Tuesday, February 08, 2011

ملڪ جي ستياناس ٿيڻ جو ڪارڻ - الطاف شيخ

ملڪ جي ستياناس ٿيڻ جو ڪارڻ
الطاف شيخ
سنڌي ادبي سنگت طرفان ايوارڊ ڏيڻ جو فنڪشن حيدرآباد ۾ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي عمارت ۾ صبح جو يارهين بجي رکيو ويو هو. مئي جو مهينو، يارهين بجي فنڪشن معنيٰ سخت گرمي ۽ منجهند ٿي! ڪراچيءَ مان نڪرڻ کان اڳ پڪ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهوئي صحيح ٽائيم آهي، جيڪو دعوتنامي واري ڪارڊ ۾ لکيل آهي. ٿي سگهي ٿو فنڪشن اڃا به دير سان شروع ٿئي، جيئن اسان جي ملڪ ۾ هر ڪم دير سان ٿئي ٿو ۽ وقت جي پابندي جهڙي ڪا شيءِ ناهي! پر مون يارهين کان پنج منٽ اڳ پهچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ دير ڪري پهچڻ جو Risk نٿي کڻڻ چاهيو، متان ڪو اهو سمجهي ته اسان کي ايوارڊ ٿو ملي ان ڪري لئه رکڻ لاءِ دير ڪئي اٿئون. جيئن اسان وٽ چيف گيسٽ ۽ ٻيا وڏا ماڻهو ڪندا آهن. هو تيسين دعوت ۾ نه پهچندا آهن جيسين هنن کي پڪ ٿئي ته وڏي خلق اچي گڏ ٿي آهي ۽ هر هڪ الله کان ٻاڏائي پيو ته چيف گيسٽ اچي ته فنڪشن شروع ٿئي. چيف گيسٽ اچي ته ماني لاءِ سڏ ٿئي. ٻيا ته ٺهيو پر اسان جي ملڪ جا ڳريون فيون وٺندڙ ڊاڪٽر ۽ سرجن به وقت تي نه ايندا. رسيپشن هال ۾ رکيل سڀ ڪرسيون مريضن سان ڀرجي وينديون، ڪيترا بيمار بيٺا هوندا پوءِ ڪمپائونڊر يا نرس ڊاڪٽر کي فون ڪندا ته هاڻ گهران نڪرو. بهرحال ان سان ڪا وڏ ماڻهپي يا ڊاڪٽر جي مشهور هجڻ جو ماڻهن کيimpact نٿو ملي پر ماڻهن جي وقت جو زيان هڪ طرف ٿو ٿئي جيڪو هڪ قومي نقصان آهي ۽ ٻي طرف انتظار ڪندڙ دعوتي يا مريض چيف گيسٽ ۽ اهم مهمانن توڙي دير سان ايندڙ ڊاڪٽر کي ٻڪ کڻي دعا ڏيڻ بدران پٽون ۽ پاراتا ئي ڏيندا هوندا. آئون ڪراچي هاءِ وي لتاڙي واڌو واهه وٽ سوا ڏهين پهچي ويس. ٻن ٽن کان پڇڻ بعد آخر هڪ همراهه ٻڌايو ته سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ سنڌ ميوزيم ڀرسان آهي. اسان وارو ڊرائيور سنڌ ميوزم جو پڇائيندو اڳتي وڌندو رهيو.. آئون ٿورو ماضي جي ميمري لين ۾ هليو ويس، جڏهن ڊاڪٽر ارباب رحيم سنڌ جو چيف منسٽر هو ۽ آئون سندس آفيس ۾ اهو چئي اٿيو هوس ته کڻي ڇا به ٿي پوي آئون سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي آفيس ۾ ڪڏهن به نه ويندس.

ارباب رحيم ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو آهي. مون کان ڏهاڪو کن سال جونيئر ٿيندو. مون کيس چيف منسٽر ٿيڻ کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هڪ ڏينهن اتر سنڌ جا ٻه اديب مون وٽ آيا ته هنن جي ڪنهن مائٽ آفيسر لاءِ وزيراعليٰ کي بدليءَ جي سفارش ڪريان.
