ميسور کان ڪنيا ڪماري
الطاف شيخ
ميسور -3730 ڪلوميٽر
هندستان جي آزادي تائين ميسور شهر جي مهاراجن جي تخت جي جاءِ هئي. هي نوابن جي رياست سڏي وڃي ٿي.
ميسور اگربتين کان به مشهور آهي. انڊيا ۾ سڀ کان گھڻا اگربتين جا ڪارخانا ميسور ۾ آهن. ميسور ۾ ميسور پئلس، چڙيا گھر ۽ ريل ميوزيم ڏسڻ جون شيون آهن. گورنمينٽ هائوس جي اولهه ۾ ويلنگٽن لاج آهي جتي آرٿر ويلسلي (جيڪو بعد ۾ ڊيوڪ آف ويلنگٽن ٿيو) ٽيپو سلطان تي فتح حاصل ڪرڻ بعد هتي رهيو. ميسور پئلس جي اڳيان مهاراجا چمارا جيندرووديار جو statue آهي.
ڪوئم بتور 15 لک کن آدمشماري وارو تامل ناڊو رياست جو هڪ وڏو شهر آهي جنهن کي سهڻو ته نٿو چئي سگھجي پر گھڻن ڪارخانن ڪري ڪجھه گندو ئي لڳي ٿو. هي شهر اهڙو خاص تاريخي نه پر industrial شهر چئي سگھجي ٿو.
تامل ناڊو هندستان جو بلڪل ڏاکڻو صوبو آهي جتي صحيح معنيٰ ۾ هندستان جا اصلوڪا رهاڪو دريويدئن نظر اچن ٿا، جتي گھڻو ڪري هر هڪ vegetranian (ڀاڄيون کائڻ وارو) آهي ۽ گوشت کائيندڙ آرين جو نه برابر اثر رهيو آهي. ويندي انگريز حڪومت جو به هنن علائقن تي گھٽ اثر رهيو جيتوڻيڪ هندستان تي قبضو ڪرڻ وقت انگريزن جو اوائلي قبضو مدراس (جيڪو شهر هاڻ چينائي سڏجي ٿو) تي رهيو.
سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي جيڪي انڊين آهن انهن ۾ نوي سيڪڙو انڊين هن صوبي تامل ناڊو جا آهن. هونئن به سنگاپور سالن تائين مدراس پريزيڊنسي سان ائين ڳنڍيل هو جيئن سنڌ بمبئي سان. مدراس اڄ به انڊيا جو چوٿين نمبر تي وڏو شهر آهي.
ڪوئم بتور نويل ندي جي ڪناري تي آهي. سندس اصل تامل نالو ڪووائي آهي، پر انگريزن پنهنجي سهوليت خاطر ڪوئم بتور رکيو. هي شهر ڪارخانن کان خاص ڪري ٽيڪسائيل کان مشهور آهي. شهر ۾ جتي ڪٿي ڪپڙي جا دڪان ۽ درزي نظر ايندا. هن شهر کي ڏکڻ هندستان جو مانچسٽر به سڏين ٿا. هي شهر جنهن ۾ هلي ملي گھمڻ لاءِ اچجي، ان کان ته اوسي پاسي وارا شهر مدراس، فرينچ ڪالوني پانڊيچيري يا ڏکڻ انڊيا جو پراڻي کان پراڻو شهر مدورائي ڏسجي جيڪو مندرن کان مشهور آهي جيتوڻيڪ بقول هڪ يورپي ٽوئرسٽ جي:
Madurai is an animated city packed with pilgrims, beggars, business people, bullock carts and legions underemployed rickshaw wallas
ٿيرووانن ٿاپورم-4110 ڪلوميٽر
ڏکڻ هندستان جي آبهوا بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ملائيشيا وانگر سڄو سال جهڙ ڦڙ ۽ مينهوڳي لڳو پيو آهي. انڊيا جون ٻه رياستون جيڪي ڏاکڻي ڪنڊ ٺاهين ٿيون. هڪ تامل ناڊو جيڪا هيٺ تري تائين هليو وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ هندي وڏي سمنڊ جو ڪجھه حصو جيڪو Gulf of manar سڏجي ٿو ۽ پوءِ سريلنڪا ٻيٽ آهي. ڪن هنڌن تي ته سمنڊ ايڏو تانگهو آهي جو جھاز بدران ننڍڙيون ٻيڙيون ئي هلي سگھن ٿيون. جن ذريعي ڏکڻ هندستان جا ماڻهو (خاص ڪري تامل ناڊو رياست جا) مشڪل وقت اچڻ تي يا روزگار جي ڳولا ۾، هيٺ سريلنڪا ويندا رهيا آهن جتان پوءِ وڏن ٻيڙن ۾ ملايا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ٻين ديسن ڏي. تامل ناڊو جي کاٻي پاسي اولهه ۾ سامونڊي ڪناري ۽ ساڻس مليل سرسبز پٽي ڪيرالا رياست آهي جتي جي ماڻهن جا منهن مهانڊا ۽ جسامت پڻ تامل ڳالهائڻ واري رياست تامل ناڊو جي ماڻهن جھڙا آهن. سريلنڪا جھڙي آبهوا هجڻ ڪري هتي به انب، انناس، کاڄا، ناريلن جا وڻ ۽ سارين جي پوک عام نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ جيڪو سنڌڙي انب آيو آهي اهو پڻ اصل ۾ هتي جو آهي ۽ تامل ناڊو جي شهر مدراس جي نالي سان مدراس الفونسو سڏجي ٿو. سڄي ڪيرالا رياست ۾ مليالم زبان ڳالهائي وڃي ٿي جيڪا ڀر وارين رياستن جي زبانن، ڪانڊا، تيلگو وغيره سان گھڻو ملي ٿي. ٿيرووانن ٿاپورم هن رياست ڪيرالا جي گادي جو هنڌ شهر آهي. منهنجي خيال ۾ هن کان ڏکئي ۾ وڏي نالي وارو ڪو شهر گھٽ ۾ گھٽ انڊيا ۾ نه هوندو، جنهن ۾ الفابيٽ جا ارڙهن اکر Thiruvananthapuram اچن ۽ جيڪو اسان انڊين پاڪستانين کان نٿو اچاريو ٿئي سو انگريزن لاءِ پڪ ڏکيو ثابت ٿيو وندرم Trivamdrum رکيو ۽ ٻيو نه ته انگريزي لفظ ٽراءِ، وئن ۽ ڊرم ياد ڪري هن شهر جي اسپيلنگ لکي وٺندا هئا. بهرحال هن نانگ جهڙي ڊگهي مليالم ۽ تامل زبان جي لفظ جي معنيٰ ” پاڪ نانگ جو شهر“ آهي. (تنهن جي ته معنيٰ ته هي هڪ لفظ ناهي. پوءِ ان حساب سان ته اسان جي سنڌ صوبي جا ڪيترا شهر ڌارين لاءِ اچارڻ ۾ ڏکيا ٿي سگھن ٿا جيئن ڇلگريون، ڍينگاڻو بوزدار،ٽنڊو مستي خان، ڳوٺ بخشو لغاري وغيره.(هلندڙ)
هندستان جا هي پاسا ڏسڻ لاءِ گھڻو ڪري ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ رهندڙ انڊين ئي اچن ٿا جن جا هم زبان مائٽ آهن، هو ڌرمي تيرٿن لاءِ اچن ٿا، هو هتي جي کاڌن ۽ رسم رواجن کان واقف آهن باقي يورپ، آمريڪا توڙي پاڪستان، ايران ۽ بنگلاديش جو ماڻهو هن پاسي ڪو ورلي ايندو. ڪو بنگالي يا ايراني ماڻهو هندي ۽ اردو ته سمجهي ويندو پر ڏکڻ هندستان جون هي زبانون نه سمجھي سگهندو نه مرچ مسالن واريون داليون ۽ ڀاڄيون کائي سگھندو.
ڪنيا ڪماري-4200 ڪلوميٽر
هندستان ملڪ جو مٿيون اتر وارو حصو ويڪرو آهي بلڪ پاسي کان بنگلاديش، برما ۽ پاڪستان ايران ملي وڌيڪ ويڪرو ڪن ٿا. پر هيٺ ڏکڻ ۾ ساڻس ٻيا ملڪ ته نٿا ملن بلڪ پاڻ به سنهو ٿيو وڃي ۽ چوڌاري سمنڊ گھيريو وڃيس. هندستان جي ان هيٺاهين ڇيڙي جو آخري وڏوشهر ڏٺو وڃي ته اهو تامل ناڊو رياست جو شهر ڪنيا ڪماري آهي. ڪو واندو آهي، انڊيا گھمڻ لاءِ ٻن ٽن مهينن لاءِ آيو آهي ته هو منزلون جهاڳيندو يعني مختلف شهرن مان ٿيندو انڊيا جي هن پڇڙي واري شهر ڪنيا ڪماري ۾ باءِ بس يا باءِ ٽرين هتان کان ويجھي شهر ٽريوندرم(ٿيرو ونن ٿاپورام) کان ٻن ڪلاڪن ۾ پهچي سگهي ٿو، جتان روزانو شام جو پنجين بجي ريل ڇٽي ٿي ۽ سيڪنڊ ڪالس جي ٽڪيٽ فقط ٽيهه رپيا آهي. توهان کي ٻن ڪلاڪن لاءِ ڪهڙي ايئر ڪنڊيشنڊ دٻي جي ضرورت آهي جڏهن ته هن پاسي موسم به جھڙالي آهي ۽ چوڌاري چهچ ساوڪ آهي. کليل دري مان نظارو ڪندا اچو،ڪنيا ڪماري شهر اچڻ تي نه فقط سامهون سمنڊ آهي پر ساڄي ۽ کاٻي پڻ. هتي پهچي توهان ان فيلنگ مان لطف وٺي سگھو ٿا ته هي نه فقط انڊيا جو بلڪ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هماليه جبلن، وچ ايشيا ۽ چين جو ڏاکڻو ڇيڙو آهي جتي توهان جي پٺ کان علاوه چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي.
