ڪلهي تي بوڇڻ رکي
قرضين جي لڪي وڃڻ جون جايون ڳولجن ۽ کانئن وياج سميت مور وصولي ڪجي؟”
No comments:
Post a Comment