مون کين ٻڌايو ته هڪ ته بدلي اهڙي شيءِ آهي جنهن جي سفارش جي خلاف آهيان، اڃا به ڪا ناانصافي ٿي رهي هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي. ٻي ڳالهه ته وزيراعليٰ پيٽارو جو ضرور آهي پر منهنجو نه دوست آهي نه سڃاڻو. وڏي ڳالهه ته اهڙن ماڻهن کي ٻئي ڪنهن سان ملڻ جو وقت ڪٿي آهي ۽ آئون اجايو هن جي آفيس ٻاهران هلي پنهنجي وقت خراب ڪرڻ جي خلاف آهيان. پر هنن مون کي هن آفيسر جي دردناڪ ڪهاڻي ٻڌائي مون کي مطمئن ڪيو ته هن نيڪ آفيسر جي بدلي نه ٿيندي ۽ گهر کان پري رهيو ته سندس بيمار هجڻ ڪري سندس موت ٿي سگهي ٿو. بهرحال اهو ناممڪن سمجهي به مون کڻي C.M هائوس فون ڪيو. سيڪريٽريءَ ان ئي وقت وزيراعليٰ کي فون پاس ڪيو ۽ ارباب صاحب تمام سٺي نموني سان ڳالهايو ۽ منهنجو پاڪستان ۾ هجڻ ڪري هن ملڻ جي به خواهش ظاهر ڪئي. مون کين ڪم جي ڳالهه ٻڌائي. هن صبر سان ٻڌي مون کي چيو ته توهان چئو ٿا ته هن جي بدلي ضرور ڪندس پر توهان کي هتي جي ماحول جي خبر ناهي. اهو آفيسر ايماندار ناهي ۽ پنهنجي بدلي بدنيتي تي ڪرائي ٿو. ٻن ڏينهن بعد مون کي هڪ سٺي دوست جو فون آيو جيڪو ان وقت سنڌ حڪومت ۾ ان کاتي جو سيڪريٽري هو جنهن سان مٿئين آفيسر جو واسطو هو. هن خوش خير عافيت ڪرڻ بعد ٻڌايو ته هن کي منهنجي ريفرنس سان وزيراعليٰ هدايتون ڏنيون آهن ته ان آفيسر جي بدلي ڪئي وڃي. ڪجهه پراجيڪٽ آهن جن ۾ گهپلو ڪرڻ ۽ پئسو کائڻ جي چڪر ۾ هو سکر بدلي ڪرائڻ ٿو چاهي ۽ سندس ڳوٺ ۽ گهر ٻار ته پاڻ ان شهر کي ويجهو آهي جتي هن وقت هن جي نوڪري آهي!
پنهنجي دوست کان اها حقيقت معلوم ٿيڻ تي منهنجي ضمير گوارا نه ڪيو ته اهو ڪم انساني همدردي خاطر آهي. مون پاڻ کي ان گناهه جهڙي ڪم ۾ شامل ڪرڻ نٿي چاهيو ۽ مون يڪدم ارباب صاحب کي سندس ڏنل موبائيل فون تي ٻڌايو ته منهنجي سفارش کي نه مڃيو وڃي، باقي پاڻ يا واسطيدار کاتو هن آفيسر جي بدلي ڪرڻ چاهي ٿو ته ڀلي ڪري.
ڪجهه ڏينهن بعد آئون اسلام آباد ۾ هوس ته ارباب صاحب جي سيڪريٽري جو فون آيو ته ارباب صاحب ملڻ ٿو چاهي.
“آئون هن وقت ڪراچي کان ٻاهر آهيان. جيئن ئي ايندس ته ساڻس اچي ملندس.” مون کيس ٻڌايو. ارباب صاحب C.M  هائوس ۾ ئي رهيو ٿي ۽ فجر نماز هن هر صورت ۾ مسجد ۾ پڙهي ٿي ۽ مون ڏٺو آهي ته هڪ نمازيءَ سان بنا ڪنهن وقت ضايع ڪرڻ جي ملڻ جو بهترين هنڌ مسجد آهي.
