ممبئي کان پوني
ممبئي -2350 ڪلو ميٽر
ممبئي سورت شهر کان 280 کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. ممبئي شهر پهچڻ تي ڪار جي آڊوميٽر ۾ 2350 ڪلوميٽر ٿيا. ممبئي (جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ بمبئي سڏيو ويو ٿي) مهاراشٽرا رياست ۾ آهي جيڪا انڊيا جي وڏين رياستن مان هڪ آهي. تمام گهڻي آدمشماري واري ۽ واپار وڙي ۽ ناڻي جي ڏيتي ليتي کان تمام گهڻي اهم رياست آهي. ممبئي مهاراشٽرا جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي مرهٺي ۽ هندي زبان عام ڳالهائي وڃي ٿي. بمبئي(مبئي ) ڌارين لاءِ بالي ووڊ جي فلمي دنيا، چوپاٽي تي ڀيل پوري کائڻ، سمنڊ جو ڪنارو، ڳاڙهي رنگ جون ڊبل ڊيڪر بسون، ڪماٿيپورا علائقي جو چڪلو، شهر جا شراب خانا ۽ شاپنگ جو ٻيو نالو پڻ آهي.
ممبئي دراصل ست کن ٻيٽن جو مجموعو آهي جيئن کڻي چئجي ته جپان، فلپين ۽ انڊونيشيا آهي. پر انهن ملڪن ۾ وڏا ۽گهڻا ٻيٽ اچي وڃن ٿا ۽ بمبئي شهر ۾ منهوڙي جهڙا يا ان کان ٿورا وڏيرا ٻيٽ آهن. هنن ٻيٽن تي ڪنهن زماني ۾ ڪولي قوم جا مهاڻا رهيا ٿي جن جون جهوپڙيون اڃا به بمبئي شهر جي هڪ سامونڊي ڪناري تي قائم آهن جيئن هاڪس بي ۽ سئنڊش پٽ ڪراچي ۾ اڄڪلهه خوبصورت ۽ مارڊرن بنگلا (Huts)ٺهڻ جي باوجود هتي جي اصلي مهاڻن جو ڪڪ ڳوٺ ۽ ان ۾ ٺهيل پراڻيون جھوپڙيون موجود آهن.
بمبئي جي هنن ٻيٽن تي هندن جي مختلف گهراڻن جي حڪومت هلندي رهي ۽ پوءِ چوڏهين صدي ۾ مسلمانن جي حملي بعد انهن جي حوالي ٿيا ۽ پوءِ سورهين صدي ۾ گجرات جي سلطان 1534ع ۾ هي ٻيٽ پورچو گالين حوالي ڪيا.
پورچو گالين انهن ٻيٽن تي خاص ڌيان نه ڏنو ۽ ائين ويران رهيا. پورن 127 سالن بعد (سن 1661ع ۾) پورچو گال جي بادشاهه جي ڌي ڪئٿرين جي شادي انگلينڊ جي شهزادي چارلس سان ٿيڻ تي ڏيج ۾ بمبئي انگريزن کي ڏنو ويو.انگلينڊ جي حڪومتي چئن سالن بعد (1665ع ۾ ) اهي ٻيٽ ٽن سالن لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني وارن کي ڏهه پائونڊ سالياني مسواڙ تي ڏنا. ان بعد بمبئي يڪدم وڌڻ ويجھڻ لڳي. بمبئي جو بندرگاهه هڪ قدرتي بندرگاهه هجڻ ڪري جهازن کي اچڻ وڃڻ ۾ سهوليت ٿي. ايسٽ ڪمپني وارن ننڍي کنڊ توڙي اوسي پاسي جي ملڪن جي ماڻهن کي هتي رهڻ جي اجازت ڏني. هنن امن امان ۽ مذهب جي آزادي ڏني. نتيجي ۾ سنڌي ۽گجراتي هندو واپاري، سک ۽پنجابي چوڪيدار ۽ سپاهي، ايران کان پارسي. پورچوگالين جي ڊپ کان ڏکڻ ڏي ڀڄي ويل هندو هتي اچي رهڻ لڳا. (انگريزن پينانگ ۽ سنگاپور جهڙن ٻيٽن کي به اڳتي هلي ائين وڌايو جيڪي هن کان صديون اڳ مهاڻن جون ويران وستيون هيون.) ويهن سالن اندر بمبئي ايڏو سٺو شهر ۽ مشغول بندرگاهه ٿي ويو جو ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجي پريزيڊنسي سورت شهر مان شفٽ ڪري بمبئي آندي. بمبئي جو مشهور قلعو 1720ع ۾ ٺهرايو ويو ۽ بمبئي جي ستن ننڍن ٻيٽن کي ملائڻ لاءِ سڄي Land reclaimation جو ڪم هلندو رهيو. يعني هِتان هُتان مٽي کڻي يا جبل ٽڪريون ڀڃي انهن جي مٽي ۽ پٿرن سان ٻيٽن جي وچ وارو سامونڊي حصو ڀريندا رهيا جيئن اهي سامونڊي گهٽيون مٽي سان ڀرجي باقي ٻيٽن سان ملي يڪي ڌرتي ٿي وڃي، جيئن اڄ جو بمبئي نظر اچي ٿو.
بمبئي جو وڌڻ ۽ مشهور ٿيڻ 1853ع کان پوءِ ٿيو جڏهن انڊيا جي پهرين ريلوي لائين بمبئي کان ٿانا تائين ٺهي راس ٿي ۽ ڪل وارن جهازن (آگبوٽن) جو اچڻ شروع ٿيو هو. ٻئي سال 1854ع ۾ بمبئي ۾ ڪپهه جا ڪارخانا لڳايا ويا. 1869ع ۾ سئيزڪئنال کلڻ ۽ بمبئي جي بندرگاهه کي وڏو ڪرڻ سان بمبئي جا وارا نيارا ٿي ويا. بمبئي جيڪو پهرين ستن ٻيٽن تي مشتمل هو هاڻ هڪ يڪو ٻيٽ آهي جيڪو پلين ذريعي باق سرزمين (Mainland) مهاراشٽرا رياست سان مليل آهي، بمبئي جو اهم ، امير ۽ گھماگهي وارو حصو سندس ڏاکڻو پوڇڙ آهي جيڪو ڪولابا سڏجي ٿو جتي بمبئي ايندڙ هر سياح، گھمڻ جو شوقين ۽ مسافر پهچيو وڃي. مشهور هوٽل تاج محل ۽ Gateway to india به هتي ڪولابا ۾ آهي.
ڪولابا واري علائقي جي اتر وارو علائقو فورٽ سڏجي ٿو جتي ڪنهن زماني ۾ انگريزن قلعو ٺهرايو هو جيڪو پوءِ ڊهي ويو پر اهو هنڌ اڄ به فورٽ سڏجي ٿو جتي ڪراچي جي صدر ۽بولٽن مارڪيٽ وارن علائقن وانگر انگريزن جي ڏينهن جون Colonial عمارتون آهن. جنرل پوسٽ آفيس، وڪٽوريا ٽرمينس ۽ ٻين آفيسن جون عمارتون ۽ بئنڪون هتي آهن. بمبئي جي وڏي ريلوي اسٽيشن چرچ گيٽ (جنهن جو هاڻ نئون نالو چنتامن ديش مکهه ٽرمينس آهي) پڻ هتي آهي. اڳيان اولهه ۾مئرين ڊرائيو آهي جيڪا اڪثر انڊين فلمن ۾ ڏيکاري ويندي آهي، سمنڊ جي ڪناري تي ڪلفٽن جي سي ويو ڊرائيو وانگر ٺهيل هي ڊگهو رستو تمام سهڻو لڳي ٿو جنهن تي اڪثر هيرو ۽ هيروئن ڊوڙندي يا دوگانو ڳائيندي نظر ايندا آهن، يعني فلمن ۾. اڳيان چوپاٽي بيچ ۽ مالابارهل جون اوچيون رهائشي عمارتون ۽فليٽ آهن. هي سڄو علائقو ڏکڻ بمبئي سڏجي ٿو. (پاڻي واري جهاز ۾ اچڻ وقت پهرين اهو علائقو نظر اچي ٿو ۽ اسان جا جهاز گهڻو ڪري ڪولابا وٽ ايندا آهن يا ساسون ڊاڪ ۾ مرمت ٿيندا آهن.)