(ڪنيا ڪماري آدمشماري جي حساب سان راڻيپور يا گمبٽ کان به ننڍو شهر آهي. ساوڪ، وڻن ٽٽڻ، چوڌاري سمنڊ ۽ ماڻهن جي سانتيڪي زندگي مان سريلنڪا يا ملائيشيا جو شهر لڳي ٿو.) هن شهر کي مڪاني توڙي، ڌاريان land,s end of indua به سڏين ٿا. جيئن آفريڪا کنڊ جي ڏاکڻي پوڇڙ cape of good hope ائٽلانٽڪ ۽ هندي وڏو سمنڊ ملي ٿو تئين هتي ڪنيا ڪماري شهر وٽ خليج بنگال ۽ عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ سان ملن ٿا. چائترا پورنيما (چوڏهين جي چنڊ واري ڏينهن جو تامل زبان ۾ نالو) جي تهوار تي، جيڪو اپريل جي مهيني ۾ ٿئي ٿو. هن شهر جي سامونڊي ڪناري تي بيهي هڪ ئي وقت سمنڊ ۾سج کي لهندي ۽ چنڊ کي سمنڊ مان ٻاهر نڪرندي (اڀرندي) جو لطف وٺي سگھجي ٿو. هن شهر ڪنيا ڪماري ۾ هندو ڌرم جا ماڻهو تيرٿ لاءِ پڻ اچن ٿا جو هي شهر هندن جي ديوي ڪنيا (ڪنواري) جي نالي سان منسوب ٿيل آهي. ڪنيا ديوي شَوِ ديوتا جي زال جي اوتار Incarnation آهي.
ڪنيا ڪماري ننڍڙو شهر آهي. منجھس رهائش جون جام جايون آهن ۽ سستيون پڻ جن کي ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. بهرحال اهي ڪجھه هن ريت آهن: گوپي نيواس لاج، هوٽل ساگر، TTDC يوٿ هاسٽل، ريلويي اسٽيشن تي ريلوي ريٽائرنگ رومس، ووڪاس ٽوئرسٽ هوٽل، مانيڪ خان ٽوئرسٽ هوم، ڪيرالاهائوس، هوٽل تامل ناڊو ۽ هوٽل سموندرا گھڻو ڪري سڀني هوٽلن جي درين مان سمنڊ جو نظارو ٿي سگهي ٿو. چڪن ڪارنر جھڙيون ٻه ٽي ريسٽورنٽون آهن جتي چڪن ملي سگھي باقي ڏکڻ هندستان جي ٻين شهرن وانگر هتي به رڳو ڀاڄين ۽ دالين جون ريسٽورنٽون آهن. ڳائي يا ٻاڪري گوشت جو ته ڪو سوچي به نه.
هن شهر ڪنيا ڪماري ۾ پهچڻ لاءِ بمبئي کان به روزانو ”ڪنيا ڪماري ايڪسپريس“ نالي ريل گاڏي نڪري ٿي جيڪا 48 ڪلاڪن بعد ڪنيا ڪماري پهچي ٿي. بمبئي کان ڪنيا ڪماري ٽرين رستي سڌو مفاصلو 2200 ڪلوميٽر آهي ۽ سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ چارسئو رپيا کن آهي ۽ فرسٽ ڪلاس جي 1600 رپيا. ٽرين رستي ڊگھي سفر ڪرڻ جي شوقينن لاءِ همساگر ايڪسپريس ٽرين صحيح آهي. جيڪا اتر ڄمون ڪشمير جي شهر جمون تاوي مان هفتي ۾ هڪ دفعو نڪري ٿي، 75 ڪلاڪن (يعني ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين) جي لڳاتار هلڻ بعد چار هزار کن ڪلوميٽرن جوسفر پورو ڪري ڪنيا ڪماري پهچي ٿي.
No comments:
Post a Comment