چانهه جو اڃا پهريون ڍڪ مس ڀريم ته ارباب صاحب چيو ته واندو ويٺو آهين. ڀلي سوچ، سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي چيئرمين جي پوسٽ لاءِ اسان تنهنجي لاءِ سوچيو آهي. منهنجو ارباب صاحب سان ڪلاڪ ٻه بحث هليو. پر هن منهنجي انڪاري ڳالهه نه مڃي ۽ هن مون کي هفتو کن سوچڻ لاءِ ڏنو. ٻاهر نڪري ان وقت جي سيڪريٽري ايوب شيخ کي چيم ته ديندار ماڻهو آهين، دعا ڪر ته صاحب جي دماغ مان اها ڳالهه نڪري وڃي ته توهان کي مٺائي کارائيندس. ايوب کي خبر هئي ته آئون پنهنجي طبيعت وارو موڊي ماڻهو آهيان ۽ ان قسم جي سرڪاري نوڪري جنهن ۾ ڪامورڪوپڻ جو پهلو هجي منهنجي مزاج جي ئي خلاف آهي. هن کان اڳ به جڏهن لياقت جتوئي وزيراعليٰ هو يا جنرل معين حيدر گورنر هو ته مون کي ڪجهه اهڙين نوڪرين لاءِ مون کان پڇيو ويو هو. مون اسان جي عظيم شاعر ۽ سنڌي ڪهاڻيڪار شيخ اياز ۽ حميد سنڌي جو حال ۽ انجام ڏٺو هو. منهنجا ان بابت اهي views آهن ته ڪنهن به سنڌي اديب يا شاعر کي ان قسم جي پوسٽ قبول ڪرڻ لاءِ خبردار رهڻ کپي ڇو جو سندن ٿوري به ڪوتاهي ڪرڻ تي هو پاڻ نه پر “اديب” يا “شاعر” بدنام ٿئي ٿو. ٻي ڳالهه ته اهي اهڙيون نوڪريون آهن جن ۾ توهان سڀني کي خوش نٿا ڪري سگهو. بهرحال ٻيو ڪو اديب يا شاعر اهڙي ڪنهن پوسٽ لاءِ اهل ٿي سگهي ٿو پر آئون هرگز نه. ان ڪري جو منهنجي نوڪريءَ جي نوعيت؛ جهاز هلائڻ توڙي جهازي آفيسرن کي پڙهائڻ، مختلف رهي آهي ۽ آئون پنهنجي ملڪ جي ماحول کان ايترو Familiar نه آهيان. منهنجي پنهنجي فلاسفي اها آهي ته هر هڪ کي اهو ڪم ڪرڻ کپي جنهن جي هن کي ڄاڻ ۽ تجربو هجي. اسان جي ملڪ جي ستياناس ٿيڻ جو هڪ اهو به سبب آهي ته اسان وٽ غلط جاين تي غلط ماڻهو مقرر ٿيل آهن. مون سڄي عمر جهاز هلايو هاڻ جي مون کي توهان “سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ” جو يا “سنڌي ادبي بورڊ” جو چيئرمين ڪري رکندائو ته ظاهر آهي ان اداري جي ستياناس ٿيندي، توڙي کڻي آئون هڪ سؤ ڪتابن جو ليکڪ هجان، توڙي کڻي آئون سخت قسم جو ايماندار ۽ نيڪ نمازي هجان پر جيئن ته مون کي هتي جي ادارن جي ڪم جي نه ڄاڻ آهي، نه مزاج جي واقفيت ته آئون پنهنجي ڊيوٽي ڪيئن ٿو صحيح طرح سرانجام ڏيئي سگهان؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ڪيترائي اهڙا آهن جن ڊيوٽي ڏيڻ جي خيال کان نه پر نالي خاطر هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ادارن جا ميمبر، ڊائريڪٽر، چيئرمين ٿيو پيا هلن. هاڻ مونکي ڪو ٻڌائي ته هو مختلف ادارن سان ڪهڙو نباهه ڪري سگهندا هوندا. “سائين توهان جو ڪو جهاز هجي ته اهو هلائڻ لاءِ تيار آهيان جنهن ڪم جو آئون ماهر آهيان”. بحث دوران مون ارباب صاحب کي چيو. جنهن شايد “جهاز” بدران “جهاد” سمجهيو جو هن يڪدم چيو “مون لاءِ ته في الحال اهو ئي جهاد آهي ته سنڌ جي مختلف ادارن لاءِ صحيح ماڻهو ڳوليان پر تون به ساٿ نٿو ڏين.
“سائين آئون جهاد نه جهاز پيو چوان.” مون ورجايو، “اهو ان ڪري ته توهان اهو نه سمجهيو ته آئون توهان لاءِ ڪو ڪم ڪرڻ نٿو چاهيان. آئون جهاز هلائڻ جو ماهر آهيان، توهان مون کي ڀلي کڻي ڪو پراڻو جهاز ئي ڏيو، انشاءَ الله طوفانن ۽ خراب سمنڊن مان به اُڪاري منزل تي وٺي ايندوسانس.
“۽ هي سنڌ اٿارٽي لئنگوئيج کي دڳ لائڻ لاءِ؟..“
“سائين ان ۾ مون کي ٽپائڻ ائين آهي جيئن پوڙهي باندر کي نوان ڪرتب سيکارڻ. ٻي ڳالهه ته جنهن عمر ۾ آئون آهيان ان ۾ مون کي سرڪاري نوڪري هرگز ڪرڻ نه کپي. ملائيشيا ۾ سرڪار طرفان رٽائرمينٽ جي عمر 55 سال آهي.