چوپاٽي وٽ ڪملا نهرو پارڪ آهي ۽ اولهه ۾ مالابارهل، مٿي اتر طرف بمبئي جا ٻيا علائقا ورلي، ماهيم، جوهوچيمبور وغيره آهن. ورلي ۽ باندرا جي وچ ۾ دادر آهي. بمبئي شهر جا هي علائقا ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪلفٽن، ڊفينس، صدر، باٿ آئلينڊ، ناظم آباد، گلشن وغيره “جوهو” ۽ انڌيري وٽ بمبئي جا ٻه هوائي اڏا سحر ايئرپورٽ ۽ سانٽا ڪروز آهن.
دهلي ۽ ڪلڪتي وانگر بمبئي به اهڙو شهر آهي جيڪو هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ته ڏسي نٿو سگهجي. هن لاءِ جيترا ڏينهن هجن ٿورا آهن. بمبئي انڊيا جو مهانگو شهر چيپ وڃي ٿو جو هتي رهائش کان وٺي کاڌو پيتو ۽ سواري مهانگي آهي. وري به جيڪي ڪجهه سستيون هوٽلون آهن اهي آهن: ڪولابا ۾ “دي سالويشن آرمي ريڊ شيلڊ هاسٽل،” نوروجي فريدون جي روڊ تي هوٽل وولگاٽو، مير ويدر روڊ تي ڪارلٽن هوٽل، ڪولابا ڪازوي وٽ مٿراداس اسٽيٽ بلڊنگ ۾ اپولو گيسٽ هائوس، اوليور روڊ تي بينٽلي هوٽل ۽ ان کان علاوه ٻيون آهن: هوٽل موتي انٽرنيشنل، سي شور هوٽل، انڊيا گيسٽ هائوس، ماريالاج،YWCA…. وغيره. اهي سڀ ڪولابا ۾ آهن. فورٽ واري علائيقي جو ڪجهه سستيون هوٽلون هن ريت آهن. هوٽل لارينس، بينظير هوٽل، ماناما، فرنانڊز گيسٽ هائوس، هوٽل سٽي پليس، YMCA … وغيره.
- پوني – 2510ڪلوميٽر
بمبئي کان پوني ايڏو پري ناهي. ريل رستي 180 ڪلوميٽرٿئي ٿو نه ته باءِ روڊ 160 کن ميل- اها ٻي ڳالهه آهي ته بمبئي (ممبئي) مان مسافر ڪٿان ٿو نڪري، جيئن ڪراچي کان حيدرآباد. پر ڪو سهراب ڳوٺ يا نارٿ ناظم آباد مان نڪرندو ته هن کي ماڙيپور يا ڪياماڙي واري کان حيدرآباد ويهارو کن ميل ويجهو پوندو. پوني لاءِ روزاني ٻه ريل گاڏيون دکن ڪوئين ۽ دکن ايڪسپريس بمبئي کان روانيون ٿين ٿيون.