مون کين ٻڌايو ته نه فقط ملائيشيا ۾ پر ان سڄي ريجن ۾ نيوزيلينڊ آسٽريليا تائين، ويندي پاپا نيوگني ۾ رٽائرڊ ٿيڻ جي اها ئي عمر آهي ۽ سچ ڏٺو وڃي ته ملڪ ۽ قوم جي خذمت لاءِ اسان وٽ ايشيا ۾ اها عمر صحيح آهي. اسان وٽ صحت جو معيار اهڙو آهي جو سٺ سالن وارو يا ان جي ويجهن سالن واروefficiency سان ڪم نٿو ڪري سگهي جيڪو هڪ نوجوان ڪري سگهي ٿو. ملائيشيا ۾ ته اهو مشهور آهي ته ڪنهن اداري جو خانو خراب ڪرڻو هجي ته سٺ سالن کان وڏي عمر وارو رکيو وڃي ۽ اسان سڀني کي خبر آهي ته سٺ کان وڏي عمر وارو ڪو سائين مظهر صديقي جهڙو ايڪڙ ٻيڪڙ انسان مس هوندو جيڪو energetic هجڻ کان علاوه خلق جي خذمت جو به سوچيندو هوندو نه ته گهڻا ئي انهن جي آهي جيڪي پگهار ۾ عوام جي ٽئڪسن جو پئسو وٺن ٿا پر عوام جي خذمت ڪرڻ بدران ان وزير يا صاحب جا موسٽ اوبيڊنٽ سرونٽ ٿي ڪم ڪن ٿا، جن هنن کي نالائق هوندي وڏي نوڪري ڏني آهي.
ارباب صاحب مون کي ٻيو دفعو به چانهه تي گهرايو هو ۽ اها سندن مهرباني سڏيندس جو هن مون ۾ ايڏو اعتماد سمجهيو ٿي پر مون آخر تائين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي يا ڪنهن ٻئي اهڙي اداري ۾ وڃڻ کان معذرت ڪئي.
“توهان جا هي ٿورا لاهڻ لاءِ آئون توهان وٽ توهان جي ڳوٺ هلي اچي مهرباني چوندس. پر هينئر نه، جڏهن توهان هن وڏ وزارت تان لهندائو.
ارباب صاحب منهنجو اهو آخري جملو شايد غلط سمجهيو جو هن ٿورو ڪاوڙ ۽ ڏک مان مون کان پڇيو، “ڇا مطلب تون مون کي هن عهدي تي نٿو ڏسڻ چاهين؟”
“منهنجو مطلب آهي ته هينئر ته توهان وڏا وزير آهيو، هرڪو پيو سلامي ٿئي. لهڻ وقت فقط آئون ئي توهان جو هي ٿورو اچي مڃيندس ته توهان جي دل ۾ مون لاءِ اهميت آهي. باقي منهنجي چاهڻ يا نه چاهڻ سان ڇا ٿيندو، آخر ته هڪ ڏينهن هيءَ ڪرسي ڇڏڻي آهي. هن کان اڳ اسان جو پيٽارين لياقت جتوئي هو، ان کان اڳ مظفر شاهه هو، جنهن سان گڏ آئون ميٺارام هاسٽل ۾ رهيس، ان کان اڳ ۾ سائين غوث علي شاهه هو جنهن سان شوڪت جماڻي ڪري ڀائرن واري دوستي هئي… اڄ هنن مان ڪو به ناهي.
جيستائين ارباب رحيم صاحب وڏو وزير رهيو، هو مون کي سنڌ جي ڪنهن اداري جي پوسٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ مطمئن ڪندو رهيو، خاص ڪري سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جو چيئرمين ٿيڻ لاءِ ۽ آئون به ڏکويل دل سان معذرت ڪندو رهيس. ڏک ان ڳالهه جو ته صوبي جو اعليٰ آفيسر مون کي هڪ وڏي پوسٽ جي آفر ڪري رهيو آهي ۽ آئون ان لاءِ انڪار ڪري رهيو آهيان پر هو منهنجي خلوص نيتي ۽ فلسفي کي نٿو سمجهي.