مرهٺن جو وڏو ليڊر شيواجي پوني ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. پوني شهر 1599ع ۾ هن جي ڏاڏي حوالي ٿيو هو جيڪو پوءِ برهمن پيشوا فئملي جي طاقت جو مرڪز رهيو تان جو 1817ع ۾ انگريزن هن شهر تي قبضو ڪيو. سمنڊ جي سطح کان ڪافي مٿي هجڻ ڪري پوني جي آبهوا بمبئي وانگر گھميل ۽ ٻوساٽيل ناهي. دورابجي سپر مارڪيٽ جي ڀر ۾ هڪ فاسٽ فوڊ ۾ ٻه اسي سالن جون پارسي جاڙيون ڀيڻيون آهستي آهستي برگر کي ننڍا چڪ هڻي چٻاڙي رهيون هيون. سندن نالا جارو ۽ دينو سکيا هو. هو خوش هيون ته هو انڊيا ۾ ڄايون ۽ پوني شهر ۾ وڏيون ٿيون. هنن کي دهلي جي سياستدانن تي سخت چڙ هئي ته هو مختلف مذهبن ۽ زبان ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ نفرتون پيدا ٿا ڪن.
پوني ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون آهن. ڪجهه ته حيدرآباد سنڌ کان انڊيا لڏي آيل ساڌو واسواڻي به ٺهرايا آهن پر انگريز ن جي ڏينهن کان پونو تعليمي ڳالهين کان مشهور آهي. هتي جي يونيورسٽي انگلينڊ جي آڪسفورڊ جي اسٽائيل جي هجڻ ڪري ان کيOxford of east سڏين ٿا. (پوني جو ايگريڪلچر ڪاليج ۽ هاڻي يونيورسٽي تمام پراڻي آهي جتان منهنجي والد صاحب گل محمد شيخ 1942ع ۾ بي. ايس سي ڪئي.)
پوني ۾ ايندڙ ڪيترن مغربي سياحن جي دلچسپي ڀڳوان رجنيش جو آشرم آهي جيڪو Osho commune international سڏجي ٿو. پوني شهر مٿا ۽ مولا ندين جا ميلاپ وٽ آهي. اسان جهڙن ڌارين ماڻهن جي رهائش لاءِ گهٽ اگهه واريون هوٽلون ۽ريسٽونٽون ريلوي اسٽيشن وٽ ئي آهن. ڪجهه هوٽلون نهرو اسٽيڊيم جي ڀرسان سوار گيٽ بس وٽ آهن.
پوني ۾ گانڌي نيشنل ميموريم ڏسڻ وٽان آهي. اهو 1892ع ۾امام سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين ٺهرايو هو ۽ 1956ع تائين آغا خان جو محل هو ان بعد ان کي اسڪول ٺاهيو ويو. 1969ع ۾ اها عمارت آغا خان چوٿين انڊيا جي حڪومت کي ڏئي ڇڏي.
1992ع ۾ مهاتما گانڌي جڏهن “ انڊيا ڇڏيو” Quit indiaا تحريڪ تي بمبئي ۾ تقرير ڪئي ته انگريز سرڪار هن کي ۽ ٻين تحريڪ جي ليڊرن کي هن عمارت ۾ ٻن سالن لاءِ اندر رکيو. گانڌي جي زال ڪمتوربا ۽گانڌي جو پراڻو سيڪريٽري مهاديو ڀائي ڏيسائي هن قيد دوران گذاري ويا. هنن ٻنهي جي خاڪ (سمڌي) هن عمارت جي باغ ۾ ٺهيل مقبرن ۾ آهي. انگريزن فلم “گانڌي” ۾ به هي عمارت ڏيکاريل آهي.پوني جون ڪجهه سستيون پر بهتر هوٽلون هن ريت آهن: ولسن گارڊنس ۾ هوٽل هوم لئنڊ، اتي ئي هوٽل النڪار ۽ ملن لاج ۽ اڳتي اسٽيشن جي سامهون ساسون روڊ تي دي نيشنل هوٽل، ڪناٽ روڊ جي پاسي هوٽل شاليمار، مهاتما گانڌي روڊ وٽ گرانڊ هوٽل ۽ هوٽل ساراس وغيره
No comments:
Post a Comment