هڪ دفعي ملائيشيا ۽ انڊيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏئي پهتس ته حڪومتون بدلجي چڪيون هيون. ارباب صاحب سان ملڻ لاءِ مون ڪراچي واري گهر تي يا سندس ڳوٺ وڃڻ چاهيو. پر معلوم ٿيو ته ارباب صاحب اسلام آباد ۾ آهي. انهن ڏينهن ۾ منهنجو هفتي لاءِ دبئي وڃڻ ٿيو. پهريون دفعو 1968 ۾ منهنجو دبئي وڃڻ ٿيو هو. ان وقت دبئي هڪڙو ڳوٺڙو هو ۽ بندرگاهه ايڏو ننڍو هو جو اسان جو ويهه هزار ٽنن جو جهاز به اندر اچي نٿي سگهيو ۽ هاڻ چاليهه سالن بعد هفتو کن دبئي ۾ رهي ان جو سفرنامو لکڻ لاءِ موٽيس ٿي ته ڪنهن ٻڌايو ته ارباب رحيم صاحب دبئي جي ڀرسان واري عرب رياست عجمان ۾ رهي ٿو. پڪ ٿيڻ تي مون ڀڄي ڊڪي پنهنجي ان ڏينهن وڃڻ جي اڏام ڪئنسل ڪرائي ٻئي ڏينهن ڪئي ۽ شام جو ٺُل (جيڪب آباد) جي هڪ نوجوان آٽو ايڪسپرٽ شوڪت سرڪي سان گڏ عجمان روانو ٿيس. سڀني دوستن کي حيرت ٿي ته ارباب صاحب ته هاڻ وڏو وزير نه رهيو آهي، آئون ان سان ملڻ ڇو پيو وڃان. پر مون ساڻس هاڻ ملڻ پاڻ تي فرض ٿي سمجهيو. شوڪت سرڪيءَ کي ان ڪري کنيم جو هو نه فقط رستي (هاءِ وي) جو پر عجمان شهر جو به واقف آهي. ڳولي ڳولي نيٺ سندن فلئٽ واري عمارت هٿ آئي، جنهن جي سورهين يا سترهين ماڙ تي سندن فلئٽ هو. سندن ٿري نوڪر جيڪو ساڻن گڏ ٿو رهي اهو هيٺ وٺڻ لاءِ پهتو ۽ اسان جي فلئٽ تائين رهنمائي ڪئي. ڳالهين ڪندي مون کين چيو ته؛ “توهان جا لک ٿورا جو توهان مون کي هڪ اهم پوسٽ لاءِ اهل ٿي سمجهيو پر منهنجي نه ڪرڻ جي باوجود توهان هر وقت خبر ناهي ڇو ضد ڪندا رهيائو؟”
کلندي چيائين؛ “ڪيترا ماڻهو مون وٽ رڳو چانهه پيئڻ ايندا هئا ته ٻاهر وڃي ماڻهن تي وڏي لئه رکندا هئا پر توهان عجيب ماڻهو آهيو. هيڏي وڏي پگهار ۽ ٺٺ واري پوسٽ لاءِ هميشه انڪار ڪندا رهيائو. ان ڪري مون به چاهيو ٿي ته توهان جهڙو ئي ماڻهو ان پوسٽ لاءِ صحيح رهندو ۽ ڪنهن طرح توهان کي راضي ڪريان، خاص ڪري سنڌ لئنگوئيج اٿارٽي لاءِ.
اسان اها به ڳالهه ياد ڪري کلڻ لڳاسين جڏهن هڪ ڏينهن فون تي ارباب مون کي (شايد چرچي ۾) چيو ته “ڀلا تنهنجي انڪار جي باوجود آئون ليٽر اشو ڪري توهان کي زوريءَ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي آفيس موڪليان ته پوءِ؟”
“بس پوءِ وري اسان وڏي صاحب کي رجوع ٿينداسين.” مون چيو هو.
“جنرل مشرف کي؟” ارباب صاحب چيو.
“سائين جنرل مشرف کان به مٿانهين سرڪار يعني رب پاڪ کي، مشرف ته مون کان پورو سال سينئر هو. هو ڪٿي سڃاڻي.” بهرحال ان بعد مون ڪيترا دفعا سوچيو ته سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ وڃي ڏسان جنهن ۾ سنڌي ثقافت ۽ ادب سان واسطو رکندڙ ڪيتريون شيون آهن پر منهنجو ڪڏهن حيدرآباد وڃڻ ئي نه پئي ٿيو. اڄ سنڌي ادبي سنگت جو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ ۽ ايوارڊ وٺڻ خاطر منهنجي ڪار مون کي ان اداري جي عمارت ڏي ڍوئي پئي وڃي.


No comments:

Post a Comment